ٻه اکر Ellis ٻيٽ بابت
هڪ آمريڪن ليکڪ لوئيس آدمڪ جو ڪتاب پڙهيو هوم، جنهن ۾ هن 1913ع ۾ هن ٻيٽ ايلس تي هڪ رات گذاري هُئي. هن پنهنجي ملڪ سلوانيا کي خيرآباد چئي، پاڻيءَ جي جهاز ذريعي يورپ کان آمريڪا آيو هو. هو ٻين Immigrants سان گڏ گڏ سڄي رات سيءَ ۾ ڏڪندو رهيو. مختلف ملڪن کان آيل مختلف ماڻهو پنهنجين پنهنجين زبانن ۾ ڳالهائيندا رهيا. هر هڪ جو اهو خواب هو ته هن نئين دنيا ۾ رهڻ جي اجازت ملي، جتي هنن کي پنهنجو مستقبل روشن نظر آيو ٿي.
هن ٻيٽ کي “سڏڪن جو ٻيٽ” (The Isle of Tears) ۽ “ڀڳل دلين جو ٻيٽ” پڻ سڏيو وڃي ٿو. اهو ان ڪري جو ڏورانهن ڏيهن کان ڪهي آيل ڪيترن پناهه گيرن کي هتي رهڻ لاءِ سٽيزن شپ نه ملندي هئي ۽ هنن کي نا اُميد ٿي واپس ورڻو پوندو هو.
هن ٻيٽ Ellis لاءِ اهو به مشهور آهي ته هتي پهچي ماڻهن پنهنجا نالا بدلايا ٿي. دراصل هنن نالا نٿي بدلايا، پر ڪيترا اڻ پڙهيل ۽ انگريزي کان اڻ واقف هجڻ ڪري، پنهنجا نالا صحيح طرح لکي نٿي سگهيا يا آمريڪا جي اميگريشن آفيس وارا هنن جي نالن جا صحيح اچار نه سمجھڻ ڪري جيڪي ڪجهه آين ٿي، سو رجسٽر ۾ لکي ڇڏيو ٿي ... جيئن هڪ همراهه لاءِ مشهور آهي ته هن جو نالو Helen Polonowyez هو، پر هن جو نالو Ellen Pollock لکجي ويو ۽ کيس پاسپورٽ به ان نئين نالي سان مليو. آمريڪا جي هڪ ٻئي ليکڪ هرمن راچرر پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته، هن جو ڏاڏو جيڪو آسٽريا (يورپ) جو يهودي هو، ان کي انگريزيءَ جو هڪ لفظ به نٿي آيو. هن کان جڏهن هن ٻيٽ تي پهچڻ سان نالو پڇيو ويو ته هن سگريٽ جي گهر ڪئي ته سموڪر آهيان. اميگريشن پوليس هن جو نالو Raucher سمجھي، ان نالي سان پاسپورٽ ٺاهي ڏنو ۽ هاڻ هن جو اولاد راچر ذات سان سڏجي ٿو معنيٰ سگريٽ ڇڪڻ وارو.