ڪتاب جو نالو: نيروليءَ جو خوابُ
مصنف: ادل سومرو
ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس
ڪيٽيگري: شاعري
شايع ٿيڻ جو سال: 2017
ڪتاب گهر ۾ شامل ٿيڻ جووقت: جمعو، 18 جنوري 2019 ع
پڙهيو ويو: 1143 ڀيرا
ڊائونلوڊ ڪيو ويو: 434 ڀيرا
ڊائونلوڊ لنڪ: پي ڊي ايف
ادل سومرو سِنڌي ٻوليءَ جو اهو سرموڙ شاعِرُ آهي، جنهن پنهنجي مُنفرد اسلوبَ ۽ شاعراڻين صنفن توڙي موضوعن جي رنگارنگيءَ آڌار، سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي اِتهاسَ ۾ پنهنجي الڳ، منفرد ۽ مٿاهين حيثيت ماڻي آهي. ادل سومري جي شاعري مُحبت جي نفيس احساسن سان به واسيل آهي ته مَنجھس، سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي وِرثي جا رنگَ به مُرڪن ٿا، ساڳي ئي وقت سماجي الميا، سُورَ ۽ ناسُورَ به ادل سومري جي شاعريءَ جو موضوع بَڻجي، سندس شاعريءَ کي اُوچو درجو بخشين ٿا. ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي پڙهندڙن سان هميشه جُڙيل رهيو آهي. هُو ڪنهن به موڙ تي ٿَڪو ناهي. سندس شاعريءَ جو هي نِڪور ۽ مَن موهيندڙ ڪِتابُ، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
دوستن سان ونڊيو:

فهرست:

  • POPAT BOOK NO. 105
  • ارپنا
  • سنڌ سلامت پاران
  • نيروليءَ جو خواب
  • پبلشر نوٽ
  • آخري ڳوڙهو بچي، تُون رقص ڪر
  • مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي
  • ڌاڳا ٻَڌا وڻن کي
  • ڊاڪٽر دانيءَ جي نالي هڪ درخواست
  • وقت ڏيئي هُو ته آيو ڪونه هو
  • Lust and Love are different things*
  • دريءَ جي شيشي مان
  • مريم جو ڏک
  • ملياسين موجَ مستي هئي
  • خزان ۾ رهيو آ سدا ديسُ پنهنجو
  • جنهن جي منَ ۾ تولئه جاڳيو پيارُ هو، سو مان هُيس
  • تنهنجي وارن جا لتاڙي پيچرا
  • سترنگي سرڪار!
  • ها تون گهڻو بااختيار آهين
  • ٻيڙي، اُداس سانجهي
  • سانوري سامري
  • در اکين جو هوءَ ٽپي ئي ڪانه ٿي
  • عُذر خواهي ڪجي ڪنهن سان؟!
  • اَجرڪَ جهڙي عاشقي
  • دل جي قبر ۾ دفن ٿيل سُڏڪو
  • ٿڪا ناهِن مُسافِرَ هِي
  • دردن جوڙيو پاڻ کي
  • امر ڪهاڻي
  • سکر جو ڊسمبر، هُو ڳالهيون پُراڻيون
  • شاعر جي مرضي
  • ڌُوڙ اُڏامي ٿي پئي
  • مفلسيءَ جو فلسفو
  • ڪهڙا به ڏينهن ايندا
  • ڪهڙين ڪهڙين تُهمتن کي سارجي
  • اوهان تي ڇو نه پوءِ مرجي؟!
  • عاشقي ٿڪجي نٿي
  • نئين صبح جي نئين عذابَ تائين
  • دل منجهان رستو وڃي ٿو
  • رُڳو تُون آن مُنهنجي
  • نُور خاتون کي مشورو
  • تُنهنجا نه ٿي سگهياسين
  • يادن جو ڪو ڌَڻُ
  • نئون دؤر آهي ڪامريڊ!
  • ڇا لئه ڇڏيو تو وڪڻي
  • درد جون دل تي چٽيل ڳالهيون پڙهي
  • جنهن جو عشق وڪيلُ
  • آرسيءَ مان گُهورَ پائي
  • اکين ۾ رُڃَ جو رستو
  • نه پوپٽ نه ڪوئي اُتي هو گُلاب
  • ڏاتِ! مون کي ٻه ٽي
  • مراقبو
  • چنڊ جي ڪائي تمنا تون نه ڪر
  • نديءَ پاڇو وڻَ جو
  • ڄامشوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي
  • سنڌ ــ هڪ مقدس عقيدو
  • نينهن جبل جاڳي پيو
  • درد جي هڪ لڪير
  • ٻولي شاهه لطيف جي
  • ڌرتي! توکان ڌار
  • تُنهنجي خودڪشيءَ جي تاريخ
  • ڪين آهي ٿڪي، سنڌ جي عاشقي
  • امير خسروءَ جي مزار تي
  • لاکين جو دڙو ٿي وئي
  • ڏُور کان ڏسندي رهي هڪ جهوپڙي سيلاب ۾
  • ننڊ جي شهر ۾
  • ڪنهن مسافر جان اڪيلو، ساڌٻيلو
  • لٺ جي سهاري تي هلندڙ پوڙهي ثقافت
  • هي درد ڌرم آهي
  • جنهن وڻَ هيٺان گوتم هو
  • ڳالهه جيڪا ڪري، سا لڳي شاعري
  • تنهنجي ياد عبادت وانگي
  • پيار جي مرضي آ، هُو
  • هڪ شاعر جو گهر
  • رستن کان تنهنجو پُڇيو
  • مان پنهنجو وقت وڪڻان ٿو
  • زندگي ڪاڏي ڌڪي ٿي !
  • ڇَڄ جي ڇانوَ ۾
  • عشق ئي آهي آجپو
  • سمنڊ ڇو سُڏڪا ڀري ٿو؟
  • چاڪيواڙي جي شامَ
  • کاري در جو درد
  • تُنهنجي ٽرين ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿي
  • پيار جي وسريلَ ڪَٿا، آڏو اچي وئي
  • عشق ناهي سوکڙي بازار جي
  • ڪا دانهن اُٿي دل مان
  • ٺريل چلهه
  • ڏاٽن واريون عورتون
  • قيدياڻيءَ جي عيد
  • هي خواب جهڙا سکين جا رستا
  • ڪشالا دردَ جا ڪاٽي
  • هڪڙو خط مليو مونکي
  • چمپا جو ڏوهُه
  • ڄارَ ۾ پنڇي اڪيلو مان هجان
  • ڪنهن ستاري جان وڃي ٽُٽندو ڪٿي
  • نينهن نچايو مينهن ۾
  • عشق جي آرسي
  • واٽون ته ڪيئي آهن
  • ڪائنات هڪ دريءَ مان لوڪو! ڏسان ٿو مان
  • هڪ ديس ڀڳت جو ڏس پتو گهرجي
  • تون ڪو خوابُ سپيءَ جو ناهين!
  • ڄڻ ته ڪا اُجڙيل حويلي ٿي وئي
  • ويندين سهي مُسافر!
  • دل مڃي ئي نٿي
  • پهريون ذائقو پيار جو
  • نظر واٽَ ويندي نظر ۾ ٻُڏي وئي
  • اَڄُ به تُنهنجي ياد جا
  • مون ڏي اچين ٿي جڏهن
  • سُونهن کي ڏيندو سلامي ٿو اچي
  • اوسيئڙي کان بهتر آهي
  • الزام ۾ ويڙهيل لاش
  • اُلڪا عُمر ڪوٽ جا
  • سجدو ڪبو پرينءَ کي، مالها اُنهيءَ جي جپبي
  • محقق عشق ناهي ڪندو
  • هستيءَ کي پستيءَ ۾ آڻي، عشق پاتي دستارَ
  • ڪڏهن ته روهڙيءَ آءُ
  • سُڏڪو سُڏڪو زندگي ڳڻجي کڻي
  • موڪلائڻ مهلَ
  • آهي مون سان شاعري
  • شاعريءَ ۽ گفتگوءَ ۾ باڪمال
  • سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي
  • گهاري وڃبي راتڙي
  • هڪ تمدني الميو
  • تُون ڀلي ڪجھه ڪو نه ڏي
  • کنوڻين وانگي اوچتو
  • وچڙن ٿيون واٽون
  • سِوا تُنهنجي ٻيو ڪيرُ هو منهنجو
  • ڇو مسافر کي ٿي رولين رُڃَ ۾ ؟!
  • ايڪتا جي ڏينهن تي ڪي
  • وچن جهولي لال جو
  • هر ڳالهه وساري تُون
  • ملاحن جي درد جو نوحو
  • چنڊ ڏُکارو ٿو لڳي
  • ٻه ٽي پيار جا تُون اکر هي کڻي وَڃُ
  • مورن جا کنڀ
  • چانڊوڪيءَ جي ڇانوَ ۾
  • اوچا درجا پيار ڏئي ٿو
  • ڪتابن کان ٻاهر به روشني آهي
  • ڀلو سڀَ جو ديس
  • مون سورج ٿڪلَ کي ڏٺو آهي روئندي
  • قبرسان جهڙو شهر
  • کڙڪيو دروازو
  • هر لهرَ آهي مُقدس ويرَ ۾
  • اڃان هيءَ سُونهن ٻوڙي ٿي
  • سمنڊ! تُنهنجيءَ جهولَ ۾
  • ايڌيءَ جو پينگهو
  • اوهانجي جي سارَ جو سُڏڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو
  • زندگي گهارن پيا ٿا
  • اُڀري ته اوڙهي ڇڏي
  • اجازت نامي کانسواءِ لکيل نظم
  • اکين جي تير جو جادو
  • هي جُهڙن جون جهالرون
  • خوابَ اسان جا پوڙها ٿي ويا
  • رات جو ويلو ترسيل آهي
  • سچل سائين! ڳالهه نه سمجهن
  • فقير جي دونهين
  • هُن سنڌ امڙِ جهڙو
  • شامَ جو يادون، مَهڪي تُلسي
  • تلوارون تاريخ جون
  • اوهان جي اچڻ تي
  • واٽ ويندي اَڄُ وري گڏجي ويو
  • ڌاڳا ڌوئي ڌرم جا
  • آهي عشق ڌنار
  • گُهٽ اڳيئي، ڳالهيون ڪر
  • اَڄُ به کڄن مارئيون
  • ٻارَ ووٽ ناهن ڏيندا
  • صحن، ڪمرا، پڌر اڪيلو هو
  • تو جي پيتو اُڌارو
  • جيئن پکين جا پرَ سنڀالنِ ٻارَ ٿا
  • ڄڻ پرينءَ جو رُوپ ڌاري
  • پوپٽَ وانگر بيت
  • دردُ مُنهنجو ڪو به ڄاڻي ڪين ٿو
  • تُنهنجي نديءَ ڏانهن
  • جنگ تباهي آ
  • زندگي ٻيو به گهڻو ڪجھه چاهي ٿي
  • ڍنڍون زهر ٿي ويون
  • غزل هو يا ڪو نوحو هو
  • موهن دڙي جا آدمي
  • پُراڻن ڪتابن جو ميلو
  • تو کان سُهڻو ڪيئن ۽ ڇاجو هُيو؟!
  • چنيسر جا چار ڏينهن
  • عاشقيءَ جي اُڀ تان
  • قديمي ڳوٺ جو نقشو
  • عاشقيءَ جون آڱريون روشن هُجن
  • انگريزي ڌُن تي هو جمالو
  • ڌرتي ته اُها ساڳئي
  • دربدر خواهشون
  • هن پيار کي تُون پنهنجو
  • هُو ڇٽي کولڻ بنا ڏسندا رهيا
  • محبت کي مارڻ جو حق آهي
  • رزق جو فلسفو
  • ٿيون سڏنِ توکي هوائون
  • 6 آگسٽ 1945ع
  • ڌپَ ڪري ويلَ پاروٿا ويچار
  • اُجڙيل گهرن منجهان
  • فطرت سان ٽڪراءُ
  • تنهنجو منهنجو رواج
  • وڇايل بي رحم نظرون
  • خوف جو چهرو، اڄوڪي رات آهي
  • مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي
  • ديس دکي درويش جو
  • ٻوليءَ تي ٻاجهَه ڪر تون
  • هِن ٿڪل مسافر جو
  • تماشو دردُ ٿو بڻجي
  • هر مقبرو قابلِ تعظيم ناهي هوندو
  • مينهن پُڄاڻان اوچتو
  • جوڀن جا جمالَ
  • درد منهنجو جيڪڏهن سمجهي وڃي
  • اوچتو مون سان ملي وئي
  • اسان صرف تصوير ۾ خوشحال لڳندا آهيون
  • ڪڏهن ڳالهه دل کان اِها تو پُڇي هئي
  • پينگھي ۾ سُتل آهين
  • سمنڊ جهڙي شاعري
  • اسان جي ڳوٺ جو نوحو
  • ڪبوتر اکين ۾ ڪي منظر ڦرن ٿا
  • مٽيءَ لاءِ تحفو
  • وڙهندا واچوڙن سان
  • دردن جي ماٿريءَ ۾
  • توکي تمغو ضرور ملندو
  • هي نئون ذائقو به چکي ڏسجي
  • اسان جبران جا ساٿي
  • ڪفن ايڌيءَ جو مليو
  • مٺڻ جي ڪوٽ مان ڪُوزو
  • مون لئه ڄڻ ڪو زلزلو ويٺو هُيو
  • دلين ۾ درد جا دونهان
  • آهي مرضي ڏاتِ جي
  • سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون
  • ڳالهيون تُنهنجي پيار جون
  • مندر ۾ پدمڻي پُهتي
  • مان جڏهن توسان مليس ڄڻ زندگيءَ ۾ سمنڊُ هو
  • سنڌ جي صبح جو منظر

  • POPAT BOOK NO. 105

    نيروليءَ جو خوابُ
    (شاعري)
    شاعر: ادل سومرو
    ڇاپو پهريون: 2017ع
    تعداد: هڪ هزار
    بئڪ ٽائيٽل تصوير: سعيد منگي
    ٽائيٽل ڊزائين ۽ لي آئوٽ: آصف نظاماڻي
    ڪمپوزنگ: عرفان ڀٽو
    ڇپيندڙ: پوپٽ پرنٽنگ پريس، خيرپور، فون:0243-552913
    ڇپائيندڙ: پوپٽ پبلشنگ هائوس مال روڊ، خيرپور ـــ سنڌُ، پاڪستان.
    ملهه: 400/- روپيه







    NEEROLI’A JO KHUWAB
    [Dream of Ajrak Printer]
    (Poetry)
    By: ADAL SOOMRO
    First Edition: 2017
    Quantity: 1000 Copies
    Backtitle Pic: Saeed Mangi
    Title Design & Lay’out: Asif Nizamani
    Composing: Irfan Bhutto
    Printed by: Popat Printing Press, Khairpur Ph: 0243-552913
    Published by: Popat Publishing House, Mall Road, Khairpur – Sindh, Pakistan.
    Price: Rs. 400/-


    ارپنا

    پنهنجو هي شعري مجموعو
    ارپيان ٿو اُنهيءَ کي
    جنهن هڪ دفعي چيو هو:
    ”مون کي اوهان سان شڪايتون آهن“
    جڏهن شڪايتن جون دريون کليون ته
    هر دريءَ پٺيان هُنَ جو پيارُ هو.

    اچي عشق احسان اهڙا ڪيا جو
    ڊڄي، پوءِ مون ۾ اچي هوءَ لِڪي هُئي


    سنڌ سلامت پاران

    سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”نيروليءَ جو خواب“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادل سومري جي شاعريءَ جو مجموعو آهي.
    ادل سومرو سِنڌي ٻوليءَ جو اهو سرموڙ شاعِرُ آهي، جنهن پنهنجي مُنفرد اسلوبَ ۽ شاعراڻين صنفن توڙي موضوعن جي رنگارنگيءَ آڌار، سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي اِتهاسَ ۾ پنهنجي الڳ، منفرد ۽ مٿاهين حيثيت ماڻي آهي. ادل سومري جي شاعري مُحبت جي نفيس احساسن سان به واسيل آهي ته مَنجھس، سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي وِرثي جا رنگَ به مُرڪن ٿا، ساڳي ئي وقت سماجي الميا، سُورَ ۽ ناسُورَ به ادل سومري جي شاعريءَ جو موضوع بَڻجي، سندس شاعريءَ کي اُوچو درجو بخشين ٿا. ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي پڙهندڙن سان هميشه جُڙيل رهيو آهي. هُو ڪنهن به موڙ تي ٿَڪو ناهي. سندس شاعريءَ جو هي نِڪور ۽ مَن موهيندڙ ڪِتابُ، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
    هي ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور پاران 2017ع ۾ ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون پوپٽ پبلشنگ، هائوس جي سرواڻ قربان منگيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي.


    محمد سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sulemanwassan@gmail.com
    www.sindhsalamat.com
    books.sindhsalamat.com


    نيروليءَ جو خواب

    مُنهنجو پيءُ نيرولي آهي،
    هُنَ جو ٺاهيل ڪوئي اجرڪ
    شايد اوهان جي گهر به هُجي.
    ڪُن ۾ اجرڪ ٻوڙيندي جو
    هٿ انهيءَ جا کُهرا ٻيئي
    پڪا نيرا ٿي ويا آهن
    اُن لئه ڪيئي ڄاتل ماڻهو
    هُنَ سان هَٿُ ملائڻ کان
    ٿورو ڄڻ گھٻرائن ٿا.
    ساڪوڙيل ڪپڙي تي جڏهن
    ڇينڀن سان هُو ڇُرَ ڪري ٿو
    ڪپڙي کي ڪو نانءُ ملي ٿو.
    موٽ ۾ ٿڪل نيڻن لئه هُو
    هڪڙي خوابَ جي گُهرَ ڪري ٿو
    نيروليءَ جو خوابُ به نيرو
    ڏکَ به ڇينڀن وانگر آهن
    جيڪي هن جي جيون ۾
    آخر تائين رهڻا آهن.
    پوءِ به هُو مايوس نه آهي
    اجرڪ جي هن ڦلڙيءَ وانگر
    هُنَ جي ڌنڌلن خوابن ۾
    آسَ جون اَڇيون ڦُلڙيون آهن.


    پبلشر نوٽ

    پبلشر نوٽ

    ادل سومرو سِنڌي ٻوليءَ جو اهو سرموڙ شاعِرُ آهي، جنهن پنهنجي مُنفرد اسلوبَ ۽ شاعراڻين صنفن توڙي موضوعن جي رنگارنگيءَ آڌار، سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي اِتهاسَ ۾ پنهنجي الڳ، منفرد ۽ مٿاهين حيثيت ماڻي آهي. ادل سومري جي شاعري مُحبت جي نفيس احساسن سان به واسيل آهي ته مَنجھس، سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي وِرثي جا رنگَ به مُرڪن ٿا، ساڳي ئي وقت سماجي الميا، سُورَ ۽ ناسُورَ به ادل سومري جي شاعريءَ جو موضوع بَڻجي، سندس شاعريءَ کي اُوچو درجو بخشين ٿا. ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي پڙهندڙن سان هميشه جُڙيل رهيو آهي. هُو ڪنهن به موڙ تي ٿَڪو ناهي. سندس شاعريءَ جو هي نِڪور ۽ مَن موهيندڙ ڪِتابُ، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، سنڌي ٻوليءَ جي نهايت ئي اهم شاعِرَ ادل سومري جو هيءُ موتين جهڙو ڪِتابُ ڇاپيندي، گهڻي سرهائي ۽ اعزاز محسوس ڪري رهيو آهي.

    قربان منگي
    چيئرمين
    پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور، سنڌ



    شاعري






















    آخري ڳوڙهو بچي، تُون رقص ڪر

    آخري ڳوڙهو بچي، تُون رقص ڪر
    دردُ مستيءَ ۾ اچي، تون رقص ڪر

    سُونهن توکي ڀل ڇڏي ٽُڪرا ڪري
    عشق ٽانڊن تي پچي، تون رقص ڪر

    سالڪن جو ويس ڪارو ماتمي
    سوڳَ ۾ روهڙي تپي، تون رقص ڪر

    رهبري رندن جي چاهِين جي اگر
    مئڪدو جنهن پل مچي، تون رقص ڪر

    شاهَه توڙي شيخَ جي هيءَ شاعري
    مينهن ٿي توتي وسي، تون رقص ڪر

    روز ٿي ڪُوفي مان گُذري زندگي
    تيرُ ڪو توتي کڄي، تُون رقص ڪر

    هوءَ ڏسي توکان، لنوائي جي وڃي
    اُن گهڙي توکي کپي، تون رقص ڪر

    ساهَه تي ويساهُه ڪهڙو اي فقير!
    ڪير قاتل کان بچي، تون رقص ڪر

    پيرَ جي پٿرائجي تُنهنجا وڃن
    بانسري تو ۾ وڄي، تون رقص ڪر

    اَڄُ ته صوفي! تون زماني کي نچاءِ
    ڀونءِ به توسان نچي، تون رقص ڪر

    شاعري بيدل جي پيئي ڳائجي
    روحَ ۾ تُنهنجي رچي، تون رقص ڪر

    جاڳ سان ئي ٿي جلي هيءَ عاشقي
    اک جي تُنهنجي لڳي، تُون رقص ڪر


    مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي

    مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي

    مسافر! ننڊ جو ڀاڪُر
    نهوڙي نينهن کي ويندو
    اڄوڪي ڏينهن کي ويندو.
    ڪڏهن هُن جاڳ ڏي هلجي
    ڀلي جي ماڳ جو رستو
    ڏٺل ناهي ته پوءِ ڇاهي!
    اَڄاتل ڀاڳَ ڏي هلجي.
    لڦون پيرن جون ڇو ڳڻجن؟
    مٽيءَ جي درد کي ڳڻجي
    چون ڇا ٿا هي پرماري
    اُنهن کي ڇو ڀلا ٻُڌجي
    وطن جي عاشقيءَ ۾ پر
    پڪو ويساهُه ئي رکجي
    وساري سڀني چهرن کي
    ڪڏهن هن سنڌ کي ڏسجي.
    ڪٿي ڪو ٻار جي روئي
    سندس معصوم ڳوڙهن کي
    وڃي پاٻوهَه مان اُگهجي.
    اجائي لوڪ جي بدران
    ڪتابن سان ڪجن ڳالهيون
    رسالو شاهَه جو کولي
    ڪڏهن ڪو بيت ئي پڙهجي
    ڪيو هن ديس لئه ڇاهي؟
    ڪڏهن هي پاڻ کان پُڇجي.


    ڌاڳا ٻَڌا وڻن کي

    ڌاڳا ٻَڌا وڻن کي

    دل ٻُڌائِي اکين کي، اهڙي آکاڻي
    پنبڻين مان پاڻي، آيو ڳَلنِ ڳوٺَ ڏي

    ماڻهن مُنجهائي ڇڏيو، ڪنهن نه ڪيو دادُ
    عشق بڻيو اُستاد، رولاڪيءَ جي راهَه ۾

    اچي ويٺو اندر ۾، اهڙو جادوگر
    جنهن جو هر منتر، پيڙائي ٿو پيار ۾

    ويجهو اچي هوءَ جو، پري ٿي ويئي
    اندر ۾ ڪيئي، رهجي ويون ڳالهڙيون

    ڳُجهارت ڳوڙهن جي، توکان ڪونه ڀڳي
    منهنجي دل ڀڳي، تُنهنجي هڪڙي لفظ سان

    اَڄُ به راج گهاٽ تي، تنهنجو اوسيئڙو
    ڪٿان ڪو ليئڙو، اچين، پائي اوچتو

    ڌاڳا ٻَڌا وڻن کي، رنگبرنگي مون
    موٽي ايندين تون، جوڳيءَ ٻڌايو مونکي


    ڊاڪٽر دانيءَ جي نالي هڪ درخواست

    ڊاڪٽر دانيءَ جي نالي هڪ درخواست

    وڏي شهر ۾ رهڻ وارن
    اسان هيٺين ڪلاس جي ماڻهن جي حصي ۾
    هڪ ذلالت واري زندگي آئي آهي
    جيڪا اسين گُذاري نه رهيا آهيون
    پر پنهنجو پاڻَ گُذري رهي آهي.

    وڻن ۽ پکين کان محروم
    گنديون گهٽيون
    ۽ اُنهن ۾ ڦهلجندڙ
    گٽرن جو پاڻي
    پلاسٽڪ جون ٿيلهيون
    ڪچري جا ڍيرَ
    خارش ۾ ورتل بيمار ڪُتا
    ساهن ۾ داخل ٿيندڙ
    گاڏين جو شور
    ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ ڪارو دونهون
    پيٽ جون بيماريون وڌائيندڙ
    پيئڻ جو بدبودار پاڻي.

    هيڊيءَ ۽ ميرانجهڙي رات ۾
    گٽر مان نڪتل
    سائيءَ ورتل چنڊُ
    اسان لاءِ ڪا به ڪشش نٿو رکي.

    ترقي يافته دؤر جي
    هن تمدني زندگيءَ کان
    موهن جو دڙو
    اَڄُ به وڌيڪ بهتر آهي
    *ڊاڪٽر داني!
    ڇا اسان کي
    موهن جي دڙي ۾ رهڻ جي
    اجازت ملي سگهندي؟!



    * ڊاڪٽرداني ــــ مشهور آرڪيالاجسٽ ڊاڪٽر احمد حسن داني



    وقت ڏيئي هُو ته آيو ڪونه هو

    وقت ڏيئي هُو ته آيو ڪونه هو
    پر اُتي ترسڻ اجايو ڪونه هو

    هر خوشي هئي اوپري تو وانگيان
    ڏُک مگر ڪوئي پرايو ڪونه هو

    جتِ نظر آئي اُتي تعظيم ڪئي
    سُونهن کان هرگز لنوايو ڪونه هو

    ڪيتري هئي ميڙ ۾ تذليلَ ٿي
    هُن چيو: ”توکي سڏايو ڪونه هو“

    سينڌ، سُرمو هو سجاول ۾ گهڻو
    پر اکين ۾ ڪو سمايو ڪونه هو

    ڪئسٽون، ڪجھه شعر ۽ ٿورا ڪتاب
    ٻيو ته مون گهر ۾ بَچايو ڪونه هو

    ذلتن ۾ زندگي گذري وئي
    سنڌ! پر توکي لڄايو ڪونه هو

    نانءَ تُنهنجي سان رهيو منسوب ئي
    سومري ٻئي جو سڏايو ڪونه هو


    Lust and Love are different things*

    Lust and Love are different things*

    روحَ جو ريشم سڳو هو
    خواهشن ٽوڙي ڇڏيو
    وحشتن ماڻيون هيون
    ڪجھه گهڙين جون لذتون

    آڱرين جي ناچَ تي
    جسم جاڳي ها پيا
    صُبح تائين پر هيون
    دل ۾ ڪئي ملامتون

    درد توکان دور آهي
    تو ڀڳيون آهن دليون
    پر ڪڏهن ناهن ڀڳيون
    پيار جون ڳجهارتون

    ڪيترا الزام هڻ تون
    ڪا ندامت ڪين آهي
    فيصلو جيڪي ڏين هو
    عشق جون عدالتون

    ڇا به تون چوين کڻي
    ۽ هُجن ڇا حالتون
    سُونهن لئه سدا رهن
    اسان جون هي عبادتون


    * چارلس ليمب جي سِٽَ


    دريءَ جي شيشي مان

    دريءَ جي شيشي مان

    گهر ئي ناهي مونکي، ڏس پتو ڇاجو
    ڪڏهن ته ياد ڪجو، منهنجي رولاڪيءَ کي

    مونکي هڪڙو وڻ ۽، ٻيو سکي! پکي ڏي
    دل تي رکي ڏي، ڌرتيءَ جهڙو پيار تون

    مونکي گهرجي ڪين ٿي، ڪا مِيري اميري
    ڏي تون فقيري، مونکي پنهنجي دَر جي

    ڪالهه توسان ڪير هو، توکان ڪيئن پُڇان
    اندر منجهه لُڇان، پيو انهيءَ شڪَ تي

    دريءَ جي شيشي مان، مُرڪ اُماڻي تو
    منهنجو ڏينهن سڄو، گُذريو ان سُرور ۾

    ويڙهيل هيو ننڊ ۾، سارو ننڍو کنڊُ
    جاڳيو پئي چنڊُ، تُنهنجي منهنجي گهر مٿان

    مونکان پڇيو شاعريءَ، تُنهنجي باري ۾
    دل جي جاري ۾، ڏيئو ڄڻ ته ٻري پيو


    مريم جو ڏک

    مريم جو ڏک

    هُوءَ جڏهن
    نئين نئين آئي هئي
    ته رياست جي سپاهين
    اُن جي آجيان ڪئي هئي،
    ۽ مير صاحبان به خوش ٿيا هئا.
    آزمائش طور جڏهن
    اُن ۾ هڪڙو گولو وجهي ڇوڙيائون،
    ته اُهو وڃي الهيار خان جي باغ ۾
    ڪِريو هو
    ۽ هڪ نئين چوڻي ايجاد ٿي هئي:
    ”ڪاڏي مُنهن مريم جو،
    ڪاڏي الهيار؟!“
    تاريخي حوالو رکندڙ
    اِنهيءَ چوڻيءَ ۾
    سدائين ياد رهندڙ مَريمَ جي
    هاڻي ڪنهن کي به ضرورت ناهي رهي.
    جن، اُن کي گُهرايو هو
    اُنهن مان ڪوبه جيئرو ناهي.
    هُوءَ اُٻاڻڪي ۽ ويڳاڻي آهي
    شهر جي وئگن اسٽينڊ وٽ
    اُن کي بيهاريو ويو آهي.
    ماڻهو سڄو ڏينهن اُن جي پيرن ۾
    ٿُڪون ۽ گند ڪچرو اُڇلائن ٿا.
    مريم جو ڏک سمجهڻ وارو
    هن شهر ۾ هاڻي ڪوبه ناهي رهيو.


    *خيرپور جي ٽالپر حڪمرانن جي مشهور ”مريم توب“
    Marrium Cannon




    ملياسين موجَ مستي هئي

    ملياسين موجَ مستي هئي
    ورياسين گهر ته، تنهائي
    گهڙيءَ جي راند هئي ڪائي

    هُئي جا سمجهه کان ٻاهر
    اُها ئي عشق سمجهائي
    گهڙيءَ جي راند هئي ڪائي

    ڪيون سي چار ئي ڳالهيون
    جُدائي اوچتي آئي
    گهڙيءَ جي راند هئي ڪائي

    اکين جي ديسَ ۾ بارش
    ڳلنِ تي ساڳي ڪتڪائي
    گهڙيءَ جي راند هئي ڪائي

    ڪپي ٿو رُوحَ کي سُرندو
    وڍي ٿي درد جي وائي
    گهڙيءَ جي راند هئي ڪائي


    خزان ۾ رهيو آ سدا ديسُ پنهنجو

    خزان ۾ رهيو آ سدا ديسُ پنهنجو

    خزان ۾ رهيو آ سدا ديسُ پنهنجو
    اسان لئه بهارون اِهي چار ڏينهڙا
    اٿئي پهر اُلڪا چتيون ويسُ پنهنجو
    خزان ۾ رهيو آ سدا ديسُ پنهنجو

    پرينِءَ تائين پهتو نه سنديسُ پنهنجو
    رڳو نيڻَ رم جهم نه بادل نه مينهڙا
    خزان ۾ رهيو آ سدا ديسُ پنهنجو
    اسان لئه بهارون اِهي چار ڏينهڙا



    جنهن جي منَ ۾ تولئه جاڳيو پيارُ هو، سو مان هُيس

    جنهن جي منَ ۾ تولئه جاڳيو پيارُ هو، سو مان هُيس
    جنهن نه پر توسان ڪيو اظهارُ هو، سو مان هُيس

    ماءُ جو جنهن جي ذهن تي ڪو تصور ڪين هو
    گهر سڄي ۾ جو اڪيلو ٻارُ هو، سو مان هُيس

    زندگي ڊرامو هئي يا ماڻهپي جو امتحانُ
    پر نه جنهن جو ان ۾ ڪو ڪردارُ هو، سو مان هُيس

    راس آئي ڪين هُن کي چاپلوسيءَ جي فضا
    پاڻ سان ئي جنهن ڪيو تڪرار هو، سو مان هيس

    ڪيترا منشور جوڙيل ديس جي نالي ۾ ها
    تن سڀن کان جنهن ڪيو انڪار هو، سو مان هيس

    جنهن جي جذبن کي لتاڙيو وقت جي پيرن هيو
    ڏات لئه زخمي ٿيل فنڪار هو، سو مان هيس

    لُوڻ جهڙا ٽهڪ ٻڌندي، پٿرن جا لفظ سهندي
    دوستن کان جو ٿيو سنگسار هو، سو مان هيس


    تنهنجي وارن جا لتاڙي پيچرا

    تنهنجي وارن جا لتاڙي پيچرا

    ننڊ مان مون کي اُٿاري
    تُون پئي آهين سُمهي.
    راتِ جي رستن ۾ هئي جيڪا ڦُٽي
    گُلَ جهڙي سا چُمي
    آءٌ ٿو ڳوليان پيو، ڪا ٿي پئي آ؟!
    هِيءَ به آهي پيار جي جادوگري جو
    تُنهنجي وارن جا لتاڙي پيچرا
    خواب منهنجا چنڊ تان آيا گُهمي
    تُون پئي آهين سُمهي.
    سج جا ڪِرڻا دريءَ مان پار ٿي
    تُنهنجي چهري تي لکن ٿا شاعري
    آءٌ ٿو اُن کي پڙهان،
    جا ڏئي ٿي عشق جو مون کي شعور
    ڪيتري ويجهي آن تون
    ۽ ڪيڏي ڏُور!
    تون وهاڻي ۾ لِڪائي وِڄُ کي
    ڄڻ ته ڪڪرن تي ستي آهين پئي.


    سترنگي سرڪار!

    سترنگي سرڪار!

    دليون عبادتگاهه، عشق تن ۾ ديوتا
    ڇڏي سڀئي رستا، راهَه اهائي وٺجي

    هڪڙي سٽ لکان مان، ٻي ڪائي لک تون
    اهڙيءَ ريت ملون، شاعريءَ ۾ پاڻَ ٻئي

    عشق اُڏاري ٿو ڇڏي، سڀئي ننڊ ــــ پکي
    اکين منجهه سکي!، ڪنڊا اُڀري ٿا اچن

    سڀڪو سمجهي ڪين ٿو، قصو هيءُ قديم
    رهيو عشق عظيم ، آهي هر ڪنهن دؤر ۾

    هرڪو پَلُ رابيل جان، هرڪو ڏينهن بسنت
    چاهتن جو انتُ، ڪڏهن ٿيندو ڪينڪي

    پنهنجي رنگن مان تون، رنگ مون تي ڪو هار
    سترنگي سرڪار!، بي رنگ آهي زندگي

    پيارَ پخاليءَ وانگيان، ڌوتا دل جا دڳَ
    مون تي تُنهنجيءَ چڳَ، ڪيڏا ڪيا ڇانورا


    ها تون گهڻو بااختيار آهين

    ها تون گهڻو بااختيار آهين

    ها اسين ڄاڻون ٿا ته
    تون گهڻو بااختيار آهين.
    اُڃايل هرڻيءَ کي
    پنهنجي جيپ آڏو ڊوڙائي ڊوڙائي
    ماري سگهين ٿو
    پر، ٿر جي واريءَ تي
    پيرين اُگهاڙي ڊوڙندڙ
    مائي ڀاڳيءَ جي صدائن کي روڪڻ
    تنهنجي وسَ ۾ ناهي
    تون گهڻو بااختيار آهين.

