• امام، امجد ثاقب جي پويان : مجيب الرحمان شامي
گرامين، اخوت ۽ ان جو باني هڪ ئي پنڌ جا پانڌيئڙا آهن... انهن ٻنهي جو نشانو غربت جو خاتمو آهي، پر ڏسڻ ۾ هڪ هئڻ جي باوجود به ٻئي اتر ۽ ڏکڻ آهن. ٻنهي جي سوچ ۽ رستا ڌار ڌار آهن. گرامين جي مٽي اولهائين معيشيت جي اصولن موجب ڳوهي ويئي آهي، پر اخوت جو سلسلو پندرهن سؤ سال پهرين آباد ٿيندڙ بستي ”مدينه“ ۽ ان جي عظيم بنياد وجهندڙ سان ڳنڍيل آهي. گرامين ڳري وياڄ تي قرض ٿي ڏي. پر اخوت جو ايمان آهي ته قرض بهرحال قرض حسن هئڻ گهرجي. جيتري رقم ادا ڪئي وڃي، اوتري ئي وصول ڪئي وڃي، ان ۾ ڪنهن به قسم جو واڌارو هن جي حساب سان الله ۽ سندس رسول سان جنگ جوٽڻ جي برابر آهي. گرامين جي جدوجهد کي جيڪڏهن غربت جي خلاف جنگ جو نالو ڏنو وڃي ته اخوت جي ڪاوش جهاد سڏبي. في الدنيا حسنه و في الآخره حسنه...
”اخوت“ جو پروگرام جن جا ڏينهن بدلائي ٿو، الله تعاليٰ جو ڪرم انهن جون دليون بدلائي ٿو ڇڏي.... هو کل ۽ خوشي ”اخوت“ جي سگهه بنجي وڃن ٿا ۽ ڏيئي مان ڏيئو ٻري ٿو پوي. ڊاڪٽر امجد ثاقب اخوت جي ان ئي جذبي کي ڌونڌاڙي سجاڳ ڪري رهيو آهي، جيڪو پندرهن سؤ سالن کان مسلمانن جي رت ۾ موجود ته آهي، پر غفلت جي ڌُنڌ ۾ ويڙهيل آهي. ان جو دائرو رڳو مسلمانن تائين محدود نه آهي. هو ته ان نبي رحمت جا پيروڪار آهن، جيڪو رحمته العالمين آهي. تنهنڪري ”اخوت“ جون ٻانهون هر مذهب، رنگ، نسل ۽ علائقي جي پاڪستانين جي لاءِ کليل آهن. مسجدن، مندرن ۽ ديولن جي لاءِ هوا ۽ سج جي سُهائي جيان، اخوت جي روشني به برابر آهي. شهر شهر، بستي بستي، واهڻ واهڻ، وستي وستي، شاخون کُلنديون پيون وڃن. فرض شناس پاڪستاني اڳيان وڌي رهيا آهن. عطيا ڏيئي رهيا آهن، جائيدادون وقف ڪري رهيا آهن. اهل اقتدار کي سهڪار جي سعادت نصيب ٿي رهي آهي ۽ مخالف ڌر به رونق بنجڻ جي لاءِ ان پاسي ڌيان ڌري رهي آهي.
ڊاڪٽر امجد ثاقب ۽ ”اخوت“ جي همت تي ڪجهه عالمي ادارا به ڇرڪي رهيا آهن. اهو سڄي دنيا ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون پروگرام آهي. بنا وياڄ جي قرض ڏيڻ جو پروگرام، جيڪو ڪجهه هزارن کان شروع ٿي ائين پکڙيو، جو هاڻ ڪيترن ئي ارب روپين تائين وڃي پهتو آهي. ان جو مطالعو ڪرڻ ۽ اُن کي سمجهڻ جي ڪوشش جاري آهي. ان تجسس ته وياڄ کانسواءِ زر جي پکيڙ ڪيئن ممڪن آهي، ڊاڪٽر امجد ثاقب کي دنيا جي بهترين يونيورسٽي هارورڊ ۾ گهرايو ويو. اها يونيورسٽي هڪ درسگاهه نه پر هڪ رياست آهي ۽ ان جي بجيٽ دنيا جي ڪيترن ئي ڊزن ملڪن کان ججهي آهي.ان جا وسيلا ۽ موڙي پاڪستان جهڙن ڪيترن ئي ملڪن جي معيشتن ۾ توانائي جي لهر ڊوڙائي سگهي ٿي. ان يونيورسٽي جي صورت گريءَ ۾ مسيحي مولوين (پادرين) بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو. ان آمريڪا کي ڪيترائي صدر، ڏاها، سياستدان، سائنسدان ۽ اڳواڻ عطا ڪيا ۽ اڄ به ان سان لاڳاپي تي فخر محسوس ڪري سگهجي ٿو. اسان جي مولوي سڳورن جا قائم ڪيل مدرسه ۽ دارالعلوم ڏسو ۽ پوءِ هارورڊ ۽ ان جهڙين ٻين يونيورسٽين کي ڏسو، هڪ گهڙي جي لاءِ راز کلي پوندو ته اسين هِت ڇو آهيون ۽ ڌاريان هُت ڇو آهن؟
ڊاڪٽر امجد ثاقب کي هارورڊ يونيورسٽي جي لا، اسڪول ۽ بزنس اسڪول ۾ ڌار ڌار خطاب ڪرڻ جي دعوت ملي هئي. هڪ هنڌ موضوع اسلامي فنانس هو ۽ ٻي هنڌ مائيڪرو فنانس جا ادارا. ٻنهي تقريبن جي وچ ۾ ٻن هفتن جو فاصلو هو. ڊاڪٽر امجد ان دوران هڪ هزار پاڪستانين سان رابطي جوپروگرام رٿيو. هو ڪيترن ئي شهرن ۾ پهتو، تقريبن کي خطاب ڪيائين ۽ ”اخوت“ جي طاقت ۾ واڌارو ٿيندو ويو. ان سفر جي ڪهاڻي پاڻ ڏاڍي مائيدار اسلوب ۾ لکي اٿائين. هي هڪ منفرد سفر نامو آهي. هڪ سفر ۾ ڪيترائي سفر... هڪ رنگ ۾ ڪيترائي رنگ...
”اخوت جي سفر“ ۾ سڀ ڪجهه مِڙي آيو آهي. ماضي، حال ۽ آئيندو... گذريل ٻارهن سال نه پر پندرهن سؤ سالن جي ڪهاڻي ۽ ايندڙ ڪيترن ئي سالن جو منظر نامو به... مديني کان لاهور، آمريڪاکان ٻيهر واپس لاهور ۽ لاهور کان مدينو... مدينو شروعات به آهي پُڄاڻي به... هي سفر جتان شروع ٿيو، نيٺ اُتي ئي پُڄاڻي تي پهچڻون آهي. هر ڳوٺ واهڻ ۽ وستي، هر شهر ۾ مدينه النبي جي اخوت جو جذبو سجاڳ ٿيندو ۽ وياڄ کان ڇوٽڪارو ممڪن ٿي سگهندو. غربت گهٽ ٿي سگهندي. ڊاڪٽر امجد ثاقب ڪاميابيءَ سان اڳتي وڌي رهيو آهي. اسان سڀني کي جيترو به ممڪن ٿي سگهي، سندس ساٿ ڏيون. ان سفر ۾ هو امام آهي ۽ اچو ته پاڻ سڀ سندس مقتدي بنجي وڃون. اچو ته وڏي سڏ چئون هن امام جي پويان الله اڪبر!
مجيب الرحمان شامي