ڳالهه جيڪا ڪري، سا لڳي شاعري
(شيخ اياز جي نالي)
مون اُنهيءَ کي ڏٺو
هُو جو شاعر هيو
ڪالهه جو، اَڄُ جو ۽ ايندڙ زماني جو شاعر هيو.
شاعري، جنهن جي لاءِ
ترسي در تي سندس
هئي ڪندي انتظار.
هُن جي مرضي هئي، شاعريءَ کي جڏهن
گهرَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏئي.
ساڌ ٻيلي جي سامهون سنڌوءَ کي ڏسي
هُن جي چهري تي مُرڪن جا گل ٿي ٽڙيا.
پکين سان ته هُن کي گهڻو پيار هو
وڻن سان به ڀاڪر ڀري هو مليو
ڪيون سمنڊ سان هُن ڪچهريون ڪڏهن
هو به تخليق جو ڄڻ ته ڪو سمنڊ هو
سمنڊ جون سمنڊ سان ڇا ته ڳالهيون هيون.
پنڌ ۾ ماڳ ۾، ننڊ ۾ جاڳَ ۾،
راڳَ ويراڳَ ۾، مون اُنهيءَ کي ڏٺو
شعرَ لکندي ڏٺو، شعر پڙهندي ٻڌو
لُڙڪ هن جا ڏِٺا، ٽهڪ هُن جا ٻُڌا
روپ جنهن ۾ به مون هو اُنهيءَ کي ڏٺو
پنهنجي تخليق جان هو لڳو باوقار.
ساٿ هُن جي ۾ ڪيئي گُذاريون گهڙيون
وقت کي مات ڏئي ٿي ڪچهريون ڪيون
هن پراڻي سکر جي گهٽين ۾ اسان
پهر گڏجي گُهميا
دل جون ڳالهيون ڪيون، ٽهڪ گڏجي ڏنا
درس دانائيءَ جا مون اُنهيءَ کان ٻُڌا
ڳالهه جيڪا ڪري، سا لڳي شاعري.