درد جي هڪ لڪير
جن ڏينهن ۾ موتي لالُ
پنهنجي ڪُلهي تي ڪتابن جو ٿيلهو لڙڪائي
پُراڻي سکر جي گهٽين مان گذرندو
اسڪول ويندو هو
ته هڪڙي ڏينهن
(جڏهن هُن کي اڃان آزاديءَ ۽ غلاميءَ جي
مفهوم جي به خبر نه هئي)
هن کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻي پئجي وئي
پر هُن جو ٻالڪپڻ
پنهنجي اباڻي گهر ۾ رهجي ويو.
ديس کان دور هن جون مهاجر اکيون
پنهنجي ڌرتيءَ جا اُلڪا اُڻينديون رهيون.
موتي لال جو درد، اُهيئي محسوس ڪري سگهندا
جن جي خوابن جي پکين کي
اباڻن آکيرن مان نيڪالي ڏني وئي هوندي.
سالن جي وڇوڙي کانپوءِ جڏهن
موتي لال پراڻي سکر پهتو
ته هن کي محسوس ٿيو ته
پُراڻو سکر پوڙهو ٿي ويو آهي
پر هُن جو ٻالڪپڻ اڃان اُهو ساڳيو آهي.
گهٽيءَ ۾ سڀ ماڻهو اوپرا هئا،
پر اباڻي گهر هُن کي سڃاتو
۽ هُن سان ڳالهايو.
موتي لال پنهنجي گهر جي ديوار کي چُميو
مٽيءَ کي ڇُهيو
۽ پنهنجي لُڙڪن جو نذرانو ڏنو.
هو اباڻي گهر ۾ پنهنجو وساريل رانديڪو، سُڏڪو
نم جي ڇانوَ، ماءُ جي لولي ۽ چُمي ڳولڻ لڳو.
هن کي محسوس ٿيو ته هرهنڌ ڳوڙها ئي آهن
هُن وطن ڇڏيو هو ته، هن جي اکين ۾ ڳوڙها ها
پنهنجي محبوب پُراڻي سکر سان مليو آهي ته
هن جي اکين ۾ساڳيا ئي ڳوڙها آهن.
موتي لال جي هٿ تريءَ ۾
پُراڻي سکر کان پٽيل نگر تائين
درد جي هڪ لڪير آهي،
جيڪا ڪڏهن به ڊهي نه سگهندي.
(موتي لال جي پُراڻي سکر اچڻ تي)