الطاف شيخ ڪارنر

نيوهالا کان نيويارڪ

مون 1968 کان 1972 تائين ڪيترائي جهاز آمريڪا جي اوڀر وارن بندرگاهن ، ڪئناڊا ۽ هيٺ ويسٽ انڊيز جي بندرگاهن ڪيوبا، ٽرنيڊاد ۽ جئميڪا کان برمودا، بهاما ۽ برازيل ۾ هلايا. اٽڪل 35 سالن بعد آئون وري انهن بندرگاهن ۾ ويس...پر هن ڀيري پاڻي واري جهاز بدران هوائي جهاز، ريل گاڏين ۽ بسين ڪارن ۾. هي ڪتاب انهي سفر جو احوال آهي.
(الطاف شيخ)
  • 4.5/5.0
  • 4433
  • 963
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيوهالا کان نيويارڪ

ڪجهه ٻٽي قوميت بابت

هتي Dual Nationality (ٻٽي قوميت) بابت لکندو هلان، جنهن لاءِ اسانجا هتي رهندڙ پاڪستاني ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ منهنجا پڙهندڙ پڇندا رهن ٿا ته آيا هڪ ئي وقت هڪ پاڪستاني پنهنجي ملڪ ۽ آمريڪا جو شهري ٿي سگهي ٿو يعني هو ٻنهي ملڪن جا پاسپورٽ رکي سگهي ٿو. هتي اچي واسطيدار سيڪشن مان پڇا تي معلوم ٿيو ته اهي آمريڪن پاسپورٽ رکندڙ هتي جا شهري جيڪي اصل پاڪستان جا آهن “ٻٽي قوميت” رکي سگهن ٿا، يعني آمريڪي پاسپورٽ سان گڏ پاڪستاني پاسپورٽ به رکي سگهن ٿا. پاڪستاني پاسپورٽ لاءِ apply ڪرڻ لاءِ هنن کي اوريجنل آمريڪن پاسپورٽ جنهن ۾ Country of Origin وري خاني ۾ “پاڪستان” لکيل هُجي، جمع ڪرائڻو پوندو ۽ ان سان گڏ اوريجنل پاڪستاني شناختي ڪارڊ (تازو نه هجي ته پراڻو ئي سهي) پڻ ڏيڻو پوندو. ان سان گڏ ڪجهه فارم پڻ جيڪي پاڪستاني سفارتخاني يا قونصل خاني مان حاصل ڪري سگهجن ٿا يا ايمبسي جي ويب سائيٽ Consular Services سيڪشن تان ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا. بقول پاڪستان ايمبسيءَ جي:
The dual nationality arrangement has been arrived at after consultation between the two governments and has the full approval of both governments.
اڄ کان پنجٽيهه چاليهه سال اڳ جڏهن آئون هتي هوس، ته انهن ڏينهن ۾ ٻٽي قوميت بدران هڪ ئي وٺڻي پيئي ٿي، يعني يا آمريڪن پاسپورٽ يا پاڪستاني. ڪيترائي پاڪستاني جن آمريڪا ۾ هميشه لاءِ رهڻ نٿي چاهيو، انهن پاڪستاني پاسپورٽ ئي prefer ڪيو ٿي. “آخر آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟” هنن چيو ٿي. پاڪستان ۾ هر شيءِ آمريڪا کان سستي آهي، سک چين آهي، تعليم ۽ نوڪريون آهن، سٺي موسم ۽ روزگار آهي. شهرن کان علاوه ڳوٺ به صاف سٿرا ۽ پرسڪون آهن. پاڪستاني پاسپورٽ تي جنهن ملڪ ۾ وڻي ان ۾ هر ڪو وڃي سگهيو ٿي. ايران ۽ ترڪيءَ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ ته پاسپورٽ جي به