الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

اڄ وري ياد آيا پنهنجا پيارا

رميش کي چيم ته آمريڪا جي جن جن شهرن ۾ منهنجو وڃڻ ٿيو آهي، انهن ۾ سڀ کان گهڻو مونکي واشنگٽن وڻي ٿو. صاف سٿرو کليل کليل ۽ جتي ڪٿي ساوڪ ۽ پارڪ ... ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ميوزيم ۽ Monuments ... ۽ واشنگٽن ئي هڪڙو شهر آهي، جنهن ۾ اهي شيون بنا ٽڪيٽ جي ڏسي سگهجن ٿيون. سواريءَ لاءِ سستي ۽ سولي بس سروس، ماڻهو سلجھيل ۽ پڙهيل ڳڙهيل، چاهي مڪاني ماڻهو هجن يا ڌارين ملڪن جا – ان ڪري جو هن شهر ۾ حڪومت جا اعليٰ ادارا ۽ سفارتخانا آهن. ڌارين ملڪن جا نيويارڪ ۾ به آهن، پر اتي جي ۽ هتي جي ماڻهن ۽ ماحول ۾ اهو فرق آهي، جيڪو ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾. اڄ ڪيترن سالن بعد هڪ دفعو وري هن شهر واشنگٽن ۾ داخل ٿي رهيو آهيان ۽ واشنگٽن ۾ ايندي مونکي هميشه خوشي ٿيندي آهي پر.....
“پر ڇا....؟” رميش ٿارواڻي پڇيو ۽ مونکي لڳو ته، هن منهنجي ڳالهائڻ جي لهجي مان اهو محسوس ڪري ورتو آهي، ته منهنجي دل ۾ ڪو ڏک ضرور آهي.
“ڪا اهڙي ڳالهه ٿي آهي جيڪا هن شهر سان وابسته آهي” رميش وڌيڪ پڇيو.
“جي ها رميش،” مون کيس ٻڌايو، “منهنجو هڪ تمام پيارو دوست، ڪلاس ميٽ ۽ نيڪ انسان اظهر عباسي هتي دفن ٿيل آهي ... هن جو هتي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي لاڏاڻو ٿي ويو.”
اظهر عباسي جنهن کي سندس گهر وارا ۽ اسان پيٽارو جا ڪلاس ميٽ “گل” جي نالي سان پڻ سڏيندا هئاسين، هتي جي حڪومتي اداري پينٽاگون هائوس ۾ ڪم ٿي ڪيو. اظهر عباسي قاضي عبدالمجيد عابد صاحب جون پنجون نمبر پٽ ۽ هاڻوڪي عبرت گروپ آف پبليڪيشن جي مالڪ اسد قاضيءَ جو وڏو ڀاءُ هو. اظهر ۽ سندس سوٽ (قاضي اڪبر جي پٽ) بشير قاضي اسان سان گڏ ڪئڊٽ ڪاليج پيٽارو مان انٽر سائنس ڪئي، ان بعد اظهر مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي پهرين بئچ سان گڏ اليڪٽرڪل انجنيئرنگ ۾ BE ڪري، ڪجهه عرصو حيدرآباد ۾ واپڊا کاتي ۾ نوڪري ڪئي.
ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪالهه جي ڳالهه هجي، جڏهن 1973ع ۾ اظهر جي شادي پنهنجي ڪزن حڪيم محمد احسن جي ڌيءَ عفت سان ٿي هئي. منهنجو جهاز سرفراز رفيقي به انهن ڏينهن ۾ جپان کان ڪراچي آيو هو ۽ انٽر ڪانٽينينٽل هوٽل ۾ اسان ڪيترن ڪلاس ميٽن اها شادي اٽينڊ ڪئي، جنهن جو نڪاح مولانا احتشام الحق ٿانويءَ پڙهايو هو. حڪيم محمد احسن، محمد محسن ۽ سندن ٻه ڀينر نورالنساء (اظهر جي والده) ۽ عزيز النساء (بشير قاضي جي والده) سنڌ جي مشهور شخصيت حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جو اولاد آهن. قاضي عبدالمجيد عابد، قاضي اڪبر قاضي محمد اعظم، قاضي محمد اڪرم، آپا شمس ۽ شريف النساء جو والد صاحب قاضي عبدالقيوم، حڪيم فتح محمد ۽ خليفو محمد زمان پاڻَ ۾ ڀائرَ هئا ۽ مخدوم خليفو غلام محي الدين حڪيم جا پٽ آهن. خليفي محمد زمان جي هڪ پٽ غلام محي الدين عباسي جا ٽي فرزند پڻ حيدرآباد جون مشهور شخصيتون آهن، جن جا نالا هن ريت آهن: خانبهادر محمد عبدالعزيز عباسي، حڪيم غلام قادر ۽ محي الدين عباسي.
