ڍنڍون زهر ٿي ويون
اوڳاڇنِ ٿيون فيڪٽريون، ڇو زهر نديءَ ۾؟
هلندڙ صديءَ ۾، سنڌ وڃي ٿي اُجڙندي
ڪهاڙين وڌو اچي، وڻن ۾ ماتم
لوڀي هي آدم، اُجاڙي ٿو سُونهن کي
گلن جون هي ڪونڊيون، پاڻيءَ پاٽوڙا
پاريهر جوڙا، اُڃ کڻي پُهتا اچي
ڍنڍون زهر ٿي ويون، اُجڙيا بتيلا
وڍين ٿا ٻيلا، ڳڙڪائين ٿا ٽڪريون
ملاحن جا ٻارڙا، ڳولنِ پاڻيءَ لپَ
منڇر! تُنهنجا چپَ، ڇا لئه کارا ٿي ويا؟
سکر ۾ درياهُه، پاڻي ناهي پيئڻ جو
ڪيڏو اُداس ٿي ويو، آهي آدم شاههُ
ساڌ ٻيلي جو ساهُه، منجهي ٿو گدلاڻ ۾
وڻ مٽائن ٿا پيا، وري پُراڻو ويسُ
شالَ اسان جو ديس، بهارون ماڻي سگهي