شاعري

نيروليءَ جو خوابُ

ادل سومرو سِنڌي ٻوليءَ جو اهو سرموڙ شاعِرُ آهي، جنهن پنهنجي مُنفرد اسلوبَ ۽ شاعراڻين صنفن توڙي موضوعن جي رنگارنگيءَ آڌار، سنڌي شاعريءَ جي هاڻوڪي اِتهاسَ ۾ پنهنجي الڳ، منفرد ۽ مٿاهين حيثيت ماڻي آهي. ادل سومري جي شاعري مُحبت جي نفيس احساسن سان به واسيل آهي ته مَنجھس، سنڌ جي تهذيبي ۽ ثقافتي وِرثي جا رنگَ به مُرڪن ٿا، ساڳي ئي وقت سماجي الميا، سُورَ ۽ ناسُورَ به ادل سومري جي شاعريءَ جو موضوع بَڻجي، سندس شاعريءَ کي اُوچو درجو بخشين ٿا. ادل سومرو پنهنجي شاعريءَ وسيلي پنهنجي پڙهندڙن سان هميشه جُڙيل رهيو آهي. هُو ڪنهن به موڙ تي ٿَڪو ناهي. سندس شاعريءَ جو هي نِڪور ۽ مَن موهيندڙ ڪِتابُ، انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2477
  • 833
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • ادل سومرو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book نيروليءَ جو خوابُ

تنهنجي ياد عبادت وانگي

تنهنجي ياد عبادت وانگي

ڏيئو آهيان ٻرڻ بنا پيو اوندهِه ۾ سُڏڪان
تون ئي مون کي ٻار اچي اَڄُ پنهنجن هٿڙن سان

ڏات نه مون ۾ ڏانءُ نه ڪوئي هر پاسو ويران
مون ۾ ڪهڙا ڳُڻ ٿي ڳولين مان ادنيٰ انسان

”مان“ ۽ ”مان“ جي دروازي تي ويچارو ٿيو پيار
پنهنجي اَنا ۾ ويڙهيل ماڻهو ڪوريئڙي جو ڄارُ

دنياداري ڌُوڙ ڪري وئي اندر ۾ ٿيو غيرُ
ڌوٻي بڻجي عشقُ جو آيو ڌوئي ويو سڀ ميرُ

ننڊ جي گوري کائي سُمهي پئي عاشق جي تقدير
اوجاڳي جو ڳانو پائي گهاري راتِ فقير

جاتي ڪاٿي ڊپ ٿو ڊوڙي ٿـرُ، اُتر ڪاڇو
هر هرڻيءَ جي پويان آهي پرماري پاڇو

تُنهنجي ياد عبادت وانگي سارو ڏينهن سرُور
عشق اچي اُڇلايو آهي پيرن منجهه غرُور

ڀل ته جبل تان ڪري پوان ۽ ٽُڪرا ٽُڪرا ٿيان
شالَ نه آءُ ڪران او سائنڻ! تُنهنجن نظرن مان

رشتن ناتن جون ديوارون دري نه ڪوئي درُ
هر ماڻهو پڃري ۾ آهي حاويلي يا گهَرُ

توکان دور ڪرڻ ٿيون چاهِن سامونڊي لهرون
مون کي بچائي ٻوڙي وينديون تُنهنجون ئي نظرون

نيڻن جا ها دروازا تو ڇالئه بند رکيا؟
تُنهنجي شهر ۾ خواب اسان جا رُلندا رات رهيا

صحرا جهڙو روح آ منهنجو گهڙي گهڙي صدمو
اُن ۾ تُنهنجي ياد ائين ڄڻ پاڻيءَ جو چشمو

ڪڪرن سان گڏ پکي ائين ڄڻ تُنهنجا مُنهنجا خواب
شعر چياسي بڻجي ويا ڄڻ پنهنجو پاڻ ڪتابَ