    تيزاب ۽ باهه جي ڊپ کان ڇرڪندڙ
    نارين جي جذبن کي چيڀاٽي
    اُنهن جا لُڙڪ روڪي سگهين ٿو
    پر ڌرتيءَ جي انياءَ تي
    اُداس ٿيندڙ ڪڪرن کي
    روئڻ کان روڪڻ
    تُنهنجي وسَ ۾ ناهي
    تون گهڻو بااختيار آهين.

    ڦلواڙيون لتاڙي
    وڻ وڍرائي
    آکيرا اُجاڙي سگهين ٿو
    پر آزاد پکين جي ٻولين تي
    پابندي مڙهڻ تنهنجي وس ۾ ناهي
    تون گهڻو بااختيار آهين.

    تون حويليءَ ڏانهن نهاريندڙ جون
    اکيون ڪڍرائي سگهين ٿو
    پر حويليءَ مٿان چنڊ کي
    اُڀرڻ کان روڪڻ
    تُنهنجي وسَ ۾ ناهي

    ها اسين ڄاڻون ٿا ته
    تون گهڻو بااختيار آهين.








    ٻيڙي، اُداس سانجهي

    ٻيڙي، اُداس سانجهي
    اُجڙيل اکيون، مُهاڻي
    آهي اِها آکاڻي

    پهتيون ڏُکن جون آڙيون
    هرڪا خُوشي اُڏاڻي
    آهي اِها آکاڻي

    کُٽندو الائي ڪاٿي؟!
    تُنهنجو سفر سُکاڻي!
    آهي اِها آکاڻي

    ڳوڙهن سان ابتدا ٿي
    سُڏڪن ۾ ٿي پُڄاڻي
    آهي اِها آکاڻي





    سانوري سامري

    سانوري سامري
    جنهن جي جادوگري
    سارو واهَڻُ ڇڏيو
    آهي پاهَڻُ ڪري

    هُوءَ ڇالئه وئي
    کوهَه تي هيڪلي
    هُن جي ڇُلڪي پَئي
    گُهورَ سان گهاگهري

    جي اکين ۾ ٻُڏا
    ڪيئن ايندا تري؟!
    جي ٻُڏي ٿا جيئن
    سي لکن شاعري

    هوءَ جتان ٿي لنگهي
    باهِه تنهن هنڌ لڳي
    هُو جي ڪاوڙ ڇڏي
    ٿي پوي جل پري















    در اکين جو هوءَ ٽپي ئي ڪانه ٿي

    در اکين جو هوءَ ٽپي ئي ڪانه ٿي
    ننڊ به تو جيان اچي ئي ڪانه ٿي

    تون ئي منهنجي راتين جي روشني
    چنڊَ سان پنهنجي لڳي ئي ڪانه ٿي

    هر دفعي ٿو سوچيان توکي ڏيان
    ڪا خوشي مون وٽ بچي ئي ڪانه ٿي

    مان ٿو چاهيان درد ڪو هن کان ملي
    دوستي مون سان رکي ئي ڪانه ٿي

    مان ته هن کي روز ٿو پڙهندو رهان
    شاعري مون کي پڙهي ئي ڪانه ٿي

    ساٿ مُنهنجو هو ڇڏڻ چاهن نه ٿا
    وک دردن کان کڄي ئي ڪانه ٿي

    ذهن ۾ ڪائي پرولي ٿي ڊُڪي
    توبنا مون کان ڀڄي ئي ڪانه ٿي

    تو سوا مون کي ملي آوارگي
    هٿ منهنجو جا ڇڏي ئي ڪانه ٿي

    واءُ جو هن کان وئي آهي رُسي
    بانسري وڻ کان وڄي ئي ڪانه ٿي


    عُذر خواهي ڪجي ڪنهن سان؟!

    عُذر خواهي ڪجي ڪنهن سان؟!

    چون ٿا دوست هي پنهنجا
    امن ۽ آشتيءَ جون ڪي
    ڪجن تخليق ڪوتائون.
    امن جو آسرو زخمي
    جهنڊن جون جهالرون ڦاٽلَ
    پکين جا پَـرَ ويا ڪٽجي
    اُڏامڻ جا جتن جهيڻا
    اسان جا خواب ٿيا هيڻا.
    امن جي راهَه ۾ آهن
    اُهي پرمار ساڳيا ئي
    سدائين ساهَه ۾ آهن
    دُعائون دربدر ٻُڍڙيون.
    اُميدون آڳ ۾ اُڇلي
    اُداسُيون سوچَ تي اوڙهي
    ڪويتا ڪيتري لکجي!
    اسان کان پنهنجي ڌرتيءَ تان
    وڃن ٿا سوجهرا کسبا
    انڌيرن کي اجازت جي
    ڪڏهن ناهي ضرورت پئي
    ڪجي ڪنهن سان شڪايت هي؟!

    مسافر درد جا آهيون
    اسان تي آفتون لهنديون
    عذابن جو گهڙيون هونديون
    صبر جو ساعتون رهنديون
    زهر جا لفظ ماڻهن جي
    ڄڀن تي هونئن ئي رهندا
    وضاحت ڇو ڪجي ڪنهن سان؟!

    گرهڻ جا چنڊ کي لڳڻي
    اُهائي جُون ۾ آئي
    ڊُڪن ٿا دل مٿان گهوڙا
    جدائي جُون ۾ آئي
    ويڙهي ويا درد ويڙهي کي
    عُذر خواهي ڪجي ڪنهن سان؟!

    سڀئي سڏڪا ها ساحل تي
    اکين ۾ سمنڊ جون ڇوليون
    ڪلها ڪمزو ٿيا پنهنجا
    اسان جي ڀاڳ ۾ ڏوليون.

    نقادن جا نوان نياپا
    پُڳا هِن درد وارن کي
    ”شرابي شاعرن پنهنجا
    لکيا هن پاڻ ئي نوحا
    ڪرڻ ڏيو خودڪشي تن کي“
    مَٽي جي راهه محبوبن
    وفائون دربدر ٿينديون
    انائن کي اکيون ناهن
    اهي سڀ ڌوڙ ٿي وينديون
    سزا جا سلسلا پنهنجا
    جدايون رُڃ ۾ رُلنديون.

    پکين کي اُڃ ٿي ماري
    اسان کي عشق رولي ٿو
    اسان آهيون ڪٿي ڀٽڪيل
    اسان کي ڪير ڳولي ٿو؟!

    دلين جون دلبريون پنهنجون
    هلن ٿيون هيج مان هيڪر
    ڪڏهن رستي ۾ روڪن ٿيون
    اکر اظهار جا سارا
    وڃن ٿا راهه ۾ رُلجي
    پوي ٿي جستجو ٿڪجي.

    اندر ۾ ڇا پيو گُذري ؟
    اِهو سڀ ويڄ ٿا ڄاڻن
    اسان جي بي خبر دنيا
    اسان جا حال پُورا ٿي.

    وڻن کي آهي ويسارو
    هوائن کان هلي پُڇجي
    مسافر پيچرا پنهنجا
    ڊاهيندا دور ٿيندا هي
    خبر ناهي ڪٿي پهتا؟
    رڻن جا ڪيترا رستا
    جُدائي جسم کي آئي
    اسان جا روح جا رشتا
    قبر تي فاتحا پڙهندي
    ڪريا ڳوڙها مٽيءَ تي ها.
    اهوئي درد جو رشتو
    اهوئي دل جو ڪيڏارو
    اهوئي ديس جو هاڃو.

    چون ٿا دوست هي پنهنجا
    اڃان ڪجھه حوصلو رکجي
    امن جي آس ۾ رهجي
    پرينءَ جو هَٿُ وٺي هلجي
    اکين جي سمنڊ ۾ ٻُڏجي
    ڪويتا پوءِ کڻي لکجي.


    اَجرڪَ جهڙي عاشقي

    اَجرڪَ جهڙي عاشقي

    ڌرتيءَ جي ڌمالَ تي، تُنهنجي دل نچي
    تو ۾ شالَ اچي، اجرڪ جهڙي عاشقي

    مون ۾ ماءُ مٽي آ، مٽي آهيان مان
    منهنجي ساهَه منجهان، مٽي ئي مهڪي پئي

    هرڻيءَ جهڙي سنڌڙي، چوڌاري واري
    ساڳيا شڪاري، نيون بندوقون، گاڏيون

    ڀلاري هن ڀونءِ جو، هرهنڌ حوالو
    هڪڙو ئي نالو، ملائي ٿو پاڻ کي

    هٿين خالي ٿا رهن، توڙي هو مسڪين
    تُنهنجي پر توهين، ڪيئن سهندا سنڌڙي؟!

    ڌرتيءَ ڄاوا پاڻَ ۾، هِڪَ جي ٿينداسين
    تڏهن اڏينداسين، نئين ڪنهن اتهاسَ کي

    ٽولين ٽولين ۾ ٿيا، جهيڻا سَڀُ جلالَ
    ڌرتيءَ تي ڌمالَ، گڏجي هڻجي پاڻَ ۾


    دل جي قبر ۾ دفن ٿيل سُڏڪو

    دل جي قبر ۾ دفن ٿيل سُڏڪو

    ماتمي لباس ۾ ويڙهيل
    اسان جي ڳوٺن جي آسمان تي
    سدائين نوحن جا ڪڪر
    ڇانيل رهن ٿا.
    لينڊ ڪروزر ۾ ويٺل
    شخصيتن جا نعرا
    عوامي انقلابي نعرن کي
    چيڀاٽي گُذري وڃن ٿا.
    انائن جي ڳرن قدمن هيٺان لتاڙجي
    سهپ ۽ رواداريءَ جون رِليون
    ڦاٽي پُراڻيون ٿي ويون آهن.
    قومپرستيءَ جي ڪمبل ۾ لڪل خنجر
    دودي جي پُٽَ کي ئي
    زخمي ڪري ٿو.
    مائرن ۽ ڀينرن جا سُڏڪا
    يونيورسٽيءَ جي خوف ۾ ورتل
    بلڊنگ سان ٽڪرائجي
    سينٽرل لائبريريءَ ۾ رکيل
    شاهه جي رسالي ۾ پناهه وٺن ٿا.
    رت ٻڏل خوابن مٿان بيٺل
    ايمبولينس ۾
    سنڌ جي مستقبل جو لاش پيو آهي.


    (شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ هڪ شاگرد جي قتل تي لکيل)













    ٿڪا ناهِن مُسافِرَ هِي

    ٿڪا ناهِن مُسافِرَ هِي
    وفا جي راهَه ۾ ڌرتي!
    اڃان هالار جاڳي ٿو

    نديءَ کي ننڊ آهي پر
    تَنهنجي ئي چاهَه ۾ ڌرتي!
    اڃان هالار جاڳي ٿو

    جياپو سنڌ ئي آهي
    سمايل ساهَه ۾ ڌرتي!
    اڃان هالار جاڳي ٿو

    وطن تي آفتون آيون
    ٿيل ڀڃَ ـــ ڊاهَه ۾ ڌرتي!
    اڃان هالار جاڳي ٿو


    دردن جوڙيو پاڻ کي

    دردن جوڙيو پاڻ کي

    منهنجي اندر ۾ آهي، هڪڙو ننڍڙو گهرُ
    جنهن جو کُليل درُ، توکي ساري ٿو پيو

    مُنهنجي اُجڙيل ڀاڳ کي، چاهي، ٺاهي ڇڏِ
    يا ته ڊاهي ڇڏِ، منهنجو نمبر فون مان

    مون تي پنهنجي انا جي، ريلَ گُذاري ڇڏ
    يا ته سمهاري ڇڏِ، مون کي پنهنجيءَ دل ۾

    طوفانن ۾ دُور ٿي، وئينءَ تون مون کان
    سُڪلَ پن منجهان، وڻُ به هٿُ ڪڍيو ڇڏي

    ساڳي آهين اوپري، جهڙي هئينءَ اڳُ
    ها پر ساڳيو دڳُ، آهي ٻنهي جي درد جو

    روز ڏيان ٿو تُنهنجا، سمنڊ کي سلام
    توبن هرڪا شامَ، مون کي ٻوڙي ٿي وڃي

    خوشين آهي سدائين، ڌار ڪيو، ٽوڙيو
    وري وري جوڙيو، دردن اچي پاڻَ کي


    امر ڪهاڻي

    امر ڪهاڻي

    سکر جيل جا بُرج ٿين ٿا
    کيس ڏسي حيران
    هي ڪهڙو آ انسان!؟
    معافي نامي جي ڪاغذ کي
    هُن جي آڏو دان جيان
    اُڇلي ٿو انگريزُ
    پر، هُو ڦاهيءَ جي ڦندي کي چُمندي
    ڳائي ٿو ڪو گيتُ.
    آزاديءَ جو گيت ٻڌي سو
    ساڌ ٻيلي مان پکي اُڏاڻا
    ساڌوءَ ڇرڪ ڀريو.
    سنڌوءَ جي لهرن تي ڦهلي لاک رتي لالاڻ
    جاڳرتا ـــ سُرهاڻ.
    ڌرتيءَ جي اتهاس ۾ لکجي
    ويئي امر ڪهاڻي
    هيمون ڪالاڻي.









    سکر جو ڊسمبر، هُو ڳالهيون پُراڻيون

    سکر جو ڊسمبر، هُو ڳالهيون پُراڻيون
    مليل رانگ نمبر، هُو ڳالهيون پُراڻيون

    لتاڙي اسان کي ويو ڄڻ ڪو آهي
    يادن جو لشڪرُ هُو ڳالهيون پُراڻيون

    ٿڌي ڇانوَ نِمُ جي، هُو پنڇي، هُو پينگهو
    اباڻو ڊٺل گهرُ، هُو ڳالهيون پُراڻيون

    دعائون، اَدائون، سڳا عاشقيءَ جا
    هُو سيوهڻ قلندرُ، هُو ڳالهيون پراڻيون

    رهيا هِن اکين ۾ رڳو هاڻِ ڳوڙها
    وڇوڙو ستمگرُ، هُو ڳالهيون پُراڻيون


    شاعر جي مرضي

    شاعر جي مرضي

    شاعر جي مرضي آ، چاهي
    ڪاڳر تي هُو جيڪي لکي.

    پنهنجي دل جو قصو لکي
    يا دنيا جو حصو لکي.
    پوپٽ، گُلَ، پکي ۽ پاڻي
    خواب ـــ ڪهاڻي
    ساڳئي پُراڻي.
    رُسي ويلَ جي ڪائي نشاني
    ٿوري ڳالهه تي ايڏي دُوري
    ڪا لاچاري، ڪا مجبوري
    جنهن جي وئي کانپوءِ لڳي هئي
    کيس حياتي، ڄڻ اڻپوري.
    ڌرتي ۽ آڪاس جون ڳالهيون
    يا، سي راتيون
    جن ۾ تنها درد جليو هو
    تن راتين جو ماتم لکي
    اندر ۾ جو نئون ڦُٽو هو
    سو غَمُ لکي
    شاعر جي مرضي آ، چاهي
    ڪاڳر تي هُو جيڪي لکي.

    يا هُوءَ پياسي تنها هرڻي
    جنهن جي پويان ڪيئي شڪاري
    تنهن هرڻيءَ جو درد لکي.
    زخمي مور جو نوحو لکي
    يا هُو ڪوئي دوهو لکي
    جنهن ۾ ماءُ جي دانهن سمائي
    جنهن جي پُٽَ کي ڪير الائي
    کڻي ويا ها
    هڻي ويا ها
    ماءُ جي سيني ۾ ڄڻ ڀالو
    جنهن جي اکين ۾ ڪوئي اُجالو
    رهيو نه آهي.

    درد سمورا دل ۾ سانڍي
    پئي جيئي ٿي
    ڪنهن کي ٿي پر، ڪين ٻُڌائي
    ماءُ به ڌرتيءُ جهڙي آهي.
    شاعر جي مرضي آ، چاهي
    ڪاڳر تي هُو جيڪي لکي
    درد جو ڪوئي حوالو لکي
    يا بس هُن جو نالو لکي
    جيڪا هن کي
    تنهائيءَ جو تحفو ڏيئي
    خبر نه آهي ڪيڏانهن ويئي؟!


    ڌُوڙ اُڏامي ٿي پئي

    ڌُوڙ اُڏامي ٿي پئي

    وڏ ڦُڙي جان وسندي، رهي تُنهنجي سارَ
    ڪڪر ڪارونڀارَ، رهيا منهنجي ورحَ ۾

    ڪاوڙجي ويئي هلي، مُڙي ڏٺائين ڪونه
    هُن کي سڏيو ڇونه، هاڻي پڇتايان پيو

    معاف نه هُوءَ ڪري سگهي، منهنجي ننڍڙي ڀُلَ
    منهنجا ڏنل گُلَ، اُڇلائي ويئي هلي

    توڙي مون کان آ ڪيو، پرين! تو پاسو
    پوءِ به ڄڻ واسو، مون ۾ تُنهنجو ٿو رهي

    توکان پوءِ لڳي پيو، جيونُ واڙي ۾
    تنهنجي پاڙي ۾، ڌُوڙ اُڏامي ٿي پئي

    تنهنجو وڇوڙو هُيو، مون لاءِ ڏند ڪَٿا
    تنهنجا ڪجھه سڏڪا، سانڍيا آهن ساهَه ۾

    توکي منهنجي اوچتو، ڪڏهن ياد اچي
    وڃي سمونڊ تي، اُن سان ڪجانءِ ڳالهيون


    مفلسيءَ جو فلسفو

    مفلسيءَ جو فلسفو

    پروفيسر!
    مفلسيءَ جي موسم ۾
    فلسفي تي ليڪچر ڏيڻ کان پهريان
    مفلسيءَ جو فلسفو ٻُڌاءِ
    مون کي ٻڌاءِ ته
    ڌرتيءَ جي سُونهن
    وڌائن وارا ماڻهو
    زندگيءَ جي حُسن کان محروم ڇو آهن؟
    سيمنٽ فيڪٽريءَ ۾ ڪم ڪندڙ مزدورُ
    ڪچي گهر ۾ رهي ٿو
    ڪوريءَ جو پُٽ
    ڦاٽل ڪپڙا پهري ٿو

    هارياڻيءَ جو ڇَڄُ
    انَ ڪڻي لاءِ سِڪي ٿو
    انگلش ميڊيم گرامر اسڪولن جي
    طبقاتي تعليمي ماحول ۾
    وڻ هيٺان پٽَ تي ويهي
    تعليم حاصل ڪندڙ ٻالڪ جو
    مستقبل ڪهڙو آهي؟
    پروفيسر!
    ٽيڪس چوري ڪندڙ
    خوشحال ماڻهن کي
    ”معزز شهريءَ“ جو درجو حاصل آهي
    اسڪول جو ماستر
    معزز شهري ڇو نٿو ٿي سگهي؟!
    پروفيسر!
    هڪ فلاحي رياست جو
    تصور ڪهڙو آهي؟
    ۽ انهيءَ ۾ عزت ۽ احترام جو
    ڪهڙو معيار هئڻ کپي؟
    ٻُڌاءِ پروفيسر!







    ڪهڙا به ڏينهن ايندا

    ڪهڙا به ڏينهن ايندا
    ڌرتي نٿي ڌڪاري
    سڀڪو ڇڏي وڃي ٿو

    هيءَ ماءُ آهي اهڙي
    ٻچڙا نٿي وساري
    سڀڪو ڇڏي وڃي ٿو

    ٿوري گهڻي رنجش تي
    اُگرا اکر اُچاري
    سڀڪو ڇڏي وڃي ٿو

    مشڪل گهڙين ۾ مُنهنجي
    زخمن تي لوڻ هاري
    سڀڪو ڇڏي وڃي ٿو

    غربت جڏهن ٿي ماڻهو
    فوٽ پاٿ تي سمهاري
    سڀڪو ڇڏي وڃي ٿو




    ڪهڙين ڪهڙين تُهمتن کي سارجي

    ڪهڙين ڪهڙين تُهمتن کي سارجي
    آرسيءَ کي مُنهن ڪهڙو ڏيکارجي

    هرڪا بازي هارجي آهي وئي
    هانءُ ٿو هاڻي رُڳو بس هارجي

    وقتَ پيرن ۾ لتاڙي آ ڇڏيو
    ويندڙن کي ڪيترو بيهارجي

    تُنهنجي باري ۾ چون ٿا: راءِ ڏي
    سمنڊ بابت ڇا ڀلا ويچارجي

    خانقاهن ۾ گُذاريوسي گهڻو
    ڪجھه ته رندن سان به گڏجي گهارجي

    ٻيو ته ارپڻ لاءِ ڪجھه ناهي بچيو
    پاڻ کي ٻوڙي به توکي تارجي

    ڪو به ٻُوٽو جي نٿا ٻاري سگهون
    ڪا ته وائي، ڪو غزل ئي ٻارجي


    اوهان تي ڇو نه پوءِ مرجي؟!

    اوهان تي ڇو نه پوءِ مرجي؟!

    ٻرڻ جي لازمي آهي
    اوهان جي راهَه ۾ ٻرجي

    ترڻ جي لازمي آهي
    اوهان جي نيڻ ۾ ترجي

    ٺرڻ جي لازمي آهي
    اوهان جي مُرڪ تي ٺرجي

    ورڻ جي لازمي آهي
    اوهان جي شهر ڏي ورجي

    ڀرڻ جي لازمي آهي
    اوهان لئه آهه ئي ڀرجي

    ڳرڻ جي لازمي آهي
    اوهان جي ياد ۾ ڳرجي

    مرڻ جي لازمي آهي
    اوهان تي ڇونه پوءِ مرجي؟!


    عاشقي ٿڪجي نٿي

    عاشقي ٿڪجي نٿي

    وهنجاري ٿي وڻن کي، هو چانڊوڪي جيئن
    منهنجو اندرُ تيئن، عشق اچي اُجرو ڪيو

    مون کان پُڇيو زندگيءَ، ڇاهي عاشقي
    ”در تي دل رکي، ڏِسجي راهَه پرينءَ جي“

    هَنئين دل تي اوچتو، اچي عشقَ ڌمالَ
    ڏينهن، مهينا، سالَ، ويون تاريخون وسري

    عاشقيءَ جي وارثي، هرڪو ڪري ٿو
    ڪوڪو ٻري ٿو، اچي اِنهيءَ واٽَ تي

    عشق بنا هِي آدمي، ڪاڳر تي ليڪا
    ڀڳلَ رانديڪا، ٻارَ نه اچن ويجهڙا

    آهي سدائين پنڌ ۾، سورجَ جي سامهون
    لڦون پيرن جون، عشق ڳڻي ئي ڪين ٿو


    نئين صبح جي نئين عذابَ تائين

    نئين صبح جي نئين عذابَ تائين

    گهر جي دروازي کان
    ٻاهر نڪرندڙ
    هر ڇوڪريءَ جو
    ڪي مڪروهه اکيون
    پيڇو ڪنديون آهن.
    اسپتالن ۽ آفيسن ۾
    ڊيوٽي ڪندڙ ڇوڪريون
    فيڪٽرين ۽ دُڪانن ۾
    ڪم ڪندڙ ڇوڪريون
    گهر گهر وڃي
    ضرورت جون شيون
    وڪڻندڙ ڇوڪريون
    جڏهن صبح سويري
    گهر کان نڪرنديون آهن
    ته مائرن جون دعائون ڏيندڙ
    شفيق اکيون
    اُنهن کي الوداع ڪنديون آهن
    ۽ پوءِ سڄو ڏينهن اُنهن کي
    بدبودار شڪاري اکين منجهان
    گُذرڻو پوندو آهي.
    جڏهن سج جون اکيون
    سمنڊ ۾ ٻُڏي وينديون آهن
    ته اِهي ٿڪل ڇوڪريون
    پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪري
    هزارن اکين جي
    آلودگيءَ مان گذري
    گهر پهچنديون آهن.
    جتي مائرن جي مقدس اکين مان
    گذرندي ئي
    صاف شفاف ٿي وينديون آهن.
    پوءِ نئين صبح جي نئين عذاب تائين
    مائرن جون فڪرمند جاڳندڙ اکيون
    اُنهن کي
    پنهنجيءَ پناهَه ۾ رکنديون آهن.


    دل منجهان رستو وڃي ٿو

    دل منجهان رستو وڃي ٿو

    وئي سموري ڌُوڙ ٿي، پنهنجي دانائي
    سُونهنَ سمجهائي، هڪڙي سِٽَ ۾ زندگي

    مور واري کنڀ سان، تُنهنجو نانءُ لکيو
    اُنهيءَ تي رکيو، ڪنول واري گُلَ کي

    پيار بنا هيءَ زندگي، جهڙوڪر آ جکَ
    رستي مٿان رکَ، واءُ اُڏاري جيئن ٿي

    ناهي نينهن جبل تي، هرڪوئي پُهتو
    دل منجهان رستو، وڃي ٿو اُن پار ڏي

    سائبيريا جا سنڌ ۾، پُهتا ڏِسُ پکي
    مون کي هاڻِ سکي!، تُنهنجي گرمي ٿي کپي

    ساحل تي پهچي نٿو، بتيلو هر بار
    صديون انتظار، ڪرڻو پئي ٿو پيار جو

    جيون جي هر واٽ تي، مايوسين جي کڏَ
    مون کي تُنهنجا سڏَ، موٽائن ٿا پيار ڏي





    رُڳو تُون آن مُنهنجي

    رُڳو تُون آن مُنهنجي
    هوائون، هِي ڇوليون
    سڀئي تُنهنجون آهن

    گُلن سان ڀريل هي
    بهارن جون جهوليون
    سڀئي تُنهنجون آهن

    سنڌوءَ جا سنيها
    ٻيڙين جون ٻوليون
    سڀئي تُنهنجون آهن

    منهنجي جاڳَ تو لئه
    خوابن جون ٽوليون
    سڀئي تُنهنجون آهن

    اکر عاشقيءَ جا
    اکين جون پروليون
    سڀئي تُنهنجون آهن


    نُور خاتون کي مشورو

    نُور خاتون کي مشورو

    نُور خاتون!
    توکي شاعريءَ سان دلچسپي آهي
    اِها چڱي ڳالهه آهي.
    پر تُون ڪڏهن شاعرن سان
    ملڻ جي خواهش نه ڪجانءِ
    ڇو ته شاعر
    ڪتابن ۽ رسالن ۾ ئي خوبصورت
    ۽ دلڪش لڳندا آهن.
    جيڪڏهن تُون اُنهن سان ملندينءَ
    ته هُو توکي
    شاعره بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا.
    پوءِ قافين ۽ رديفن جي
    گهٽين ۾ گُهمائي
    تُنهنجو پنهنجو بحر وزن ئي بدلائي ڇڏيندا.









    تُنهنجا نه ٿي سگهياسين

    تُنهنجا نه ٿي سگهياسين
    ڪنهنجا نه ٿي سگهياسين

    دل تي ڪريا ٿي ڳوڙها
    سُڏڪا نه ٿي سگهياسين

    ٻرياسين پاڻُ ٻاري
    پاڇا نه ٿي سگهياسين

    جيون سڄو ئي نوحــا
    لاڏا نه ٿي سگهياسين

    مندرَ جيان پرين هو
    پُوڄا نه ٿي سگهياسين

    ڪنهن لئه ڌِڪارَ وارا
    لهجا نه ٿي سگهياسين

    تُنهنجو جنم ڏهاڙو
    تُحفا نه ٿي سگهياسين

    اُجڙي وياسين ليڪن
    دوکا نه ٿي سگهياسين

    سڀڪو ويهاري ڀرسان
    اِهڙا نه ٿي سگهياسين


    يادن جو ڪو ڌَڻُ

    يادن جو ڪو ڌَڻُ

    کڻندينءَ ساڻُ سفر ۾، ڪنهن کي ڪنهن کي تُون
    خواب، خط، يادون، روئاريندئي راهَه ۾

    تُنهنجي گهر جي در کي، لڳل هيو تالو
    تختيءَ تي نالو، مُرڪيو هو مونکي ڏسي

    شايد تُنهنجي ڳوٺ مان، ويئي دل ڀرجي
    ڪڏهن نه تو سمجهي، سادي ٻولي پيارَ جي

    سکي! اچي تون خواب ۾، ڀُلجي وڃين رستو
    توکي ڪو رمتو، آڻي هِن فقير ڏي

    ننڊ ڦٽائي ٿي ڇڏي، اَڄاتي ڪا ڇِڪَ
    توکي ڪڏهن سِڪَ، لڳندي آهي منهنجي؟!

    روز اچي ٿو ڊوڙندو، يادن جو ڪو ڌڻُ
    مان ڄڻ بڻجي وڻُ، ڇانوَ ڪيان ٿو اُن تي

    رهندي اُڃ اُساٽ ئي، ڳوڙها ئي ملندا
    سوڙها ئي ملندا، رستا عاشقيءَ جا


    نئون دؤر آهي ڪامريڊ!

    نئون دؤر آهي ڪامريڊ!

    اسين ڪٿي ٿا چئون
    ته اُها اسان جي ڀُل هئي.
    وابستگيءَ جون ڳالهيون
    آدرش ۽ اُصول
    سڀ بڪواس هئا
    اسين ڪٿي ٿا چئون.
    پر اِها به حقيقت آهي ته
    پيٽ خالي هجي ته
    مانيءَ جي اهميت
    شعر کان وڌي ويندي آهي.
    فاقا ڪشيءَ ۾ انقلابي نعرا
    اسان جي بُک وڌائي ڇڏيندا هئا.
    کيسا خالي هوندا هئا
    ته ڪافي هائوس به اوپرو لڳندو هو.
    اسان جي ايجندا ته
    اَڄُ به ساڳئي آهي
    ساڳيون ئي تقريرون
    انسانيت، غربت، جهالت
    طبقاتي نظام
    انساني حق، بين الاقوامي امن ۽ ڀائيچارو
    عورتن جي تحريڪ جون ڳالهيون
    وينيو (Venue) فقط تبديل ٿيو آهي.
    وينيو (Venue) ۽ مينيو (Menue) بهتر هجي ته
    تقريرون به سُٺيون لڳنديون آهن
    نئون دؤر آهي ڪامريڊ!
    نئين انداز سان جيئو
    اين جي او.












    ڇا لئه ڇڏيو تو وڪڻي

    ڇا لئه ڇڏيو تو وڪڻي
    پنهنجو هُو گهر اَباڻو
    هاڻي تُون ڪاڏي ويندين؟

    رستن تي راتيون رُلندين
    تُنهنجو نه ڪو ٺڪاڻو
    هاڻي تُون ڪاڏي ويندين؟

    هُوءَ به ڇڏي وئي توکي
    ڪنهن سان ڪندين تون ماڻو
    هاڻي تُون ڪاڏي ويندين؟

    بئنڪن جا قرض توتي
    دمڙي نه توکي داڻو
    هاڻي تُون ڪاڏي ويندين؟






    درد جون دل تي چٽيل ڳالهيون پڙهي

    درد جون دل تي چٽيل ڳالهيون پڙهي
    ڪيرُ ڪڪرن تي لکيل ڳالهيون پڙهي

    نئين فڪر جي تازگيءَ جو ڏي شعور
    ڪير تُنهنجون هِي رکيل ڳالهيون پڙهي

    هُوءَ ته آهي ڄَڻُ اڇي پهراڻ جيئن
    ڀرتَ وانگر ٿي ڀريل ڳالهيون پڙهي

    هي اوهان جون ڪير ٿو دانشورو!
    مامَ ۾ ويڙهيل ڍڪيل ڳالهيون پڙهي

    زندگي شمشان جيان ۽ هُوءَ ٿي
    روز دونهين ۾ دُکيل ڳالهيون پڙهي

    حوصلو ڪنهن ۾ ڪٿي جو سانوري!
    تُنهنجي اکڙين ۾ سجيل ڳالهيون پڙهي

    حالتن کان هُو لنوائي گهرَ اندر
    ٿو ڪتابن ۾ ڇپيل ڳالهيون پڙهي


    جنهن جو عشق وڪيلُ

    جنهن جو عشق وڪيلُ

    پنهنجي خبر ڪانه هئي، اڻپورو مان اڳُ
    عشق ڏيکاري دڳُ، مون کي ڄڻ ماڻهو ڪيو

    اُجري رهندي عاشقي، دنيا داري ڌوڙ
    پيڙا منجهه پروڙ، زندگيءَ جو فلسفو

    ڪنهن به دل ۾ ٿو گهڙي، آهي عشق عجبُ
    ڪوئي حسب نسبُ، هُو ته ڏسي ئي ڪين ٿو

    پابندين جي ديسَ ۾، آهي احتجاجُ
    عاشقي محتاج، ناهي ڪنهن به پناهه جي

    عشق اُڏاري اُڀَ تي، ڪڏهن ٿو ڪيرائي
    مٿو ئي ڦيرائي، ڇڏي ٿو اِنسان جو

    هُن جو وَسُ نٿو هلي، وهندڙ ڳوڙهن تي
    پٿرَ ماڻهوءَ کي، عشق اوٻاري ٿو ڇڏي

    پيار جي پرمار جو، ٿيندو ڌوڙ دليلُ
    جنهن جو عشق وڪيلُ، سو هارائي ڪين ٿو




    آرسيءَ مان گُهورَ پائي

    آرسيءَ مان گُهورَ پائي
    ڪير ٿو مونکي پسي
    ڪير ٿو مون ۾ وسي؟!

    وَڄُ ونگر روحَ ۾ هي
    ڪير ٿو چمڪاٽَ ڏي
    ڪير ٿو مون ۾ وسي؟!

    اوپرن جي ميڙ ۾ هي
    ڪير ٿو پنهنجو لڳي
    ڪير ٿو مون ۾ وسي؟!

    اوچتو منهنجي اکين ۾
    ٿو لهي ساوڻ اچي
    ڪير ٿو مون ۾ وسي؟!

    مان پڙهان ٿو عاشقي
    ڪير ٿو مونکي پڙهي
    ڪير ٿو مون ۾ وسي؟!

    درد پائي ٿو ڌمالون
    ڪير ٿو مون ۾ نچي
    ڪير ٿو مون ۾ وسي؟!


    اکين ۾ رُڃَ جو رستو

    اکين ۾ رُڃَ جو رستو

    هزارين ڏينهن ويا گُذري
    اڃان تائين اُتي آهيان.

    ڪنارو درد جو ساڳيو
    هجر جي آهي حيراني
    سنڌوءَ ۾ ڪي ٻُڏا سڏڪا
    اکين ۾ رڃ جو رستو
    ٻه ٽي ڳوڙها ته ڪي ترندا.
    اڪيلي ناوَ بيٺي آ
    وڃڻ وارا ڪڏهن ورندا
    اندر ۾ آ وري جاڳيو
    اهوئي آسرو ساڳيو.
    اياڻو ڪيترو آهيان
    پکين کان مان پڇان ويٺو
    وڻن تي مان لکان ويٺو
    پاڻيءَ تي عڪس آهيان مان
    وساريل شخص آهيان مان .

