سنڌ ۾ پاڻيءَ جي اڻاٺ ۽ هيءَ ڇوڪري ڪير آهي
“منور سان ايڏو فري نه آهيان” مون کيس ٻڌايو، “پر آئون اتي رهڻ ۾ وڌيڪ Comfortable محسوس ڪندس ۽ اهو هنڌ شهر جي وچ ۾ آهي. اڪيلي سر واڪ ڪري پيو هيڏانهن هوڏانهن ويندس.”
ساڳي وقت ماما جمون پڻ پنهنجي گهر هلي رهڻ لاءِ چيو، جو هو اڪيلو رهي ٿو (نه شادي ڪيائين نه فئملي اٿس)، پر هو پڻ خالد هاشماڻي وانگر درياهه جي هن پار يعني واشنگٽن بدران ورجينيا ۾ رهي ٿو. هڪ واري دل ۾ آيو ته منور جي فليٽ تان ٿيلهو کڻي خالد هاشماڻي يا عليم بروهي وٽ هليو هلان، جو اهو فڪر هيم ته منور وٽ مهمان جو گهڻو لوڊ هجڻ ڪري، بلڪه مهمانن جي لوڌ لٿل ڪري، کيس تڪليف نه ٿئي، پر پوءِ اهو سوچي منور وٽ رهڻ جو فيصلو ڪيم ته جي اهڙي ڳالهه محسوس ڪيم ته رميش ٿارواڻيءَ سان نيو جرسي موٽي ويندس، جو ٿوري دير اڳ هو مونکي ٻڌائي چڪو هو، ته هو وڌيڪ ٻه ڏينهن رهڻ بدران سڀاڻي صبح جو ئي واپس وڃي رهيو آهي.
فنڪشن جي ختم ٿيڻ ۽ مهمانن کان موڪلائڻ وقت مون خالد هاشماڻي کي پاسي تي ڪري آهستي چيو: “يار آئون رهان سو منور وٽ ٿو، پر هن غريب وٽ مونکي ته ڪي وهاڻا چادرون به نظر نه پئي آيا. مهمانن جي به لڏ لٿل اٿس. تون گهر وڃي ڪو وهاڻو چادر موڪل.”
“ڇٽين، آئون هتان منور کي پاڻ سان وٺي ٿو هلان، توهان ماما جمون سان فليٽ تي هلو.”
هتي اهو لکڻ رهجي ويو ته واشنگٽن جي هن سنڌي شام ۾ مدعو ٿيل ائمبسڊر جان مئڪڊونالڊ پنهنجي تقرير ۾ ڪشمير جي مسئلي ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي اڻاٺ تي پڻ ڳالهايو ۽ پنهنجو تجربو ٻڌائيندو رهيو ۽ پاڻي ۽ Sanitation بابت UN طرفان 1981ع کان شروع ٿيل ڏهه سالَ پروگرام کي سپورٽ ڪندو رهيو. هن فنڪشن ۾ مڪاني صحافين کان علاوه VOA طرفان مرتضيٰ سيال ۽ نفيسه هود ڀائي به هئي. هڪ آمريڪا مان نڪرندڙ پنجاب جي اخبار جو نمائندو منظور اعجاز، پاڪستاني ويڪلي جو خواجه اشرف، سيد اديب، اعجاز سعيد ۽ ٻيا به ڪجهه آمريڪا مان نڪرندڙ اردو اخبارن جا نمائندا هئا، جن مان ڪجهه سوالَ جواب واري سيشن ۾ جڏهن ائمبسڊر سنڌ ۾ پاڻيءَ جي مسئلي ۽ حقن جي ڳالهه ڪري رهيو هو ته هنن هن کي ان عنوان تان هٽائي detract ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا ڳالهه سڀني محسوس ڪئي. هو سنڌ جي سمورن سورن جو الزام ذوالفقار علي ڀٽو جي کاتي ۾ وجهڻ لڳا، جنهن جو جواب جن تواريخي facts ۽ دليلن سان ڪئناڊا کان آيل حميرا رحمان سٺي انگريزي ۽ رعبدار لهجي ۾ ڏنو، تنهن سڀني کي چپ ڪرائي ڇڏي، ته هيءَ ننڍي عمر ۽ هلڪي ڦلڪي جسم جي ڇوڪري ڪير آهي.