آمريڪا ۾ خوشحاليءَ جو راز
بهرحال منهنجو مطلب اهو آهي ته سڌريل ملڪن اندر ان ۾ ڪابه خرابي يا گهٽتائي نٿي سمجهي وڃي، ته ڪو ڪهڙي نوڪري ڪري ٿو. هر نوڪري جنهن مان ملڪ ۽ قوم جو ڀلو ٿئي، سٺي ڳالهه سمجهي وڃي ٿي، پوءِ اها نوڪري کڻي ڊاڪٽر جي هجي يا نرس جي، پائليٽ جي هجي يا ايئرهوسٽس جي، چوڪيدار جي هجي يا ڊپارٽمينٽ اسٽور ۾ هڪ مزور جي، واڍي يا رازي جي هجي يا ڪاسائي يا ٽيچر جي. آمريڪا توڙي يورپ ۾ هرهڪ کي ايمانداريءَ سان نوڪري يا پورهيو ڪري، حق حلال جي روزي ڪمائڻي پوي ٿي ۽ هر اهو ماڻهو جيڪو محنت مزوري ڪري، حق حلال جي ڪمائي حاصل ڪري ٿو، اهو سوسائٽيءَ ۾ عزت حاصل ڪري ٿو، پوءِ اها نوڪري يا پورهيو کڻي ڪهڙو به هجي. اهو ئي سبب آهي جو ڪيترا اسان جا ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آمريڪا ۾ پيٽرول پمپن تي ڪم پيا ڪن يا ٽيڪسي پيا هلائين. هڪ اهڙي ڊاڪٽر وٽ به منهنجو رهڻ ٿيو، جيڪو پاڪستان مان ڊگري حاصل ڪرڻ ۽ ڪجهه سال ان اسپتال ۾ نوڪري ڪرڻ بعد آمريڪا آيو، جتي هن سال ٻه ڊاڪٽري ڪرڻ بعد هڪ پيٽرول پمپ خريد ڪيو ۽ هن محسوس ڪيو ته هن جو مائينڊ ڊاڪٽري پيشي کان بزنس ۾ وڌيڪ Active آهي، ان ڪري هن ڊاڪٽري ڇڏي پيٽرول پمپ تي ڌيان ڏنو. اڄ هن جو پيٽرول پمپ بالٽيمور شهر ۾ وڏي ۾ وڏو پيٽرول پمپ آهي ۽ ان سان گڏ سيون اليون ۽ مسٽر ڊونٽ جهڙا ٻه ٽي دڪان پڻ هن جا آهن. هن سان گڏ جيڪي ٻه چار ڊاڪٽر آيا ۽ هتي آمريڪا ۾ ڊاڪٽري ڪري رهيا آهن ۽ کين سٺو پگهار ملڻ ڪري هو خوش آهن، پر ڊاڪٽريءَ بدران پيٽرول پمپ هلائڻ وارو ڊاڪٽر هنن سڀني ۾ بهتر ۽ خوشحال آهي. جيتوڻيڪ شروع وارا سال هن ڊاڪٽري ڇڏي، ڪم سکڻ لاءِ ڌارين جي پيٽرول پمپ تي مزور ٿي ڪم ڪيو.
سو هتي آمريڪا ۾ اها ڳالهه هرگز خراب نه ٿي سمجهي وڃي. اسان جي ملڪ ۾ پورهئي وارا ڪم عيب سمجهيا وڃن ٿا. ان ڪري اسان جا ڪيترا ماڻهو جيڪي آمريڪا ۾ رازا، واڍا، سيلزمين، ٽيڪسي ڊرائيور، اسٽور ڪيپر، چوڪيدار ٿي ڪم ڪري رهيا آهن، پنهنجي وطن پنهنجن عزيزن ۽ دوستن کي نٿا ٻڌائين. اتر سنڌ جي هڪ سنڌي ٽيڪسي ڊرائيور مون کي منع ڪئي ته آئون سندس ڪهاڻي ضرور لکان، پر اهو ڪنهن کي نه ٻڌايان ته هو آمريڪا ۾ ٽيڪسي هلائي ٿو.
“خبر اٿئي.” مون کيس کلندي چيو، “مون کان جي Choice پڇين ته مون کي سڀ کان بهتر ٽيڪسي هلائڻ لڳي ٿي. خاص ڪري جي پنهنجي ٽيڪسي آهي. ڇو ته هر ٽيڪسي ڊرائيور پنهنجي پاڻ جو باس آهي، جنهن وقت وڻيس ان وقت هلائي. رات جو ننڊ نه اچيس ته به روڊ تي هليو اچي. سڀ کان وڏي ڳالهه ٽيڪسي ۾ هر قسم جو ماڻهو ويهي ٿو، ڀاڙو وٺڻ کان علاوه هن جي ڪهاڻي به ٻڌي سگهجي ٿي.”
“هي جاب وڻي ته مون کي به ٿي، پر پنهنجي ملڪ ۾ ان کي خراب سمجهيو وڃي ٿو، ان ڪري پنهنجن کان لڪايان ٿو.” هن ٻڌايو.