    اوهان کان ئي ويس وسري
    هزارين ڏينهن ويا گذري.


    نه پوپٽ نه ڪوئي اُتي هو گُلاب

    نه پوپٽ نه ڪوئي اُتي هو گُلاب

    نه پوپٽ نه ڪوئي اُتي هو گُلاب
    سُڪلَ پنَ اُداسي ۽ ويرانُ گهرُ
    هوائن وڄايو پئي ڄڻ ربابُ
    نه پوپٽ نه ڪوئي اُتي هو گلابُ

    دريءَ ۾ رکيل هو پُراڻو ڪتابُ
    اُڏوهيءَ جو کاڌل هو ڪمري جو درُ
    نه پوپٽ نه ڪوئي اُتي هو گلابُ
    سُڪل پنَ، اُداسي ۽ ويران گهرُ


    *سرمد جو گهر خيرپور ۾، تنوير عباسي جي زندگيءَ ۾ آخري سالگرهه 7 ڊسمبر 2007ع



    ڏاتِ! مون کي ٻه ٽي

    ڏاتِ! مون کي ٻه ٽي
    گيت ڏي گيت ڏي
    جيئن ارپي سگهان
    سُونهن کي پيار کي

    دردَ جي جهنگ ۾
    مُرڪ تُنهنجي هئي
    دل هي منهنجي پرين!
    تو سوا ڪيئن کلي؟

    پاڻ کي پاڻَ مان
    ڪيئن وساري سگهان؟
    مان جتي به هُجان
    گيتَ تُنهنجا لکان
    لوڪُ شاعر چوي

    جذبا زخمي ٿيا
    شهر جي روڊ تي
    ڪنهن نه آٿت ڏني
    هلُ هلون ڳوٺ ڏي
    هُوءَ هوا ٿي سڏي


    مراقبو

    مراقبو

    بزرگ فرمايو:
    ”هاڻي نيري رنگ جي
    روشنيءَ جو مراقبو ٿيندو
    اکيون بند ڪري
    قدرت جو مشاهدو ماڻيو“.
    مون اکيون بند ڪيون
    مونکي توکانسواءِ ته
    ٻيو ڪجھه به نظر نه آيو.


    چنڊ جي ڪائي تمنا تون نه ڪر

    چنڊ جي ڪائي تمنا تون نه ڪر

    پاڻَ تون آهين ڦُليلي
    او سهيلي!
    ڳالهيون تُنهنجون سَڀَ انوکيون
    ڄڻ ته پوکيون، ڪنهن گلابن جون چڪيون
    سڀ گهٽيون رابيل جون آهن سَکيون
    هُٻڪار جون آهن هوائون ڌار هِي
    ڪيتري آ تازگي هِن ڳوٺَ ۾
    جهوپڙي جنهن ۾ آ تُنهنجي پيارَ جي.
    ڪنهن گهڙيءَ ها ڪنهن گهڙيءَ
    تنهنجي منَ ۾ ڪوئي کُٽڪو جيڪڏهن
    شامَ جي اونداهه جو اُلڪو اُڻي،
    چنڊ جي ڪائي تمنا تُون نه ڪر
    ۽ نڪي ٿورا ستارا
    رات کان تُون گهرُ اُڌارا
    عارضي آهن سهارا.
    ڪا به ڳڻتي ڪين ڪر تُون
    عاشقيءَ جي سرحدن ۾ پيرَ ڌرِ تُون
    پنهنجي دل کي ٻارِ تون ڏيئو ڪري
    روشنيءَ جنهن جيءَ اڳيان هي
    چنڊ ۽ تارا سڀئي پوندا جُهڪي.
    ناهين تون ڪنهن پل اڪيلي
    عشقُ تُنهنجو ٻانهن ٻيلي
    او سهيلي!
    پاڻَ تُون آهين ڦُليلي.


    نديءَ پاڇو وڻَ جو

    نديءَ پاڇو وڻَ جو

    تون به آهين ايئن ڄڻ، مون لئه هي اجرڪُ
    ناهي ڪوئي شَڪُ، مونکي تنهنجي پيار تي

    دل چوي ٿي وڻ جيان، گيت ڪوئي لکجي
    تو آڏو پڙهجي، ڪناري درياهَه جي

    ڪالهه ويس مان ڳوٺ ڏي، ساڳيو ڄڻ هيو
    ساڳيو وڻ هيو، ٻيئي کيڏياسين جتي

    دل ۾ اٿئي پيارُ جي، مون سان گڏجي ويهُه
    ڇا به چوي هي ڏيهُه، پاڻ ٻوڙا ٿي وڃون

    لڳو آهي جڏهن کان، عاشقيءَ جو رنگُ
    مون ۾ ڪوئي چنگُ، تڏهن کان وڄي پيو

    پوي جيئن ڪنهن وڻَ جو، نديءَ تي پاڇو
    اِيئن ئي اوهان جو، عڪس آهي دل مٿان

    ڌنارن کي ٿو ڇڏي، بڻائي بيباڪ
    عشق اِهو ادراڪ، ڏئي ٿو اِنسان کي





    ڄامشوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي

    ڄامشوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي
    ڄڻ هندوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي

    عشق ۾ اڳرو ٿيو *عبدالرزاقُ
    ڇا ته موري ۾ ڏٺو مون سنڌُ کي

    وارَ وکريل ۽ اکيون آليون هُئيس
    درد ڳوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي

    شاهه عنايت جي وئي پئي جهوڪَ ڏي
    ڪلهَه بٺوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي

    سچ جو اُهڃاڻ ٿي هر دؤر ۾
    وِهُه ـــ ڪٽوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي

    ڪيترا ارمان دل ۾ ئي رهيا
    وقت ٿوري ۾ ڏٺو مون سنڌ کي


    * شهيد عبدالرزاق سومرو


    سنڌ ــ هڪ مقدس عقيدو

    سنڌ ــ هڪ مقدس عقيدو

    سنڌُ، هڪ عقيدو به آهي
    جنهن جي گيڙوءَ ــ رتي ڇانوَ ۾
    ڌرم، ذات، ڪُڙم، قبيلي
    ٻوليءَ يا نسل جي بنياد تي
    ڪنهن سان به نفرت ناهي.

    سنڌُ، هڪ دِل به آهي
    جنهن جي نَس نَس ۾
    سنڌو درياهَه جو پاڻي
    گردش ڪري ٿو
    جنهن ڪري اسين زنده آهيون.

    سنڌُ، هڪ مقدس ڪتاب به آهي
    جنهن جي هر صفحي تان
    سورج اُڀري ٿو
    ۽ انهيءَ روشنيءَ ۾ اسين
    زندگيءَ جي سفر ۾
    اڳتي وڌون ٿا.

    سنڌُ، هڪ ويساهُه به آهي
    ۽ انهيءَ ويساهه ۾
    اسان جو ساهُه آهي
    جيئڻ جو اُتساهُه آهي.

    سنڌُ هڪ درد به آهي
    جيڪو اسان جي سگهه آهي
    ۽ اهو اسان کي
    آئيندي جي خوشيءَ جو
    رستو ٻُڌائي ٿو.

    سنڌُ هڪ ماءُ به آهي
    جنهن جي اکين جا لُڙڪ
    ڪڏهن به سُڪا ناهن.
    اُنهيءَ ماءُ جي ٻولي
    لولي ۽ جهولي
    اسان لاءِ پناهه گاهه آهي.


    نينهن جبل جاڳي پيو

    نينهن جبل جاڳي پيو

    ڌرتي! تُنهنجا خواب هي، ڪير اُجاڙي ٿو
    ڪير لتاڙي ٿو، رستا تُنهنجيءَ سينڌ جا

    خلجيءَ حالت جا ڪئي، روپا ماڙيءَ جي
    چُنري لاڙيءَ جي، تيئن ئي ليڙون ٿي وئي

    نڪي تمر تو ڏٺا، نڪي کاروڇاڻ
    ڪيڏو تون اڻ ڄاڻُ، آهين منهنجي درد کان

    جبلَ جُهڪي ٿا وڃن، جُهڪي نٿو اِنسانُ
    آهي جي ايمانُ، پنهنجن آدرشن ۾

    متان سمجهين نڌڻڪا، ڌنارن جا ڌڻَ
    ڌرتيءَ جا، هي وڻَ، وڙهندا واچوڙن سان

    جي تون درياهَه خان جي، ڌرتي ڪندين تنگ
    ممڪن آهي جنگ، مڪليءَ ۾ ٻيهر لڳي

    اڃان پيو اروڙ ۾، جاڳي نينهن جبلُ
    ٻاٻاڻن جو ٻلُ، وڙهي ٿو تاريخ سان


    درد جي هڪ لڪير

    درد جي هڪ لڪير

    جن ڏينهن ۾ موتي لالُ
    پنهنجي ڪُلهي تي ڪتابن جو ٿيلهو لڙڪائي
    پُراڻي سکر جي گهٽين مان گذرندو
    اسڪول ويندو هو
    ته هڪڙي ڏينهن
    (جڏهن هُن کي اڃان آزاديءَ ۽ غلاميءَ جي
    مفهوم جي به خبر نه هئي)
    هن کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻي پئجي وئي
    پر هُن جو ٻالڪپڻ
    پنهنجي اباڻي گهر ۾ رهجي ويو.
    ديس کان دور هن جون مهاجر اکيون
    پنهنجي ڌرتيءَ جا اُلڪا اُڻينديون رهيون.
    موتي لال جو درد، اُهيئي محسوس ڪري سگهندا
    جن جي خوابن جي پکين کي
    اباڻن آکيرن مان نيڪالي ڏني وئي هوندي.
    سالن جي وڇوڙي کانپوءِ جڏهن
    موتي لال پراڻي سکر پهتو
    ته هن کي محسوس ٿيو ته
    پُراڻو سکر پوڙهو ٿي ويو آهي
    پر هُن جو ٻالڪپڻ اڃان اُهو ساڳيو آهي.
    گهٽيءَ ۾ سڀ ماڻهو اوپرا هئا،
    پر اباڻي گهر هُن کي سڃاتو
    ۽ هُن سان ڳالهايو.
    موتي لال پنهنجي گهر جي ديوار کي چُميو
    مٽيءَ کي ڇُهيو
    ۽ پنهنجي لُڙڪن جو نذرانو ڏنو.
    هو اباڻي گهر ۾ پنهنجو وساريل رانديڪو، سُڏڪو
    نم جي ڇانوَ، ماءُ جي لولي ۽ چُمي ڳولڻ لڳو.
    هن کي محسوس ٿيو ته هرهنڌ ڳوڙها ئي آهن
    هُن وطن ڇڏيو هو ته، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ها
    پنهنجي محبوب پُراڻي سکر سان مليو آهي ته
    هن جي اکين ۾ساڳيا ئي ڳوڙها آهن.
    موتي لال جي هٿ تريءَ ۾
    پُراڻي سکر کان پٽيل نگر تائين
    درد جي هڪ لڪير آهي،
    جيڪا ڪڏهن به ڊهي نه سگهندي.


    (موتي لال جي پُراڻي سکر اچڻ تي)


    ٻولي شاهه لطيف جي

    ٻولي شاهه لطيف جي

    جيجل آهي دُعا، تُنهنجي لوليءَ جي
    سنڌي ٻوليءَ جي، چولي ميري نه ٿئي

    جي ڌرتيءَ جو ٻارڙو، سنڌي نه پڙهندو
    کڻي شاهه لطيف جو، رسالو ڏسندو
    حيرت مان پُڇندو، ”پاپا! ڪهڙي ٻولي آ“

    فلسفو لطيف جو، سنڌڙيءَ جهڙو نِج
    رسالي مان سجُ، اُڀري ٿو تخليق جو

    سنڌي ٻولي ڪين آ، تُنهنجي گهر ۾ جي
    جيئڻ اجايو تُنهنجو، آهي ڌرتيءَ تي
    توکي ڇا چئجي، ڏوهاري احساس جا

    جلسن ۾ ٻوليءَ جو، کڻي تون اشتهارُ
    ڪرين ٿو ڌرتيءَ سان، پيار جو اظهار
    پر هي تُنهنجو ٻار، سنڌي پڙهي ڪين ٿو

    جهڙي جيجل سنڌڙي، تهڙي آ ٻولي
    لطيف جي جهولي، خالي ٿيندي ڪينڪي


    ڌرتي! توکان ڌار

    ڌرتي! توکان ڌار

    ڌرتي! توکان ڌار
    آهـــن وِڇـــن وانـگـــيان
    درهم ۽ دينار

    ڌرتي! توکان ڌار
    ڪـيـر سـڃاڻي مون کي
    اڻ ڄاتا هي پار

    ڌرتي! توکان ڌار
    بامــبي ۾ ڪــيـر سُـــڻي
    اُتم جي اوڇنگار

    ڌرتي! توکان ڌار
    سورن جهڙيون ساوڻيون
    بي معنيٰ ملهار

    ڌرتي! توکان ڌار
    هڪڙي سپني لئه سِڪن
    اکين جا آثار

    ڌرتي! توکان ڌار
    هُـــــئـا هـــــريءَ هــــانوَ ۾
    اُلڪا اڪيچارَ

    ڌرتي! توکان ڌار
    ويـا جــــمـالا وســــــــري
    سورن جا سينگار

    ڌرتي! تو کان ڌار
    اڻـپـــوري آ عـــاشـــقي
    پاروٿا هي پيـار

    ڌرتي! توکان ڌار
    ڪهڙي منهنجي شاعري
    اکرن جا انبار


    تُنهنجي خودڪشيءَ جي تاريخ

    تُنهنجي خودڪشيءَ جي تاريخ
    (ڇهين ڊسمبر ٻه هَزار نَوَ)

    ڌرتيءَ کان ڌڪاريل
    خلائي ثقافت جا علمبردار
    دانشور!
    تو، پنهنجي ذهن جي گٽرن مان
    جيڪا ڌپَ ڦهلائي آهي
    اُن جي آلودگيءَ
    سڄي ديس کي
    متاثر ڪيو آهي.
    زبان تي وڇون ويهاري
    تو جيڪي زهريلا لفظ
    اوڳاڇيا آهن،
    اُهي اسان جي اندرَ ۾
    ٽانڊن جيان ٻري رهيا آهن.
    جنهن ٽوپيءَ جا ڪاوا
    تُنهنجي اکين کي چُڀن ٿا،
    اَڄُ، اُها ٽوپي
    ٽي وي چئنل تي
    لکن انسانن کي پاتل ڏسي
    توکي خُودڪشي ڪرڻ کپي.


    ڪين آهي ٿڪي، سنڌ جي عاشقي

    ڪين آهي ٿڪي، سنڌ جي عاشقي

    هڪڙو ڏيئو ٻَريو
    ٿي وئي روشني
    شهر ۾ جهنگَ ۾
    هڪ نئين رنگَ ۾
    هاڻي گُونجي پئي
    روشنيءَ جي صدا

    ٻارَ جي آرزُو
    جُوان جي آسَ ڪا
    ۽ ٻُڍيءَ جي دُعا
    سَڀُ جڏهن هڪ ٿيا
    گيت گونجي پيا
    مُرڪِي پئي زندگي
    ٿي وئي روشني

    هِن ڌرتيءَ سندا
    جي ستارا هئا
    تن جي تقديرَ ۾
    ڌُنڌلي تصويرَ ۾
    رَنگ ڀرجي ويا
    ڏاتِ جي هر گهٽي
    ٿي وئي روشني

    هي پکي، وڻَ، هوا
    سَڀُ ٿا پنهنجا لڳن
    ڳالهه سَهڪارَ جي
    سمنڊ سمجهي پيو
    دلبري، دل لڳي
    ٿي وئي روشني

    اَڄُ به جاري آهن
    پيارَ جا مرحلا
    ديسَ پرديسَ جا
    گهٽجي ويا فاصلا
    ڪين آهي ٿڪي
    سنڌُ جي عاشقي
    ٿي وئي روشني


    امير خسروءَ جي مزار تي

    امير خسروءَ جي مزار تي

    دهليءَ ۾ عظيم شاعر
    امير خسروءَ جي مزار تي
    حاضر ڀريندي
    سندس تُربت وٽ
    مان نهايت عقيدت سان بيٺو رهيس.
    اوچتو مون کي،
    علاءُ الدين خلجيءَ جي شانَ ۾ لکيل
    سندس قصيدي جون
    هي سِٽون ياد آيون:
    ”هُن جي تلوار
    ڪڏهن به مياڻ ۾ اُڃايل نٿي رهي
    پر کوپڙين جي پيالن سان
    سيراب ٿيندي رهي ٿي.
    تون سدائين تخت تي ويٺو رَهُه
    مان توکي دائمي بقا لاءِ
    مخصوص ڪيان ٿو“.
    پوءِ منهنجن ڪنن ۾
    رُوپا ماڙيءَ جي راڻين جون
    رڙيون گونجڻ لڳيون
    ۽ دُعا لاءِ کڄندڙ هٿ
    پنهنجو پاڻَ رُڪجي ويا.


    لاکين جو دڙو ٿي وئي

    لاکين جو دڙو ٿي وئي

    لٿا درياهه شاهه جا، هر هنڌ جل ــ جٿا
    نئين درد ڪٿا، شاعرن لکي سنڌ جي

    پاڻيءَ ٻوڙي آ ڇڏي، پونجي ۽ ميڙي
    اڪيلي ٻيڙي، ماڻهن کي ڳولي پئي

    ٻُڏي ويل ڳوٺ سان، ڪيئي خواب ٻُڏا
    ٿي وئي ڪا وڌوا، ڪنهن کان پرين ڏور ٿيو

    ڪچن ٿانون سان ٻُڏو، پوڙهو ڪالهه ڪُنڀار
    ڪارو ڪارونڀار، ڇانئيو هن جي ڪُڙم تي

    ٻُڏي ويلَ هڪ وڻ تي، ڪي پکي ويٺا ها
    ۽ ٻچا اُنهن جا، آکيري ۾ ننڊ ها

    ڳوڙها پنبڻين ۾ هئا، ڌنڌلو پسمنظر
    دري نه ڪوئي دَرُ، سارو گهر ٻڏي ويو

    لاکين جي دڙي جيان، منهنجي بستي ٿي
    هر شي وئي اُجڙي، ٺڪر، ڀتر ئي بچيا













    ڏُور کان ڏسندي رهي هڪ جهوپڙي سيلاب ۾

    ڏُور کان ڏسندي رهي هڪ جهوپڙي سيلاب ۾
    موت سان وڙهندي ڏٺي مون زندگي سيلاب ۾

    ٻارڙيءَ جو ڪو پتو ناهي ته هوءَ ڪاڏي وئي
    هيکلي ترندي رهي هُن جي گُڏي سيلاب ۾

    جنم ڏينهن تي تو ڏني جا پيار مان مون کي هئي
    دل منهنجيءَ سان گڏ ٻُڏي سا سوکڙي سيلاب ۾

    هڪڙي ٻيڙي ٻار ۽ ٻُڍڙا کڻي ويئي پئي
    روئندو تن کي ڏسن ٿا ڪي پکي سيلاب ۾

    ديس کان وڌ ڪابه مون لئه دلبري ناهي رهي
    مُرڪ سان گڏ وئي لڙهي آ هر خوشي سيلاب ۾

    آسرن جا ڇانورا ڪي دور ٿيندا پئي ويا
    درد ۾ وهنتل هئي ڄڻ هر گهڙي سيلاب ۾

    هر دُکيءَ جو ٿي پئي آواز آهي ڄڻ اُها
    دانهن ٿي منهنجي ڪري پئي شاعري سيلاب ۾

    هي سدائين حالتون رهنديون نه اي منهنجا پرين!
    ترندي ٻيهر جي ٻڏي وئي عاشقي سيلاب ۾


    ننڊ جي شهر ۾

    ننڊ جي شهر ۾

    ننڊ جي شهر ۾ رليا ٿي ماڻهو
    ڳوٺُ، درياهَه جنهن سمي ٻوڙيو هو
    واءُ وانگر ڄڻ ته گهليا ٿي ماڻهو
    ننڊ جي شهر ۾ رُليا ٿي ماڻهو

    گهر جا رستا به ٿي ڀُليا ماڻهو
    ساهُه، زندگيءَ ڏانهن ڊوڙيو هو
    ننڊ جي شهر ۾ رُليا ٿي ماڻهو
    ڳوٺ، درياهَه جنهن سمي ٻوڙيو هو





    ٻارَ ٿا اوندهِه ۾ روئن
    دردَ ئي ٻاري ڇڏيون
    زندگي گهاري ڇڏيون

    هارجِي سڀڪجھه ويو آ
    هانءُ ڇو هاري ڇڏيون
    زندگي گهاري ڇڏيون

    مسئلا هي ڪين ٽرندا
    بيوسي ٽاري ڇڏيون
    زندگي گهاري ڇڏيون

    جي تري ٻيڙي نه پنهنجي
    لُڙڪ ڏئي تاري ڇڏيون
    زندگي گهاري ڇڏيون

    هُونئن به ويندي وارجي
    ديس تان واري ڇڏيون
    زندگي گهاري ڇڏيون




    ڪنهن مسافر جان اڪيلو، ساڌٻيلو

    ڪنهن مسافر جان اڪيلو، ساڌٻيلو
    ٿو سڏي، پريان بتيلو، ساڌٻيلو

    ننڊ مان جاڳي اُٿيو ڀڳوانُ هو
    ڪو پُڳو ساڌو اويلو، ساڌٻيلو

    مست آهي تو جيان سنڌُو هِتي
    ٿي وڃي محبوب! ميلو، ساڌٻيلو

    زندگي آهي گروءَ جو گيانُ ڪو
    دردُ آهي ڄڻ ته چيلو، ساڌٻيلو

    ڌرم تي جيڪو ڇڄي انسان کان
    ٿو چوي تنهن کي ڳهيلو، ساڌٻيلو

    وڻَ جي ڀاڪُر مان پکي اُڏري ويا
    بازُ پهتو ڪو سويلو، ساڌٻيلو

    شامَ جي چُنري ستارا ٿي وئي
    جل پرين جو آ جهميلو، ساڌٻيلو


    لٺ جي سهاري تي هلندڙ پوڙهي ثقافت

    لٺ جي سهاري تي هلندڙ پوڙهي ثقافت

    موهن جي دڙي جو مها پروهت
    ثقافت کاتي ۾
    پنجين گريڊ جو ملازم آهي.
    هن کي پاتل اجرڪ
    منهنجي ڏاڏي ٺاري سومري ڇُريو هو.
    اجرڪ جا رنگ
    هاڻي اُڏامي ويا آهن.
    موهن جي دڙي جي بچاءَ لاءِ
    مقرر ڪيل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر
    دڙي جي تباهيءَ کي
    خدا جو عذاب سمجهي ٿو:
    ”جنهن کي خدا برباد ڪري
    تنهن کي مان ڪيئن بچائيندس
    پرڏيهي امداد ڪڏهن پهچندي؟!“
    منهنجي پيءُ سڄي حياتي
    اجرڪن ۾ رنگ ڀريا
    پر، هُن جو جيون بي رنگ ئي رهيو.
    مارڪيٽ ۾ اجرڪ وڪرو ڪندڙ سيٺ
    بابا کي ڏنل قرض
    ڪالهه مون کان وصول ڪرڻ آيو هو.
    اسان جي پوڙهي ثقافت
    اُڏوهي کاڌل لٺ جي
    سهاري تي هلي رهي آهي.


    هي درد ڌرم آهي

    هي درد ڌرم آهي

    ٿو ڀٽڪين پيريءَ ۾
    اچ بيدل جي در تي، تون آءُ فقيريءَ ۾

    ڪو منڊُ ٿيو آهي
    هن روهڙيءَ تي عاشق، ڄڻ چنڊ ٿيو آهي

    تون آءُ ته هڪ واري
    صوفيءَ جي جُهڳي توکي، ڪئن ڏي ٿي دلداري

    هي عشق اڪيلو ٿي
    ڪر درد گرُو پنهنجو، تون اُن جو چيلو ٿي

    جنهن درد لڳو آهي
    هن عشق ــ پروليءَ کي، بيدل به ڀڳو آهي

    ڏسُ ويلَ وڃي پيئي
    توکي ٿي سڏي روهڙي، هيءَ ريلَ وڃي پيئي

    ”هي ڪافر آ صوفي“
    ٿي جاڳي پئي فتويٰ، ۽ ننڊ آهي مفتي


    هي درد ڌرمُ آهي
    توکي جو مليو عاشق!، مولا جو ڪرم آهي

    ٿي مست نچائي ٿو
    هر تعصب کان توکي، هي عشق بچائي ٿو

    درياهُه ته ٻوڙيندو
    پر عشق ڪڏهن تُنهنجو، ويساهُه نه ٽوڙيندو

    هيءَ رمز اِشارن جي
    هو چنڊ ٿيو ناچو، ڇم ڇم آ ستارن جي

    سوچي ٿو هي يڪتارو
    ٿو عشق بنا ڳائي، فنڪار هي ويچارو

    هن عشق جي رازن جو
    بيدل هو ويو سمجهي، اسرار درازن جو

    هي بيتُ نه آ ڪافي
    ٻُڌجي ڪا فقيرن کان، هلُ بيدل جي ڪافي

    تُون آءُ اُجالي ۾
    اي سالڪ! وڃ گم ٿي، بيدل جي رسالي ۾


    (بيدل سائينءَ کي ڀيٽا)





    جنهن وڻَ هيٺان گوتم هو

    جنهن وڻَ هيٺان گوتم هو
    اُن جي پنَ پنَ ۾ غم هو

    سُونهن سڏايو ڌرتيءَ تي
    هونئن نه مونکي ڪو ڪم هو

    پنهنجو خيال رهيو نه ڪوئي
    تُنهنجو اُلڪو هردم هو

    ميلي ۾ به توبن مُون تي
    درد وسيو ڄڻ ڇم ڇم هو

    چئن اکين جا ساڳيا سپنا
    *سُندريءَ ۾ ئي اُتم هو

    گُل ڇو ايڏو شرمايو هو
    کيس چيو ڇا شبنم هو؟

    ماءُ مٽيءَ کان توکي پيارو
    دربدريءَ جو درهم هو

    سنڌوءَ جي ساراهَه ڪئي مون
    هر درٻاري برهم هو


    * سندري اُتم چنداڻي


    ڳالهه جيڪا ڪري، سا لڳي شاعري

    ڳالهه جيڪا ڪري، سا لڳي شاعري
    (شيخ اياز جي نالي)

    مون اُنهيءَ کي ڏٺو
    هُو جو شاعر هيو
    ڪالهه جو، اَڄُ جو ۽ ايندڙ زماني جو شاعر هيو.
    شاعري، جنهن جي لاءِ
    ترسي در تي سندس
    هئي ڪندي انتظار.
    هُن جي مرضي هئي، شاعريءَ کي جڏهن
    گهرَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي.
    ساڌ ٻيلي جي سامهون سنڌوءَ کي ڏسي
    هُن جي چهري تي مُرڪن جا گل ٿي ٽڙيا.
    پکين سان ته هُن کي گهڻو پيار هو
    وڻن سان به ڀاڪر ڀري هو مليو
    ڪيون سمنڊ سان هُن ڪچهريون ڪڏهن
    هو به تخليق جو ڄڻ ته ڪو سمنڊ هو
    سمنڊ جون سمنڊ سان ڇا ته ڳالهيون هيون.
    پنڌ ۾ ماڳ ۾، ننڊ ۾ جاڳَ ۾،
    راڳَ ويراڳَ ۾، مون اُنهيءَ کي ڏٺو
    شعرَ لکندي ڏٺو، شعر پڙهندي ٻڌو
    لُڙڪ هن جا ڏِٺا، ٽهڪ هُن جا ٻُڌا
    روپ جنهن ۾ به مون هو اُنهيءَ کي ڏٺو
    پنهنجي تخليق جان هو لڳو باوقار.
    ساٿ هُن جي ۾ ڪيئي گُذاريون گهڙيون
    وقت کي مات ڏئي ٿي ڪچهريون ڪيون
    هن پراڻي سکر جي گهٽين ۾ اسان
    پهر گڏجي گُهميا
    دل جون ڳالهيون ڪيون، ٽهڪ گڏجي ڏنا
    درس دانائيءَ جا مون اُنهيءَ کان ٻُڌا
    ڳالهه جيڪا ڪري، سا لڳي شاعري.


    تنهنجي ياد عبادت وانگي

    تنهنجي ياد عبادت وانگي

    ڏيئو آهيان ٻرڻ بنا پيو اوندهِه ۾ سُڏڪان
    تون ئي مون کي ٻار اچي اَڄُ پنهنجن هٿڙن سان

    ڏات نه مون ۾ ڏانءُ نه ڪوئي هر پاسو ويران
    مون ۾ ڪهڙا ڳُڻ ٿي ڳولين مان ادنيٰ انسان

    ”مان“ ۽ ”مان“ جي دروازي تي ويچارو ٿيو پيار
    پنهنجي اَنا ۾ ويڙهيل ماڻهو ڪوريئڙي جو ڄارُ

    دنياداري ڌُوڙ ڪري وئي اندر ۾ ٿيو غيرُ
    ڌوٻي بڻجي عشقُ جو آيو ڌوئي ويو سڀ ميرُ

    ننڊ جي گوري کائي سُمهي پئي عاشق جي تقدير
    اوجاڳي جو ڳانو پائي گهاري راتِ فقير

    جاتي ڪاٿي ڊپ ٿو ڊوڙي ٿـرُ، اُتر ڪاڇو
    هر هرڻيءَ جي پويان آهي پرماري پاڇو

    تُنهنجي ياد عبادت وانگي سارو ڏينهن سرُور
    عشق اچي اُڇلايو آهي پيرن منجهه غرُور

    ڀل ته جبل تان ڪري پوان ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيان
    شالَ نه آءُ ڪران او سائنڻ! تُنهنجن نظرن مان

    رشتن ناتن جون ديوارون دري نه ڪوئي درُ
    هر ماڻهو پڃري ۾ آهي حاويلي يا گهَرُ

    توکان دور ڪرڻ ٿيون چاهِن سامونڊي لهرون
    مون کي بچائي ٻوڙي وينديون تُنهنجون ئي نظرون

    نيڻن جا ها دروازا تو ڇالئه بند رکيا؟
    تُنهنجي شهر ۾ خواب اسان جا رُلندا رات رهيا

    صحرا جهڙو روح آ منهنجو گهڙي گهڙي صدمو
    اُن ۾ تُنهنجي ياد ائين ڄڻ پاڻيءَ جو چشمو

    ڪڪرن سان گڏ پکي ائين ڄڻ تُنهنجا مُنهنجا خواب
    شعر چياسي بڻجي ويا ڄڻ پنهنجو پاڻ ڪتابَ














    پيار جي مرضي آ، هُو

    پيار جي مرضي آ، هُو
    پاڻ کي جاتي گُهرائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي

    عاشقيءَ جا رنگَ اوتي
    يا کڻي مون کي سِڪائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي

    ڏئي فقيري يا گدائي
    مون کي جي در در رُلائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي

    درد جا ڏيندو وڇوڙا
    يا ڇڏيندو هُو ملائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي

    سِٽَ هڪڙيءَ لئه سڪائي
    يا ڇڏي شاعر بڻائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي

    پاڻ ئي ڳوڙها ڏئي ۽
    ٽهڪ ڏيئي ٿو کلائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي

    پيار مان ڀرسان وهاري
    يا ڏسي مون کان لنوائي
    هر حُڪم هُن جو اکين تي


    هڪ شاعر جو گهر

    هڪ شاعر جو گهر

    ميرواهَه جي ڀرسان آهي
    هڪ شاعر جو گهَرُ
    گهر به آخر ڊهي وڃن ٿا.
    ميرواهَه جي ڀرسان آهن
    ڪيئي اوچا وڻَ
    وڻ به آخر ڪري پون ٿا.
    پر، جنهن جوڙيا دلين جي اندر
    پنهنجي پيارَ جا گهرَ
    سي گهر ڪڏهن به ڊهي نه سگهندا.
    تخليقن جا اُوچا هِي وڻ
    طوفانن کان ڪونه ڊڄن ٿا
    جھومن ٿا پيا وڻ اُهيئي
    ڪڏهن به ڪِرندا ڪونه
    ڀلي زمانو نفرت سانڍي
    حيلا هلائي ڇونه.


    رستن کان تنهنجو پُڇيو

    رستن کان تنهنجو پُڇيو

    هڪڙو پلُ وصالَ جو، صديون جُدائي
    ساڌوءَ سمجهائي، هڪڙي سٽ ۾ عاشقي

    عاشقيءَ ۾ اوسيئڙو، آهي ڄڻ پوڄا
    وڇوڙو، ڳوڙها، دل کي ڌوئي ٿا ڇڏنِ

    سڀڪجھه ڄاڻي ٿي پئي، منهنجي باري ۾
    ڪِرندڙ تاري ۾، ڪهڙي رهندي روشني

    سانڍي رکيو مون هُيو، ڊائريءَ ۾ سڏڪو
    جڏهن به پڙهيو ڪو، شعر تُنهنجي باري ۾

    موٽي آءُ تون پدمڻي!، مون ڏي ٻيهر تون
    ڀوڳيون آهن مون، تنهائيءَ جون اذيتون

    رستن کان تُنهنجو پڇيو، ڪنهن نه ڏس ڏنو
    ڇالاءِ تو ڇنو، ناتو ٿوريءَ ڳالهه تي

    پاڻ ملنداسين ڪٿي، هي هيڏي خُدائي
    جاڳيل جُدائي، آهي ننڊ وصال کي


    مان پنهنجو وقت وڪڻان ٿو

    مان پنهنجو وقت وڪڻان ٿو

    هر ڪو وقت گُهري ٿو
    مون وٽ وري وقت کانسواءِ
    ڪنهن کي ڏيڻ لاءِ ٻيو ڪجھه به ڪونهي.
    شاعري به محبوبا وانگر
    وقت گُهري ٿي.
    ڪتابُ به وقت گُهري ٿو
    گهرواري ۽ ٻار به وقت گُهرن ٿا.
    دوستن کي وقت نٿو ڏجي
    ته وساري ٿا ڇڏين.
    منهنجو بهترين ۽ تازو توانو وقت
    آفيس جي فائيلن ۾ فنا ٿي وڃي ٿو
    ٿڪلُ ۽ فالتو وقت
    محبوبا قبول نٿي ڪري.
    موڪل واري ڏينهن جو وقت
    ٽُڪرن ۾ورهائجي ٿو وڃي
    ۽ ڪوبه مطمئن نٿو ٿئي.
    پنهنجن ٻارن جي روزي روٽيءَ لاءِ
    مان پنهنجو وقت وڪڻان ٿو
    هڪ ڏينهن،
    دوست مون کي سُڃاڻڻ کان
    انڪار ڪندا.
    شاعري، محبوبا وٽ رهجي ويندي
    ڪتابن ۾ اُڏوهي رستا ٺاهيندي
    جن کي
    رديءَ وارو به خريد ڪونه ڪندو.


    زندگي ڪاڏي ڌڪي ٿي !

    زندگي ڪاڏي ڌڪي ٿي !

    ڪا خبر ناهي ته مون کي دوستو!
    زندگي ڪاڏي ڌڪيندي ٿي وڃي؟
    ماضي ڌُنڌلو، حالَ جو ناهي پتو
    ڪا خبر ناهي ته مون کي دوستو!

