پليجي صاحب جي رلهي ۽ شوڪت نظاماڻيءَ جي اجرڪ
“ڪهڙي ڪنڊ ۾؟ جيئن اتي توهان لاءِ بستر لڳايان.” هن پڇيو. اها هڪ عام چوڻي آهي ته، “انڌي! جهڙي پيڪي تهڙي ساهري”. سو هن ڪمري جي ڇا ڪنڊ ڇا وچ. جڏهن سڀ ستاسين ته منور جو ڪمرو ماچيس جي دٻيءَ جي ياد ڏياري رهيو هو جنهن ۾ اسان سڀ ماچيس جي تيلين وانگر مٿو هڪ طرف ته پير ٻئي طرف ڪري ستل هجڻ بدران سارڊين مڇين وانگر ڪنهنجو ڪنڌ هڪ طرف هو ته ڪنهن جا پير ٻئي طرف، مون رڳو اهو خيال ڪيو ته پير اوڀر طرف نه ٿين، جو ان پاسي هتان USA کان ڪعبة الله شريف آهي.
باٿ روم جي در وٽ جيڪا ڊگهي آرسي لڳل هئي، ان کي لاهڻ سان ان آرسيءَ جيڏو دروازي جو طاق هو، جيڪو کولڻ سان اندر غار نما هڪ چُر هُئي، جنهن ۾ ڀانت ڀانت جا وهاڻا، چادرون، رلهيون، ڦاٽل ۽ سڄيون اجرڪون رکيل هيون، جيڪي نجم ۽ منور ويا ڪڍندا ۽ اسانجي حوالي ڪندا.
“ادا اچي هيءَ رلهي.” هڪ ٽڪ جي ڪم واري رلهي منهنجي حوالي ڪندي نجم چيو، “هيءَ ٽي سالَ اڳ ممتاز ڀٽو هتي آيو هو ته ڏيئي ويو هو.”
“فلاڻا اچي هيءَ چادر ۽ وهاڻا. رميش توکي ڇا ڏيان؟”
“تون پهرين ٻين کي ڏي.” رميش منور کي چيو، “پوءِ مونکي رسول بخش پليجي واري رلهي ڏجانءِ يا شوڪت نظاماڻي واري اجرڪ.”
ٺهيو هاڻ مون سمجيو ته منور ڇو هٿين خالي موٽي آيو. هن کي جڏهن خالد هاشماڻي سندس گهر هلي چادرون وهاڻا کڻڻ لاءِ چيو هوندو، ته هن ٻڌايو هوندس ته هن نئين آيل مهمان “الطاف” کي خبر ناهي، اهي شيون جام آهن ۽ واقعي اهي هنڌ بسترا جام هئا. سڀني کي ملڻ بعد به بچي پيا ۽ ساڳي وقت اها به خبر پئجي ويئي ته هتي ڪهڙا ڪهڙا مهمان رهي ويا آهن. هڪ زاهد مخدوم جي چادر به هئي، جيڪا هو ڪئناڊا کان هتي رهڻ آيو هو، ته ڇڏي ويو هو. ان جو وچ سڙيل هو، جنهن لاءِ نجم ٻڌايو ته سنڌ کان فلاڻو شاعر آيو هو ته سگريٽ پيئندي جھوٽو اچي ويو هوس ۽ ساڙي وڌائين.
منور مهمانن حوالي هنڌ بسترا ڪري هڪ دفعو وري معافين ۽ معذرتن جون تسبيحون پڙهي روانو ٿيو، جو اڄ کان ٽي راتيون ضمير جي قيدين جو وائيٽ هائوس اڳيان ڌرڻو هو، جنهن ۾ هن کي به تقرير ڪرڻي هئي. پاڻ ٻڌائين ته هو صبح جو ايندو يا رات جو ٻي بجي ڌاري. مون ڏٺو ته پشاور کان آيل ٻن نوجوانن کان علاوه باقي سڀ مهمان پُرسڪون ۽ Composed نظر اچي رهيا هئا. جنهن مان لڳو ته انهن ٻن کان علاوه باقي هتي جا “عادي مهمانَ” آهن. پشاور وارا ٻه نوجوان جيڪي آمريڪا جي “مسوري” رياست جي ڪنهن يونيورسٽي ۾ تعليم لاءِ آيل هئا ۽ PIA ذريعي هتي واشنگٽن ۾ اچڻ بعد صبح جو نائين بجي مسوري وڃڻو هون، سي ولي خان جي پٽ اسفنديار جو منور لاءِ خط کڻي آيا هئا، جيئن کين باقي وقت پاڻ وٽ رهائي، صبح جي فلائيٽ ۾ يونيورسٽي روانو ڪري.
سمهڻ لاءِ اڃان چادرون وڇائي رهيا هئاسين ته سڀ کان اڳ رميش چشمو لاهي ليٽي پيو. هن کي پجامو يا سليپنگ سوٽ پائڻ جي به ضرورت نه هئي. هو گهران نيوجرسي کان چڍي ۽ ٽي شرٽ پائي نڪتو هو، ته فنڪشن ۾ به انهن ڪپڙن ۾ پئي هليو ۽ هاڻ انهن ۾ ئي ليٽي پيو. ليٽڻ سان وڏي واڪ چيائين:
“چڱو سائين هاڻ گڊ نائيٽ، آئون سمهان ٿو.” ۽ اڃا ٻه منٽ به نه گذريا ته رميش جا کونگهارا شروع ٿي ويا. مٿان ٻه ٻه ٽيوب لائيٽون ٻري رهيون هيون، چوڌاري اسانجي ڳالهائڻ جا آواز هُئا، پر هي همراهه گهاٽي ننڊ ۾ خوابن جي دنيا ۾ هليو ويو.
“عجيب ماڻهو آهي رميش!” مون دل ئي دل ۾ سوچيو، “حق تي هي صبح جو به سوير اٿيو وڃي، جو هن کي پنهنجي ننڊ ۽ سجاڳيءَ تي مڪمل ڪنٽرول آهي.”
رميش ٿارواڻي سان نيو جرسي کان واشنگٽن ايندي وقت هن ٻڌايو ته هو صبح جو سوير سج اڀرڻ کان اڳ اٿي ٿو. “ڪجهه دير واڪ ڪرڻ بعد ڪلاڪ کن پنهنجي پسند جا ڪتاب پڙهندو آهيان، دوستن کي خط لکندو آهيان. بهرحال اهو ڪلاڪ منهنجو پنهنجي ذاتي ڪمن جو هوندو آهي، جيڪو آئون سڀ کان گهڻو enjoy ڪندو آهيان.” هن ٻڌايو هو ۽ هاڻ سوچيان پيو ته رميش جيڪو سوير ئي سمهيو رهي ۽ جيڪو وقت هو سمهي ٿو اهو گهاٽي ننڊ ڪري ٿو، سو صبح جو نه فقط آرام سان سوير ئي اٿي سگهندو هوندو پر پاڻ کي fresh به محسوس ڪندو هوندو.