اظهر شاديءَ بعد هني مون لاءِ اردن (جارڊن) ويو هو، جتي تن ڏينهن ۾ سندس وڏو ڀاءُ ڊاڪٽر ميجر انور عباسي الڪرڪ ۾ رهيو ٿي. جارڊن ۾ ڪجهه ڏينهن رهي، عمرو ڪري پوءِ ڪجهه ڏينهن هو بحرين ۾ رهيا، جتي اظهر جو سهرو (جيڪو سندس مامو به ٿيو) حڪيم محمد احسن حڪومت پاڪستان طرفان سفير هو. ان بعد سال ٻه حيدرآباد ۾ نوڪري ڪري 1975ع ڌاري اظهر هيڏانهن واشنگٽن هليو آيو. اظهر هونءَ ته ڪافي صحتمند هو بلڪه پيٽارو ۾ ته مختلف راندين کان علاوه باڪسنگ جو به چئمپيئن هو، پر پوءِ کيس سگهو ئي ڊائبٽيز ٿي پئي. اظهر اسڪول جي ڏينهن کان وٺي نماز ۽ روزي جو پابند هو، جنهن ڏينهن وفات ڪيائين اهو سال 1985ع هو ۽ رمضان جو پهريون روزو هو. پاڻ روزو رکي احتياطن انسولين جي سئي به پاڻ کي هنيائين. اٺين بجي ڌارين پنهنجي ڪار پاڻ ڊرائيو ڪري پوٽو مئڪ ندي ٽپي، واشنگٽن بوليوارڊ ۽ روٽري روڊ ڏيئي، پينٽاگون هائوس ويجھو ٿيو ته انسولين جي سئيءَ جي Reaction ڪري کيس سخت چڪر آيا ۽ انهن ۾ ڪار به صحيح طرح پارڪ نه ڪري سگهيو، جيڪا فٽ پاٿ تي چڙهي وئي پر ڪو ٻيو نقصان نه ٿيو. سندس شگر ليول تمام گهٽجي چڪي هُئي ۽ اهڙيءَ ايمرجنسيءَ لاءِ هو هميشه پاڻ سان ڪار جي ڊئش بورڊ ۾ ٽڪيون (ٽافيون) رکندو هو، پر ان ڏينهن سخت تڪليف ۾ هن کي اهو به هوش نه رهيو ته اهي اتي ئي پيون آهن. بريف ڪيس کڻي ٻاهر آفيس طرف ڊوڙيو رستي تي هر هڪ کان مٺي شيءِ جي گهر لاءِ ڪئنڊي ڪئنڊي (Candy) پڪاريندو رهيو، پر موجود ماڻهن مان شايد ڪنهن وٽ ڪو چاڪليٽ يا ٽافي نه هئي يا اسان جي دوست جي زندگيءَ جا ڏينهنَ اچي پورا ٿيا هئا، جو هو مٿي پنهنجي آفيس ۾ پهچڻ کان اڳ لفٽ ۾ Collapse ٿي پيو. کيس يڪدم ايمبولينس ۾ اسپتال پهچايو ويو، پر ساهه جو پکيئڙو ان کان اڳ آزاد ٿي چڪو هو.
ڏک جي ڳالهه اها آهي ته نه فقط اسانجي دوست اظهر جي جواني جي ڏينهن ۾ وفات ٿي، پر سندس ٻن ڀائرن اجمل قاضي (ڊاڪٽر انور ۽ ادي فيروزهه بعد قاضي عابد صاحب جو ٽيون نمبر ٻار) ۽ اصغر عباسي جي به جوانيءَ ۾ وفات هتي ئي هن شهر واشنگٽن ۾ ئي ٿي ـــ هي اهي ماڻهو هوندا هئا جن سان جڏهن اڌ صدي کن اڳ 1960ع کان 1963ع تائين اظهر جي گهر وڃبو هو ته ڪچهريون ٿينديون هيون.
هتي اهو به لکندو هلان ته اسانجي ڪلاس ميٽ اظهر جي ننڍي ڀيڻ فوزيا (قاضي سعيد جي زالَ) جي وفات پڻ هتي آمريڪا ۾ ئي ٿي ۽ هوءَ ڪئليفورنيا رياست جي شهر لاس اينجلس ۾ دفن ٿيل آهي، جتي سندس هڪ پٽ جواد اڃا رهي ٿو ۽ ٻيو پٽ سجاد اڄ ڪلهه پاڪستان ۾ آهي ۽ ڪراچيءَ مان انگريزي اخبار Regional Times ڪڍي ٿو ۽ ڌيءَ شازيه جي شادي پڻ پاڪستان ۾ ئي ٿي آهي.