    هُوءَ ڏئي ٿي ايترا جو ڇا پُڇو
    درد ئي بس درد ڏيندي ٿي وڃي
    ڪا خبر ناهي ته مون کي دوستو!
    زندگي ڪاڏي ڌڪيندي ٿي وڃي؟











    ڇَڄ جي ڇانوَ ۾

    ڇَڄ جي ڇانوَ ۾
    چار پنڇي اچي
    ڪي ڪڻا ويا چُڳي
    رُڃَ آهي رُڳي

    هُو اُڃارا سڀئي
    کوهَه کارا سڀئي
    ٽامڻي ڌرتتي
    ڪاڏي گُم ٿي وئي
    ڇانورن جي ڇُڳي
    رُڃ آهي رُڳي

    پنڌ هُن جو سفر
    ٿو ڏنڀي ڄڻ ڏهر
    هر پهر آ زهر
    مُحب جي ماڳَ تي
    ڪيئن ڪَولهڻ پُڳي
    رُڃ آهي رڳُي

    بُوندَ اَڻهوند آ
    لُڙڪ هن جا سُڪا
    دردَ دُونهين دُکي
    هُوءَ ٻُڍي هيکلي
    جُهور هُن جي جُهڳي
    رُڃَ آهي رُڳي


    عشق ئي آهي آجپو

    عشق ئي آهي آجپو

    مينديءَ رتا هٿڙا، ڳچيءَ ۾ ڳانيون
    جوڀن جوانيون، ميلي جهڙا ڏينهڙا

    آهين ڪهڙي پارَ جي، او ڏسِ ڪامڻي!
    ڪهڙي ڳالهه وڻي، توکي مُنهنجي ديسَ جي؟

    مون ڦيرايون آڱريون، تُنهنجن وارن ۾
    جاڳَ ستارن ۾، ننڊ نه آئي چنڊ کي

    توکي ڏيندو ڊپ کان، عشق ئي آجپو
    ڇو ٿي ڇرڪين پو، اُنهيءَ ڏي اچڻ کان؟

    عاشقيءَ جا هُو کڻي، نِڪتا ها جهنڊا
    رستي ۾ ڪنڊا، لوڪَ پٿاريا اُنهن جي

    پُڇي معنيٰ عشق جي، مون کان هُن اچي
    گُونگو ٿي سچي، ڏسندو رهيس هُن کي

    آهي عشق اتاولو، سدائين بيچين
    اردن يا اسپين، هرهنڌ اوسيئڙي ۾


    سمنڊ ڇو سُڏڪا ڀري ٿو؟

    سمنڊ ڇو سُڏڪا ڀري ٿو؟

    اي فاعلاتن جا فقير!
    تون ڪڍي هڪڙي لڪيرَ
    روز پيو اُن کي ڪَٿين
    ڪين ٿو اڳتي پَسين
    سا به ڪهڙي شاعري؟!
    تو ڪڏهن آهي ڏٺي ڪا
    ڀؤنر جي گُل کي چُمي
    وار کولي ۽ هوا جا
    وڻَ سان آهي ڳالهه ڪئي
    تو ڪڏهن آهي ٻڌي سا
    ۽ مٽيءَ سان مينهن ڪڻين
    جا ملي سرهاڻ ڪئي
    تو ڪڏهن محسوس ڪئي.

    اي فاعلاتن جا فقير!
    تو ڪڏهن هُن چنڊ سان
    آهي ڏٺو تنها رُلي
    سمنڊ ڇو سُڏڪا ڀري ٿو؟
    اَچُ ڪنارن کان پُڇي.
    تون اکين جي ڍنڍَ ۾
    هڪڙو ڀيرو ڏِسُ ٻُڏي
    پوءِ پوي توکي پتو
    ڇا ٿيندي آ شاعري
    ڇا ٿيندي آ عاشقي
    ڇا ٿيندي آ زندگي
    اي فاعلاتن جا فقير!


    چاڪيواڙي جي شامَ

    چاڪيواڙي جي شامَ

    روشنين جو شهر ڪراچي
    ڪنهن خوبصورت عورت وانگر آهي
    جنهن جي وارن ۾
    چاڪيواڙو آهي
    جتي فقط انڌيرو رهي ٿو.
    چاڪيواڙو
    جتي اسڪول بند
    ۽ گُتا کليل رهن ٿا
    جتان جي ڀڳل ٽُٽل رستن تي
    آٽو رڪشا
    ڪنهن شرابيءَ وانگر
    لُڏندي لمندي هلي ٿي.
    چاڪيواڙو
    جتي شام ئي شام هوندي آهي
    ڏينهن ناهي ٿيندو.


    کاري در جو درد

    کاري در جو درد

    بندر روڊ تي بس مان، ويهي مون جاچي
    مون کي ڪراچي، توبن پوڙهي ٿي لڳي

    ٻيڙيءَ ڀرسان نڪتل، تُنهنجي فوٽوءَ کي
    اکين سان چُمندي، سجُ لهي ويو سمنڊ تي

    سوچي ٿو ساحل تي، بيهاري ڏاچي
    پنهنجي ڪراچي، اوپري ڇو ٿي لڳي

    ڀريو ناهي ڇو اڃان، ڪراچيءَ جو گهاءُ
    سمنڊ کي سوداءُ، آهي انهيءَ ڳالهه جو

    ڪيڏا تو بجيٽ ۾، پئسا ها ورتا
    اُجڙيل ڇو رستا، ساڳيا سچلَ ڳوٺَ جا

    ڪلفٽن جون رونقون، ڏسي مُرڪين ٿو
    نٿو سمجهين ڇو، کاري در جي درد کي

    پوڙها! تُنهنجي اُٺَ جي، جهالر ٿي جُهلي
    ڇاتي پئي ڇُلي، اُن تي ويٺل سُونهن جي


    تُنهنجي ٽرين ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿي

    تُنهنجي ٽرين ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿي

    هر ڪنهن کي هتان هلڻو آهي مسافر!
    پنهنجو سامان سهيڙي رکُ
    تُنهنجي ٽرين ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿي.
    ٽرين ليٽ به ٿي سگهي ٿي
    پر پليٽ فارم تي سُمهڻ جي اجازت ناهي
    ننڊ، عاشقن ۽ مسافرن جي دشمن آهي.
    اسٽيشن تي ريل گاڏيون
    سُٺيون لڳنديون آهن.
    ايتلا جوزف کي به ريل گاڏيون
    سٺيون لڳنديون هيون
    ۽ هڪ ڏينهن هڪ ريل گاڏي
    هُن کي ڳڙڪائي ويئي.
    جيڪي وڻندا آهن
    اُهي ئي ماريندا آهن.
    ثروت حُسين، پنهنجي ٽرين جي
    انتظار ڪرڻ کان انڪار ڪيو
    ۽ هڪ ڏينهن هُو به
    ٽرين کي پيارو ٿي ويو.
    جڏهن ٽرين هلڻ لڳي
    ته هٿ هوا ۾ نه لهرائجانءِ
    هر ڪنهن کي هلڻو آهي
    هر ڪنهن کي سفر ڪرڻو آهي.
    عطيه دائود کي خبر آهي ته
    منافقن جي هن دنيا ۾
    ”شرافت جي پل صراط“ جو سفر
    ڪيترو ڏکيو آهي.
    هيءَ زندگي، ريل جي پٽڙين جي
    وچ وارو سفر آهي
    هر گهڙيءَ ڊَپُ رهي ٿو
    ٽرين ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿي.
    اچو، عذرا عباس کان پُڇون ته:
    سارا شگفته جي قبر ڳولڻ ۾
    ڪيترو وقت لڳندو؟!
    بار بي ڪيو جو رواج وڌندو پيو وڃي
    ۽ ”ٽماٽو ڪيچپ“ جي طلب ۾
    واڌارو ٿي رهيو آهي.
    ”تماٽو ڪيچپ“ جي عنوانَ سان
    نظم لکڻ واري شاعره،
    جيڪا سڀني کي پياري هئي
    اُها، الله کي به پياري ٿي وئي.
    جيڪڏهن تون ڪنهن کي پيارو نه به آهين
    تڏهن به توکي هڪڙي ڏينهن
    الله کي پيارو ٿيڻو آهي
    تُنهنجي ٽرين، ڪنهن وقت به اچي سگهي ٿي.





    پيار جي وسريلَ ڪَٿا، آڏو اچي وئي

    پيار جي وسريلَ ڪَٿا، آڏو اچي وئي
    اَڄُ وري هُوءَ اَپسرا، آڏو اچي وئي

    شاعري مون کان سڄي وسري وئي
    ڪين مون وٽ لفظ ها، آڏو اچي وئي

    سارَ تُنهنجيءَ ۾ ويا سُڏڪا ٻڏي
    ڄڻُ سامونڊي لهر ڪا، آڏو اچي وئي

    حادثي ۾ هو بچڻُ مشڪل گهڻو
    ماءُ جي ڪائي دُعا، آڏو اچي وئي

    منهنجن عيبن تي اچي پردو پيو
    حُسن جي ديوار سا، آڏو اچي وئي

    موت ڏي مون کي ڌِڪي پئي زندگي
    ڪا جيئاريندڙ ادا، آڏو اچي وئي

    مون ته چاهيو هو ڇڏڻ هِن ديس کي
    سِڪَ تُنهنجي سومرا!، آڏو اچي وئي


    عشق ناهي سوکڙي بازار جي

    عشق ناهي سوکڙي بازار جي

    پيار ڪو پابند ناهي ڏينهن جو
    نينهن جو، هي مينهن آ،
    جنهن تي وسي،
    جنهن پل وسي
    ڪنهن جي دل ۾ ٿو ڇُلي ڇولين جيان
    زندگيءَ ۾ ڪو اُڃارو ٿو رهي.
    عشق ناهي سوکڙي بازار جي
    ڀاڳَ جو، هِي درُ آهي، جنهن تي کُلي
    ڪهڪشان ۾ ڏس لکن جي ميڙ ۾
    هيکلو ڪوئي ستارو ٿو رهي
    موسمون اينديون ۽ وينديون ٿيون رهن
    عاشقيءَ جو ويسُ ڪارو ٿو رهي.








    ڪا دانهن اُٿي دل مان

    ڪا دانهن اُٿي دل مان
    ڪا زخمي ٿي وائي
    ڪو درد جليو تنها

    پئٽرول سان گَڏُ تيلي
    ڄڻ خواب مٿان آئي
    ڪو درد جليو تنها

    ڪجھه فوٽوگرافر ها
    ڪي ماڻهو تماشائي
    ڪو درد جليو تنها

    هُن شهر جي جهنگل ۾
    ڪنهن سان نه شناسائي
    ڪو درد جليو تنها


    (ٽنڊي بهاول جي مائي حاڪم زاديءَ جي پاڻ ساڙڻ تي لکيل)


    ٺريل چلهه

    ٺريل چلهه

    امڙ!
    زندگيءَ جي چُلهه جون
    ڪاٺيون سيريندي سيريندي
    منهنجا ته
    وار ئي اَڇا ٿي ويا آهن
    هاڻي، ٺريل چُلهه تي
    ڪير هٿ سيڪيندو؟!


    ڏاٽن واريون عورتون

    ڏاٽن واريون عورتون

    اُڇلين ٿو هر نار تي، اکيون اُماڙيون
    تُنهنجو ڪُهاڙيون، ڳولن ٿيون ڪمزور کي

    ڏاٽن واريون عورتون، جيون لابارو
    ساهيءَ جو وارو، آهي ڪُهاڙين وچَ ۾

    ڪُهاڙيءَ مان اُڀري، آيو اهڙو شڪُ
    ڪاريءَ جو اجرڪَ، ويتر ڳاڙهو ٿي ويو

    ٻُڍڙي نڪتي جو کڻي، ڏينهن تتي ۾ هڙَ
    رستي واري بڙَ، کيس ويهاريو ڇانوَ ۾

    ناريءَ سان سماجَ ۾، ڪهڙو ٿيندو وڙُ
    بيٺو آهي بگهڙ، هرڻيءَ جي هر واٽَ تي

    ٻُڍڙيءَ جي اکين ۾، ڪڏهن ته جوت هئي
    رليءَ منجهه سُئي، هاڻِ نه هلي هُن کان

    ڏکاريون هي عورتون، ڳوڙهن سان ڳالهيون
    پوتيون هي آليون، ڪيسين ڪنديون مائرون


    قيدياڻيءَ جي عيد

    قيدياڻيءَ جي عيد

    ڪيئي سالَ گُذري ويا جيل اندر
    ڪٿان ڪو نياپو سنيهو نه آيو
    نه ئي ڪنهن عنايت ملڻ جي ڪئي آ
    لڳي هرڪو رشتو، پَرايو، اَجايو
    اِهائي اذيت اُجاڙي وئي آ.
    خبر ناهي ڪهڙو حياتيءَ جو رستو
    اکين جي اڳيان بس رُڳو ئي رئي آ.
    ڪهڙو سالُ آهي ۽ تاريخ ڪهڙي!
    اسان جو اُهوئي ميرو حالُ آهي
    اسان لاءِ آهن سڀئي ڏينهن ساڳيا
    هي ناتا ۽ رشتا، لڳن ڄڻ ته دوکا.
    سڀني مُندن جو آهي رنگُ ڪارو
    هي بي رنگ، ڌُنڌلا، سڀئي ڏڻ ساڳيا
    همرچا، جمالا، هي ماضيءَ حوالا
    پرينءَ تائين پُهچڻ جو ناهي ڪو چارو
    آهي دُور تائين ڏکن جو ڪنارو
    ديوارن جي پويان
    اسان جون هي آهون
    صدائون نه بڻيون.
    هتي ڪنهن خوشي کي
    اچڻ جي اجازت ڪڏهن ناهي ملندي
    جتي آهي هر پل ڪو ٽانڊن تي ماتم
    اُتي عيد ڪهڙي؟!


















    هي خواب جهڙا سکين جا رستا

    هي خواب جهڙا سکين جا رستا
    ستن رنگن جا اکين جا رستا

    هوا سان گڏجي ڪئي سي ڳولا
    مليا نه ليڪن پکين جا رستا

    ڀلي اُجهامن اسان جا ڏيئا
    ملن اوهان کي بتين جا رستا

    هي خواهشن جو هجوم آهي
    اُجاڙَ ٿي ويا دلين جا رستا

    سڄي حياتي سفر ۾ گُذري
    اسان لتاڙيا صدين جا رستا

    وڏن گهرنِ جي تمنا وارن
    ڇڏيا وساري جُهڳين جا رستا

    سمونڊ ڪيڏو لُڇي پيو ٿو
    سُڪي ويا هِن ندين جا رستا





    ڪشالا دردَ جا ڪاٽي

    ڪشالا دردَ جا ڪاٽي
    تُنهنجي در تي پُڄڻ تائين
    سفر آسان ڪاٿي هو

    ”اوهان جو حالُ ڪيئن آهي“
    رُٺلَ کان هي پُڇڻَ تائين
    سفر آسان ڪاٿي هو

    لڳا پئي، تيرَ لفظن جا
    سهي دل تي اُٿڻ تائين
    سفر آسان ڪاٿي هو

    وڇوڙي جي عذابن ۾
    ٻه ٽي ڳوڙها اُگهڻ تائين
    سفر آسان ڪاٿي هو

    پرينءَ جي ديس ۾ پُهچي
    مٽي درَ جي چُمڻ تائين
    سفر آسان ڪاٿي هو


    هڪڙو خط مليو مونکي

    هڪڙو خط مليو مونکي

    دردن پڇيو مون کان، جڏهن تُنهنجو ڏسُ
    مون اُنهن کي گَسُ، ڏسيو پنهنجي گهرَ جو

    مانَ مرتبا ڇاجا هي، ننڍيون ڇا وڏيون
    لتاڙي ڇڏيون، عشق، عقل جون سرحدون

    سوچيان ٿو مان توکي، اهڙي ڳالهه چوان
    جيڪا ڪنهن توسان، اڳ ۾ ڪانه ڪئي هجي

    عشق بنا هي آدمي، اُڃارو ڄڻ کوهُه
    يا نيپوڙي ٽوهُه، ڪنهن کي ڄڻ پيئارجي

    پُراڻن ڪتابن مان، هڪڙو خط مليو
    جنهن ۾ لکيل هيو:، متان وسارين مون کي

    ڳنڍ ڏيئي اجرڪ ۾، ٻڌي رکجانءِ سارَ
    خبر ناهي ڌار، وڃئون ٿي ڪنهن موڙ تي

    توکان پوءِ حالتن، سارين جيئن سَٽيو
    قيديءَ جيئن ڪَٽيو، هرڪو ڏينهن عذاب ۾


    چمپا جو ڏوهُه

    چمپا جو ڏوهُه

    سامي!
    تُنهنجيءَ سامَ ۾
    چمپا ڪيئن قتل ٿي؟!
    سورنهن سالن جي چمپا
    جنهن جي ٻانهن تي ويهي
    پکي ٻوليندا هئا.
    شامَ جي خاموشيءَ ۾
    هُن جي هُٻڪار
    هرطرف ڦهلجي ويندي هئي،
    جيڪا احساس ڏياريندي هئي ته
    زندگي ڪيتري نه خوبصورت آهي.
    بهار جي مند ۾
    جڏهن هُن جي بدن مان
    نوان گؤنچ ڦُٽي رهيا هئا
    تڏهن، هن کي ڪُٺو ويو.
    قاتل کي اِها خبر ناهي ته
    اِهو نه فقط چمپا جو قتل آهي
    پر اِهو پکين جي خوابن،
    ٿڌي ڇانوري ۽ سُرهاڻ جو به قتل آهي.
    بيد مشڪ جي وڻن وانگر
    چمپا ٻين ٻوٽن جي حصي جو
    پاڻي به نٿي چورايو
    هن ۾ ڪنڊا به نه هئا
    جيڪي واٽهڙن کي وچڙن
    ته پوءِ قاتل وٽ ڪهڙو دليل آهي
    هن کي قتل ڪرڻ جو؟!

    جتي چمپا قتل ٿي هئي
    اُتي هڪ درد ڦٽو آهي
    جنهن جي واس کي
    هڪ ڏکايل دل ئي
    محسوس ڪري سگهي ٿي.



    (سامي ٽيچرس هاسٽل، شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ ۾ چمپا جي قتل تي لکيل)


    ڄارَ ۾ پنڇي اڪيلو مان هجان

    ڄارَ ۾ پنڇي اڪيلو مان هجان

    آسماني رنگ جو پهري وڳو
    ڪنهن سمي آئي هئي هوءَ جل پري
    وارڙن ۾ ڪي گهڙيون ڏيئي پناهَه
    چار ڳالهيون چاهَه جون مون سان ڪري
    درد جا تحفا ڏئي، ٿي وئي پري
    اڄُ به دل ۾ ياد هُن جي ٿي ٻري.
    ڪيترا آزاد آهن هو پکي
    ڄارَ ۾ پنڇي اڪيلو مان هُجان
    ڄڻ ته ڪائي سِيڙهه آهي ساهَه ۾،
    ڪو به ناهي جنهن ڏي منُ ڇڪجي وڃي
    ڪيترا اَنبوهَه آهن راهَه ۾.
    واٽَ جا ٿا وڻَ جُهڪي مون کان پُڇن:
    ”دردُ هي توکي ڪٿان آهي لڳو؟!“
    ڪيتريون مايوسيون آيون مگر
    آسَ اندر ۾ اِها اُڏري پئي:
    ناوَ هُن جي اوچتو ايندي ڪڏهن
    راهَه ۾ هُن لئه وڇائي انتظار
    مان نديءَ جي گهاٽَ تي بيٺو اڃان
    ٿو اُنهيءَ جي سارَ جو سوريان سڳو.


















    ڪنهن ستاري جان وڃي ٽُٽندو ڪٿي

    ڪنهن ستاري جان وڃي ٽُٽندو ڪٿي
    هُو ڪوي آهي اِئين جُهڪندو ڪٿي

    تون اُنهيءَ جي عاشقيءَ جو ڪر قدر
    پيارُ هُو خيرات جان گُهرندو ڪٿي

    تون پڙهين ٿي شاعري جنهن شخص جي
    تو اڳيان هوندي به هُو ڪُڇندو ڪٿي

    دلِ، اکينِ جُون تو دريون ڏيئي ڇڏيون
    هُو مسافر هِتِ، هُتي رلندو ڪٿي

    روپُ بادلَ جو ڪيو محبوبَ جو
    دلِ پُڇي ٿي هُو ڀلا وسندو ڪٿي

    دردَ سڀ هُن کان ويا آهن رُسي
    شعرَ هُو هاڻي اُهي لِکندو ڪٿي

    جهنگُ اوندهِه جو اکين ۾ ٿو رهي
    تُون نه آهين سوجهرو کُٽندو ڪٿي

    تُون ڀلي ماچيس مان تيلي ڪا ٻارِ
    لفظُ پر سگريٽ جان دُکندو ڪٿي

    جن ڪڏهن ناهي ڪيو ڪو انتظار
    تن اکين ۾ لُڙڪ پو ترندو ڪٿي

    مُنهنجي اندرَ ۾ ڇڏي طوفانُ وئي
    سمنڊُ آهي مون جيان لُڇندو ڪٿي

    عشقَ! ٿوري پيرڙن ۾ جاءِ ڏي
    تو جيان ٻيو ڇانورو ملندو ڪٿي

    تُون هوائن جي پٺيان پيو ٿو ڊُڪين
    سومرا! تُنهنجو سفر کُٽندو ڪٿي


    نينهن نچايو مينهن ۾

    نينهن نچايو مينهن ۾

    ڪي مسجد ڪي مندر، ڪي گرجا کي پرتا
    سارا ئي رستا، وڃن ٿا محبوب ڏي

    سچل! تُنهنجو فلسفو، هيڻن جي تقدير
    ڳائن ٿا فقير، يڪتارن جي ڇانوَ ۾

    هندو، مومن، باگڙي، ساڳئي سواري
    هڪڙي ئي لاري، وڃي پيئي جهوڪَ ڏي

    مسجد تان اُڏاري وڃي، ويٺو مندر تي
    اُجري ڪبوتر کي، ڇا تون روڪي سگهندين

    اڏي ڇڏ تون پنهنجي، اندر ۾ اجمير
    رهي نه ڪوئي ميرُ، غير نه ڪوئي آدمي

    جوڳيءَ کي جنون مان، نچائي ٿو نينهن
    وسي پيو مينهن، سچلَ جي درگاهه تي

    نڪي مسجد مونجهارو، نه گرجا منجهه گمانُ
    ها، پر هي اِنسانُ، ڇو ٿو پوکي نفرتون


    عشق جي آرسي

    عشق جي آرسي

    عشق جي آرسي تو آ وڪڻي ڇڏي
    بس گُذارين پيو کوکلي زندگي.
    ڪيڏو خالي تُون اندر کنيون ٿو وتين
    شڪ جو ٿو رهين تون سدائين شڪار
    ڪين ڪنهن کي به آڇيو ڪڏهن تو آ پيار
    نه ڪنهن جو ڪيو تو ڪڏهن انتظار
    جي به جملا چوين لُوڻ جهڙا لڳن
    تون ٻين جي خوشيءَ ۾ نٿو خوش رهين.
    ڪنهن مسافر ڀُليل جو نه رستو ٿئين
    ڪيڏو سستو ٿئين.
    ڇانوَ ڪنهن جي مٿان تو ڪڏهن ڪانه ڪئي
    سڀ کي اَرپي آهي تو اِها ڌرتتي
    ذات پنهنجيءَ منجهان ڪين آجو ٿئين
    ماڻهو ڇا جو ٿئين.
    توکان بهتر لڳن ٿا هُو اُجرا پکي
    وڻ جي ٽاريءَ تي جي
    ويهي ڪنهن جي گِلا هُو ڪڏهن ڪين ڪن
    جي به ٻوليون چون
    پيار جو ئي سنيهو اُهي ٿيون هجن.
    ڪاش تُون به هجين ها ڪو اهڙو پکي
    اڙي آدمي!




    واٽون ته ڪيئي آهن

    واٽون ته ڪيئي آهن
    هڪڙي ئي شخص ۾
    ڳولي تُون ڪيئن سگهندين؟

    هُن جو ظهور آهي
    تُنهنجي ئي عڪسَ ۾
    ڳولي تُون ڪيئن سگهندين؟

    ناتر ٻُڏي وئي هئي
    پنهنجي ئي رقص ۾
    ڳولي تُون ڪيئن سگهندين؟

    ناهي، جُدائي روڪڻ
    ڪنهن جي به وسَ ۾
    ڳولي تُون ڪيئن سگهندين؟

    گُم ٿي ويا گهڻائي
    دلبر جي گسَ ۾
    ڳولي تُون ڪيئن سگهندين؟




    ڪائنات هڪ دريءَ مان لوڪو! ڏسان ٿو مان

    ڪائنات هڪ دريءَ مان لوڪو! ڏسان ٿو مان
    جنهن پل به هُن پرينءَ جو چهرو ڏسان ٿو مان

    رنگن خوشين جو ميلو اڻ ڄاڻ سارا ماڻهو
    هڪڙو ئي درد آ جو پنهنجو ڏسان ٿو مان

    اوندهِه جي هِن سفر ۾ تُنهنجا ٿا ٽهڪ گهرجن
    تُنهنجي کِلڻ سان روشن رستو ڏسان ٿو مان

    تومان مٽيءَ جي خوشبو مون کي اچي پئي
    سنڌ جو اکين ۾ تُنهنجي نقشو ڏسان ٿو مان

    اي ديس! تُنهنجون مُرڪون ڪيڏانهن ويون الائي
    ماڻهو اُداس تُنهنجو هرڪو ڏسان ٿو مان

    ڪاغذ تي عڪس ٺاهي چپڙن جو هو ڏنو تو
    توکي سنڀاري تُنهنجو تحفو ڏسان ٿو مان

    تُنهنجي پٺيان مسافر ڪيئي ويا رُلي ها
    هر جاءِ عشق! تُنهنجو جلسو ڏسان ٿو مان


    هڪ ديس ڀڳت جو ڏس پتو گهرجي

    هڪ ديس ڀڳت جو ڏس پتو گهرجي

    حشو ڪيولراماڻي
    ديس ڀڳت انقلابي هو.
    هُن سماج کي تبديل ڪرڻ چاهيو،
    پر هڪ ڏينهن هن جي وطن جو
    نقشو ئي تبديل ٿي ويو
    ۽ ديس بدري هُن جي حصي ۾ آئي.
    ديس بدري ۽ دربدريءَ جي
    ڪيفيت ساڳي هوندي آهي.
    اجنبي ديس ۾
    پنهنجا به اوپرا ٿي ويندا آهن.
    هُو سنڌ جي مٽيءَ مان ڳوهيل
    هڪ سچو انسان هو،
    جنهن وٽ جيئري رهڻ جو
    ڪوبه فن ڪونه هو.
    هُو، چالاڪ ماڻهن جي دنيا ۾
    ٻن مان ٻاويهه نه ڪري سگهيو.
    هن جي اکين ۾
    سنڌ جي چنڊ جو عڪس هو
    جيڪو اُلهاس نگر ۾
    ڌُنڌلو ٿي ويو.
    هُن جا خواب
    اُلهاس نگر کان گانڌي ڌام تائين
    دربدر ٿيندا رهيا.
    هُو انهن دربدريءَ جي گهٽين ۾
    خبر ناهي ڪٿي گمُ ٿي ويو!


    تون ڪو خوابُ سپيءَ جو ناهين!

    تون ڪو خوابُ سپيءَ جو ناهين!

    مٽي جهڙا ماڻهو تُون ڇو
    هِن مٽيءَ کان گهٻرائين ٿو
    جنهن ۾ دوست رهي ٿو تُنهنجو
    اُن گهٽيءَ کان گهٻرائين ٿو

    تُون ته هوا کان هلڪو آهين
    بڙَ جي جڙَ ۾ مُور نه رسندين
    ڇانوَ جي دل ۾ جو آ سپنو
    اُسَ ــ اکين سان مشڪل پسندين

    تو آ جيڪو رستو چونڊيو
    پنهنجن کان سو دُور وڃي ٿو
    ظاهر ڪيڏا رنگ انهيءَ تي
    ٽوڙي سو دستور وڃي ٿو

    ڏيئي جي هِن اک ۾ ڏِسجي
    ڪيڏا لُڙڪ سُتا پيا آهن
    ساري رات جلي ٿو تنها
    پوءِ به ميارون اُن وٽ ناهن

    پورالو هڪ وڻ آهين تون
    ڪيئن هوا سان ڳالهائيندين!
    تنهنجا پير اُگهاڙا آهن
    ڪيئن ڪنڊن کي سمجهائيندين!

    جي آ راهَه اسان جي ڌُنڌلي
    تون ڪو خوابُ سپيءَ جو ناهين
    لهرن تي ويساهُه نه تُنهنجو
    پوءِ به سمورو سمنڊ ٿو چاهين

    هُو به ته هڪڙو ماڻهو آهي
    ڳاهُه ٻنيءَ ۾ ڳاهي ٿو جو
    ڊاهڻ بدران ٺاهي ڇڏِ تون
    ديس به توکان چاهي ٿو سو

    ڪيڏا پيارا ماڻهو ها، جي
    الائي ڪهڙي پار لڏي ويا
    آشائن جي رُڃَ ۾ رُلندي
    قدمن جا نيشان ڇڏي ويا
    اڻپورا ارمان ڇڏي ويا

    تون به ته يار! لڏي ئي ويندين
    ميلو نيٺ ڇڏي ئي ويندين











    ڄڻ ته ڪا اُجڙيل حويلي ٿي وئي

    ڄڻ ته ڪا اُجڙيل حويلي ٿي وئي
    تو سِوا هيءَ دل اڪيلي ٿي وئي

    پيار جي اِهڙي هوا هُن کي لڳي
    لامَ خاليءَ مان چنبيلي ٿي وئي

    زندگيءَ جو ڪو سبب بڻجي پيو
    شاعري منهنجي سهيلي ٿي وئي

    هر گُذارش کي ڇڏي ٿي رد ڪري
    هُوءَ صفا آهي هٺيلي ٿي وئي

    مان ڪيان پرواهه ڪنهن جي هاڻ ڇو؟
    عاشقي آ ٻانهن ٻيلي ٿي وئي









    ويندين سهي مُسافر!

    ويندين سهي مُسافر!
    روهڙيءَ سکر جي گرمي
    ڪاٿي ڏکيو نه ٿيندين

    اکين ۾ پيارُ اوتي
    لهجي ۾ ڌار نرمي
    ڪاٿي ڏکيو نه ٿيندين

    دل ۾ ويهاري صوفي
    ٿيندين اگر جي ڪرمي
    ڪاٿي ڏکيو نه ٿيندين

    ساميءَ جي ديسَ ۾ تون
    ليڪا نه پاءِ ڌرمي
    ڪاٿي ڏکيو نه ٿيندين









    دل مڃي ئي نٿي

    دل مڃي ئي نٿي
    ڪوئي منهنجو چيو
    پيار توسان ته ٿيندو
    وڃي ٿو پيو
    روز سوچان پيو
    ڪيئن تو کي چوان
    دل مڃي ئي نٿي

    تو سان اظهار جا
    ۽ انهيءَ پيارَ جا
    ڏانوَ ٿو ڳوليان
    خط لکي روز ٿو
    آءٌ ڦاڙي ڇڏيان
    ڪيئن توکي چوان
    دل مڃي ئي نٿي

    جي رُسين تو متان
    بس اِنهيءَ خوف کان
    ڪجھه نٿو مان ڪُڇان
    پاڻ ئي پاڻ سان
    مان ٿو اُلجهي پوان
    ڪيئن توکي چوان
    دل مڃي ئي نٿي

    جي انهيءَ ماڳَ تان
    ٿي وياسين جدا
    پوءِ ته پڇتاوَ جا
    نانگ ويڙهي ويندا
    ڪو ڏَسي ڇا ڪيان
    ڪيئن توکي چوان
    دل مڃي ئي نٿي
    ڪوئي منهنجو چيو


    پهريون ذائقو پيار جو

    پهريون ذائقو پيار جو

    اڃان به اسڪول کي، لڳل آهي تالو
    ڌرتيءَ تي نالو، ٻارُ لکي ٿو پنهنجو

    منهنجيءَ درسگاهَه ۾، دهشت جي ٻولي
    هڪڙي ئي گولي، اوندهِه آڻي ٿي ڇڏي

    سِنڌُ لفظ سليٽ تي، ننڍڙو ٻارُ لکي
    ڇڏي ٿو اُنهيءَ تي، پنهنجا چپَ رکي
    ڏٺئين ڄڻ ته چکي، پهريون ذائقو پيار جو

    نڪا روشني علم جي، نه بلب ڪو روشن
    دونهاٽيل درشن، سرڪاري اسڪول جو

    بندِ پيل اسڪول جو، جڏهن گهنڊ وڳو
    کڻي ڪتابَ ڳوٺ جو، هرڪو ٻارُ ڀڳو
    مون کي اِئين لڳو، جيئندي ٻولي شاهَه جي

    ويو ورهائي روشني، سائين لڇمڻ داس
    اوتيو جنهن اڀياس، علم ۽ اِنسان جو





    نظر واٽَ ويندي نظر ۾ ٻُڏي وئي

    نظر واٽَ ويندي نظر ۾ ٻُڏي وئي
    ڪائي ناوَ ڄڻ ڪا لهر ۾ ٻُڏي وئي

    نديءَ تي اچي وارَ ڇوڙيا جڏهن، تو
    سڄي ماٿري ڄڻ سحر ۾ ٻُڏي وئي

    هُو آيو ته ٻارن لئه خوشيون خريدڻَ
    سندس پر غريبي، شهر ۾ ٻُڏي وئي

    دري بند مُرڪي، ڪري هُوءَ ويئي
    کنوڻ اوچتو جئن ڪڪر ۾ ٻُڏي وئي

    اُنهيءَ کي ته ڪورڻ چاهيو سنگتراش
    اُها مورتي جا پٿرَ ۾ ٻُڏي وئي

    ڪوي! تو لکي جا سڄي شاعري سا
    ڀٽائيءَ جي هڪڙي اکر ۾ ٻُڏي وئي

    جيڪا عشق تاري هُئي دل اسان جي
    اُها ساڌوٻيلي سکر ۾ ٻُڏي وئي




    اَڄُ به تُنهنجي ياد جا

    اَڄُ به تُنهنجي ياد جا
    روحَ جي رستن مٿان
    رنگ ٿا وکري وڃن

    منهنجي اُجڙيل شامَ ۾
    تُنهنجي هڪڙي ٽهڪَ سان
    رنگ ٿا وکري وڃن

    مُند ڪهڙي به هجي
    تون سکي گذرين جتان
    رنگ ٿا وکري وڃن

    پيار جي ديوار تي
    نانءُ تنهنجو ٿو لکان
    رنگ ٿا وکري وڃن

    ٺاهيندي تصوير تُنهنجي
    سار ۾ گمُ ٿي وڃان
    رنگ ٿا وکري وڃن


    مون ڏي اچين ٿي جڏهن

    مون ڏي اچين ٿي جڏهن

    تانگهه به رهندي ساڳي، تو ۾ رهندي ڇڪ
    توسان منهنجي سِڪَ، جهڪي ٿيندي ڪينڪي

    مون ڏي اچين ٿي جڏهن، دُور پهاڙن تان
    سچُ پُڇين مون کان، سڀ ڪجھه وسري ٿو وڃي

    آهي تنهنجي پيار جو، اهڙو جادُو ڪو
    تو تي الائي ڇو، ڪاوڙ اچيئي ڪانه ٿي

    پنهنجو هڪڙو بيت هي، ڄڻ ڪنهن گل جيان
    توکي ٿو ارپيان، تنهنجي جنم ڏينهن تي

    عاشقيءَ جي واديءَ ۾، مليون جي ديدون
    اڱڻ ۾ عيدون، لهي آيون ڪيتريون

    هي جو منهنجو بيت آ، تنهنجو پڻ آهي
    توجئن ٿو چاهي، منهنجو من به سونهن کي

    مايا ميڙڻ ميهڻو، محبت ميڙي مون
    مون کي ملينءَ تون، آئون آسودو ٿي ويس




    سُونهن کي ڏيندو سلامي ٿو اچي

    سُونهن کي ڏيندو سلامي ٿو اچي
    عشقُ ٽوڙي هر غلامي ٿو اچي

    ٿو پوي ٻيهر ٻري هڪ مُرڪ سان
    تُنهنجي در تي جو اُجهامي ٿو اچي

    پيارُ آهي پرهَه جهڙو ڪو پکي
    سمنڊَ دل جي تان اُڏامي ٿو اچي

    وارَ ڇوڙي پئي ٿي جُهومي شاعري
    شاهه، سچل ۽ هُو سامي ٿو اچي

    تُون غُصي ۾ ڄڻ لڳين تلوارَ ٿي
    ڪو ستمگر ڄڻ ته شامي ٿو اچي

    ڪربلا محلي ۾ آهي منهنجو گهرُ
    درد ئي مون ڏي مدامي ٿو اچي

    مئڪدا تنهنجن اکين جا پُرخُمار
    جامَ ٽوڙي، هرڪو جامي ٿو اچي

    برهَه جون ڪيئي بلائون ٿو بڇي
    عشق بڻجي جوڳي سامي ٿو اچي









    اوسيئڙي کان بهتر آهي

    اوسيئڙي کان بهتر آهي
    ٻيڙي پاڻَ اُڪارِ
    ڪهڙو ڪنهن جو آسرو

    ڌُنڌلي جيونَ ـــ درسني
    جاڳي پاڻَ اُجارِ
    ڪهڙو ڪنهن جو آسرو

    سهارن جي ڳولا ۾
    وک نه هلڪي ڌارِ
    ڪهڙو ڪنهن جو آسرو

    آدرشي تُون اندر مان
    پنهنجو سجُ اُڀارِ
    ڪهڙو ڪنهن جو آسرو


    الزام ۾ ويڙهيل لاش

    الزام ۾ ويڙهيل لاش

    اَڄُ منجهند جو ئي هُن
    ڪپڙا ڌوئي ڪوٺي تي
    سُڪڻا وڌا هئا،
    هُن پنهنجي اُنهيءَ ڀاءُ جا به
    ڪپڙا ڌوتا هئا.
    جنهن هُن تي الزام هنيو هو.
    ڪپڙا تڻيءَ تي وجهندي
    هُن جي نظر ٿورو پريان هلي وئي هئي
    سرسبز ٻنيون ۽ هاري
    وڻَ، پکي ۽ ٻارڙا
    اوچتو ئي سڀئي رنگ ۽ منظر
    الوپ ٿي ويا هئا.

