آئون انهن ڀوائتين يادگيرين کان ڇوٽڪارو چاهيان ٿي
“سائين ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو. هوءَ ڇو نه ملڻ چاهيندي. اسان جو هر وقت ملڻ ٿيندو رهي ٿو، جو اسان جو ساڳيو پروجيڪٽ آهي ته هر انسان کي هن جا حق ملڻ کپن. مونکي اڃا سوير ملي هئي، جيڪڏهن هتي موجود آهي ته هينئر ٿو وٺي اچانس.” منور چيو.
مونکي منور جي هام هڻڻ تي تعجب به لڳو ته کل به آئي ته منور خبر ناهي واقعي ڊائنا کي وٺي ٿو اچي يا الله جي ڏني مان في الحال گشو هڻي غائب ٿي ويو آهي.
ٿوري دير ٿي ته پري کان پهريون منور جو Stillhoute نظر آيو ۽ پوءِ ان ئي جهڙي سنهي قد ڪاٺ ۽ سڪل هاٺيءَ جي هڪ عورت جو ويجھو ٿيڻ تي ۽ پارڪ ۾ هن جلسي خاطرلڳلايل هاءِ پاور بلبن جي روشني سندن منهن تي پوڻ تي هو منور ۽ “دي بلائينڊ فولڊ آئيز” ڪتاب جي ٽائيٽل تي لڳل ڊائنا آرٽز جي تصوير واري عورت پاڻ جيئري جاڳندي ليکڪا نظر آئي. ٻئي هٿ هٿ ۾ ملائي کلندا اچي رهيا هئا. اسان واري نجم ميمڻ چيو: “سائين ڏسو ٿا ڄڻ بخشو لغاري ڳوٺ ۾ ڪانوينٽ اسڪول هجي، جتي ڊائنا ۽ منور ننڍي هوندي کان گڏ پڙهيا هُجن.”
مون ڊائنا سان ملي، سندس ڪتاب جي تعريف ڪئي، ته آئون پنهنجي ملڪ جي ليڊرن، نمائندن ۽ خاص ڪري عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙن کي Suggest ڪندس ته هو تنهنجو ڪتاب، تنهنجي جدوجهد واري زندگي بابت ضرور پڙهن، جيئن هنن کي تنهنجي بهادري، همت ۽ سچائيءَ مان Inspiration ۽ Motivation حاصل ٿي سگهي.”
مون کيس پنهنجهي جاءِ تان هلي اچي اسان سان ملڻ لاءِ مهرباني چئي، جو هوءَ منور جي چوڻ تي هلي آئي هئي.
“منور جي زندگي ۽ جلاوطني اسان لاءِ روشني جي راهه آهي.” ڊائنا منور جي ڳچيءَ ۾ ٻانهن ورائيندي دوستي جي ناتي جو اظهار ڪيو. “منور اسان کي مصيبتن کان ڀڄڻ بدران بردبار ٿي مشڪلن کي منهن ڏيڻ ۽ Challenges کي قبول ڪرڻ سيکاريو آهي. منور منهنجي لاءِ هڪ ڀاءُ، هڪ دوست ۽ اوندهه ۾ روشني آهي.....” سندس ئي چيل لفط هتي دهرايان ته وڌيڪ بهتر ٿيندو........
Munawar is my brother, friend, light in darkness. He is my inspiration, showing me by his courage and example how to live life. He is like a part of my family.”
ان رات ڊائنا بينظير واري اها ئي ڳالهه ڪئي ته ڏکن جي ڊڪشنري الڳ ٿيندي آهي، جنهن کي فقط اهي محسوس ڪري سگهن ٿا، جيڪي انهن مصيبتن مان گذريا هُجن.
“ڪنهن تي الزام هڻي هن کي برو چوڻ ۽ ڪردار ڪشي Character Assassination ڪرڻ جو سور ۽ پيڙا اهوئي محسوس ڪري سگهن ٿا، جن سان اهي ناانصافيون ٿيون آهن. هڪ جلاوطن ماڻهو ئي ان جلاوطني جي پيڙا Feel ڪري سگهي ٿو......
جيسيتائين پاڪستان جو نمائندو اسٽيج تي اچي تقريرَ ڪري، تيسيتائين ڊائنا اسان سان گڏ بيٺي رهي. خالد کلندي چيس ته محترمه اسان ته منور لغاريءَ کي ائين ئي ٿي سمجھيو، پر اڄ تنهنجي هن لاءِ تعريف ٻُڌي اسان کي سوچڻو پوندو.
“آئون تعريف نه پر حقيقت ٿي بيان ڪريان.” ڊائنا چيو، “توهان منهنجي ڪتاب جو ديباچو شايد چڱي طرح نه پڙهيو آهي. جنهن ۾ مون منور لغاري جو نالو کڻي صاف صاف لکيو آهي ته هي انهن ماڻهن مان آهي، جن سان ڏيٺ ويٺ ڪري منهنجي ذهني زخمن کي healing نصيب ٿي آهي. مون هن جهڙن ماڻهن لاءِ بهتر سڀاڻي جي لاءِ همت ۽ اميد پرائي آهي.
Lastly, I thank my God for always being there, even when I doubted his presence.”
اسان سڀني هن مشهور ليکڪا، عورتن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ۽ پنهنجن لاءِ انصاف گهرندڙ عورت سان گڏ ڪجهه فوٽو ڪڍايا.
“دوستو مون کان اڄ به اهي ٽارچر نٿا وسرن، جيڪي وحشين گئاٽمالا جي فوجي حڪومت ۽ اسان جي ان وقت جي حڪومت يا ان جي انٽيليجنس ايجنسين جي آشيرواد سان مون تي ۽ ٻين ڪيترن ڪمزور عورتن ۽ ٻارن تي ڪيا ٿي. آئون اڄ به انهن درندن جا هٿ پنهنجي جسم تي محسوس ڪريان ٿي، جن منهنجي جسم کي ائين روڙيو ٿي، جيئن ڳجھون مئل جانورن کي پٽينديون آهن. آئون انهن ڀوائتن يادگيرين کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيان ٿي. آئون پنهنجي لاءِ ۽ گئاٽمالا جي غريب عوام لاءِ انصاف ۽ آزاديءَ جي گُهرَ ڪيان ٿي. آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿي ته اسان جي ملڪ (آمريڪا) جي حڪومت يا CIA گئاٽمالا جي انهن ظالم فوجين جا ڍَڪ ڇو ڍڪيا ۽ کين مڪمل Protection ڏيئي منهنجو فرياد ۽ انصاف ڇو لوڙهي ڇڏيو.”
موڪلائڻ وقت ڊائنا پنهنجي زندگيءَ جي مقصد بابت ٻڌايو:
I demand the right to a future built on truth and justice. My tortures were never brought to justice. I have a responsibility to the people of Guatemala and to the people of the world to insist on accountability where it is possible.”