واشنگٽن شهر جا رستا ۽ گهٽيون
اسلام آباد ۽ انڊيا جي گرگاؤن ۽ نوڊيا (Nodia) وانگر يا ملائيشيا جي پتراجايا وانگر هي هڪ منصوبي هيٺ ٺهيل شهر آهي، جنهن ۾ ملڪ جو صدر، فيڊرل حڪومت جا ڪامورا، ملڪ جا نمائندا ۽ قانون ٺاهڻ وارا ۽ قانون کي هلائڻ وارا رهن ٿا. هڪ مزيدار ڳالهه ته اليڪشن ٿيڻ تي ملڪ جي پنجاهه ئي رياستن جا ماڻهو حصو وٺي سگهن ٿا، يعني ووٽ ڏيئي سگهن ٿا، پر واشنگٽن جا رهواسي هن ملڪ جو پاسپورٽ رکندي ۽ هن ملڪ جا Citizen هوندي به ووٽ ڏيئي نٿا سگهن. هونءَ عام چوڻي اها آهي ته “نمائندگيءَ بنا ڇا جو ٽئڪس”“ (No Taxation without Representation) پر هتي جي ماڻهن کي اليڪشن ۾ نمائندگي ڪرڻ جي اجازت ناهي، پر ٽئڪس کان بچي نٿا سگهن. سو ان جي طنز ۽ مزاح ۾ واشنگٽن جي ڪارين جي نمبر پليٽ تي توهان کي هيءَ سٽ ضرور نظر ايندي.
Taxation without Representation - يعني هن شهر جي رهواسين سان ڪيڏي ته ويڌن آهي جو ٽئڪس ڀرين ٿا پر ووٽ نٿا ڏيو سگهن. هيوسٽن، نيويارڪ، لاس اينجلس جو هڪ ڪارو شيدي بوٽ پالش ڪرڻ وارو به آمريڪا جو صدر يا ڪانگريس جي ميمبر ٿيڻ جا خوابَ ڏسي سگهي ٿو، پر واشنگٽن ڊي سي جا رهاڪو هرگز نه.
واشنگٽن شهر جون گهٽيون ۽ رستا ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي يا اسلام آباد وانگر آهن، جيڪي سمجھڻ سان آسان آهن پر نئين ماڻهوءَ لاءِ منجھائيندڙ پڻ آهن. آئون جڏهن پهريون ڀيرو 1969ع ۾ واشنگٽن آيو هوس، ان کان هڪ بندرگاهه اڳ ۾ منهنجي يورپي چيف انجنيئر ڪاغذ تي نقشو ٺاهي، هن شهر جا روڊ رستا سمجهايا هئا، جيڪي اڃا تائين ذهن ۾ موجود آهن ۽ هاڻ اهوئي چوندس ته واشنگٽن جهڙا روڊ رستا آسان نه ٿيندا. باقي سمجھڻ بنا هڪ نئين ماڻهوءَ کي واشنگٽن ۾ جيڪو زبردست مونجھارو ٿئي ٿو، اهو ٻئي شهر ۾ نه ٿيندو هوندو. واشنگٽن ۾ توهان ڪو رستو پڇندائو ته مختلف ماڻهو ساڳي نالي وارا توهان کي ٽي چار جدا جدا رستا ٻڌائيندا. جيئن ڪراچي جي ڊفينس سوسائٽي ۾ هر نمبر تي (مثال طور پنجين ڪمرشل نالي) ٻه گهٽيون آهن، پر هڪ گهٽي “لين” سڏجي ٿي ٻي اسٽريٽ. اهڙي طرح گذري نالي ڪيترن ئي نمبرن جون گهٽيون آهن ۽ هر نمبر جي گهٽي لين به آهي، ته اسٽريٽ به. مثال طور اٺين گذري لين هڪ طرف آهي ته اٺين گذري اسٽريٽ ٽي ميل کن پري ٻئي طرف آهي. هتي واشنگٽن ۾ وري هر گهٽيءَ جي نمبر يا الفابيٽ سان گڏ طرفن جي ڪا ڪنڊ ٻڌائڻ ضروري آهي، جيئن ته “ڏکڻ اولهه”، ڏکڻ اوڀر”، “اتر اولهه” يا “اتر اوڀر.” واشنگٽن جو شهر سمجھو ته ليوڊو راند جي گتي وانگر آهي، جنهن جو وچ سمجھو ته Capital آهي. ڪئپيٽل آمريڪا جي هڪ اهم عمارت، آرڪيٽيڪٽ جي حساب سان تمام Impressive بلڊنگ ڪئپيٽل ٽڪريءَ تي آهي. آمريڪا جي هيءَ عمارت ائين آهي، جيئن اسلام آباد ۾ اسان جي نيشنل اسبمليءَ جي بلڊنگ، جتي ملڪ جي نمائندن (ڪانگريس مين) ۽ سينيٽ جا چيمبر آهن. ان بلدنگ جي وچ ۾ وڏو گنبذ آهي، جنهن جي چوٽيءَ تائين بلندي 288 فٽ آهي. گنبذ جي هيٺان 96 فٽ ڊايا ميٽر جو گول هال آهي. جيڪو Rotunda سڏجي ٿو ۽ گنبذ جي مٿان هڪ مجسمو ٺهيل آهي، جيڪو Statue of Freedom سڏجي ٿو. هيءَ بلڊنگ 1793ع ۾ ٺهڻ شروع ٿي. سينيٽ ونگ ۽ هائوس ونگ 1800ع ڌاري مڪمل ٿي ۽ آمريڪا جي ڪانگريس جي پهرئين سيشن 17 نومبر 1800ع ۾ ٿي. هن عمارت جي تصوير پنجن ڊالرن جي نوٽ پٺيان توهان ڏسي سگهو ٿا. هن عمارت ۾ آمريڪن آرٽ ۽ تاريخ جو ميوزيم به آهي، ان کان علاوه هتي ٺهيل National Statuary Hall ۾ هڪ سؤ ننڍا وڏا مجسما (Statues) به آهن. جن مان آمريڪا جي پنجاهه رياستن مان هر هڪ ٻه ٻه ڏنا. انهن ۾ سڀ ۾ وڏو مجسمو هوائي رياست طرفان ڏنل King Kamehameha I آهي.
هن عمارت ۾ ملڪ جي پهرين صدر جارج واشنگٽن لاءِ مقبرو ٺاهيو ويو هو، پر پوءِ هن جي وصيت موجب کيس پنهنجي ڳوٺ واري هنڌ مائونٽ ورنان دفن ڪيو ويو. هڪ آمريڪن کان پڇيو هوم ته هن عمارت جي خاص ڳالهه ڇا آهي؟
وراڻيائين:
“It stands as a monument to the American people and the government.”
شايد ان جي اها اهميت ڏسي، نائن اليون وارن کي يونائيٽيڊ ايئر لائينز اڏام نمبر 93 جي هاءِ جئڪرن واشنگٽن جي هن عمارت Capitol کي نشانو ٿي بڻايو، پر جهاز ۾ سوار مسافرن جي هاءِ جيڪرن سان ويڙهاند ڪري جهاز ان کان اڳ سمرسيٽ ڪائونٽي (پينسلوانيا) ۾ Crash ٿي ويو.