    مٽيءَ ۾ ڀڀوت
    بي حرمتي ٿيل لاش.
    لا وارثيءَ جي حالت ۾
    گڏهه گاڏي تي اسپتال پهچايو ويو.
    پوسٽ مارٽم لاءِ ٽيبل تي رکيل
    ڪپڙن کان آجو
    الزام ۾ ويڙهيل لاش
    هُن جا ڌوتل ڪپڙا
    اڃا تائين رسيءَ تي سڪي رهيا هئا.


    اُلڪا عُمر ڪوٽ جا

    اُلڪا عُمر ڪوٽ جا

    جرڳا، ٿاڻا، ڪورٽون، بي واها اِنسانَ
    چيڀاٽيل ارمانَ، ڀوتارن جي راهَه ۾

    روز وڃي ٿو ڦهلبو، دونهين وانگر ڀَؤُ
    بندوقن جو ڍَؤُ، الائي ٿيندو ڪڏهين؟

    اسان پنهنجون ٻين کي، ڏنيون سي واڳون
    ٻيڙيءَ کي واڳون، آهن پهتا ويجهڙا

    جهيڻا ٿين شالَ هي، هٿيارن جا هڏَ
    هتيارن جا سڏَ، اڃا آهن موت کي

    وئي ٻڍيءَ جي لٺ کي، اُڏوهي کائي
    بيٺي آهي قطار ۾، پيئندي توائي
    ڪيڏي رُسوائي، بيت المال جي درَ تي

    روڪين ٿا راهون، اڄُ به احتجاج جون
    اُلڪا عُمرڪوٽ جا، جوهيءَ جون آهون
    ڌرتيءَ جون دانهون، ٻوڙا ٻُڌن ڪين ٿا





    سجدو ڪبو پرينءَ کي، مالها اُنهيءَ جي جپبي

    سجدو ڪبو پرينءَ کي، مالها اُنهيءَ جي جپبي
    مصلو وڇائي دل ۾، پنهنجي نماز پڙهبي

    مستن جي آهي مستي، هر ڪيف کان مٿانهين
    دلبر جي ساڻُ هوندو، ڪنهن جي نه ڪاڻِ ڪڍبي

    اندر جي آدميءَ کي، رستو فقيري ڏسبو
    جي هُو مڙيو نه ظالم، پنهنجي ئي راهَه وٺبي

    محبت امن ورهائڻ، منشور آهي پنهنجو
    نفرت جي ليڪ گڏجي، هرجاءِ ڊاهي ڇڏبي

    سالڪ! پنهنجي عمل سان، تبديل ذهن ٿيندا
    ٻيهر امن جو مرڪز، ڌرتي اسانجي سڏبي

    ”مان ئي مهان ماڻهو، ساري حقير دنيا“
    اِهڙو نه ڪو ارادو، اهڙي نه سوچَ رکبي

    جوڳين کي روڪبو ۽ ترسي هتي مسافر!
    بيدل جا بيت ٻُڌبا، روهڙيءَ جي راتِ پَسبي

    لاهوت جي گهٽين ۾ خاڪيءَ چيو هو مونکي:
    هڪڙو اکر اُچاري جاڳي آ رات ڪٽبي


    محقق عشق ناهي ڪندو

    محقق عشق ناهي ڪندو

    محقق عشق جي ٻولي نٿو سمجهي
    هُو فقط ٻوليءَ بابت تحقيق ڪندو آهي.
    هُن کي اِنهيءَ ڳالهه سان
    ڪا به دلچسپي ناهي ته
    سسئي،
    پنهون جي ڳولا ۾ اڪيلي ڇو وئي
    ۽ مومل، خودڪشي ڇو ڪئي؟
    هو فقط اِها تحقيق ڪندو آهي ته
    سسئي پنهونءَ جي تربت ڪٿي آهي؟
    ۽ مومل جو ڪاڪ محل
    هينئر ڪهڙي حالت ۾ آهي؟
    محقق، انارڪليءَ جي دل جو درد به
    محسوس نٿو ڪري
    هُو فقط اِهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته
    هن کي ديوار ۾ لِنبيو ويو هو
    يا هُوءَ اُتان بچي نڪري وئي هئي؟
    محقق کي
    زيب النساءِ مخفيءَ
    جي محبوب سان به
    ڪا دلچسپي ناهي.
    هن جو مسئلو اهو آهي ته
    ٽيهه هزاري باغَ منجھان
    زيب النساءِ مخفيءَ جو مقبرو
    ڪيئن غائب ٿي ويو؟
    محقق، شڪ ڪندو آهي
    ۽ هر معاملي ۾ تحقيق ڪندو آهي.
    تنهنڪري هُو
    عشق ناهي ڪندو.
    ڇو ته عشق ۾
    شڪ جي ڪا به گنجائش نه هوندي آهي.


    هستيءَ کي پستيءَ ۾ آڻي، عشق پاتي دستارَ

    هستيءَ کي پستيءَ ۾ آڻي، عشق پاتي دستارَ

    ساڌُو، سنتن، درويشن جا، ڀونءِ تي آهن ڀالَ
    رقص ۾ آهي روهڙي ساري ڌرتي ڌُوم ڌمالَ

    روهڙيءَ جا سينگار ٿيا هِن، ڪيئي سنياسي
    بيدل، بيڪس، ساڌُو صوفي، ڌرتيءَ جا واسي

    ڪير آ ’بيدل‘ ڪير آ ’پيرل‘، سڀڪجھه تُون ئي تُون
    اندر ۾ جو عشق ويهاري، جهاتِي پاتِي مون

    روهڙيءَ جي بازار ۾ آيو، خُوابَ کڻي جوڳي
    جنهن سان ملندي سُرها ٿيا ها بستيءَ جا روڳي

    بيدل جو هر بيتُ لڳي ٿو صوفيءَ جو سپنو
    تُون به طالب پڙهُه اِهو ئي عاشق جو تحفو

    عشقَ بنا اِنسانُ اڌورو ڀوڳي ٿو بنواسُ
    شعر پڙهي بيدل جا ويٺو سوچي *جهامنداسُ

    دُور ٿي ويندا توکان سارا، اُلڪن جا امڪانَ
    ويهي پڙهه تُون ”وحدت نامو“ وحدت ۾ انسانَ

    عشقَ جو پائي ڳانو آيو، ميلي ۾ محبوبُ
    روحُ اسانجو رقص ۾ ايندي اُڏري اُڏري خوبُ

    سارنگ، ديسي، آسا، جهنگلو، سارا تُنهنجا سُرَ
    دلبر تُون بس راضي ٿي پئُه، راڳيءَ جي ڇا گُهرَ

    بي رنگي بازار ۾ آيو، جوڳي رنگن سان
    لالُ ويا ٿي بي رنگ ها جي ماڻهو سالن کان

    دُوئيءَ واريون دليون ڌوئي ميرُ ڪري ٿو دُور
    بيدل کي *بيدل ٿو ڳائي، محبت ۾ مسرُور

    سچلَ جي سرمستيءَ جهڙي سنڌوءَ جي مستي
    مستيءَ جي اُن رستي ۾ آ، بيدل جي هستي

    هستيءَ کي پستيءَ ۾ آڻي، عشقَ پاتي دستارَ
    جنهن ۾ ڪائي سوڀَ نه آهي، ناهي ڪائي هارَ

    سوچي، سوچي، وِکَ کڻي ٿو گيڙؤَ ويسُ فقيرُ
    روهڙيءَ جي هر گهٽيءَ ۾ آهي ننڊَ پيو ڪو پيرُ

    عشق جو عڪس ڏسي پاڻيءَ ۾ روهڙي رقص ڪري
    تُنهنجي اندرِ عشق جو اهڙو، ڏيئو شالَ ٻري

    ارڏائيءَ جي اندرَ مان تُون ڊاهي آءُ لڪيرَ
    دلبر جي دروازي تي ڏس ويندين ڪيئن فقير!؟

    اچي اوچتو هُن تي آهي عشق ڪيو جادُو
    بيدل جي ڪافي ٿو ڳائي مندر ۾ ساڌُو

    هِڪَ ڀرِ بيدل، ٻيءَ ڀرِ آهي خواجه جو اَسٿانُ
    ڌرم ڪرم ۾ ڇو ٿو اُلجهي اڄڪلهه جو اِنسانُ


    *جهامنداس - بيدل سائينءَ جو مُريد
    *بيدل - بيدل مسرور بدوي


    ڪڏهن ته روهڙيءَ آءُ

    ڪڏهن ته روهڙيءَ آءُ

    هونئن ته هن آدم جو، پورو آهي حال
    عشق اچي ابدالُ، ڪري ٿو اِنسان کي

    ڪيڏانهن ويو ماڻهپو، اچو ته ڳوليون گڏُ
    متان ڪوئي سڏُ، ٻُڌي هُو موٽي اچي

    انا تنهنجي اندر ۾، فنا جو سامانُ
    دل جو روشندان، کولِ ته ملئي سوجهرو

    مندر ۾ ڪهڙو ويو، مسجد ۾ هو ڪيرُ
    گُهري ٿي لطيف جي، ڌرتي سڀُ جو خيرُ
    ڌوئي ڇڏِ هي مير، اندر مان اِنسان تون

    صوفي! تنهنجي ديسِ ۾، ساڳيو آهي انڌيرُ
    جتي به رکجي پيرُ، اُتي جاڳي نانگ ٿو

    بيدل جي درگاهه تي، ڪڏهن ته روهڙيءَ آءُ
    پٽ تي ويهي کاءُ، ننگر ڪنهن فقير سان

    بُلڙي شاهه ڪريم جي، بيدل جي روهڙي
    پريت نه ٿي پوڙهي، عاشقيءَ جي پنڌ ۾





    سُڏڪو سُڏڪو زندگي ڳڻجي کڻي

    سُڏڪو سُڏڪو زندگي ڳڻجي کڻي
    پن وانگر پاڻ ئي ڇڻجي کڻي

    ڪو ٻُڌڻ وارو رهيو ناهي هتي
    هي غزل ديوار تي هڻجي کڻي

    سُونهن جون آهن سوين ئي صورتون
    پوءِ به هُن جو نانءُ ڪو رکجي کڻي

    ڪوبه چهرو ڪين ٿو من کي وڻي
    پاڻ کي اڄُ پاڻ ئي وڻجي کڻي

    جُهڪڻو ناهي پر ڪڏهن ٿورو جهڪي
    گُل رستي تي ڪريل کڻجي کڻي

    هُوءَ انا جو ٿي وئي آهي شڪارُ
    هن جي در تي پاڻ ئي هلجي کڻي

    ٿا مسافر درد جا گذرن جتان
    خواب ڪو ٻاري اُتي رکجي کڻي

    سال ٿيا جو در تي کڙڪو ناهِه ٿيو
    پاڻ کي اَڄُ پاڻ ئي سڏجي کڻي











    موڪلائڻ مهلَ

    موڪلائڻ مهلَ
    هٿُ هوا ۾ کڻي
    الوداع تو ڪئي
    ڏور ٿيندي وئي
    ٽرين جي هوءَ دري
    ڪيرُ ملندو وري!

    سينڌ تُنهنجيءَ سِوا
    ڪوئي رستو نه هو
    پيار جي پارَ ڏي
    گيتُ پهتو نه هو
    ڳالهه ٿي وئي ڳري
    ڪيرُ ملندو وري!

    پنهنجي ڀاڳن ۾ ڇو
    ڪوئي جُگنو نه هو
    تون جي ناهين هتي
    ٿِي اکين جي وئي
    روشني آ ڍري
    ڪيرُ ملندو وري!

    پاڻ سان تون کڻي
    وئي آهين هر خوشي
    درد مون کي ڏئي
    مون کلڻُ چاهيو
    لُڙڪ آيا تري
    ڪيرُ ملندو وري.


    آهي مون سان شاعري

    آهي مون سان شاعري

    اندر ۾ هيءَ شاعري، مون سان آهي گڏُ
    جڏهن به ڪيان سڏُ، لفظ اچن ٿا ڊوڙندا

    منهنجو ڀُلجي بيت ڪو، تو وٽ اچي جي
    تون بس انهيءَ کي، هڪڙو گل ڏجانءِ کڻي

    مون کي نه ڏسي گهر ۾، موٽي وڃن ٿا
    بيت هي پُڇن ٿا، ڪيڏانهن ويو سومرو؟!

    توکي ڪڏهن ڀُلجي، منهنجي لڳي سِڪَ
    منهنجي ڪائي هِڪَ، وائي تون جُهونگَارجان

    مون کان بيت پُڇن پيا، ڇو ٿو سڏين تُون؟
    ننڊون اسان جون، ڇوٿو ڦٽائين سومرا!؟

    شام سان گڏ شاعري، مون ڏي اَڄُ آئي
    ڪاڳر تي وائي، ڇڏي هُوءَ هلي وئي

    هڪڙي سٽ لکي هئي، هڪڙو سالُ اڳي
    متان وقت لڳي، اُن کي شعر ٿيڻ ۾


    شاعريءَ ۽ گفتگوءَ ۾ باڪمال

    شاعريءَ ۽ گفتگوءَ ۾ باڪمال

    ٽُڪَ جي رليءَ تي ويٺل
    مون ڏٺو مخدوم کي
    سنڌ جي سُهڻي ثقافت جو لڳو مون کي امين
    ماڻهپي ۾ هو ٿيو ڪامل يقين
    سادگيءَ ۽ انڪساريءَ سان ڪيو
    ريشمي لفظن سان جنهن اظهار هو.
    سٽ هڪڙيءَ ۾ ڏجي جنهن جو مثالُ
    ”شاعريءَ ۽ گفتگوءَ ۾ باڪمالُ“.
    هي فنا جو فلسفو لاڳو نه ٿيو
    ديس جوئي عشق آهي لازوال
    درد جا ڪيئي مسافر ويا هليا
    ڏات سان جيڪي هيا سڀُ مالا مالُ
    حال جي هالا جو آهي
    ڪهڙو حالُ؟!



    (مخدوم طالب الموليٰ صاحب سان 19 نومبر 1981ع تي هالا ۾ ملاقات)











    سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي

    سمنڊ تي ڪا زندگي بيچين هئي
    ڇولين جي نغمگي بيچين هئي

    تنهنجي چپڙن تي اچي ها شعر ڪو
    ڊائريءَ ۾ شاعري بيچين هئي

    هو اڃان طوفان گـــهريءَ ننڊ ۾
    ڇو ڏيئي جي روشني بيچين هئي؟!

    شخص هرڪو منتظر تولاءِ هو
    شهر جي هر چؤدڳي بيچين هئي

    سمنڊ وانگر مان هتي لُڇندو رهيس
    سارَ ۾ ڪائي سکي بيچين هئي

    رات کي اُلڪا ورائي ها ويا
    جهوپڙيءَ ۾ ڪا بتي بيچين هئي

    رقص جي ناهي اجازت ديسَ ۾
    ڪيتري هُـوءَ نِرتڪي بيچين هئي!

    روشنيءَ جا رنگ ها ۽ ٽهڪ ها
    پر اُتي هڪ ڇوڪري بيچين هئي

    سانوري! برسات جان آئينءَ نه تون
    منهنجي دل جي ڌرتتي بيچين هئي
















    گهاري وڃبي راتڙي

    گهاري وڃبي راتڙي
    ڀَلُ جي سجُ لَٿو
    ڇا لئه اُلڪا ٿو ڪرين؟

    رڳو دُکي ناهين تون
    گهرِ گهرِ سورَ ــ سٿو
    ڇا لئه اُلڪا ٿو ڪرين؟

    تُنهنجي دل جون ڳالهيون
    سمجهي لوڪ نٿو
    ڇا لئه اُلڪا ٿو ڪرين؟

    ايندا آهن عشق ۾
    ڪري درد جٿو
    ڇا لئه اُلڪا ٿو ڪرين؟


    هڪ تمدني الميو

    هڪ تمدني الميو

    چا چا سائين!
    اسين سڀئي هاڻي
    قاسم آباد ۾ آباد ٿي ويا آهيون.
    فقير جي پڙ ۾
    ڪو به فقير ناهي بچيو.
    ڀائي خان جي چاڙهيءَ تي
    هاڻي صرف ڀائي لوگ ئي رهن ٿا.
    اسان جي هن نئين شهر ۾
    تمام سُهڻا ۽ جديد بنگلا ٺهي ويا آهن.
    پر افسوس اِهو آهي ته
    اُنهن ۾ حيدرآباد وارا
    روايتي منگهه ڪو نه آهن.













    تُون ڀلي ڪجھه ڪو نه ڏي

    تُون ڀلي ڪجھه ڪو نه ڏي
    پر ڪڏهن مهڻو نه ڏي

    تُون رُسي ڪمزور دل کي
    تيز تر دَهڪو نه ڏي

    سِرُ ڀلي ڪٽجي وڃي
    غير کي پٽڪو نه ڏي

    دريءَ جي شيشي ڀڃڻ تي
    ٻارَ کي ڌڙڪو نه ڏي

    پُرفضا ماحول کي تُون
    شور ۽ کڙڪو نه ڏي

    پيار ڏي ۽ مانُ ڏي
    سُونهن کي سُڏڪو نه ڏي

    عاشقيءَ جو رک ڀرمُ
    چونڪ تي هوڪو نه ڏي

    هُو پکي ڀڙڪو نه ڏي
    خواب کي کڙڪو نه ڏي

    توسان ئي رهندو اِهو
    درد کي دڙڪو نه ڏي












    کنوڻين وانگي اوچتو

    کنوڻين وانگي اوچتو
    ڪاٿئون آئينءَ تون؟!
    مون کي مارڻ واسطي

    اکين جا هٿيار هي
    چوٽيءَ جون چوٽون
    مون کي مارڻ واسطي

    عاشقيءَ جي راهَه ۾
    ڪيئي نانگَ وڇون
    مون کي مارڻ واسطي

    آهن هي انڪار جون
    تُنهنجون چار سِٽون
    مون کي مارڻ واسطي

    ويهي ويري پيار جا
    جوڙنِ روز رٿون
    مون کي مارڻ واسطي


    وچڙن ٿيون واٽون

    وچڙن ٿيون واٽون

    پاڻ وساري پاڻ کي، ڳوليان ٿو مان پاڻ
    رستا رتو ڇاڻ، اَڄُ به آهن روحَ جا

    دردن سان گڏجي ڪيئي، خوشين جي ڳولها
    هرهنڌ تي ڳوڙها، بيٺا ڀليڪارَ ۾

    ماڳَ سُڃاڻن ڪين ٿا، وچڙن ٿيون واٽون
    آهي ڀوڳيو مون، توکان دُور رهي ڪري

    ايئرپورٽ تي ويندي، تو جي لوڏيا هٿَ
    ڄڻ ته ڪيئي رٿَ، ويا لتاڙي مون کي

    مشرِڪ تُنهنجو آهيان، توتي شڪُ ڪيو
    پاڻَ ئي اَڪُ ڪيو، ماکيءَ جهڙي پيارَ کي

    مون کان منهنجو نالو، جڏهن پُڇيو تو
    نڙيءَ ۾ سُڏڪو، مون کي ڄڻ اٽڪي پيو

    ٽڪرا ٿيل آهيان، جانب! جوڙي ڇڏ
    ٻيهر ٻوڙي ڇڏِ، مون کي پنهنجي پيارَ ۾






    سِوا تُنهنجي ٻيو ڪيرُ هو منهنجو

    سِوا تُنهنجي ٻيو ڪيرُ هو منهنجو
    ساري وستيءَ سان ويرُ هو منهنجو

    دل جي ديوار سا لُڏي وئي هئي
    ٻيو مڙيئي ته خيرُ هو منهنجو

    تُنهنجي اُجري ۽ پاڪ دامن تي
    مان مڃان ٿو ته ميرُ هو منهنجو

    سوئي رَتُ ۾ ويو ٻُڏي سارو
    جيڪو مسجد ۾ پيرُ هو منهنجو

    تُنهنجي ساراهَه جو حق ادا نه ٿيو
    ڪيڏو لفظن جو ڍيرُ هو منهنجو

    تُنهنجا تحفا ڇڏيا ها مون وڪڻي
    پاڻَ سان ئي انڌيرُ هو منهنجو


    ڇو مسافر کي ٿي رولين رُڃَ ۾ ؟!

    ڇو مسافر کي ٿي رولين رُڃَ ۾ ؟!

    سُونهن جو سانوڻ سدائين ڪين آ
    جي انهيءَ اسرار کي سمجهي سگهين
    پيار کان انڪار جو سوچين نه تُون.
    لوڪ جي ڳالهين کي ڇاهي ڀل چون
    چنڊ کي وهنجار نيريءَ ڍنڍَ ۾
    منڊَ ۾ ويڙهيو پيو سنسار آ
    بس اِهو ئي پيار آ جو راهَه ۾
    ساهَه ۾ اٽڪي پيو ڪو نانءُ آ
    هانءُ آ جو ڄڻ هٿن مان ٿو وڃي
    تو چيو: ”توکي سڃاڻان ڪين ٿي“.
    عاشقي ڄڻ موڪلائي وئي هلي
    ڄڻ جلي وئي زندگيءَ جي ڊائري
    شاعري توکانسوا، ڪهڙي ڪجي؟!
    لفظ ٿيا سَڀُ اوپرا ۽ اجنبي
    پيار جي تُون ڇانوَ ڇا لئه ٿي کسين؟!
    ڇو مسافر کي ٿي رولين رُڃَ ۾؟!
    اُڃَ ۾ پنهنجن اکين مان تُون پيار
    ٻيهر جيئارِ.













    ايڪتا جي ڏينهن تي ڪي

    ايڪتا جي ڏينهن تي ڪي
    معتبر مهمان ايندا
    اجرڪون آڻي رکو

    دوستيءَ جو درس ڏيئي
    ڳوٺ کي ٻيهر ڳنڍيندا
    اجرڪون آڻي رکو

    ديس جا ويچار گڏجي
    وانڍ ۾ ويهي ونڊيندا
    اجرڪون آڻي رکو

    نفرتون ٿينديون دفن هي
    عاشقي اوري اڏيندا
    اجرڪون آڻي رکو

    ساهتي ڪيئي سڳنڌون
    هو ورهائي پوءِ ويندا
    اجرڪون آڻي رکو

    آٿتون ڏيندا، دلاسا
    ڀائرن سان ڀاءُ ٿيندا
    اجرڪون آڻي رکو


    وچن جهولي لال جو

    وچن جهولي لال جو

    مرڻ جيئڻ ديس سان، ڪيڏانهن وڃين ٿو؟!
    ڇا لاءِ ڀڃين ٿو، وچن جهولي لال سين؟!

    نيرو ٿيندو آسمانُ، ويندا جُهڙَ لهي
    جهيڙا، لُڙَ لهي، ويندا پنهنجي ديس تان

    ڌرتي چاهي ٿي، بدحاليءَ کان آجپو
    عزت ساڻ ڳڀو، ملي هر اِنسان کي

    تُون ڇو ڇڏي سنڌ کي، وئين ايئن *ڀاڳيا
    ساڳيون خوشيون پنهنجون، درد هيا ساڳيا
    هاڻِ ته ها جاڳيا، پيڙهيل ماڻهو ديس جا



    سنڌ سدائين آهه ڪيوَ، امن وارو سَڏُ
    ظالمن سان گڏُ، خدا ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟!

    چوي ٿو هالارُ، آهي سنڌ صدين کان
    ڪين جُهڪائي سگهندو، اُن کي ڪو هٿيارُ
    دودي جو پڳدارُ، جيسين جاڳي ٿو پيو


    * ايس جي ڀاڳيا




    هر ڳالهه وساري تُون

    هر ڳالهه وساري تُون
    بس دل ۾ سنڀاري تُون
    هڪڙو ئي قصو رکجانءِ
    محبت جو حصو رکجانءِ

    هيءَ ڇا به چوي دنيا
    مهڻا ۽ ملن صدما
    تُون عشق سچو رکجانءِ
    هڪڙو ئي قصو رکجانءِ
    محبت جو حصو رکجانءِ

    سَڀُ ٽهڪ ورهائي ڏي
    پر من جي آڳر تي
    تون درد ئي ڪو رکجانءِ
    هڪڙو ئي قصو رکجانءِ
    محبت جو حصو رکجانءِ

    جنهن گيت لکيا تُنهنجا
    سو شاعر هو تنها
    تنهن جو ته پتو رکجانءِ
    هڪڙو ئي قصو رکجانءِ
    محبت جو حصو رکجانءِ


    ملاحن جي درد جو نوحو

    ملاحن جي درد جو نوحو

    سائين!
    اسان جي منڇر کي
    يرقان ٿيو آ،
    کيس بچايو.
    زهريلي پاڻيءَ منجهان
    مفلسي بُڙڪي ٿي
    ڪنول مرجهائجي ويا آهن
    ديسي ۽ پرديسي
    سڀئي پنڇي
    اُڏامي ويا آهن.
    مڇيون ته هاڻِ
    خوابن ۾ به نٿيون اچن.
    سجَ جي تکي اُسَ
    ۽ ستارن جي ڇانوَ ۾
    اسان مُهاڻا
    فقط ڏکن جا ڄارَ
    اُڻندا رهون ٿا.
    اسان جون اکيون هاڻِ
    رنگن ۽ موسمن جو فرق
    نٿيون ڪري سگهن.
    آوازن ۽ هنگامن جي
    هن دنيا ۾
    ملاحن جي درد جو نوحو
    ڪير ٻُڌي؟!
    ٻار وساري ويٺا آهن
    رانديون ۽ هو جمالو.
    سائين!
    اسان جي منڇر کي
    يرقان ٿيو آ
    کيس بچايو.


    چنڊ ڏُکارو ٿو لڳي

    چنڊ ڏُکارو ٿو لڳي

    ماڻهن جا ڳوڙها هئا، سنڌوءَ جو پاڻي
    نئين ڪا آکاڻي، لکجي پئي اِتهاسَ ۾

    بيٺل پاڻيءَ ۾ اڃان، ڦري ٿي فرياد
    اکرن ۾ امداد، رڳو پڙهجي ٿي سگهي

    ماڻهو رڳو ڪئمپ ۾، ناهن هي تنها
    ڳوڙها ۽ سڏڪا، تن سان ڪن ٿا ڪچهريون

    گهٽيءَ ۾ رانديون اچي، ڪُڏنِ ٻارَ ڪٿان
    ٻُڏل ڳوٺ مٿان، چنڊ ڏُکارو ٿو لڳي

    طبقاتي نظام جان، درياهَه جو دستورُ
    ٻوڙي ٿو مزدور، ڳڙڪائي ٿو جهوپڙيون

    امدادي هن ڪئمپ ۾، اٽو ڏيئي وزيرَ
    پوڙهيءَ سان تصوير، ڇپرائي اخبار ۾

    سڀني ديس ڌڻين جو، ساڳيو ئي اُلڪو
    سکر جو سُڏڪو، پُهتو کاري ڇاڻَ ۾









    ٻه ٽي پيار جا تُون اکر هي کڻي وَڃُ

    ٻه ٽي پيار جا تُون اکر هي کڻي وَڃُ
    ”اڃان ٿو جيئان مان“ خبر هي کڻي وڃُ

    اِهو عشق طوفان آهي ڪو بحري
    اکين ۾ سمائي لهر هي کڻي وَڃُ

    اسان ڪين پالي ڪڏهن دشمني آ
    هتي گُل رکي تون خنجر هي کڻي وَڃُ

    مٺيءَ ٿو وڃين پيو ٿرين لاءِ منهنجا
    تحفي طور ٿورا ڪڪر هي کڻي وَڃُ

    ڪيو معاف توکي اسان او زمانا!
    اسان کي هنيا تو پٿر هي کڻي وَڃُ


    مورن جا کنڀ

    مورن جا کنڀ

    رسول ميمڻ
    جڏهن سکر کان ننگر پارڪر پهتو
    ته شام جي چُنري
    ڦهلجي چُڪي هئي
    ڪارونجهر هُن جي آجيان ڪئي
    ۽ ساڻس شيخ اياز جي تعزيت ڪئي.
    رات جو هُن خواب ۾
    ”اوشا جي آشا“ ۾ ڀٽڪندڙ
    ”چچريل زندگين جا قافلا“ ڏٺا.
    هن روپلي ڪولهيءَ کي
    سوريءَ تي لٽڪيل ڏٺو
    ۽ پوءِ مسڪين جهان کوسي جي
    مس ڪُپڙيءَ مان قلم ٻوڙي
    هُن ”امن جي نالي“ هڪ گيت لکيو،
    جنهن کي موهن ڀڳت ڳائڻ لڳو.
    جنهن ڏينهن هُن اسپتال ۾
    هڪ زخمي مور جي ٽنگَ تي
    پٽي ٻڌي هئي،
    اُن رات، هن هڪ وائي لکي هئي.
    هو اڪثر شامَ جو
    ڪارونجهر پٺيان لهندڙ سج کي
    ڏسندو آهي
    ۽ ڪنهن کي ياد ڪندو آهي
    پنهنجي ڊائريءَ ۾
    مورن جا کنڀ
    ۽ ٿري لفظ گڏ ڪندو آهي.



    * رسول ميمڻ جي سکر کان ننگر پارڪر اسپتال بدلي ٿيڻ تي لکيل
    * رسول ميمڻ جي ڪتابن جا نالا ڏنگين ۾


    چانڊوڪيءَ جي ڇانوَ ۾

    چانڊوڪيءَ جي ڇانوَ ۾

    ڪيڏو ٻارَ ڊڪيا، ڀوري بادل پوئتان
    سدا اُنهن سمنڊ تي، وڃي رقص ڪيا
    اُڃيا ئي رهيا، آهن خواب ٿرين جا

    بهارن جا پيرڙا، پوءِ به ديسُ اُداس
    ڪاڇو، ٿَـــرُ اُماس، چانڊوڪيءَ جي ڇانوَ ۾

    پاڻي پاڻي ڪن پيا، اُڃارا سڀ لڪَ
    ٽانڊن جهڙا ڏينهڙا، ڇانوَ نه ڏين اڪ
    ڪٿي لاهي ٿڪ، ڪولهڻ ويهي واٽ تي

    ويو ٻُڏي هو سوچَ ۾، پوڙهو ڪارونجهر
    مورن بنا هِي ٿرُ، ڪيسين رهندو جيئرو؟!

    ڪارونجهر ۾ هُلَ، مور به ماندا ٿي ويا
    وڃن ٿا مُرجهائجي، ڏيهاڙي ڪئي گُل
    ڀوتارن جي ڀُلَ، کاتي ۾ تقدير جي

    ڀُڻڪيو ڀوڏيسرُ، دُکي ڪارونجهر ٿيو
    نعرا سڀُ مري ويا، اٽو، لٽو ۽ گهرُ
    سنڌ سموري ٿرُ، ڄڻ ته ٿيندي ٿي وڃي







    اوچا درجا پيار ڏئي ٿو

    اوچا درجا پيار ڏئي ٿو
    ڪيڏي مڃتا پيار ڏئي ٿو

    بند گهٽيءَ مان ٻاهر آڻي
    شاهي رستا پيار ڏئي ٿو

    درد وڇوڙا، مُرڪون سپنا
    اهڙا تحفا پيار ڏئي ٿو

    محبوبن جي گهاون جهڙا
    ڪيئي تمغا پيار ڏئي ٿو

    جيون آهي اجايو قصو
    اُن کي معنيٰ پيار ڏئي ٿو

    پاڻ ڪيون ٿا رُسوا اُن کي
    پر هو ڇاڇا پيار ڏئي ٿو

    کُهرا لفظ وڃن ٿا وسري
    مٺڙا لهجا پيار ڏئي ٿو


    ڪتابن کان ٻاهر به روشني آهي

    ڪتابن کان ٻاهر به روشني آهي

    دانشور!
    فهم ۽ اِدراڪ جا حوالا ڏيئي
    منجهيل سُٽ جهڙن لفظن سان
    پنهنجي ذات جي چوڌاري
    خود پسنديءَ جا دائرا نه بڻاءِ
    انا جي جهانَ کان
    ٻاهر به زندگي آهي.
    چهري تي ويراني ۽ خاموشي
    مفڪريءَ جي علامت ناهي
    چيلن توکي غلط ٻڌايو آهي ته
    شهر ۾ دانائيءَ جا دروازا
    فقط توتي ئي کُلندا آهن.
    دانشور!
    ڪڏهن ڀُلجي
    عشق تنهنجي گهرَ جو
    دروازو اچي کڙڪائي
    ته اُن جي آجيان ضرور ڪجانءِ.
    پنهنجي سوچ جي
    سُوڙهين گهٽين مان ٻاهر نڪري
    کليل فضا ۾ آءُ
    ڪڏهن دل جو چوڻ به وٺُ
    ڪنهن جو انتظار ڪر
    وهندڙ نديءَ
    گهاٽن وڻن ۽ پکين کي ڏِسُ
    هوا ڇا ٿي چئي،
    اُهو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪر
    ڪتابن کان ٻاهر به روشني آهي
    دانشور!


