ڌاڳا ڌوئي ڌرم جا ڌاڳا ڌوئي ڌرم جا صوفيءَ صافُ ڪيا هر پاسي ٿيو سوجهرو اندرِ آئي عاشقي اُجرا منَ ٿيا هر پاسي ٿيو سوجهرو پنڊت، مفتي، مولوي تپي سڀُ ويا هر پاسي ٿيو سوجهرو اُوندهِه کي للڪار سان سچلَ شعر چيا هر پاسي ٿيو سوجهرو