تون ڪو خوابُ سپيءَ جو ناهين!
مٽي جهڙا ماڻهو تُون ڇو
هِن مٽيءَ کان گهٻرائين ٿو
جنهن ۾ دوست رهي ٿو تُنهنجو
اُن گهٽيءَ کان گهٻرائين ٿو
تُون ته هوا کان هلڪو آهين
بڙَ جي جڙَ ۾ مُور نه رسندين
ڇانوَ جي دل ۾ جو آ سپنو
اُسَ ــ اکين سان مشڪل پسندين
تو آ جيڪو رستو چونڊيو
پنهنجن کان سو دُور وڃي ٿو
ظاهر ڪيڏا رنگ انهيءَ تي
ٽوڙي سو دستور وڃي ٿو
ڏيئي جي هِن اک ۾ ڏِسجي
ڪيڏا لُڙڪ سُتا پيا آهن
ساري رات جلي ٿو تنها
پوءِ به ميارون اُن وٽ ناهن
پورالو هڪ وڻ آهين تون
ڪيئن هوا سان ڳالهائيندين!
تنهنجا پير اُگهاڙا آهن
ڪيئن ڪنڊن کي سمجهائيندين!
جي آ راهَه اسان جي ڌُنڌلي
تون ڪو خوابُ سپيءَ جو ناهين
لهرن تي ويساهُه نه تُنهنجو
پوءِ به سمورو سمنڊ ٿو چاهين
هُو به ته هڪڙو ماڻهو آهي
ڳاهُه ٻنيءَ ۾ ڳاهي ٿو جو
ڊاهڻ بدران ٺاهي ڇڏِ تون
ديس به توکان چاهي ٿو سو
ڪيڏا پيارا ماڻهو ها، جي
الائي ڪهڙي پار لڏي ويا
آشائن جي رُڃَ ۾ رُلندي
قدمن جا نيشان ڇڏي ويا
اڻپورا ارمان ڇڏي ويا
تون به ته يار! لڏي ئي ويندين
ميلو نيٺ ڇڏي ئي ويندين