بهرحال هتي اسان واشنگٽن جي رستن ۽ گهٽين جي ڳالهه پئي ڪئي ته شهر جون سڀ گهٽيون ۽ رستا هتان شروع ٿين ٿا ۽ هيءَ بلدنگ Capitol سمجھيو ته ليودو راند جي پاٺي جو وچ آهي جتان هڪ هڪ رستو هر هڪ طرف وڃي ٿو جيڪي ليوڊو جي راند وانگر واشنگٽن شهر کي چئن ڪنڊن SE (ڏکڻ اوڀر)، SW (ڏکڻ اولهه)، NE (اتر اوڀر) ۽ NW (اتر اولهه) ۾ ورهائين ٿا. مزي جي ڳالهه اها ته انهن وچ وارن رستن مان هر هڪ جو نالو ڪئپيٽل اسٽريٽ آهي، پر سڃاڻپ لاءِ هر رستي جي آخر ۾ ان جو طرف ڏکڻ، اوڀر، اتر وغيره آهي. واشنگٽن جو شهر چئن خانن ۾ ورهائجڻ بعد هر هڪ خاني ۾ ساڳي نمبر ۽ ساڳي الفابيٽ وارا رستا ۽ گهٽيون آهن. جيئن منور لغاريءَ جي رهائش ستين گهٽيءَ ۾، پلاٽ نمبر 700 تي آهي، پر ٽئڪسي واري کي فقط ايترو ٻڌائڻ سان هو توهان کي ڪڏهن به صحيح هنڌ تي وٺي نه اچي سگهندو، جو واشنگٽن ۾ ان نمبر واري گهٽي فقط هڪ نه آهي. ليوڊو راند جي چئن خانن وانگر واشنگٽن جي چئن حصن ۾ ان نمبر واريون گهٽيون آهن. ان ڪري گهٽيءَ جي نمبر سان گڏ گڏ واشنگٽن شهر جي ان حصي يعني خاني جو طرف لکڻ ضروري آهي. يعني منور لغاري واشنگٽن جي گهٽي نمبر ستين ۾ ته رهي ٿو، پر ڏکڻ اولهه (SW) واري ستين نمبر گهٽيءَ ۾.
نمبرن وانگر ٻئي طرف کان وهندڙ رستن جا نالا الفابيٽ جي اي بي سي تي رکيل آهن، جن سان پڻ طرف ٻڌائڻ ضروري آهي. هڪ مزيدار ڳالهه ته واشنگٽن ۾ “J” جي نالي سان ڪا گهٽي ناهي “I” (آءِ) کانپوءِ جيڪا گهٽي شروع ٿئي ٿي، ان جو نالو “K” آهي جو ان زماني ۾، جڏهن واشنگٽن شهر ٺهيو هو ۽ رستن ۽ گهٽين جي پلاننگ ڪئي وئي هئي، انگريزي جو اچار آئي ۽ J واضح طور مختلف نه هئا. هڪ ئي اچار لکيو ويو ٿي، ان ڪري فقط I نالي گهٽي ٺاهي ويئي، پر J نالي نه ۽ ٻي ڳالهه ته I وارين گهٽين ۾ رهندڙ پنهنجي گهٽي جو نالو I_SW يا I_SE لکڻ بدران Eye_SW يا Eye_NW يا Eye_SE لکن ٿا، ڇو جو ڪڏهن ڪڏهن فقط I لکڻ سان ڪيترا ماڻهو ان کي انگريزي اکرن جو اچار “آئي” پڙهڻ بدران رومن انگ “ون” سمجھن ٿا.
انهن انگن ۽ اکرن کان علاوه واشنگٽن ۽ آمريڪا جي سڀني رياستن نالي وڏا روڊ (Avenue) آهن، جيئن ته پينسلوانيا ايونيو، ڪنيڪٽيڪٽ ايونيو وغيره وغيره. رياستن جي نالن وارن روڊن کان علاوه ڪجهه اهم رستن جا نالا Independence اوينيو، ڪانسٽيٽيوشن ايونيو (ان نالي وارو رستو شاهراهه دستور شايد اسلام آباد ۾ به آهي، جنهن تي اڄ ڪلهه امر جليل جو لکيل افسانو پڙهي رهيو آهيان)، Madison ڊرائيوِ، جيفرسن ڊرائيوِ وغيرهه آهي.