امير خسروءَ جي مزار تي
دهليءَ ۾ عظيم شاعر
امير خسروءَ جي مزار تي
حاضر ڀريندي
سندس تُربت وٽ
مان نهايت عقيدت سان بيٺو رهيس.
اوچتو مون کي،
علاءُ الدين خلجيءَ جي شانَ ۾ لکيل
سندس قصيدي جون
هي سِٽون ياد آيون:
”هُن جي تلوار
ڪڏهن به مياڻ ۾ اُڃايل نٿي رهي
پر کوپڙين جي پيالن سان
سيراب ٿيندي رهي ٿي.
تون سدائين تخت تي ويٺو رَهُه
مان توکي دائمي بقا لاءِ
مخصوص ڪيان ٿو“.
پوءِ منهنجن ڪنن ۾
رُوپا ماڙيءَ جي راڻين جون
رڙيون گونجڻ لڳيون
۽ دُعا لاءِ کڄندڙ هٿ
پنهنجو پاڻَ رُڪجي ويا.