    ڀلو سڀَ جو ديس

    ڀلو سڀَ جو ديس

    ڏسندا رهيا ڳوٺ جا، ٻارَ هُو حسرت مان
    ڪيڏن سالن کان، بند پيل اسڪول کي

    بابا! هن اسڪول کي، ڪڏهن کوليندا؟
    ڪيسين روليندا، اسان کي اوڙاهَه ۾؟!

    علم ۽ ادراڪ جا، روشن ٿيندا گسَ
    ڏاها ڏيندا ڏسَ، اسان کي شعور جا

    پڙهن سندس ڳوٺَ ۾، پٽَ تي ويهي ٻارَ
    لُٽائيا ڀوتارَ، ڪيئي لک شڪارَ تي

    ڀلو سڀَ جو ديس آ، او بابو بنارسي!
    ڪوئي ڳالهائي عربي، يا اردو فارسي
    رهندي آرسي، مون لاءِ ٻولي شاهَه جي

    آهي علم شعور سان، ماڻهپي جو مانُ
    کوليندا احساس جو، هرهنڌ روشندانُ
    آهن سرگردان، ڏاها پنهنجي ڏيهَه جا






    مون سورج ٿڪلَ کي ڏٺو آهي روئندي

    مون سورج ٿڪلَ کي ڏٺو آهي روئندي
    ۽ سانجهيءَ مهلَ کي ڏٺو آهي روئندي

    اکين جي ڪجلَ جون ڪهاڻيون به ڪيئي
    مون ناريءَ ڊنلَ کي ڏٺو آهي روئندي

    مون پنَ پنَ جي من ۾ به جهاتي آ پاتي
    ۽ ٽاريءَ ٽُٽلَ کي ڏٺو آهي روئندي

    جڏهن ميڙَ ادبي تماشو ٿا بڻجن
    تڏهن مون غزلَ کي ڏٺو آهي روئندي

    مان ڪينجهر جا سُڏڪا ٻُڌان ٿو پيو ۽
    گُلابي ڪنولَ کي ڏٺو آهي روئندي

    سنڌوءَ مان جڏهن به اُڏامي آ واري
    ڀٽائيءَ، سچلَ کي ڏٺو آهي روئندي

    سدائين اُنهيءَ جا ٻُڌين ٽهڪ ٿو پيو
    ڪڏهن تو ادلَ کي ڏٺو آهي روئندي؟


    قبرسان جهڙو شهر

    قبرسان جهڙو شهر

    طبقاتي سماجَ ۾
    قبرستان به طبقاتي هوندا آهن.
    عظيم قبرستان ۾
    قبرن جا پلاٽ
    بُوڪ ٿي چُڪا آهن،
    ڪو به مسڪين شاعر ۽ اديب
    هتي دفن ٿيڻ جي
    خواهش نٿو ڪري سگهي.
    هي شهر آهي يا ڪوئي قبرستان
    بلاڪ نمبر کانپوءِ
    هر گهر تي ڌار نمبر آهي.
    هي قبرستان آهي يا ڪوئي شهر
    بلاڪ نمبر کانپوءِ
    هر قبر تي ڌار نمبر آهي.
    قبرستان جهڙو شهر
    ۽ شهر جهڙو قبرستان.
    مون کي تنوير عباسيءَ جي
    تربت تي گُل رکڻا آهن
    پر مون کي اُن جي تُربت جو نمبر ياد نه آهي
    شهر جي ماڻهن جيان
    هر قبر خاموش آهي.
    مان قبرستان جي دروازي تي
    تنوير جي نالي جا گُل رکي
    موٽي اچان ٿو.


    کڙڪيو دروازو

    کڙڪيو دروازو

    جتي پنهنجي تنهائي، مون هئي ڪالهه ڇڏي
    اُتي عشق اڏي، آهي هڪڙي جهوپڙي

    ڇا، هِي جيونَ فلسفو، سوچيو آهي تو
    هر هنڌ حادثو، تنهنجي پٺيان ٿو هلي

    پکين کان ئي اڳ ۾، جاڳي ڏٺو مون
    مايوسيون سوچون، ويون وڪوڙي مونکي

    جاڳڻ وارا جيلَ ۾، سُتن سلطاني
    هٿنِ حيراني، پنهنجن ئي لڪيرن تي

    مون کي اهڙي شخص جو، ڪو ڏيندا ڏسُ پتو
    وڇڙي ويو جيڪو، آهي پنهنجو پاڻ کان

    ڪڏهن ويهي پاڻ سان، سڄي رات گُذار
    دل جا ڏيئا ٻار، آهن اُجهامي جي ويا

    ڪوئي اُتي ڪو نه هو، کڙڪيو دروازو
    ڪوئي گُل تازو، رکي هليو هو ويو





    ڪهڙا ٿو وٺين رستا
    ڪجھه ترس هتي رمتا!
    هي ديسُ دُکي آهي

    سڀ راڳ وڇوڙي جا
    ۽ درد سڄي ڪوَتا
    هي ديسُ دُکي آهي

    هر چيز مهانگي آ
    احساس مڙئي سستا
    هي ديسُ دُکي آهي

    شاعر ۽ مصور جي
    ڪهڙي آ هتي مڃتا
    هي ديسُ دُکي آهي

    چند ماڻهو هندورن ۾
    جهوريءَ ۾ آهي جنتا
    هي ديسُ دُکي آهي












    هر لهرَ آهي مُقدس ويرَ ۾

    هر لهرَ آهي مُقدس ويرَ ۾
    عشقَ ٻوڙي آ ڇڏيو وچَ سيرَ ۾

    تُون وئينءَ ڪاڏي الائي ۽ هتي
    خُوابَ قيدي ٿي ويا تقديرَ ۾

    ڪنهن جي دل ۾ جاءِ ڪائي جوڙجي
    هي سڀ اَجايو محلَ جي تعميرَ ۾

    ”زندگي هن ديسَ تان صدقي ڪبي“
    سڀُ چون ٿا اِئين رڳو تقريرَ ۾

    مان ته توسان گَڏُ هيس، ڪاڏي ويس؟!
    پاڻ کي ڳوليان پيو تصويرَ ۾

    مون کي جي هُن سان مِلائي ٿي سگهي
    مان ٽُٻي هڻندس کڻي تدبير ۾

    ماتمي ڄڻ ويسُ آ، هر لفظَ جو
    دردُ ڪيڏو آ سندس تحريرَ ۾

    لوَڪَ ۾ ويٺو ورهائي محبتون
    *درسُ هڪڙو ٿو رهي جهمپيرَ ۾


    * رسول بخش درسُ


    اڃان هيءَ سُونهن ٻوڙي ٿي

    اڃان هيءَ سُونهن ٻوڙي ٿي

    وري اَڄُ يادگيرين جا
    ذهن تي جُهڙ تري آيا
    ڪٿي آهين، پتو ناهي!
    اِئين ئي تو وساريو آ
    وساريو مينهن ڄڻُ ٿرَ کي
    وئي ڳڙڪائي ڄڻ گهرَ کي
    صدين جي آهي ويراني
    لڳي ويو دل کي آ تالو
    حوالو هو فقط تُنهنجو
    اُهو ئي ڄڻ ته کسجي ويو
    ڪڏهن مون ڪين هو سوچيو
    ته ملندي هيءَ اڪيلائي
    پنهنجي ئي شهر جا رستا
    سڀئي ٿي اوپرا ويندا.

    لکيا جي مون هُيا تو لئه
    اُهيئي شعر اَڄُ مون کان
    پُڇن ٿا ڏس پتو تُنهنجو
    هوا کي مان ڪٿي ڳوليان!
    خبر ناهي جواني ڇو
    ٻُڌائڻ کان سِواءِ تو جان
    هلي ايئن اوچتو ويئي.
    هٿن ۾ زلزلو آهي
    سوين پيا گُهنج چهري ۾
    تڏهن به رُوح ساڳيو آ.
    اڃان هي سازُ موهي ٿو
    اڃان هيءَ سُونهن ٻوڙي ٿي.
    ٻاريو جو تو هُيو منَ ۾
    اهوئي عشق جو ڏيئو،
    اڃان تائين ٻري ٿو پيو
    اڃان تائين ٻري ٿو پيو.






    سمنڊ! تُنهنجيءَ جهولَ ۾

    سمنڊ! تُنهنجيءَ جهولَ ۾
    ڪيڏا ڪوڏ، سپون
    مُون وٽ آهي شاعري

    ناهي ٻيو هٿيار ڪو
    مُنهنجي سگههَ سِٽون
    مُون وٽ آهي شاعري

    جڏهن ايندئي عاشقي
    سمجهي ويندينءَ تُون
    مُون وٽ آهي شاعري

    مون کان پُڇيو مائٽن
    ڇاهي ميڙيون مون؟
    مُون وٽ آهي شاعري

    توکي ارپڻ لئه رُڳو
    مُنهنجي مٺڙي ڀُون!
    مُون وٽ آهي شاعري


    ايڌيءَ جو پينگهو

    ايڌيءَ جو پينگهو

    ماڻهن جا ٿيندا وڃن، لوڻياٺا لهجا
    مٺي پاڻيءَ جا، آهن کُوهه سُڪي ويا

    مسيحائي ماڻهپو، ڪنهن ڪنهن سعادت
    هيڻن جي حالت، بهتر ڪرڻ بندگي

    جيون! تُنهنجي مُٺِ ۾، آهيون ڄڻ بوتا
    توسان سمجهوتا، ڪيڏا ڪرڻا ٿا پون

    ڪڏهن خوشين ڀُلجي، ڪين پاتي جهاتي
    پنهنجي حياتي، تيل پاڻي ٿي وئي

    آئيندي جي اِنسان جو، روڪيو نه رستو
    ايڌيءَ جو پينگهو، اُنهيءَ کي سڏي پيو

    ڀلي ڏوهَه ثواب تي، ويهي تُون ويچار
    پهريان پاڻ اُجارِ، آئينو احساس جو

    گهڻوئي ميڙيو اٿئي، ڪجھه ته پٽِ ساهي
    چاڙهي ۽ لاهي، آهي ساڳيءَ راهَه ۾










    اوهانجي جي سارَ جو سُڏڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    اوهانجي جي سارَ جو سُڏڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو
    اندر مان ڦُٽو اُلڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    ڦٽائي ننڊ جو پنهنجي، پڙهي ٿو پيار جي ڦرهي
    قبيلي تنهن منجهان هر ڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    لکيا جي مون هُيا تولئه، جُدائيءَ جي عذابن ۾
    اُنهن گيتن منجهان ڪو ڪو، اڃان آ واٽَ تي بيٺو

    ڀڳو جي بالَ سان شيشو، دريءَ جو هو ته پوءِ ڇا هي
    ڏنئه ڇو ٻار کي دڙڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    ڪري وئي پنڊ پاهڻ هئي، ڀريءَ بازار ۾ مونکي
    اُنهي ديدار جو جهلڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    حُسن جي ڪوڙڪين آڏو، اُڏارون ڪيتريون ٿينديون
    پکين جو آخري ڀڙڪو، اڃان آ واٽَ تي بيٺو

    اولاڪا عشق جا اُڏاري، اچي ٿا دل مٿان ويهن
    اوهان جو ڪاوڙيل لَهجو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    اکين ۾ انتظاريءَ جون، ٻرن ٿيون ٻاٻري ڪاٺيون
    تُنهنجي پيرن سندو کڙڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو

    نئين ڪنهن دوست سان گڏجي، وئينءَ تون ڪارِ ۾ گذري
    لڳو جو دل کي هو جهٽڪو، اڃان آ واٽ تي بيٺو















    زندگي گهارن پيا ٿا

    زندگي گهارن پيا ٿا
    درد جا جهنڊا کڻي
    ديس جا ماڻهو هتي

    ٻار ٿا پنهنجا کپائن
    شهر ۾ هوڪا هڻي
    ديس جا ماڻهو هتي

    حالتن جي واءُ ۾ هُو
    ڄڻ پيا آهن ڇڻي
    ديس جا ماڻهو هتي

    ڪيترا پنهنجا وسيلا!
    هُو ڪڏهن ٿيندا ڌڻي؟
    ديس جا ماڻهو هتي

    ڪين ٿو تن جي ٻُڌي ڪو
    دانهن ڪن ٿا هُو گهڻي
    ديس جا ماڻهو هتي


    اُڀري ته اوڙهي ڇڏي

    اُڀري ته اوڙهي ڇڏي

    دودا ساڳيا درد ئي، وينگس لاڙيءَ تي
    روپاماڙيءَ تي، سجُ لهي ٿو سومرا!

    سنڌ! تُنهنجي وارن ۾، چانديءَ جون تارون
    پوءِ به للڪارون، جَهڪيون ناهنِ جهوڪَ جون

    منجهان دريءَ عشق جي، درازي درشن
    اندر جو درپن، آءُ ته اُجرو ٿي وڃئي

    ڊڄي ته هِي ڊاهي رکي، پاڻ کي اِنسانُ
    اُڀري ته اوڙهي ڇڏي، هو اوچو آسمانُ
    ڄاڻي بولاخان، حوصلو هالارَ جو

    هُو شاعرَ، هُو سورما، ڌرتيءَ جا شهيدَ
    محبوبن جي واٽ تي، عاشقن جي عيدَ
    وقت جا يزيد، ڪيئن روڪيندا راهَه کي

    جن وطن جي عاشقي، مٿانهين ڄاتي
    اُنهن کي پاتي، مُرڪي مٽيءَ ڳراٽڙي


    اجازت نامي کانسواءِ لکيل نظم

    اجازت نامي کانسواءِ لکيل نظم

    آمر جون اکيون بگهڙ وانگر
    ۽ دل گدڙ جهڙي هوندي آهي
    پکين ۾ هُو ڳِجهَه پسند ڪندو آهي.
    آمريت جي پنَ ڇڻَ ۾
    گُلَ مُرجهائجي ويندا آهن
    هوائون روئنديون آهن
    پکي ۽ وڻ اُداس رهندا آهن،
    ۽ شڪارين جو انگُ وڌي ويندو آهي.
    مون آمر بابت هڪ نظم لکڻ چاهيو
    پر مون کي روڪيو ويو ته
    نظم لکڻ لاءِ اجازت نامو ضروري آهي.
    مون سوچيو ته اجازت نامي سان
    لکيل نظم لکڻ کان بهتر آهي ته
    ڪوئي نعرو ايجاد ڪجي،
    پر نعرو آمر کي پسند ناهي.
    نظم لکڻ کان پهريان ئي
    رَتُ سان لکيل هڪ نعرو
    روڊ تي بڪتربند گاڏيءَ هيٺان اچي
    مري وڃي ٿو.
    جن اکين جا ڳوڙها سُڪي ويا آهن
    آمر اُنهن اکين واسطي
    ڳوڙها- گئس جا گولا اُماڻي ٿو.
    اخبارن ۾ جيل، ٿاڻن
    ايمبولينس سروس، گرفتاريءَ جي وارنٽن
    ۽ ڪوڙن جي خبرن سان گڏ
    ريس ڪورس جي گهوڙن جون خبرون
    شايع ٿينديون رهن ٿيون.
    مان اُنهيءَ شخص جي باري ۾
    نظم لکڻ چاهيان ٿو،
    جنهن کي نعري ايجاد ڪرڻ جي ڏوهَه ۾
    تخت کان تختي تائين پهچايو ويو.
    مان لاکاٽ جي مائُرن بابت به
    هڪ نظم لکڻ چاهيان ٿو
    جيڪي شهيدن جا
    رتُ هاڻا ڪپڙا
    ٽُٽل چُوڙيون ۽ سڙيل خوابَ
    پنهنجن ٻارن کان لڪائي رکنديون آهن.
    ديسَ تي اُداسيءَ جو رنگُ
    ڦهلبو ٿو وڃي
    چهرن کان مُرڪ رُسي وئي آهي.
    پر، آمر دندان ساز جي مشوري تي
    سدائين مُسڪرائيندو رهندو آهي.
    هو جڏهن به
    ٽي ويءَ تي نظر ايندو آهي ته
    ٻارَ ٽي وي بند ڪري ڇڏيندا آهن.
    مون اجازت نامي کانسواءِ
    نظم تخليق ڪرڻ جي شروعات ڪئي ته
    مُنهنجي نالي تي
    گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا.
    جڏهن تاريخ جي تباهه ٿيل ڍِڳَ مان
    آمر جي سُڃاڻپ جون
    نشانيون ڳوليون پئي ويون
    تڏهن منهنجي آزاد نظم جي ٽارين تي
    اُميد جا نوان گُل مُرڪي رهيا هئا.














    اکين جي تير جو جادو

    اکين جي تير جو جادو
    سيني ۾ جهيرَ جو جادو

    ڪڍي ٿو ساهَه جيئرن جا
    تنهنجي تصوير جو جادو

    ڀري ٿو رنگَ گيتن ۾
    هري دلگير جو جادو

    آهي تو وٽ رڳو زاهد!
    ٺلهي تقريرَ جو جادو

    صفحي تي لُڙڪ ڪيرائي
    دُکي تحرير جو جادو

    پُڇي ٿو چنڊ ڌرتيءَ کان:
    ڇا هي جهمپيرَ جو جادو؟

    ملايو عشق آ توسان
    ناهي تقديرَ جو جادو

    اچي ڏس خيرپور ۾ تون
    سائين تنويرَ جو جادو

    کائي ٿي ميٽُ ڪولهياڻي
    بگن شاهه پيرَ جو جادو


    هي جُهڙن جون جهالرون

    هي جُهڙن جون جهالرون

    هِي جُهڙن جون جهالرون، وسڻ وارا ويس
    ڇا تون منهنجا ديس!، اِئين اُڃارو رهندين؟!

    سُور ٻنهي جا ساڳيا، ٿر هجي يا روهي
    ڪاڇو، پاڇو درد جو، جهوريءَ ۾ جوهي
    ڇاجي لاءِ تو، هي، ماڳَ وساريا ڏيهَه جا؟!

    ٿرُ، ڪاڇو، ڪوهستان، ساڳئي درد لڪير
    پيرين اُگهاڙا آدمي، گروي ٿيل تقدير
    سرڪاري تقرير، ناهي مانيءَ جهڙي

    اونهاري جي اک ۾، پکيءَ جو پاڇو
    سنڌ سڄي ڪاڇو، ڄڻ ته آهي ٿي وئي

    اکين ۽ ٻنين جو، ڪين سُڪي پاڻي
    سنڌوءَ آکاڻي، دردن کان آجي هجي

    روحَ ساڙيندڙ رڃَ ۾، سُڏڪي پيئي سُڃَ
    اڇڙي ٿرَ ۾ اُڃَ، ڳولي ٿي درياهَه کي


    خوابَ اسان جا پوڙها ٿي ويا

    خوابَ اسان جا پوڙها ٿي ويا

    ساڀيائن جون راهون ڏسندي
    خواب اسان جا پوڙها ٿي ويا
    گيت، غزل ۽ وايون لکندي
    ساڀيائن جون راهون ڏسندي

    ننڍڙيون ڳالهيون دل ۾ رکندي
    ذهن اسان جا سوڙها ٿي ويا
    ساڀيائن جون راهون ڏسندي
    خواب اسان جا پوڙها ٿي ويا









    رات جو ويلو ترسيل آهي

    رات جو ويلو ترسيل آهي
    چنڊُ اڪيلو ترسيل آهي

    دل جي کاري ڇاڻَ ۾ تو لئه
    پيارَ ــــ بتيلو ترسيل آهي

    تنهائيءَ جا گهايل شاعر!
    تو لئه ميلو ترسيل آهي

    خوشين جي دروازي تي
    دردُ ڳهيلو ترسيل آهي

    ننڊ ڦٽائي هاڻِ اکين ۾
    عشق اويلو ترسيل آهي




    سچل سائين! ڳالهه نه سمجهن

    سچل سائين! ڳالهه نه سمجهن
    تُنهنجي ٻوليءَ ۾
    ديس ته آهي ساڳيو تُنهنجو

    هارياڻيءَ جا حالَ اُهيئي
    چتيون چوليءَ ۾
    ديس ته آهي ساڳيو تُنهنجو

    دلين جا درياهَه سُڪي ويا
    اُڃَ گهڙوليءَ ۾
    ديس ته آهي ساڳيو تُنهنجو

    ماڻهو تُنهنجي ڌرتيءَ جا ٿيا
    ٽوليءَ ٽوليءَ ۾
    ديس ته آهي ساڳيو تُنهنجو

    تون ئي گُلُ رکي وَڃُ ڪوئي
    سنڌ جي جهوليءَ ۾
    ديس ته آهي ساڳيو تُنهنجو


    فقير جي دونهين

    فقير جي دونهين

    ڇَٽيو شاهَه ڪريمَ هو، جيڪو فڪري ٻجُ
    اُنهيءَ منجهان سجُ، اُڀريو شاهه لطيف ٿي

    ڳاءِ وري ڪافي، راڳي! مصري شاهَه جي
    مڌ بدران آڻِ تون، هڪڙو ڪپُ ڪافي
    منهنجي لاءِ ڪافي، آهي جاڳڻ واسطي

    پير اُگهاڙا اُن جا، توڙي چتيون ويسُ
    باهو! منهنجو ديسُ، پوءِ به اوچي ڳاٽ سان

    اندر منجهه امير کي، ٻيائي کُکي ٿي
    دُونهين دُکي ٿي، ساڳئي ڏسُ فقير جي

    وڇوڙي ۾ ٿو ڪري، ڪيڏو عشق ڪمالُ
    وڻيو ڪين وصال، هُيو شاهه لطيف کي

    *تُنهنجي نالي سان اچي، سنڌڙيءَ جو نالو
    هيءُ پڻ حوالو، آهي ڄڻ احساس جو


    *قلندر شهباز لاءِ


    هُن سنڌ امڙِ جهڙو

    هُن سنڌ امڙِ جهڙو
    اُلهاس- نگر ڪاٿي
    جڳديش چيو مون کي

    نديون به هتي ڪيئي
    سنڌو ۽ سکر ڪاٿي
    جڳديش چيو مون کي

    ائين ڪير ڇڏيندو آ
    پنهنجو ئي گهر ڪاٿي
    جڳديش چيو مون کي

    ڌرتيءَ کان ڌڪاريل جو
    سُڪندو آ پگهر ڪاٿي
    جڳديش چيو مون کي


    * جڳديش لڇاڻي- اُلهاس نگر انڊيا ۾ رهندڙ سنڌي ٻوليءَ جو مشهور اديب.








    شامَ جو يادون، مَهڪي تُلسي

    شامَ جو يادون، مَهڪي تُلسي
    مُنهنجي سامهون خالي ڪرسي

    پيارَ ۾ ڪهڙيون يار اَنائون
    مون هارايو تُنهنجي سرسي

    ڪجھه تقريرون ساڳيون ڳالهيون
    شاعر جي اَڄُ آهي ورسي

    تُنهنجي گهرَ جي در تي پُهچي
    منهنجا نيڻ پون ٿا ترسي

    پڙهندي لفظ ويا ٿي ڌُنڌلا
    ڪاڳر تي پيا ڳوڙها برسي


    تلوارون تاريخ جون

    تلوارون تاريخ جون

    ٿو سنگهر پارائي، تاتاري تاريخ کي
    اکر اورنگزيب جو، دارا مارائي
    سو ڪيئن هارائي، سرمد جنهن جي ساٿَ ۾؟

    چوڌاري ترخان جون، چمڪيون تلوارون
    ٿي وئي للڪارون، ڌرتي مُنهنجي ديسَ جي

    اچي ڪڙڪيا اوچتو، ارغوني آزارَ
    هر پاسي هٿيار، ڏيهين کي ڏاڙهي ويا

    اکين ۾ ارغون جي، نهاريو آخوندَ
    جنهن ۾ ڪائي بوند، هُئي ڪانه حياوَ جي

    سمجهي ڪيئن ترخان، منهنجي ٻوليءَ کي
    دل جي ڇوليءَ کي، روڪي ٿو تلوار سان

    اُڇلايو آخوند هو، هر حڪم سرڪاري
    سنڌيءَ ۾ جاري، رکيو هو تعليم کي

    مڙهيو ويو سنڌ تي، زوريءَ هي زوالُ
    اهڙو ڪو به مثالُ، ڪونهي ڪو تاريخ ۾


    اوهان جي اچڻ تي

    اوهان جي اچڻ تي

    اوهان جي اچڻ تي
    اسان جي اکين جا
    سڀئي خواب زخمي
    پيا آهن جُهومي
    ٿي ڪينجهر ۾ مستي
    ۽ مُرڪي ٿي مڪلي
    سَرها ٿيا ٻَهڪي
    سکر، ساڌ ٻيلو
    ۽ روهڙي رهڙڪي
    اوهان جي اچڻ تي
    وري ياد آيا
    هُو دلگير، مالهي
    ٻه ٽي لُڙڪ پيا هن
    سنڌوءَ امڙ جي
    اکين منجهه اٽڪي
    اوهان جي اچڻ تي.




    واٽ ويندي اَڄُ وري گڏجي ويو

    واٽ ويندي اَڄُ وري گڏجي ويو
    دوست وانگر درد هو ٻَکجي ويو

    هُن جو چهرو شاهه جي هو بيت جان
    هڪ نظر ۾ ئي سڄو پڙهجي ويو

    هن کي گهر کان ڪين ٿا ٻاهرِ ڇڏن
    ميوزيم ۾ ڄڻ هُجي رکجي ويو

    بس هلندي سوچ ۾ ئي گُم رهيو
    ڳوٺُ هُن جو پوئتي رهجي ويو

    کوهَه تان هُو خواب کي آيو کڻي
    مارئيءَ کي هو عمر سمجهي ويو

    نانءُ منهنجو ايترو مشهور ٿيو
    مون لکيو جيڪو به سو ڇپجي ويو

    پنهنجي اجرڪ ۾ لڪايو تو اِئين
    منهنجو اُن ۾ عيبُ هر ڍڪجي ويو

    هونئن ته منهنجي شعر ۾ خاميون گهڻيون
    سُونهن جو آهي ذڪر اگهجي ويو








    ڌاڳا ڌوئي ڌرم جا

    ڌاڳا ڌوئي ڌرم جا
    صوفيءَ صافُ ڪيا
    هر پاسي ٿيو سوجهرو

    اندرِ آئي عاشقي
    اُجرا منَ ٿيا
    هر پاسي ٿيو سوجهرو

    پنڊت، مفتي، مولوي
    تپي سڀُ ويا
    هر پاسي ٿيو سوجهرو

    اُوندهِه کي للڪار سان
    سچلَ شعر چيا
    هر پاسي ٿيو سوجهرو


    آهي عشق ڌنار

    آهي عشق ڌنار

    لفظ جڏهن ٿا ڪن اچي، دل مٿان حملو
    هڪڙو ئي جملو، بنهه ٽوڙي ٿو ڇڏي

    اجرڪ پنهنجي عشق جو، مون کي پارائي
    ڇڏيئي هارائي، منهنجي هٺَ غرور کي

    پوپٽ مٿان روڊ تي، بڪتربند گاڏي
    عاشقي آڏي، اچي ٿي انياءَ جي

    طبقاتي سماجَ ۾، پيار به طبقاتي
    ٿيءُ نه جذباتي، ڪنهن جي تون اظهار تي

    اڇڙو ٿَــرُ اکين ۾، اندر ۾ ڇولي
    عشق جي ٻولي، سڀڪو سمجهي ڪين ٿو

    ڪاٿي جوڳي ويراڳي، ڪاٿي عشق ڌنارُ
    ڪاٿي هُو فنڪار، پاڻ نچائي پاڻ کي

    فيصلو آهي ڏکيو، ٿورو سوچڻ ڏي
    اڳ ۾ ئي دل تي، پيرُ ڇپيل آ هڪڙو






    گُهٽ اڳيئي، ڳالهيون ڪر

    گُهٽ اڳيئي، ڳالهيون ڪر
    ڀلي اُهيئي، ڳالهيون ڪر

    پڙهجانءِ پو هي اخبارون
    مهل ته ويئي، ڳالهيون ڪر

    ڏور نهاري ڪنهن لئه تُون
    سوچين پيئي، ڳالهيون ڪر

    جي ٿي سمجهين ٻڌندو ڪوئي
    دريون ڏيئي، ڳالهيون ڪر

    ننڍپڻ، پيار، جوانيءَ جون
    مون سان ٽيئي، ڳالهيون ڪر

    منهنجي سامهون هن ڪرسيءَ تي
    ويهي ڪيئي، ڳالهيون ڪر

    جن جي پُڄاڻي ڪانه ٿئي
    ساجن سيئي، ڳالهيون ڪر


    اَڄُ به کڄن مارئيون

    اَڄُ به کڄن مارئيون

    ڀنڀورين جي پوئتان، ڪٿان ڊوڙن ٻارَ
    ڀؤنڪن ٿا هٿيار، اڃا ته پنهنجي ديسَ ۾

    آهي ٿيو اِنسان جو، ڪيڏو سستو رتُ
    ڄڻ ته ڪوئي ڀتُ، ورهائجي خيرات ۾

    گهُمي ٿو هر جاءِ تي، دهشت جو راڪاسُ
    آهي چنڊُ اُداسُ، انسانيت جي لاش تي

    اَڄُ به کڄن مارئيون، اَجهو نڪا اوٽَ
    ڪيئي عُمرڪوٽ، اڏيل آهن سنڌ ۾

    برتريءَ جي ڊوڙَ ۾، هيڪاندا هٿيار
    لکين ڌرتيءَ ٻارَ، سُمهيو رهن بَکَ تي

    ڪيئن اُڏامن گڏجي، جهرڪي ۽ پرمارُ
    ور ور ساڳيو وارُ، امنَ- آکيري مٿان

    ويڙها اُجڙي ٿا وڃن، بازارين ۾ سُڃَ
    ڪڏهن لهندي اُڃَ، دهشت واري ديوَ جي


    ٻارَ ووٽ ناهن ڏيندا

    ٻارَ ووٽ ناهن ڏيندا

    ٿَــرُ، درد جو استعارو آهي
    اُن جي ڏک تي
    جيڪڏهن ڪڪر نٿا روئن
    ته ڌرتيءَ مان بُکَ ڦُٽي ٿي.
    جڏهن اکيون ئي ٿَــرُ ٿي وڃن
    ته پوءِ خوابن جا پيرَ سڙڻ لڳن ٿا،
    ۽ اسين سادا ماڻهو سڄي حياتي
    خوابن جي پٺيان ڊوڙندا رهون ٿا.
    هُو صحافي ۽ فوٽو گرافر ساڻُ ڪري
    وڏين وڏين گاڏين ۾ اچن ٿا
    ۽ امدادي ڪئمپن ۾
    گيهه جو دٻو ۽ ڏهَه ڪلو اٽي جي ٻوري ڏئي
    اسانجي ٻُڍڙين مائرن سان
    فوٽو ڪڍرائن ٿا.
    هُو اسان جي پينو ٿيڻ جو
    انتظار ڪندا آهن
    ته جيئن ڪجھه امداد ڏئي سگهن.
    اسان جا ٻار اسڪول نٿا وڃن
    هُو قالين ٺاهڻ جي مرڪزن ۾
    بيمار ٿي مري ويندا آهن
    اُنهن جي تعليم ۽ صحت لاءِ
    هُنن وٽ ڪو به پروگرام ناهي
    ڇو ته ٻارَ ووٽ ناهن ڏيندا.







    صحن، ڪمرا، پڌر اڪيلو هو

    صحن، ڪمرا، پڌر اڪيلو هو
    هُن جي هوندي به گهر اڪيلو هو

    رُوح رولاڪ ۽ ذهن آوارا
    جسم مُنهنجي کي در اڪيلو هو

    هر ”خوشيءَ“ سان هُجوم ماڻهن جو
    ”دردُ“ هڪڙو مگر اڪيلو هو

    ڪو به ڳوڙهو، نه خوابُ مُرڪيو ٿي
    تُنهنجي نيڻن جو ٿر اڪيلو هو

    هُو پکي الائي ڪٿي رهجي ويا؟
    سرد سانجهيءَ جو سر اڪيلو هو

    لفظ هڪڙو نه آيو وچَ ۾ ڪو
    ساٿَ هوندي سفر اڪيلو هو




    تو جي پيتو اُڌارو

    تو جي پيتو اُڌارو
    غالب! گُناهُه ناهي
    دُنيا ڀلي چوي ڇا!

    تخليق جي مٽيءَ مان
    ڇڏيا تو جامَ ٺاهي
    دُنيا ڀلي چوي ڇا!

    عصري مُنافقيءَ تان
    چادر ڇڏي تو لاهي
    دُنيا ڀلي چوي ڇا!

    پستيءَ ۾ تُنهنجي هستي
    ڪوئي سگهيو نه ڊاهي
    دُنيا ڀلي چوي ڇا!

    عاشق دلين ۾ روشن
    تنهنجو ڪلام آهي
    دُنيا ڀلي چوي ڇا!

    آهين ڪوي نرالو
    ناهين جي پِيرُ ڇاهي
    دُنيا ڀلي چوي ڇا!



