اسان جبران جا ساٿي
*نرودا !
نينهن ڌرتيءَ سان
ازل کان ئي اڙيل آهي
جڙون جيءَ جون جڙيل آهن
مٽيءَ جي موهَه ۾ سوگهيون
لڳيءَ جي لوهه ۾ سوگهيون.
هُجي ڀل عشق آدم سان
سڄي هيءَ پرٿوي پنهنجي
رهي روشن خياليءَ جو
سدائين ڇانورو سڀ تي
حقيقت هيءَ به آهي
نرودا !
عشق ڌرتيءَ جو
ڳنڍي ٿو عشقِ آدم سان.
اِهو *حمزي کان تون پڇجان
وطن جي عاشقيءَ ۾ جنهن
انهيءَ اسرار کي ڳوليو
ڪڏهن جنهن سوچ پنهنجيءَ کي
اجايو ڪين هو روليو.
نرودا !
ديس کان دوري
ڪڏهن تو به هئي ڀوڳي
اِهو جبران هو جوڳي
وطن کان دُور ويهي جنهن
وطن جي جوڳُ ۾ جاليو
اڪيلي درد کي پاليو.
اِهو جبران هو ساڳيو
جڏهن، جنهن عشق سمجهايو
تڏهن لبنان هو جاڳيو.
صحيفا سُونهن جا ڪيئي
هُيا جبران تي لهندا
انا جا بت ها ڊهندا.
فڪر ۽ فلسفي جنهن جي
ڪليسا کي ڪنبايو هو.
ڪيون ٿي راهبن دانهون
هُيا جي سوچ کان خالي
وطن جي صوفي ڏاهي کي
ڏني جن ڏيهه نيڪالي
لُڇيو لبنان هو ڏاڍو
گرم ها درد جا چشما
ويا ٿي اوپرا پنهنجا.
اِهو قصو اسان جو آ
وڇوڙي جي انهيءَ ڏک ۾
ٿورو حصو اسان جو آ
هُيو حمزو اسان سان ئي
اسان حمزي سان گڏ ها سي
مٽيءَ ۽ ڀونءِ جي پاسي.
اسان جبران جا ساٿي
وطن جو درد ڀوڳي جو
انهيءَ انسان جا ساٿي.
* نرودا- پيبلو نرودا، چليءَ جو قومي شاعر
* حمزو- رسول حمزا توف، روس جو قومي شاعر
* جبران- جبران خليل جبران، لبنان جو قومي شاعر