اجازت نامي کانسواءِ لکيل نظم
آمر جون اکيون بگهڙ وانگر
۽ دل گدڙ جهڙي هوندي آهي
پکين ۾ هُو ڳِجهَه پسند ڪندو آهي.
آمريت جي پنَ ڇڻَ ۾
گُلَ مُرجهائجي ويندا آهن
هوائون روئنديون آهن
پکي ۽ وڻ اُداس رهندا آهن،
۽ شڪارين جو انگُ وڌي ويندو آهي.
مون آمر بابت هڪ نظم لکڻ چاهيو
پر مون کي روڪيو ويو ته
نظم لکڻ لاءِ اجازت نامو ضروري آهي.
مون سوچيو ته اجازت نامي سان
لکيل نظم لکڻ کان بهتر آهي ته
ڪوئي نعرو ايجاد ڪجي،
پر نعرو آمر کي پسند ناهي.
نظم لکڻ کان پهريان ئي
رَتُ سان لکيل هڪ نعرو
روڊ تي بڪتربند گاڏيءَ هيٺان اچي
مري وڃي ٿو.
جن اکين جا ڳوڙها سُڪي ويا آهن
آمر اُنهن اکين واسطي
ڳوڙها- گئس جا گولا اُماڻي ٿو.
اخبارن ۾ جيل، ٿاڻن
ايمبولينس سروس، گرفتاريءَ جي وارنٽن
۽ ڪوڙن جي خبرن سان گڏ
ريس ڪورس جي گهوڙن جون خبرون
شايع ٿينديون رهن ٿيون.
مان اُنهيءَ شخص جي باري ۾
نظم لکڻ چاهيان ٿو،
جنهن کي نعري ايجاد ڪرڻ جي ڏوهَه ۾
تخت کان تختي تائين پهچايو ويو.
مان لاکاٽ جي مائُرن بابت به
هڪ نظم لکڻ چاهيان ٿو
جيڪي شهيدن جا
رتُ هاڻا ڪپڙا
ٽُٽل چُوڙيون ۽ سڙيل خوابَ
پنهنجن ٻارن کان لڪائي رکنديون آهن.
ديسَ تي اُداسيءَ جو رنگُ
ڦهلبو ٿو وڃي
چهرن کان مُرڪ رُسي وئي آهي.
پر، آمر دندان ساز جي مشوري تي
سدائين مُسڪرائيندو رهندو آهي.
هو جڏهن به
ٽي ويءَ تي نظر ايندو آهي ته
ٻارَ ٽي وي بند ڪري ڇڏيندا آهن.
مون اجازت نامي کانسواءِ
نظم تخليق ڪرڻ جي شروعات ڪئي ته
مُنهنجي نالي تي
گرفتاريءَ جا وارنٽ جاري ڪيا ويا.
جڏهن تاريخ جي تباهه ٿيل ڍِڳَ مان
آمر جي سُڃاڻپ جون
نشانيون ڳوليون پئي ويون
تڏهن منهنجي آزاد نظم جي ٽارين تي
اُميد جا نوان گُل مُرڪي رهيا هئا.