    (مرزا غالب جي مزار تي ــ دهلي، 18 سيپٽمبر 2006 )


    جيئن پکين جا پرَ سنڀالنِ ٻارَ ٿا

    جيئن پکين جا پرَ سنڀالنِ ٻارَ ٿا
    تيئن اسان تُنهنجي سنڀاليون سارَ ٿا

    مون اُماڻيا عرض توڏي ڪيترا
    موٽَ ۾ ڊوڙيو اچن انڪارَ ٿا

    پڳَ ٻُڍڙي جي وئي آ جُهور ٿي
    پٽ جو هن کان رهن سڀُ ڌار ٿا

    پيارَ جي پيرن ۾ جو جُهڪجي وئين
    ماڻهو اُن کي تُنهنجي سمجهن هارَ ٿا

    ٿي ويا پاهڻ سڀئي انسانَ ڄڻُ
    پاڻَ ۾ ڪن گفتگو هٿيارَ ٿا

    لفظ اُڇلي ٿو چوين هي عشق آ
    دربدر اِن لئه ٿين اظهارَ ٿا

    ڪيترو ڀوڳي ٿي پنهنجي عاشقي
    ذهن ۾ جاڳن جڏهن تڪرارَ ٿا










    ڄڻ پرينءَ جو رُوپ ڌاري

    ڄڻ پرينءَ جو رُوپ ڌاري
    شاعري مون کي سڏي ٿي

    جهنگ جذبن جا جلائي
    ۽ اندر ۾ باهِه ٻاري
    شاعري مون کي سڏي ٿي

    رات جو کَڙڪائي درَ
    ننڊ نيڻن جي اُڏاري
    شاعري مون کي سڏي ٿي

    پوهَه جي پوئين پهرَ ۾
    ٽاڪ منجهند جو اونهاري
    شاعري مون کي سڏي ٿي

    سمنڊ تي مون کي گُهرائي
    ۽ ڪڏهن سنڌوءَ ڪناري
    شاعري مون کي سڏي ٿي

    ٿي رُسي مون سان، ڪڏهن
    گُلَ راهن ۾ پٿاري
    شاعري مون کي سڏي ٿي


    پوپٽَ وانگر بيت

    پوپٽَ وانگر بيت

    ساڳيو رهيو اوپرو، هُو هٺيلو چنڊ
    ٻانهون کولي سمنڊ، ڪيڏو هن ڏانهن ٿي وڌيو

    چنڊَ هاري دريءَ مان، روشنيءَ جي لپَ
    جاڳيل تُنهنجا چپَ، آهي ننڊ گهڙيالَ کي

    ڪاڳر تي ويٺو اچي، پوپٽ وانگر بيتُ
    شاعريءَ جو کيتُ، اڃا به سائو ٿي ويو

    اُڀري آيا چنڊ تي، ٻه ٽي موهيڙا
    جوڀنَ ڪوهيڙا، ويڙهي ويس وجود کي

    پهتو وڃي ماڳَ تي، هُو اورانگهي لڪُ
    مسافر جو ٿَڪُ، سُتل آهي ڇانوَ ۾

    برساتي بهار جا، چُنريءَ جهڙا رنگَ
    اکيون مهٽي جهنگَ، آهن ڄڻ جاڳي پيا

    ندي پنهنجو پيار ٿي، ڌرتيءَ کي ارپي
    وڻُ، پکين کان ڪڏهن، نٿو ڇانوَ کسي
    ڪين مگر سمجهي، فطرت کي اِنسان ٿو






    دردُ مُنهنجو ڪو به ڄاڻي ڪين ٿو

    دردُ مُنهنجو ڪو به ڄاڻي ڪين ٿو
    تو سِوا ڪو ئي سُڃاڻي ڪين ٿو

    مان ٽپاليءَ کان پُڇان ٿو روز، پر
    خط ڪو مون ڏي اُماڻي ڪين ٿو

    هر خوشيءَ مان ٿا حصو پنهنجو گُهرن
    درد منهنجا ڪو به ڇاڻي ڪين ٿو

    عاشقيءَ جي ڳالهِه هرڪو ٿو ڪري
    پيار کي سڀڪو ته ماڻي ڪين ٿو

    روحَ ۾ جنهن سان ڊُڪي ڪائي خوشي
    ڪو خبر ڪوڙي به آڻي ڪين ٿو

    وقت گُهرندا ها ملڻ جو، ڪيترا
    ڪو اچي مون ڏي ته هاڻي ڪين ٿو


    تُنهنجي نديءَ ڏانهن

    تُنهنجي نديءَ ڏانهن

    وئي اُڏامي اوچتو، دريون کولي ننڊَ
    صبح تائين گهنڊ، وڳا تُنهنجيءَ ياد جا

    ”ڪٿي اڄڪلهه ٿا رهو؟“، هُن پُڇيو مون کان
    مان ڄڻ ٽڪريءَ تان، هيٺ ڪِرندو ٿي ويس

    مون سان گڏ رهي پئي، تنهائي ساڳي
    جنهن سان گڏ جاڳي، آئون ڪٽيان ٿو راتيون

    سڀڪجُهه ويو ڌُوڙِ ٿي، ڏنو جو ورتو
    جيڪي ڏنو تو، ڪڏهن کُٽو سو ڪينڪي

    تري ساڳيو سپنو، اکين ۾ آئيو
    تو ٿي ڇڏايو، هٿڙو منهنجي هٿ مان

    تُنهنجيءَ نديءَ ڏانهن، اُڃ اُماڻي مون
    ۽ ٿي ڏَسين تون، ڪربلا جي راههَ ڇو؟

    جيون سان جُڙيل هي، خوشي ۽ ماتمُ
    تنهنجو منهنجو غمُ، ملائي ٿو پاڻ کي


    جنگ تباهي آ

    جنگ تباهي آ

    جنگ تباهي آ
    ماڻهپي جي راهَه ۾
    کوٽيل کاهي آ

    جنگ تباهي آ
    ڪهڙي مصور موتَ جي
    مورت ٺاهي آ؟

    جنگ تباهي آ
    واڪا، ساري ڌرتي
    ڪنهن به نه چاهي آ

    جنگ تباهي آ
    چنڊُ نه تارا اُڀ تي
    ڦهليل سياهي آ

    جنگ تباهي آ
    نفرتن جي ريت هي
    ڪنهن نباهي آ؟!

    جنگ تباهي آ
    برودن جي سمنڊن ڏي
    ويندڙ لاهي آ

    جنگ تباهي آ
    تو ڇو وائي ويڙهِه جي
    شاعر ٺاهي آ؟!

    جنگ تباهي آ
    عشق، امن ۽ آجپو
    ٽنهي ڦاهي آ

    جنگ تباهي آ
    جنهن ۾ پيار ڪرڻ لئه
    ڪا به نه ساهي آ











    زندگي ٻيو به گهڻو ڪجھه چاهي ٿي

    زندگي ٻيو به گهڻو ڪجھه چاهي ٿي
    ڇا ٿيو جي هُوءَ تُنهنجي ناهي ٿي

    ڄڻ ته آهيان مان مٽيءَ جي مورتي
    پاڻَ ٺاهي پاڻَ ئي هوءَ ڊاهي ٿي

    اڳُ ته اهڙي ڪا نه هئي هوءَ سانوري
    بي رحم هاڻي ڀلا ڇو آهي ٿي؟

    ڪنهن کي ڊاهڻ جا ارادا ٿي رکي؟
    روز جو هوءَ پاڻ کي ايئن ٺاهي ٿي

    پيار جو هي ڪرشمو آهي جو هُوءَ
    پاڻ کان وڌ ڪنهن ٻئي کي چاهي ٿي


    ڍنڍون زهر ٿي ويون

    ڍنڍون زهر ٿي ويون

    اوڳاڇنِ ٿيون فيڪٽريون، ڇو زهر نديءَ ۾؟
    هلندڙ صديءَ ۾، سنڌ وڃي ٿي اُجڙندي

    ڪهاڙين وڌو اچي، وڻن ۾ ماتم
    لوڀي هي آدم، اُجاڙي ٿو سُونهن کي

    گلن جون هي ڪونڊيون، پاڻيءَ پاٽوڙا
    پاريهر جوڙا، اُڃ کڻي پُهتا اچي

    ڍنڍون زهر ٿي ويون، اُجڙيا بتيلا
    وڍين ٿا ٻيلا، ڳڙڪائين ٿا ٽڪريون

    ملاحن جا ٻارڙا، ڳولنِ پاڻيءَ لپَ
    منڇر! تُنهنجا چپَ، ڇا لئه کارا ٿي ويا؟

    سکر ۾ درياهُه، پاڻي ناهي پيئڻ جو
    ڪيڏو اُداس ٿي ويو، آهي آدم شاههُ
    ساڌ ٻيلي جو ساهُه، منجهي ٿو گدلاڻ ۾

    وڻ مٽائن ٿا پيا، وري پُراڻو ويسُ
    شالَ اسان جو ديس، بهارون ماڻي سگهي











    غزل هو يا ڪو نوحو هو

    غزل هو يا ڪو نوحو هو
    ٻُڌڻ ۾ ڄڻ ته سُڏڪو هو

    رهيو خاموش دروازو
    سدا ويرانُ ڪمرو هو

    خنجر جان لفظ ها تُنهنجا
    صفا تلوار لهجو هو

    اوهان کان پو ويو اُجڙي
    اسان جي دل جو رستو هو

    مليو وڏڙن جي ورثي مان
    رڳو دردن جو حصو هو

    اسان جا خواب اڻ پورا
    نه جن کي ڪو به چهرو هو

    اسان جي عشق جي آڏو
    دنيا جو ڌُوڙِ رُتبو هو

    نه ڀُلجي ڪا دُعا پُهتي
    نه ڏيئو هو نه ڪَتبو هو

    تُنهنجو هِي سومرا! جيون
    صفا ڄڻ بور قصو هو


    موهن دڙي جا آدمي

    موهن دڙي جا آدمي

    اکيون مهٽي آسرا، ڀاڳين جا جاڳيا
    اوندهِه ۾ ساڳيا، آهن سڀئي ڳوٺڙا

    ڀلي رک تون پاڻ وٽ، چانڊوڪيءَ چارا
    ڏي ڪجهه ستارا، اسان جي اونداهَه کي

    خوابن جون هڙون ٻڌي، سنبريا ڀاڳن ڏي
    ڏاند گاڏيءَ تي، موهنَ دڙي جا آدمي

    سدا رهن ٿا ڳڀرو، درد نه ٿيا پوڙها
    سُڏڪا ۽ ڳوڙها، ڪڏهن ويندا لوڪ جا؟!

    پگهر سُڪي ڪين ٿو، پڙهجي ڪيئن ڪتاب؟
    سڄي رات عذابُ، بجليءَ جي اکٻوٽَ ۾

    بک، بيماري، بدحالي، غربت جي لڪير
    ساڳي ئي تصوير، ڇو مصور! سنڌ جي؟


    پُراڻن ڪتابن جو ميلو

    پُراڻن ڪتابن جو ميلو

    مرحوم شاعرن جا ڪتاب
    گهرَ وارا رديءَ ۾ وڪڻي ڇڏيندا آهن
    اهڙن ڪتابن جو هر آچر تي
    صدر ۾ ميلو لڳندو آهي
    جتي شاعرن جا ميڙ هوندا آهن.
    اڻ لڀ ڪتابن کي ڏسي
    شاعر ڏاڍا خوش ٿيندا آهن.
    مگر گهر وارا
    شاعرن مان خوش ناهن هوندا.
    ڇو ته هُو ڪيڪ بدران
    ڪتابَ گهر کڻي ويندا آهن.
    جڏهن هُو مري ويندا
    ته اُنهن جا ڪتاب به
    فوٽ پاٿ تي پهچي ويندا.
    نئين دؤر جا شاعر
    وري اُنهن کي خريد ڪندا.
    اهڙيءَ ريت اها روايت
    هلندي رهندي
    ۽ ڪٻاڙيءَ جي گهرَ جي
    چُلهه ٻرندي رهندي.










    تو کان سُهڻو ڪيئن ۽ ڇاجو هُيو؟!

    تو کان سُهڻو ڪيئن ۽ ڇاجو هُيو؟!
    چنڊ تُنهنجي پيرَ جو پاڇو هُيو

    لفظ پائي ريڙهيون ٿڪجي پيا
    اڻ چَيو اظهار ڪو آتو هُيو

    ٽهڪ ها سڀُ لوڪ کي ڏيکاءَ جا
    ڪير هو جو درد کان آجو هُيو

    پيارَ تُنهنجي هو ڇڏايو اُن منجهان
    خودڪشيءَ ڀاڪُر ڀري پاتو هُيو

    توسان هوندي ڄامشورو زندگي
    تو پُڄاڻان هر طرف ڪاڇو هُيو

    پنهنجي گهر تي سوڳَ جي موسم لٿي
    شهر سارو بينڊ ۽ باجو هُيو

    هي وڇوڙو ۽ صدين جو انتظار
    عاشقيءَ جو ڪنهن ڪيو ڪاٿو هُيو!

    تُنهنجي هٿ مان هَٿُ هو نڪري ويو
    حالتن اِهڙو ڏنو ٿاٻو هُيو

    ڪونج جهڙي نينگري! آهين ڪٿي؟
    ڪالهه تو لئه منتظر ڪاڇو هُيو

    زندگيءَ مون کي لتاڙيو هو گهڻو
    پوءِ به اُن جو گيت مون ڳاتو هُيو

    حالتن سان ڪينَ هو گڏجي هليو
    سومرو ايڏو صفا سادو هُيو


    چنيسر جا چار ڏينهن

    چنيسر جا چار ڏينهن

    مون نه لکيو ڪڏهين، ڪنهن جو قصيدو
    منهنجو عقيدو، ٻانهون آهي سنڌ جو

    ڇا تو وساري مارئي، ٿاريلين جو نَڪُ
    عمر کي اجرڪُ، ڇا لاءِ پيش ڪرين پيو؟

    آهي پارائي درٻارين، چنيسر کي پڳَ
    دودي وارا دڳَ، اُنهن کان وسري ويا!

    ٿيندي رهندي ڇا اڃا، ڌرتيءَ تي ڌونڌاڙ
    ڪيسين جيئندا جاڙَ، ڀونگر پنهنجي ڀونءِ تي

    چنيسر جا چار ڏينهن، دودو لازوالُ
    ماڻهو باڪمالُ، ٿئي ٿو ڪردار سان

    آءٌ آهيان تُنهنجو، مٽي! مڱڻهارُ
    منهنجو تو سان پيارُ، آهي مٿي اظهار کان

    جبلَ جُهڪي ٿا وڃن، نٿو جُهڪي اِنسانُ
    آهي جي ايمانُ، پنهنجن آدرشن ۾




    عاشقيءَ جي اُڀ تان

    عاشقيءَ جي اُڀ تان
    ٽُٽل تاري جو
    درد نه ماپي سگهندين

    جيپ آڏو ڊوڙندڙ
    هرڻ اُڃاري جو
    درد نه ماپي سگهندين

    اُلڪا عُمرڪوٽ جا
    ڍوري ناري جو
    درد نه ماپي سگهندين

    چنڊ جون مايوسيون
    سمنڊ ڪناري جو
    درد نه ماپي سگهندين

    ڪٿائون لُڙڪن جون
    اَکِ ـــ اشاري جو
    درد نه ماپي سگهندين


    قديمي ڳوٺ جو نقشو

    قديمي ڳوٺ جو نقشو

    ڪيڏا هي اروڙ جا، ڊڄن ٿا آثار
    بلڊر، ٺيڪيدار، ڳڙڪائن ٿا ٽڪريون

    ڪرينون ڳهي ويون، ڪچو گهرُ هرڪو
    بيهي بلڊر مافيا، ڏٺو ٿي رؤنشو
    ڊهي ويو نقشو، قديمي هڪ ڳوٺ جو

    سدائين سرڪار سان، سَرها صنعتڪارَ
    مونجهارن جا بارَ، ساڳيائي مزدور تي

    زندگيءَ جو گيت هُو، ڳائڻ نٿو ڏي
    تارون هر ڪنهن ساز جون، ٽوڙي ٿو ڇڏي
    منگتو ٿو سڏي، نفرت مان فنڪار کي

    سهڪي ساهُه کڻي پيو، سکڻو هيءُ سماج
    جتي آ ماڻهوءَ جو، ماڻهو ئي محتاج
    تڏهن احتجاج، ڪڏهن ننڊ نٿو ڪري

    واپارين جي شهر ۾، اُجڙيل عاشقي
    نانگڻ نرتڪي، ناڻي تي نچي پئي


    عاشقيءَ جون آڱريون روشن هُجن

    عاشقيءَ جون آڱريون روشن هُجن

    ها مڃون ٿا پنهنجو ماضي شاندار
    هي پُراڻو آهي قصو ٿي ويو
    توڙي حصو هي اسان جو آهي پر
    ڳالهِه ڪا هِن دؤر جي ويهي ڪجي
    ٿي ويو ڪمزور آ قومي شعور
    اجتماعي سوچَ ناهي، سوچجي
    ڪو نئون اظهار کي لهجو ڏجي
    ڪنهن نئين تاريخ کي رستو ڏجي
    هر طرف آهن ڌمالون ديسَ جون
    ويس پائي ٿا جمالا ڳائجن
    جاڳَ جا ٿا سڀُ حوالا ڳائجن
    نرتڪي موهن جي آهي رقص ۾
    عڪس ۾ آهن ڪبوتر سُرمئي
    ننڊ راهب جي اُڏامي آ وئي
    ڪيئن نه هاريءَ جي هٿن مان آ ڦٽي
    ڪا ابد جي آبشاري روشني
    ڏاند گاڏيءَ جي پُٺيان ڪو ٻارڙو
    ڌُوڙ ۾ ڊُڪندو وڃي، روئندو وڃي
    ٻارڙي کي پيار ڏئي پرچائجي
    پڳ پوڙهي پيءُ جي اُجري رهي
    ڳاڙهو اجرڪ اڄُ امڙ کي پائجي
    ماڳُ، جيڪو ڀاڳ جو ڏي ڀروسو
    راڳُ، جيڪو جاڳ جو ڏي ترورو
    گيت، جيڪو جيت جو ڏي حوصلو
    آءُ نڪري ٿا هلون حُجرن منجهان
    رقص کنوڻين جا ڏسون ڪڪرن منجهان
    هل ته نيروليءَ کي ٿا مڃتا ڏيون
    پيرَ اُن جيجل جا گڏجي ٿا ڇُهون
    جا پئي ڪاوا جڙي ٽوپيءَ مٿان
    آر پورهئي کان ڪري ڪوئي متان
    ٿو وهي درياهُه پنهنجي ديسَ ۾
    ڄڻ ته هي ويساهُه آهي ساهَه جو
    آهي جنهن سان زندگيءَ جو سلسلو
    هُو جياپو، جُستجوءَ جو مرحلو
    ٿو ڏئي اڳتي وڌڻ جو آجپو
    جاڳَ ۾ آهي اڃان جهونو اروڙ
    سڏ ٿا ڪيئي پهاڙن کان اچن
    ڀٽ ڌڻيءَ جي شاعريءَ جو آ وچن
    ڪين رهندو بي خبر منهنجو وطن
    عاشقيءَ جون آڱريون روشن رهن.


    انگريزي ڌُن تي هو جمالو

    انگريزي ڌُن تي هو جمالو

    مير عليمراد خان!
    تو شينهنِ جي کلن مان
    تيار ڪيل تنبُو
    انگريز عملدار کي
    تُحفي طور ڏنو هو
    اَڄُ تُنهنجي ديسَ ۾
    هڪ به شينهن ناهي بچيو
    ۽ گدڙ،
    انگريزي ڌُن تي
    ”هو جمالو“ ڳائي رهيا آهن.


    مير عليمراد خان ـــ خيرپور رياست جو والي
    جنهن جي شڪار جي حوالي سان گهڻي شهرت هئي




    ڌرتي ته اُها ساڳئي

    ڌرتي ته اُها ساڳئي
    ماڻهن کي ٿيو ڇاهي!
    ڪا دانهن نه ڪو ڀُڻڪو

    ڪو پنهنجي سڃاڻپَ جا
    آثار پيو ڊاهي
    ڪا دانهن نه ڪو ڀُڻڪو

    انسان کي ڍور جيان
    هٿيار ويا ڪاهي
    ڪا دانهن نه ڪو ڀُڻڪو

    هن ديسَ ۾ ٿو هر ڪو
    خاموش جيئڻ چاهي
    ڪا دانهن نه ڪو ڀُڻڪو

    بيواهَه جي نيڻن جان
    سنڌُو به سُڪل آهي
    ڪا دانهن نه ڪو ڀُڻڪو

    هن ماٺِ جي چهري تان
    چادر ڪو اچي لاهي
    ڪا دانهن نه ڪو ڀُڻڪو


    دربدر خواهشون

    دربدر خواهشون

    چيو هو تو سائين!
    ننڍو گهر ڪو وٺبو
    ۽ مرضيءَ سان رهبو،
    اسين دربدر ڪين ٿينداسين هاڻي
    سُڀاڻي سڀاڻي ڪندي ڪيئي ڏينهڙا
    ويا دُور ٿيندا
    اٽو، کنڊُ، چانور
    رهيا خواب پنهنجا
    ويو سالُ گذري،
    رڳو بلَ ڀريندي ۽ مسواڙ ڏيندي
    ڪرائي جي گهرَ ۾.




    هن پيار کي تُون پنهنجو

    هن پيار کي تُون پنهنجو
    سمجهڻ به ڇڏي ڏيندين
    مون ڪين هيو سوچيو

    تڙپڻ ته ٺهيو مون لاءِ
    سوچڻ به ڇڏي ڏيندين
    مون ڪين هيو سوچيو

    ڪنهن جاءِ ڏسي مون کي
    ترسڻ به ڇڏي ڏيندين
    مون ڪين هيو سوچيو

    پڃري جي تمنا ۾
    اُڏرڻ به ڇڏي ڏيندين
    مون ڪين هيو سوچيو

    منٿن کي ڌڪاري تون
    پرچڻ به ڇڏي ڏيندين
    مون ڪين هيو سوچيو




    هُو ڇٽي کولڻ بنا ڏسندا رهيا

    هُو ڇٽي کولڻ بنا ڏسندا رهيا
    مينهن ۾ ٻيئي ڄڻا ڀڄندا رهيا

    مون انڌيرن جو نه ڪو اُلڪو ڪيو
    نيڻ مون سان روبرو تُنهنجا رهيا

    زندگي ترتيب کان خالي رهي
    حالَ بس ساڳيا اُهي پنهنجا رهيا

    ماٺِ ۾ گُذري وياسين پاڻَ ٻئي
    هُو الائجي ڇا نه ڇا چوندا رهيا

    ڪجھه گهڙين جي رونقن ۾ ساڻ ها
    ويجهو هوندي اوپرا پاڇا رهيا

    ميڙ منٿن سان نه پرچي، وئي هلي
    شعر سڀ ٻانهون ٻڌي بيٺا رهيا

    ڪو دريءَ جي اوٽ ۾ چهرو هيو
    ۽ هوا تي مُرڪندا پردا رهيا

    راهَه جا ڪنڊا به ٿي وچڙيا پئي
    تو سِوا سڀ اوپرا رستا رهيا

    سڀ خوشيون ٿڪجي پيون اڌ واٽ تي
    درد ئي هر حالَ ۾ هلندا رهيا

    روشني ٻئي رُوپ ۾ پُهتي اچي
    هاڻِ سي جارا نه ڪي ڏيئا رهيا

    ماءُ جي پيرن جو هو ڇاپو جتي
    دل اسان جيءَ جا اُتي سجدا رهيا

    جهوپڙي ٻُڏندي وئي دانهون ڪندي
    موسمن جا بي رحم لهجا رهيا

    سَڀُ ڪُهاڙيون ئي ٻکيون الزام کي
    ڳوٺ وارا ڏور کان ڏسندا رهيا

    جن لِکيا ها ڪيترا قصا هتي
    هاڻِ بس تن جا وڃي قصا رهيا


    محبت کي مارڻ جو حق آهي

    محبت کي مارڻ جو حق آهي

    محبت جو فلسفو به
    عورت جي دل وانگر
    سدائين منجهيل رهيو آهي
    رشتن ناتن جي
    روين جي اثر هيٺ
    تو هڪ ڀيري لکيو هو ته:
    ”محبت کي مارڻ جو حق آهي
    باقي اُن کي ماري نه ٿو سگهجي، ڇو؟“
    نظر انداز ڪرڻ
    خنجر هڻڻ کان وڌيڪ
    ايذائيندڙ هوندو آهي
    محبت ماري به ٿي
    جيئاري به ٿي
    پوءِ به محبت کي ئي بچائڻو آهي
    جي محبت مري ويئي ته
    پوءِ دنيا ۾ جيئڻ جو
    ڪهڙو سبب باقي بچندو!


    رزق جو فلسفو

    رزق جو فلسفو

    پکيءَ کي پڃرو مليو، ماريءَ کي ماني
    ڏئي ٿو حيراني، فلسفو هي رزق جو

    ڦهليل هُجي پنهنجي، حوصلي جي حدَ
    سُکن جي سرحد، پاڻ ئي ايندي ويجهڙي

    رستي بيٺل اَڪُ، ٻانهون لوڏي ٿو پيو
    ويو اُڪري قافلو، دردن وارو لڪُ
    مسافر جو ٿڪُ، رهجي ويو ڇانوَ ۾

    وهسڪي ولاتي، پنج ستارا هوٽلون
    طبقاتي سماجَ ۾، موت به طبقاتي
    غريب جو ڀاتي، مري ڪچي شرابَ ۾

    ساڳيائي فنڪار، وري پُراڻيون راڳڻيون
    جهومن ٿا ڀوتارَ، ڪنڌ لوڏيندي پنهنجا

    هر ڪو پنهنجي رنگ ۾، دنيا آهِه عجيب
    ذهني طور غريب، شالَ نه ٿئي ڪو آدمي





    ٿيون سڏنِ توکي هوائون

    ٿيون سڏنِ توکي هوائون
    ڪيترا ٿا تاڪ کڙڪن
    ڪا دري کولي ته ڏس تُون

    وَڻَ هُو وهنجن پيا ٿا
    ۽ پکي ڪيڏا ٿا جُهومن
    ڪا دري کولي ته ڏس تُون

    ڪي ڦُڙيون برسات جون
    پَنَ ڪي اُڏري اچن
    ڪا دري کولي ته ڏس تُون

    ٻار ٿا پاڻيءَ ۾ کيڏن
    ۽ پيا هُو پاڻ ترڪن
    ڪا دري کولي ته ڏس تُون

    بند ڪمري جي اُداسي
    جنهن ۾ ٿا احساس سُڏڪن
    ڪا دري کولي ته ڏس تُون


    6 آگسٽ 1945ع

    6 آگسٽ 1945ع

    جڏهن، تو پنهنجي
    جنگي جُنون جو تجربو ڪندي
    هيروشيما جي ڌرتيءَ ۾
    هزارين خواب دفن ڪري ڇڏيا
    اُها تاريخ
    مُهذب اِنسانيت جي
    چهري تي
    ملامتن جو اهڙو ڪارو چُٽو آهي
    جيڪو،
    اِنسانن جي چڱن ڪارنامن
    ۽ نيڪين جي پاڪ پاڻيءَ سان به
    ڌوپجي نٿو سگهي.


    ڌپَ ڪري ويلَ پاروٿا ويچار

    ڌپَ ڪري ويلَ پاروٿا ويچار

    ها مڃون ٿا ته هُو سُٺو شاعر هو
    پر هُو ڀلو ماڻهو هرگز نه هو
    هن جي شخصيت ۾
    ڪيتريون ئي اوڻايون هيون،
    هن کي پنهنجي شاعريءَ تي به
    گهڻو گهمنڊ هو،
    جڏهن ته هن جي شاعريءَ ۾
    ٻوليءَ جون ڪيتريون ئي
    غلطيون آهن،
    هُو، ٿري لفظن جو
    مناسب استعمال به
    نه ڪري سگهيو آهي
    هن جا استعارا اڻ وڻندڙ
    ۽ ڪيئي تشبيهون غلط آهن،
    هن جا ڪجھه نظم پرڏيهي شاعريءَ مان
    چوري ڪيل آهن،
    زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾
    هُو موت جي ڊپ ۾
    ويڙهجي ويو هو
    هُو هڪ ڊڄڻو شاعر ۽ شخص هو.

    چمڙا پوش نقادن جي
    اِها تنقيدي گپَ
    هاڻي ڌپَ ڪري وئي آهي.
    هن جي سدا بهار
    شاعريءَ جي سُرهاڻ
    ڪالهه وانگر اَڄُ به
    ذهنن ۽ دلين کي واسي رهي آهي.
    وقت گذرڻ سان گڏ
    هن جي تخليقن مان
    فڪر جون نيون نيون لاٽون ڦٽي رهيون آهن.




    اُجڙيل گهرن منجهان

    اُجڙيل گهرن منجهان
    پنهنجا رانديڪا
    ٻارَ ٿا ڳولن پيا

    گُم ٿيل پنهنجون مُرڪون
    ممتا جا سُڏڪا
    ٻارَ ٿا ڳولن پيا

    پوپٽَ ـــ پرڙن جهڙا
    پٿرن مان سپنا
    ٻارَ ٿا ڳولن پيا

    پنهنجو نازڪ حسرتون
    گهايل ڪي اُڌما
    ٻارَ ٿا ڳولن پيا

    امڙ جون ٿڌيون چُميون
    ڏنل ڪي دڙڪا
    ٻارَ ٿا ڳولن پيا


    (زلزلي کانپوءِ)


    فطرت سان ٽڪراءُ

    فطرت سان ٽڪراءُ

    فطرت سان تڪراءَ ۾، آيو جو اِنسان
    پنهنجو ئي نقصان، ٿيو هن کان لَوڀ ۾

    ”ييس سر“ جو راڳُ ٿو، هر ڪو آلاپي
    صاحب ٿو ماپي، سڀ جو قد گريڊ سان

    ڪوريئڙي کي ويڙهجي، وئي آ اُداسي
    ويو ڪيئن ڦاسي، پنهنجي اُڻيل ڄارَ ۾

    راشن ۽ مسواڙ ۾، پينشن ئي پوري
    مهينو مجبوري، ڌڪجي پئي زندگي

    هر کاتي ۾ آههِ ڄڻ، کائڻ جو کاتو
    پِٽڪو پاراتو، ڪڏهن لهندو ديس تان

    هر ڪلچر کان معتبر، چاپلوسي ڪلچر
    جنهن ۾ پڪي نوڪري، سڏي هر دفتر
    اهليت جو چڪر، جنهن ۾ رهي ڪين ٿو

    ڳائجي ٿو جمهور جو، سالن کان هي راڳُ
    ساڳيو اُجڙيل ڀاڳُ، هاري ۽ مزدور جو


    تنهنجو منهنجو رواج

    تنهنجو منهنجو رواج

    تُنهنجو مُنهنجو رواج هڪ جهڙو
    هر ماڻهوءَ سان پنهنجي هٿَ – جوڙي
    توڙي ناهي سماج هڪ جهڙو
    تُنهنجو مُنهنجو رواج هڪ جهڙو

    پنهنجو لهجو، مزاج هڪ جهڙو
    ريت ناهي اِها ڪڏهن ٽوڙي
    تُنهنجو مُنهنجو رواج هڪ جهڙو
    هر ماڻهوءَ سان پنهنجي هٿَ جوڙي


    (رام جواهراڻيءَ جي نالي)








    وڇايل بي رحم نظرون

    وڇايل بي رحم نظرون
    شڪاري ڄارَ چوڌاري
    پکين کي ڪير سمجهائي؟

    آکيرا باز تاڙين ٿا
    وڻن تي وارَ چوڌاري
    پکين کي ڪير سمجهائي؟

    هوا ۾ هُو هڻن ٿا ڇو
    گُليلون، ٻارَ چوڌاري
    پکين کي ڪير سمجهائي؟

    ڀوتاري جيپ جون دانهون
    بندوقون ڌار چوڌاري
    پکين کي ڪير سمجهائي؟








    خوف جو چهرو، اڄوڪي رات آهي

    خوف جو چهرو، اڄوڪي رات آهي
    موت جو حصو، اڄوڪي رات آهي

    چور جان بندوق تاڻي مون مٿان
    آهِه بيٺي ڇو، اڄوڪي رات آهي

    هر اکر آڙاهَه مان وهنتل لڳو
    باهِه جو لهجو، اڄوڪي رات آهي

    ڇوٽڪاري تي به ٿورو سوچجي
    ڳولجي رستو، اڄوڪي رات آهي

    تُون پُڄاڻي پاڻ ڪر اُن جي اچي
    درد جو قصو، اڄوڪي رات آهي

    ڪالهه ڪو جرڳي ڪيو هو فيصلو
    سُونهن جو سڏڪو، اڄوڪي رات آهي

    هر ستارو ڄڻ ته ڳوڙهو آهِه منهنجو
    چنڊ جو اُلڪو، اڄوڪي رات آهي

    عاشقي اونداهَه سان اٽڪي پئي
    ها ٻري هلبو، اڄوڪي رات آهي


    مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي

    مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن تي

    سنڌي ٻوليءَ بابت
    سيمينار جي صدارت ڪندڙ
    وزير جا ٻارَ
    بيڪن اسڪولَ ۾ پڙهن ٿا
    جتي، سنڌي ٻوليءَ کي
    داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي
    ڪامورن، پروفيسرن ۽ دانشورن کي
    سنڌي ڪتابن کان الرجي ٿي وئي آهي
    سنڌ ۾ اُڏوهيءَ جا ٺٺ آهن
    سنڌي دانشور کان
    سندس پُٽ پُڇي ٿو:
    ”هُو از شاهه لطيف، ڊيڊ!؟“

    تاج جويي،
    تعليم واري وزير کي
    سنڌيءَ ۾ لکيل درخواست ڏني آهي
    پر، وزير کي سنڌي پڙهڻ نٿي اچي.

    سنڌ يونيورسٽيءَ جي
    پهرين عورت وائيس چانسلر کي
    شاهه لطيف جي ٻولي
    لکڻ ۽ پڙهڻ نٿي اچي.

    دهلي يونيورسٽيءَ ۾
    سنڌي شعبي جوسربراهُه
    سنڌي – عربي رسم الخط
    پڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

    حليم بروهي چوي ٿو:
    جنهن ٻوليءَ کي پنهنجو
    ٻِڪي جو کوڙو ناهي
    اُها ٻولي ڪهڙي؟
    سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ پاران
    ٻِڪي جي کوڙي تيار ڪرڻ لاءِ
    ڊاڪٽر الانا جي سربراهيءَ ۾
    هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي.

    نارائڻ شيام جا
    سنڌي ٻوليءَ بابت اُلڪا
    هاڻي سُڏڪن ۾ تبديل ٿي ويا آهن.


    ديس دکي درويش جو

    ديس دکي درويش جو

    ديس دکي درويش جو، زخمي فلسطين
    سڄو ئي غمگين، آهي اِن انياءَ تي

    سمجهائي يزيد ٿو، دهشت جو دليلُ
    خنجر اسرائيلُ، انسانيت جي ڪُکِ ۾

    سوچيان ٿو مان سنڌ تي، سامُهون جڳُ جهانُ
    مون لاءِ هر اِنسانُ، آهي پنهنجي ڀاءُ جيان

    سڀ کان سڃاتو، پهريان پنهنجي درد کي
    ڳانو پنهنجي ديسَ جو، ڳچيءَ ۾ پاتو
    پنهنجو ئي ڄاتو، دنيا جي مظلوم کي

    توڙي هر ڪنهن ديس جو، الڳ الڳ اُلڪو
    ساڳيو ئي سڏڪو، آهي هر اِنسانُ جو

    موت جهڙي ماٺِ ۾، ايمبولينس جي ڪُوڪَ
    ڇا ڄاڻي بندوق، اِنسانن جي درد کي

    ڊيڄارنِ ٿا پاڻ کي، وک وک ڊريڪولا
    ڪڏهن هي رولا، لهندا آخر لوڪَ تان






    ٻوليءَ تي ٻاجهَه ڪر تون

    ٻوليءَ تي ٻاجهَه ڪر تون
    سمجهي اِها پرولي
    پنهنجن ئي آهي رولي

    ڀِٽَ جي ڪُنڀار ٺاهي
    جيڪا هئي گهڙولي
    پنهنجن ئي آهي رولي

    لولي جيان کسي ويا
    ٻارن کان ڪانگ ٻولي
    پنهنجن ئي آهي رولي

    لُڙڪن ۾ وئي ڀڄي آ
    ٻُڍڙيءَ جي خالي جهولي
    پنهنجن ئي آهي رولي

    ٻاگهلَ جي ٻارڙن کي
    ڏيندي نه ڪا به لولي
    پنهنجن ئي آهي رولي








    هِن ٿڪل مسافر جو

    هِن ٿڪل مسافر جو
    جي بارُ کڻي ويندين
    ڌرتيءَ کي وڻي ويندين

    ٿي ڇانوَ گهڻي گُهرجي
    هڪ ٻوٽو هڻي ويندين
    ڌرتيءَ کي وڻي ويندين

    ڪنهن پياسي لئه بڻجي
    هڪڙي ئي ڪڻي ويندين
    ڌرتيءَ کي وڻي ويندين

    تون پنهنجي نصيبن جو
    ٿي پاڻَ ڌڻي ويندين
    ڌرتيءَ کي وڻي ويندين


    تماشو دردُ ٿو بڻجي

    تماشو دردُ ٿو بڻجي

    اهوئي ديس آ پنهنجو
    سدائين خوف هرڻين کي
    هتي آ راڄ بگهڙن جو.

