اسان جي ڳوٺ جو نوحو
اسان جي ڳوٺ جي ٻنين ۾
ڪڏهن ڊپُ نه ڦُٽندو هو
ٻارڙا پنهنجا ٿيلها کڻي
نچندا ٽپندا اسڪول ويندا هئا.
هيڊماستر صاحب به
پنهنجي پراڻيءَ سائيڪل جي
گهنٽي وڄائيندو، بنا ڪنهن خوف جي
پهچي ويندو هو.
ٻارڙا جڏهن سبق ياد ڪندا هئا
ته اُنهن جو آواز
سڄي ڳوٺ ۾ گونجندو هو.
ڪنهن لوڪ گيت وانگر
لڳندو هو، اسان جو ڳوٺ.
هاڻي هڪ اَڄاتل ڊپ جو زهر
سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلبو ٿو وڃي.
خميسي خان جي اوطاق تي
هاڻي ڪچهريون ناهن ٿينديون
نه الغوزي جي ڌُن
نه شعر سخن جون ڳالهيون
خوف جي چادر ۾ ويڙهيل
بيمار راتيون.
هاڻي ڀلجي به نٿا ڳوٺ ۾ اچن
يڪتاري وارا فقير
نه گيڙو ويس ۾ جوڳي.
پکين کان سواءِ اُداس وڻَ
۽ ٻارن لاءِ واجهائيندڙ
ويران گهٽيون.
ماٺار جي موسم
ڳوٺ تي آهي لٿي
اسڪول کي تالو لڳي ويو آهي
۽ هيڊ ماستر صاحب
ڊگهي موڪل تي هليو ويو آهي