ضرورت نه هئي، جو RCD معاهدي هيٺ ٽنهي ملڪن جا ماڻهو آزاد هئا ته هڪ ٻئي جي ملڪ ۾ پيا اچن وڃن. هن کان اڳ به لکي چڪو آهيان ته ويندي 1980ع تائين جپان جهڙن ملڪن ۾ ۽ 1990ع تائين ملائيشيا، سنگاپور ۽ ٿائلينڊ جهڙن ملڪن ۾ وڃڻ لاءِ فقط ٽڪيٽ خريد ڪرڻي پيئي ٿي. انهن ملڪن جي هوائي اڏن تي پهچڻ شرط ٽن ٽن مهينن جي ويزا ملي وئي ٿي، جيڪا پوءِ اميگريشن آفيس مان وڌرائي پڻ ويندي هئي. سٺ واري ڏهاڪي جي آخري سالن ۾ ۽ ستر جي شروع وارن سالن ۾ آمريڪا ۾ جيڪي اسانجا سڃاڻو هئا، تن مان ڪيترن ئي، جهڙوڪ: ٽنڊوقيصر جي رئيس نور احمد نظاماڻي يا جھڏي جي مرحوم مير مبارڪ ٽالپر جهڙن پنهنجا آمريڪن پاسپورٽ واپس ڪري پاڪستاني ورتا ۽ اچي وطن کان نڪتا.
پر اڄ جي ڪنهن پاڪستاني آمريڪن کان پڇجي ٿو ته جيڪڏهن توهان کي ٻٽي قوميت جي اجازت نه هجي، ته ڪهڙي ملڪ جو پاسپورٽ prefer ڪندائو، ته هر هڪ بنا ڪنهن هٻڪ جي آمريڪن پاسپورٽ جي حق ۾ ڳالهائي ٿو ۽ ان لاءِ هنن وٽ پختا دليل آهن........ “آمريڪن پاسپورٽ سان آئون جڏهن چاهيان پنهنجي وطن گهمڻ لاءِ اچي سگهان ٿو. نه فقط پاڪستان پر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بنا ويزا جي وڃي سگهان ٿو. آمريڪا جي پاسپورٽ تي آئون هر ملڪ ۾ VIP آهيان ۽ منهنجو خيال رکيو وڃي ٿو ۽ ان ملڪ جي حڪومت هڪ آمريڪن سٽيزن کان ڊڄي ٿي. پاڪستاني پاسپورٽ واري کي ڌارئين ملڪ ۾ پاڪستان جو سفارتخانو به نٿو پڇي. اهوئي سبب آهي جو اسانجا ڪيترائي هم وطني انڊيا، ملائيشيا، عربن ملڪن جي جيلن ۾ پيا سڙن، کين نه ان ملڪ جي حڪومت ٿي پڇي ۽ نه پنهنجي ملڪ جو سفارتخانو ــــ ۽ نه وري کين سولائيءَ سان نوڪري ئي ملي ٿي. هڪ ماڻهو پاڪستان مان ڊگري حاصل ڪري ٿو ۽ ٻيو ساڳي ڊگري آمريڪا مان حاصل ڪري ٿو. آمريڪا مان ڊگري حاصل ڪرڻ واري کي ٻين ملڪن ۾ ته نوڪري مليو وڃي، پر آمريڪا ۾ به هن کي تعليم يافته مڃي نوڪري ڏني وڃي ٿي ۽ هو آمريڪن ڊگري حاصل ڪرڻ وارو جيڪڏهن آمريڪا جي قوميت رکي ٿو، يعني هن کي جيڪڏهن آمريڪا جو پاسپورٽ آهي ته پوءِ ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ملائيشيا ۽ برونائي کان ڪويت ۽ سعودي عرب، جپان، هانگ ڪانگ کان سئيڊن، ڊئنمارڪ جتي ڪٿي هن کي نوڪري ملڻ جا وڏا موقعا آهن. آمريڪا جي پاسپورٽ وارو جڏهن چاهي حج عمرو ڪري سگهي ٿو. هن کي اهو نٿو انتظار ڪرڻو پوي ته آيا هن جو حج لاءِ پکو نڪرندو يا نه..... ساڳين ڳالهين لاءِ ساڳي ماڻهوءَ کي پاڪستاني پاسپورٽ تي دنيا جو ڪو به ملڪ ايڏي ويلڪم نٿو ڪري. پاڪستان کان ته انڊيا جو پاسپورٽ وڌيڪ طاقت رکي ٿو.......”