    سرن تان چادرون ڇڪجن
    گهٽِين ۾ عزتون ڌڪجن
    ٽڪن تي فيصلا پڙهجن
    ڪٿائون ڪيتريون لکجن
    اِهوئي ديس آ پنهنجو.

    ننگن تي تُهمتون ساڳيون
    اُهي ئي ڏاڍ جا جرڳا
    رُلن پيرن ۾ ٿيون پوتيون
    سدائين ڌُوڙ ٿيا پٽڪا
    روشن سَڀُ ڪورٽون، ٿاڻا
    انڌيرن ۾ ٻُڏا ڀاڳيا
    اهوئي ديس آ پنهنجو.

    تماشو درد ٿو بڻجي
    خبر اخبار ۾ ڇپجي
    اِهو انياءُ ڇا چئجي؟
    هُنن جا ڪوٽ هِن ڪارا
    جتي سڀُ رُوحَ ٿيا قيدي
    هِنن جا ڪوٽَ ڏس ڪارا
    ڇڏنِ ٿا سوچ کي وڪڻي.

    اِهو ئي ديس آ پنهنجو
    اسان کي پوءِ به پيارو آ.


    هر مقبرو قابلِ تعظيم ناهي هوندو

    هر مقبرو قابلِ تعظيم ناهي هوندو

    ڪوئي به ماڻهو
    مُجاور ٿي سگهي ٿو.
    مُجاور ٿيڻ لاءِ،
    ڪنهن به ميمبر يا وزير جي
    سفارش جي ضرورت ناهي
    هڪ قبر کپي
    ۽ اُنهيءَ جو ڪوبه نالو
    رکي سگهجي ٿو.
    مُجاور جي ڳالهين سان ئي
    قبر جو تقدس وڌندو آهي
    ڪيترا ته سادا آهن
    اسان جي ديس جا ماڻهو
    جتي به مزار ڏِس ٿا
    اُتي گُل رکن ٿا.
    هر مقبرو قابلِ تعظيم ناهي هوندو.
    پنهنجي دؤر جي جلادن جي قبرن تي
    دُعا نه گهرُ تون بابا سائين!






    مينهن پُڄاڻان اوچتو

    مينهن پُڄاڻان اوچتو
    ست ــــ رنگي ڏسندي
    تُنهنجي ياد اچي وئي

    پنهنجي ڪنهن تحرير ۾
    لفظ ”نڪو“ لکندي
    تُنهنجي ياد اچي وئي

    تُنهنجو ڪو ميسيج پڙهي
    پنهنجي مُنهن کِلندي
    تُنهنجي ياد اچي وئي

    سکر جي هُن ساڌوءَ سان
    مندر ۾ ملندي
    تُنهنجي ياد اچي وئي

    مالها ڪنهن فقير جي
    ڏٺي جو ٽُٽندي
    تُنهنجي ياد اچي وئي


    جوڀن جا جمالَ

    جوڀن جا جمالَ

    جياپي جي جستجو، اڳتي جا امڪانَ
    لارين پٺيان ڊوڙندڙ، دونهاٽيل اِنسانَ
    اُنهن جا ارمان، چٿجيو وڃن روڊ تي

    فيڪٽريءَ جي دونهين ۾، ڍڪجي ويو چنڊُ
    منظر ڏسي سمنڊ، آهي ڏُکارو ٿي ويو

    ڪيڏا شاپنگ مالَ، آهن سرمائيدار جا
    جهرمر جن ۾ زندگي، جوڀن جا جمالَ
    پورهيتن جا حالَ، ساڳيا اُجڙيل ٿا رهن

    هوٽل ٻاهران ڍير تي، اُڇلايل کاڌو
    ڏٺا هوندا تو، اُن تي ويٺل ٻارڙا

    ٻارن جا لشڪرَ، گهٽيءَ ۾ کيڏن پيا
    دونهون ڏيندي گُذرن، رنڀندا اسڪوٽر
    مائُرن جا هرهر، هانوَ وڃن ٿا هارجي

    ڪچو گهرُ، ڪچي نوڪري، ڪَچو آهي شراب
    سُڃي لاءِ عذابُ، آهي هرڪنهن دؤر ۾






    درد منهنجو جيڪڏهن سمجهي وڃي

    درد منهنجو جيڪڏهن سمجهي وڃي
    هوءَ مون سان پاڻَ ئي پرچي وڃي

    سڀُ گهڙا مون کي ئي ٿا خالي ملن
    اُڃَ منهنجي ڪو ٻيو ٿو پي وڃي

    تو جيان ناهي هتي ڪوئي ٻيو
    دل ٻين مان ٿي صفا ڀرجي وڃي

    مُرڪ تُنهنجيءَ مان ڦُٽي تخليق ٿي
    پاڻَ هُرتو شعر ٿو سرجي وڃي

    سالَ ٿيا توکي چوڻ چاهيان پيو
    هر دفعي ٿي ڳالهه سا رهجي وڃي

    دوست سَڀُ مصروف آهن سومرا!
    اَڄُ ڪچهري پاڻ سان ئي ٿي وڃي




    اوچتو مون سان ملي وئي

    اوچتو مون سان ملي وئي
    راهَه ۾ هُوءَ روبرو
    آءٌ گونگو ٿي ويس

    اَڄُ به مون کي هئي لڳي
    سنڌ جهڙي هُوبهو
    آءٌ گونگو ٿي ويس

    بس ائين ڏسندا رهياسي
    ڪين ٿي ڪا گفتگو
    آءٌ گونگو ٿي ويس

    ٿي وئي ناڪام ساري
    ڪجھه چوڻ جي جستجو
    آءٌ گونگو ٿي ويس

    ڄڻ ته هئي اٽڪي پئي
    ڪا اکين ۾ آرزو
    آءٌ گونگو ٿي ويس


    اسان صرف تصوير ۾ خوشحال لڳندا آهيون

    اسان صرف تصوير ۾ خوشحال لڳندا آهيون

    عاشقيءَ جي موسم
    حياتي ۾ هڪ ڀيرو ايندي آهي.
    اسان جهڙا ماڻهو اُنهيءَ مند ۾
    نوڪري جي ڳولا ۾ رُلندا آهن
    ۽ وارن ۾ اڇاڻ لهندي ويندي آهي.
    اسان فوٽو اسٽوڊيو جي ٽائي پائي
    فوٽو ڪڍرائي
    سرڪاري ۽ غير سرڪاري ادارن کي
    نوڪريءَ جون درخواستون
    موڪليندا رهندا آهيون
    ۽ سُکي زندگيءَ جا خواب ڏسندا آهيون.
    اسان صرف تصوير ۾
    خوشحال لڳندا آهيون.
    انٽرويو وٺندڙ آفيسر
    پٿر جي اکين سان ڏسندا آهن
    ۽ اُهيئي سوال پُڇندا آهن
    جن جا جواب اڳ ۾ ئي
    درخواست ۾ موجود هوندا آهن.
    سادڙي امڙ کي
    ڪير سمجھائي ته
    نوڪريون فقط دعائن سان
    نه ملنديون آهن
    دعائون ته شهر جي دونهين ۾
    گُم ٿي وينديون آهن
    گاڏين هيٺان اچي
    مري وينديون آهن،
    جن کي ايڌيءَ جو ڪفن به نصيب ناهي ٿيندو.












    ڪڏهن ڳالهه دل کان اِها تو پُڇي هئي

    ڪڏهن ڳالهه دل کان اِها تو پُڇي هئي
    نه هو پيار هُن سان رُڳي دوستي هئي

    جتي تُنهنجو سُڏڪو ٿي گهايل ڪِريو هو
    اُتي دل هي منهنجي ته ڊوڙي جُهڪي هئي

    غزلَ ۾ به ساراهَه تُنهنجي ڪئي مون
    وائي به تُنهنجيءَ ادا تي لکي هئي

    اسان ٻن جي وچ ۾ جا ڦرندي رهي هئي
    خبر ناهي تُنهنجي يا منهنجي چُمي هئي

    حياتيءَ ۾ هُن ڪيڏو بنواسُ ڀوڳيو
    مگر لوڪ ليکي ته ڪيڏي سُکي هئي

    منهنجي چاهتن جو اُڃيو سمنڊ هو
    ڪڏهن تو اُنهيءَ جي لهر ڪا ڏٺي هئي

    ملئينءَ ٿي ته ميلا جمالا ها ڪيڏا
    وئينءَ ٿي ته ڪا ڇيتِ دل ۾ چُڀي هئي

    اچي عشق احسان اِهڙا ڪيا جو
    ڊڄي، پوءِ مون ۾ اچي هُوءَ لڪي هُئي






    پينگھي ۾ سُتل آهين

    پينگھي ۾ سُتل آهين
    پر مون ٿي اِئين سمجهو
    ڄڻ خواب سُتل آهي

    ڏيئو ته اُجھامي ويو
    جاري ۾ مگر ان جو
    ڄڻ خواب سُتل آهي

    نمُ ــــ ڇانوَ جي ڀاڪُر ۾
    گمنام مسافر جو
    ڄڻ خواب سُتل آهي

    ڪينجهر جي ڪناري تي
    نوريءَ جي جوانيءَ جو
    ڄڻ خواب سُتل آهي

    رستي تي وساريل ڪو
    پوپٽ جي پرن جهڙو
    ڄڻ خواب سُتل آهي

    ٿي لالُ وئي ڪاري
    پر ڌرتيءَ تي لوڪو!
    ڄڻ خواب سُتل آهي


    سمنڊ جهڙي شاعري

    سمنڊ جهڙي شاعري

    جتي پير لطيف جا، اُتي شيخ اياز
    توڙي ساڳيو سازُ، ڌُنون ڌار ٻنهي جون

    تنقيدي شعور سان، ڪري ڏس تحقيق
    جُهومي تي تخليق، اَڄُ به شيخ اياز جي

    وائي شيخ اياز جي، علڻَ جو آواز
    پکين جو پرواز، مٿان ڍنڍ ڪراڙ جي

    سمنڊ جهڙي شاعري، لهرن مٿان چنڊُ
    صديون ننڍو کنڊُ، سوچيندو تخليق تي

    ٻيئي سپنا سنڌ جا، هڪڙو ئي آواز
    شيام، شيخ اياز، سِٽون ساڳئي بيت جون

    سَجاڳيءَ جا سنيها، تُنهنجون تخليقون
    ڪوتائن جي هٿن ۾، آهن مشعلون
    دانهون ڌرتيءَ جون، ڪيئي سڏ صدين جا

    تُنهنجن تخليقن جا، ڪيئي چنڊ کِڙيا
    ڪيڏا اڄ ڪراڙِ تي، آهن پکي مڙيا
    چؤڏس گل ٽِڙيا، تُنهنجي جنم ڏينهن تي


    اسان جي ڳوٺ جو نوحو

    اسان جي ڳوٺ جو نوحو

    اسان جي ڳوٺ جي ٻنين ۾
    ڪڏهن ڊپُ نه ڦُٽندو هو
    ٻارڙا پنهنجا ٿيلها کڻي
    نچندا ٽپندا اسڪول ويندا هئا.
    هيڊماستر صاحب به
    پنهنجي پراڻيءَ سائيڪل جي
    گهنٽي وڄائيندو، بنا ڪنهن خوف جي
    پهچي ويندو هو.
    ٻارڙا جڏهن سبق ياد ڪندا هئا
    ته اُنهن جو آواز
    سڄي ڳوٺ ۾ گونجندو هو.
    ڪنهن لوڪ گيت وانگر
    لڳندو هو، اسان جو ڳوٺ.
    هاڻي هڪ اَڄاتل ڊپ جو زهر
    سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلبو ٿو وڃي.
    خميسي خان جي اوطاق تي
    هاڻي ڪچهريون ناهن ٿينديون
    نه الغوزي جي ڌُن
    نه شعر سخن جون ڳالهيون
    خوف جي چادر ۾ ويڙهيل
    بيمار راتيون.
    هاڻي ڀلجي به نٿا ڳوٺ ۾ اچن
    يڪتاري وارا فقير
    نه گيڙو ويس ۾ جوڳي.
    پکين کان سواءِ اُداس وڻَ
    ۽ ٻارن لاءِ واجهائيندڙ
    ويران گهٽيون.
    ماٺار جي موسم
    ڳوٺ تي آهي لٿي
    اسڪول کي تالو لڳي ويو آهي
    ۽ هيڊ ماستر صاحب
    ڊگهي موڪل تي هليو ويو آهي







    ڪبوتر اکين ۾ ڪي منظر ڦرن ٿا

    ڪبوتر اکين ۾ ڪي منظر ڦرن ٿا
    شڪاري هوائن ۾ خنجر ڦرن ٿا

    جڏهن کان اچي دل ۾ آهيو وسيا جو
    تڏهن کان چوڌاري هي مندر ڦرن ٿا

    خُماريل اکين جون پناهون ٿا چاهنِ
    هي خوابن جا ٽولا جي بي گهر ڦرن ٿا

    ذهن تي هي گهوڙن جون ٽاپون سدائين
    يادن جا سيني تي لشڪر ڦرن ٿا

    سدا لوڪ بيٺو آهي سج هيٺان
    ٿڌي ڇانوَ پويان ڇو رهبر ڦرن ٿا

    سڄو ديسُ آهي اُداسيءَ جو پاڇو
    وبائن جا ڪيئي جو اجگر ڦرن ٿا


    مٽيءَ لاءِ تحفو

    مٽيءَ لاءِ تحفو

    هئي ننڊ جو ايندي گهاون کي
    جلاد به ٿڪجي پوندا ها
    جو ديوارن کان دُور ويو
    سو ريٽو سارو رستو هو

    هُو سَنَدون ميڊل، تعريفون
    دل! تُنهنجي لئه هڪ دوکو هو
    جو توکي مليو محبوبن کان
    سو گهاءُ به ڄڻ ڪو تمغو هو

    ڪو آڳرُ هو شهيدن جو
    جتي روز هوائن جو ماتم
    هر بادل هنجون هاريون ٿي
    هُن ساوڻ کي به ته صدمو هو

    جو طوفانن سان اَٽڪيو هو
    سو ڏيئو توکي ئي پرتو هو
    هُو لاش هيو يا سپنو هو
    سو مٽي! تولئه تحفو هو


    وڙهندا واچوڙن سان

    وڙهندا واچوڙن سان

    ٽوپو ڏيندي جُتيءَ کي، سوچي ٿو موچي:
    ”ڪيڏو مون لوچي، گهاري آهي زندگي“

    فيڪٽريءَ مان سائيڪل تي، نڪري ٿو مزدور
    خوابن جو منشور، کڻي پنهنجي کيسي ۾

    جيسين پنهنجي ديس ۾، ناڻي جو نظامُ
    بنا ٽيڪس گودامُ، ڀريل رهندو سيٺ جو

    هلي ٿو هرجاءِ تي، ساڳيو ئي تُسخو
    ڏاڍي کي سجدو، هيڻو ٿو لتاڙجي

    متان سمجهين نڌڻڪا، ڌنارن جا ڌڻ
    هي ڌرتيءَ جا ڌڻَ، وڙهندا واچوڙن سان

    سُتل ماڙيءَ ڀرسان، جهوپڙيون جاڳيون
    اُنهن جون ساڳيون، ڪيسين رهنديون حالتون

    ”ڪڏهن ڦِرندا ڏينهڙا، متان گهٻرايو“
    ٻُڍڙي سمجهايو، ويهي وڻَ جي ڇانو ۾



    دردن جي ماٿريءَ ۾

    دردن جي ماٿريءَ ۾
    آهن رُڳو ئي آهون
    ڪنهن کي ڏجي دِلاسو؟

    خُوابن کي ڪير جوڙي؟
    ڌُنڌليون سڀئي نگاهون
    ڪنهن کي ڏجي دِلاسو؟

    آوازَ ويا دفن ٿي
    ويران ڪيڏيون راهون
    ڪنهن کي ڏجي دِلاسو؟

    هر ڪنهن سوال جو آ
    ساڳيو جوابُ، دانهون
    ڪنهن کي ڏجي دِلاسو؟

    لُڙڪن کي ڏي نٿو ڪو
    نيڻن ۾ اَڄُ پناهون
    ڪنهن کي ڏجي دِلاسو؟


    (زلزلي کانپوءِ)


    توکي تمغو ضرور ملندو

    توکي تمغو ضرور ملندو

    تُنهنجا خيالَ ۽ ويچار
    ٿڌا ۽ مِٺا
    لفظ، با ادب،
    نرم ۽ ريشمي آهن.
    تُنهنجي هر شعر ۾
    شُڪر گذاري آهي
    اُهي احتجاج يا تلخيءَ کان
    پري آهن.
    توکي تمغو ضرور ملندو
    پر اُنهيءَ لاءِ هڪ شرط آهي ته:
    توکي پنهنجو ڪَنڌَ
    ڪجھه ڏينهن لاءِ
    اسان وٽ گِروي رکڻو پوندو.






    هي نئون ذائقو به چکي ڏسجي

    هي نئون ذائقو به چکي ڏسجي
    دوستي پاڻ سان رکي ڏسجي

    وڻ ڏسجن، هوا سان ڪجن ڳالهيون
    ڪو اُڏامندڙ هلي پکي ڏسجي

    دل ۾ آهي ته رهي ٿي بيچيني
    ڳالهه هُن جي اڳيان رکي ڏسجي

    چنڊ پئسن جي هيءَ جلاوطني
    سنڌ ٻيهر هلي سکي! ڏسجي

    دل جو درپن به ڌوپجي ويندو
    هن ڏي هلجي هرڻَ اکي ڏسجي

    هر تقدس جون پنهنجون معنائون
    هن جي پيرن تي گُلُ رکي ڏسجي

    ڪا ڳُجهارت ڀلي ته ڀڃجي پر
    دل نه ڪنهن جي مگر ڀڃي ڏسجي

    پنهنجي غلطي ڪڏهن مڃي ڏسجي
    هن جي در تي جُهڪي وڃي ڏسجي

    عشق *ابراهِيمَ جو ٿَڪو ناهي
    عاشقيءَ جي نئين صدي ڏسجي

    هر نَظرَ احترامُ چاهي ٿي
    سونهن سامهون اچي، ڀلي ڏسجي

    شهر اُجڙي ويو آهي ساميءَ جو
    *شهاب سان ملجي درُ لکي ڏسجي

    پاڻ ۾ پاڻ ڪيئن ٻُڏي ٿو ماڻهو
    پنهنجي اندر ٽُٻي هڻي ڏسجي


    * محمد ابراهيم جويو ـــ عظيم ڏاهو ۽ ليکڪ
    * شهاب اوستو ـــ وطن دوست دانشور


    اسان جبران جا ساٿي

    اسان جبران جا ساٿي

    *نرودا !
    نينهن ڌرتيءَ سان
    ازل کان ئي اڙيل آهي
    جڙون جيءَ جون جڙيل آهن
    مٽيءَ جي موهَه ۾ سوگهيون
    لڳيءَ جي لوهه ۾ سوگهيون.

    هُجي ڀل عشق آدم سان
    سڄي هيءَ پرٿوي پنهنجي
    رهي روشن خياليءَ جو
    سدائين ڇانورو سڀ تي
    حقيقت هيءَ به آهي

    نرودا !
    عشق ڌرتيءَ جو
    ڳنڍي ٿو عشقِ آدم سان.
    اِهو *حمزي کان تون پڇجان
    وطن جي عاشقيءَ ۾ جنهن
    انهيءَ اسرار کي ڳوليو
    ڪڏهن جنهن سوچ پنهنجيءَ کي
    اجايو ڪين هو روليو.

    نرودا !
    ديس کان دوري
    ڪڏهن تو به هئي ڀوڳي

    اِهو جبران هو جوڳي
    وطن کان دُور ويهي جنهن
    وطن جي جوڳُ ۾ جاليو
    اڪيلي درد کي پاليو.
    اِهو جبران هو ساڳيو
    جڏهن، جنهن عشق سمجهايو
    تڏهن لبنان هو جاڳيو.
    صحيفا سُونهن جا ڪيئي
    هُيا جبران تي لهندا
    انا جا بت ها ڊهندا.
    فڪر ۽ فلسفي جنهن جي
    ڪليسا کي ڪنبايو هو.
    ڪيون ٿي راهبن دانهون
    هُيا جي سوچ کان خالي
    وطن جي صوفي ڏاهي کي
    ڏني جن ڏيهه نيڪالي
    لُڇيو لبنان هو ڏاڍو
    گرم ها درد جا چشما
    ويا ٿي اوپرا پنهنجا.
    اِهو قصو اسان جو آ
    وڇوڙي جي انهيءَ ڏک ۾
    ٿورو حصو اسان جو آ
    هُيو حمزو اسان سان ئي
    اسان حمزي سان گڏ ها سي
    مٽيءَ ۽ ڀونءِ جي پاسي.
    اسان جبران جا ساٿي
    وطن جو درد ڀوڳي جو
    انهيءَ انسان جا ساٿي.


    * نرودا- پيبلو نرودا، چليءَ جو قومي شاعر
    * حمزو- رسول حمزا توف، روس جو قومي شاعر
    * جبران- جبران خليل جبران، لبنان جو قومي شاعر


    ڪفن ايڌيءَ جو مليو

    ڪفن ايڌيءَ جو مليو

    ٿڌي ڪارِ جي دريءَ مان، ڏٺو سرمائيدار
    ٽاڪَ منجهند جو ٻارَ، ڌڻن پٺيان ٿي ڊُڪيا

    فوٽ پاٿ تي ويٺل، سوچي ٿو مزدور
    مون کان ماني دُور، ڇا لئه ٿيندي ٿي وڃي؟

    آيا گولين سامُهان، رُلندي رستن تي
    پنهنجن خوابن کي، ڪفن ايڌيءَ جو مليو

    هيءَ ڌرتي چاهي ٿي، بدحاليءَ کان آجپو
    عزت ساڻ ڳڀو، ملي هر اِنسان کي

    لينڊ ڪروزر گاڏيءَ مان، لهي ٿو اڳواڻ
    ورڪر جو پهراڻ، ساڳيو ڦاٽل ٿو رهي

    طاقت وارو فلسفو، جُڳن کان جاري
    بگهڙ سان ياري، ڪيسين رهندي رڍَ جي؟

    لکندو هو اخبار ۾، برڪت علي آزاد:
    ”سامراجي برباد، دنيا مان ٿيندا ڪڏهن؟“





    مٺڻ جي ڪوٽ مان ڪُوزو

    مٺڻ جي ڪوٽ مان ڪُوزو
    ورياسين جو ڀري سائين!
    نٿي پنهنجي سَري سائين!

    رُلي ٿو رُوح روهيءَ ۾
    فقيري ٿي ٻري سائين!
    نٿي پنهنجي سَري سائين!

    ٻُڌل ڪافي فريدڻ جي
    ذهن تي ٿي تري سائين!
    نٿي پنهنجي سَري سائين!

    اندر ۾ عشق ئي سجدو
    پرينءَ کي ٿو ڪري سائين!
    نٿي پنهنجي سَري سائين!

    هڻو ڀلُ تهمتون، ليڪن
    ڪيو ڇو ٿا پري سائين!؟
    نٿي پنهنجي سَري سائين!




    مون لئه ڄڻ ڪو زلزلو ويٺو هُيو

    مون لئه ڄڻ ڪو زلزلو ويٺو هُيو
    تنهنجي ڀرسان ڪو نه ڪو ويٺو هيو

    موڪلائي هر خوشي وئي گهر منجهان
    درد پر در تي يَڪو ويٺو هيو

    سانت ڄڻ ماحول تي وئي ڦهلجي
    تُنهنجي چهري تي غصو ويٺو هيو

    ڪنهن مسافر جي وري اَڄُ تاڙ ۾
    واٽ تي ڪو حادثو ويٺو هُيو

    خودڪشي مون کان ٽهي ويئي هلي
    هانوَ ۾ ڪو حوصلو ويٺو هيو

    دار واري راهَه ۾ ڪو مُرڪندي
    عاشقن جو قافلو ويٺو هيو

    ڪير ٿو ڪنهن جي ٻُڌي هن دؤر ۾
    هُو کڻي پنهنجو قصو ويٺو هيو

    اوچتو ئي مون تي هُن حملو ڪيو
    ڪوئي جو مون ۾ لڪو ويٺو هيو





    دلين ۾ درد جا دونهان

    دلين ۾ درد جا دونهان
    ڳَلن جي خُشڪ راهَه تي
    اڃان به مينهن ٿو وسي

    ڌار آهيون پاڻَ ٻئي
    تڏهن به پنهنجي چاهَه تي
    اڃان به مينهن ٿو وسي

    منظرن ۾ رُڃَ هئي
    پرينءَ جي پرنگاهَه تي
    اڃان به مينهن ٿو وسي

    نفرتون اُجاڙ ٿيون
    دلين جي هن درياهَه تي
    اڃان به مينهن ٿو وسي

    مٽيءَ مان مهڪ ٿي اچي
    پيار جي پناهَه تي
    اڃان به مينهن ٿو وسي


    آهي مرضي ڏاتِ جي

    آهي مرضي ڏاتِ جي

    دل چوي ٿي منهنجي، ٻيهر ٻارُ ٿيان
    ڀنڀورين پٺيان، ڊوڙان باغن ۾ وڃي

    ڪوئي آهي ٻيو به، منهنجي اندر ۾
    جيئن ڪا مندر ۾، رکيل ڪائي مورتي

    شام سان گڏ شاعري، مون ڏي اَڄُ آئي
    ڪاڳر تي وائي، ڇڏي هُوءَ هلي وئي

    ڪڏهن ڪڏهن پاڻ کان، وسري وڃان ٿو
    ها مان مڃان ٿو، ڪيئي ڪوتاهيون مون ۾

    آهي مرضي ڏات جي، ترسان راهَه ڏِسان
    ڀرجي اچن ڪڪريون، روئان پوءِ لکان
    ويٺو آئون سڪان، ڪڏهن هڪڙي سٽ لئِه

    جايون جوڙي دلين ۾، ناهي هُن کي گهرُ
    کولي ٿو تخليق جو، سونو روپو دَرُ
    مُرڪي ٿو ڪاڳر، شاعر لکي ٿو جڏهن


    سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون

    سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون

    سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون
    پکين جان اوچتو آهن
    ذهن جي تار تي ويٺيون.

    الهني ساند جي ٽيشڻ
    پُراڻو ريلَ جو رستو
    اُٺن تي ڳوٺِ پهتاسي
    پُٺن تي بارَ رشتن جا
    انبن جي باغ ۾ ڳيرا
    هوا ۾ جهومندڙ ٽالهيون
    سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون

    ڇُٽن شاهه پير جو ميلو
    ڌمالون ڌرتتي ساري
    چندر جا گيت فوني تي
    ۽ ساٿي خان جو هوٽل
    اُهيئي مانڊڻيون ساڳيون
    مگر ماڻهو اُهي ناهن
    جيئن ٿا جيئڙا ڪيئي
    جُدايون جيءَ ۾ جاليون
    سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون.

    لَڏي جو لاڙ کان نڪتا
    رُليا رنگريز روهڙيءَ ۾
    امان پوڙهيءَ ٻڌايو هو
    سپين جي ڳوٺ جون مايون
    اڃان اجرڪ به اوڍن ٿيون
    اڃان ڦُٽيون به چونڊن ٿيون.
    اکين ۾ تِرورا آهن
    اندر ۾ سارَ ٿي سُڏڪي
    ٻرن ٿيون ٻاٻري ڪاٺيون، اُهي آليون
    سپين جي ڳوٺ جون ڳالهيون.


    ڳالهيون تُنهنجي پيار جون

    ڳالهيون تُنهنجي پيار جون

    ڪهڙا آهن ڏينهن، ڪهڙيون تاريخون
    رُسي وئينءَ تون، سڀڪجھه رُڪجي آ ويو

    جمعا، ڇنڇر ڪيترا، توبن ويا گذري
    ويو آهي وسري، توکان شاعر هڪڙو

    تو کانسواءِ زندگي، ڄڻ ڪاون تي پنڌ
    ڌرتيءَ جو سوڳنڌ، وکَ نه کڄي هڪڙي

    توکانسواءِ عاشقي، اڻ کٽُ اوجاڳو
    دل مٿان ڌاڳو، وڇوڙي ويڙهي ڇڏيو

    توکانسواءِ روشني، اونداهي ڄڻ ٻاٽَ
    مونکي ڪائي واٽ، نظر اچي ئي ڪا نه ٿي

    توکانسواءِ بندگي، ڄڻ ڪو پاراتو
    آهي مون ڄاتو، هاڻي ڏوهه ثواب تي

    گذري سارو ڏينهن ٿو، توتي سوچيندي
    اندر اوتيندي، ڳالهيون تنهنجي پيار جون



    مندر ۾ پدمڻي پُهتي

    مندر ۾ پدمڻي پُهتي
    ويٺو هو واٽ تي ڪوئي
    فڪر ۾ ساڌ ٻيلو هو

    مُهاڻيءَ وارَ جو ڇوڙيا
    ٻُڏو هو گهاٽ تي ڪوئي
    فڪر ۾ ساڌ ٻيلو هو

    بدنُ آلو ڏسي ڇرڪيو
    ڇمر جي ڇاٽ تي ڪوئي
    فڪر ۾ ساڌ ٻيلو هو

    هڻي پيو حُسن جو هوڪو
    ڳليءَ جي ڳاٽَ تي ڪوئي
    فڪر ۾ ساڌ ٻيلو هو

    ڪري پيو تيز ڪهاڙيءَ کي
    جُهڳيءَ ۾ لاٽ تي ڪوئي
    فڪر ۾ ساڌ ٻيلو هو




    مان جڏهن توسان مليس ڄڻ زندگيءَ ۾ سمنڊُ هو

    مان جڏهن توسان مليس ڄڻ زندگيءَ ۾ سمنڊُ هو
    دل وئي منهنجي ٻُڏي جو عاشقيءَ ۾ سمنڊُ هو

    سُونهن تُنهنجي، ڳوٺ جي مسجد جيان سادي هُئي
    ها مگر تُنهنجي اُنهيءَ ئي سادگيءَ ۾ سمنڊُ هو

    مون جڏهن تو تي لکڻ چاهيو ته مونکي ايئن لڳو
    لفظ لهرن جان نچيا پئي شاعريءَ ۾ سمنڊُ هو

    تُنهنجي مُرڪڻ سان انڌيرا ٿي ويا ها شرمسار
    جا ڦُٽي چهري مان تنهنجي روشنيءَ ۾ سمنڊُ هو

    ننڊَ ۾ مانجهيءَ ڏي آيو خوابُ کاري ڇاڻَ جو
    جاڳَ ۾ بيوسُ بتيلو ۽ جُهڳيءَ ۾ سمنڊ هو

    عشقَ ٺُڪرائي ڇڏي هئي ذلتن جي زندگي
    چنڊُ ٿي ٽُڪرا ويو ۽ خُودڪشيءَ ۾ سمنڊُ هو

    مورڙي جي ماءُ جا سڏَ ساحلن تي ويا مري
    پوءِ ڪلاچيءَ جي اکين جي هر گهٽيءَ ۾ سمنڊُ هو

    دردَ جا ٻيڙا سڀيئي تو هُيا ٻوڙي ڇڏيا
    *اي ڪوي شمشير! تُنهنجي مئڪشيءَ ۾ سمنڊ هو


    * شمشير- مشهور شاعر شمشير الحيدري


    سنڌ جي صبح جو منظر

    سنڌ جي صبح جو منظر

    فجر جي بانگ جا ڪِرڻا
    ڀرينِ ٿا نُور منظر ۾
    ٿئي ٿو سڏ مسجد کان
    اُٿو اي مومنو جاڳو!
    جاڳيو آ ننڊ مان سُورج
    کجين جي جُهنڊ مان اُن جا
    ننڊاکا نيڻ ٿا ڏسجن
    مندر جي گهنڊ جون لهرون
    ڀڄن سان ڀاڪُرين پئجي
    وڃن ٿيون چؤڏِسا وکري
    سنڌوءَ جي سِير پوڄيندي
    ڪري اشنانُ ٿو ساڌو
    ڪليسا جا ڪبوتر هُو
    خدا جي ذڪر ۾ آهن
    پڙهي انجيل ٿو راهب
    مسيحا جي سنگِ مرمر
    پوي ٿي مورتي جاڳي.
    ڀٽائيءَ جي فقيرن به
    ڇڏيون آهن رليون ويڙهي
    سچل سائينءَ جي آڳر تي
    لٿيون آهن سوين جهرڪيون
    ڏُکن جا ڄار هُو اُڻندي
    مهاڻو سمنڊ تي پهتو
    هليو مزدور سائيڪل تي
    کَليو آ مل جو دروازو
    اکيون مهٽي اُٿيو رازو
    وٽي ڌاڳا هُو ڪوري ٿو
    ڊکڻ رندو کڻي نڪتو
    ڪُنڀر آويءَ مٿان پهتو
    کٽيءَ کي کُنڀ جو اُلڪو
    ڏسي هاريءَ کي ڏاٽي سان
    ٻنيءَ جي دل پئي ڌڙڪي
    ڇڪي ٿي ڏور هارياڻي
    ڪري جُهو جُهو پئي ماٽي.
    ڦٽائي ننڊ نانگن جي
    جاڳيا جهمپير جا جوڳي
    گُهلي ٿي واءُ ڌرتيءَ تي
    سڀيئي ڌرم ۽ جاتيون
    وڃن ٿا واسجي هڪ ٿي
    مٽيءَ جي رنگ ۾ رڱجي.
    گسن تي کيرَ جون لوٽيون
    صُبح جي هير هاري ٿي
    امڙ جي پيار جان اُجرو
    صبح جو عڪس هي لوڪو!
    منهنجي هِن سنڌ جو آهي
    منهنجي هِن سنڌ جو آهي.


    انگ اکر

    ڪُل ڪتاب: 854
    ڪتابن جو مشاهدو: 2310927
    ڪتاب ڊائونلوڊ جو انگ: 592612
    2019 - سنڌ سلامت ڪتاب گهر
    حق ۽ واسطا محفوظ