عُذر خواهي ڪجي ڪنهن سان؟!
چون ٿا دوست هي پنهنجا
امن ۽ آشتيءَ جون ڪي
ڪجن تخليق ڪوتائون.
امن جو آسرو زخمي
جهنڊن جون جهالرون ڦاٽلَ
پکين جا پَـرَ ويا ڪٽجي
اُڏامڻ جا جتن جهيڻا
اسان جا خواب ٿيا هيڻا.
امن جي راهَه ۾ آهن
اُهي پرمار ساڳيا ئي
سدائين ساهَه ۾ آهن
دُعائون دربدر ٻُڍڙيون.
اُميدون آڳ ۾ اُڇلي
اُداسُيون سوچَ تي اوڙهي
ڪويتا ڪيتري لکجي!
اسان کان پنهنجي ڌرتيءَ تان
وڃن ٿا سوجهرا کسبا
انڌيرن کي اجازت جي
ڪڏهن ناهي ضرورت پئي
ڪجي ڪنهن سان شڪايت هي؟!
مسافر درد جا آهيون
اسان تي آفتون لهنديون
عذابن جو گهڙيون هونديون
صبر جو ساعتون رهنديون
زهر جا لفظ ماڻهن جي
ڄڀن تي هونئن ئي رهندا
وضاحت ڇو ڪجي ڪنهن سان؟!
گرهڻ جا چنڊ کي لڳڻي
اُهائي جُون ۾ آئي
ڊُڪن ٿا دل مٿان گهوڙا
جدائي جُون ۾ آئي
ويڙهي ويا درد ويڙهي کي
عُذر خواهي ڪجي ڪنهن سان؟!
سڀئي سڏڪا ها ساحل تي
اکين ۾ سمنڊ جون ڇوليون
ڪلها ڪمزو ٿيا پنهنجا
اسان جي ڀاڳ ۾ ڏوليون.
نقادن جا نوان نياپا
پُڳا هِن درد وارن کي
”شرابي شاعرن پنهنجا
لکيا هن پاڻ ئي نوحا
ڪرڻ ڏيو خودڪشي تن کي“
مَٽي جي راهه محبوبن
وفائون دربدر ٿينديون
انائن کي اکيون ناهن
اهي سڀ ڌوڙ ٿي وينديون
سزا جا سلسلا پنهنجا
جدايون رُڃ ۾ رُلنديون.
پکين کي اُڃ ٿي ماري
اسان کي عشق رولي ٿو
اسان آهيون ڪٿي ڀٽڪيل
اسان کي ڪير ڳولي ٿو؟!
دلين جون دلبريون پنهنجون
هلن ٿيون هيج مان هيڪر
ڪڏهن رستي ۾ روڪن ٿيون
اکر اظهار جا سارا
وڃن ٿا راهه ۾ رُلجي
پوي ٿي جستجو ٿڪجي.
اندر ۾ ڇا پيو گُذري ؟
اِهو سڀ ويڄ ٿا ڄاڻن
اسان جي بي خبر دنيا
اسان جا حال پُورا ٿي.
وڻن کي آهي ويسارو
هوائن کان هلي پُڇجي
مسافر پيچرا پنهنجا
ڊاهيندا دور ٿيندا هي
خبر ناهي ڪٿي پهتا؟
رڻن جا ڪيترا رستا
جُدائي جسم کي آئي
اسان جا روح جا رشتا
قبر تي فاتحا پڙهندي
ڪريا ڳوڙها مٽيءَ تي ها.
اهوئي درد جو رشتو
اهوئي دل جو ڪيڏارو
اهوئي ديس جو هاڃو.
چون ٿا دوست هي پنهنجا
اڃان ڪجھه حوصلو رکجي
امن جي آس ۾ رهجي
پرينءَ جو هَٿُ وٺي هلجي
اکين جي سمنڊ ۾ ٻُڏجي
ڪويتا پوءِ کڻي لکجي.