6.19: ليلائي لهين، تان پڻ ليلائج
مہکتے میٹھے، مستانے، زمانے،
تِری نظروں کے نذرانے زمانے۔
شروع ۾ ته تمام گهٽ ماڻهن اعتبار ڪيو. شايد شروع ۾ گهٽ ئي هوندو آهي، پوءِ ته جل ٿل ٿي ويو. ان سفر جو چٽ دل تي چٽيل آهي. جيڪو زيان ٿئي ٿو، ان کي اسين نه ڏسندا آهيون. عشق جي گوشواري ۾ ٻه ۽ ٻه چار نه هوندا آهن. هتي ته گهٽ به ٿي سگهن ٿا ته وڌ به. ان جو سڄو دارومدار نيت تي هوندو آهي. نيت سٺي هجي ته هڪ اڌ واڌو ٻڙي به لڳي وڃي ٿي. اخوت جو ايندڙ سفر الائجي ڪڏهن ٿيندو. اسين هونداسين به يا:
اسان جي مُئاسين سفر ۾ او ساٿي،
ته ماڻيندا منزل پنهنجا ڍول ڍاٽي.
يا جيئن منير نيازي چيو آهي:
بیٹھ جائیں سایہء دامانِ احمد میں منیر،
اور پھر سوچیں وہ باتیں جن کو ہونا ہے ابھی۔
پي.آءِ.اي. ۾ سفر جي شروعات دعا سان ٿي هئي. اوچتو مونکي خيال آيو ته سفر جي پُڄاڻي به دعا تي ئي ٿيڻ گهرجي... مسافرن جي ته هو ضرور ٻڌندو آهي. مون کي هن مهل ڇا گهرڻ گهرجي. دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي يا اها ئي سوره فاتحه، جيڪا هر مسلمان جي پسند جي دعا آهي، جيڪا هر نماز ۾ پڙهي ويندي آهي. مونکي ياد آيو ته هڪ مشهور دعا ”سيد الشهداء حضرت امام حسين“ سان به منسوب آهي. ڏاڍي جامع ۽ اثرائتي دعا آهي. اها دعا به هڪ سفر جي شروعات هئي. اهو ڪربلا جو سفر هو يا ڪو ٻيو سفر ۽ امام الشهداء ڪنڌ جهڪايو ۽ خدا کي هيئن ٻاڏائڻ لڳو:
اي منهنجا پالڻهار- منهنجا سچا سائين!
سڀ کان پهرين ته آئون تنهنجو ٿورائتو آهيان، جو آئون ڄاڻان ٿو ته آئون تنهنجو ٿورو ادا ڪري نٿو سگهان. منهنجي ايمان جي سچائي، منهنجي عبادت جو اخلاص، منهنجي ضمير جي گهرائي، منهنجي نظرن جي سهائي، منهنجي نسن ۾ ڊوڙندڙ رت، منهنجي چپن مان نڪرندڙ ٻول، منهنجي دل جون سڀئي لرزشون، منهنجو جسم، منهنجو رت، منهنجو منهن، منهنجا اعصاب، منهنجون هڏيون، منهنجو سَنڌ سَنڌ، منهنجي ننڊ، منهنجي سجاڳي، منهنجي چرپر، منهنجو سڪون، منهنجا رڪوع، منهنجا سجدا... آئون انهن سڀني جو سُونهن کڻي ٿو چوان ته آئون تنهنجو ٿورو مڃي نٿو سگهان. آئون ته تنهنجي ڪنهن هڪ نعمت جو ٿورو به مڃي نٿو سگهان. اي منهنجا پالڻهار! تو مون کي حڪم ڏنا ۽ مون انهن کي پورو ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪئي. تو مون کي رستو ڏيکاريو، پر آئون اُن تي هلي نه سگهيس... تو مونکي هدايت ڏني، پر آئون اُن تي پورو نه لٿس، چؤڏس مايوسي، اڄ تنهنجي بارگاهه ۾ پيش ٿيو آهيان... اڄ خود منهنجو سَنڌ سَنڌ ان ڳالهه جي شاهدي ڏيڻ وارو آهي. هي اکيون، هي هٿ، هيءَ زبان... جيڪڏهن تو مونکي عذاب ڏنو ته اهو منهنجي گناهن جي ڪري هوندو ۽ جيڪڏهن تو مون کي معافي ڏني ته اهو تنهنجو ڪرم، تنهنجو احسان ۽ تنهنجي ٻاجهه جو ڪرشمون هوندو...
اي منهنجا پالڻهار! تون پريشان حال جي دعا قبولينءَ ٿو. دردمند جي داد رسي ڪرينءَ ٿو. بيمار کي صحت ٿو ڏين... محتاج کي غني ٿو بنائينءَ... اهو تون ئي آهين جو ٽٽلن کي ڳنڍين ٿو. ننڍن تي رحم ڪرين ٿو ۽ وڏن جي مدد ڪرين ٿو. تو کان سواءِ ٻيو ڪو به اوهي واهي، يا وارث وسيلو نه اٿم. تون تمام وڏين بلندين جو مالڪ آهين. تون وڏي شان وارو آهين... اي قيديءَ کي آزاد ڪندڙ، اي بکايل کي روزي ڏيڻ وارا، اي پناهه گهرندڙ کي پناهه ڏيندڙ، اي اهو، جنهن جو نه ڪو شريڪ آهي، نه مددگار.
منهنجا پروردگار! اڄ آئون توکان گهڻو ڪجهه گهران ٿو. اي منهنجا پالڻهار، منهنجي مزاج ۾ بي نيازي عطا ڪر... منهنجي دل کي ڀروسي سان مالا مال ڪر... منهنجي عمل کي اخلاص جي آراستگي بخش. منهنجي اکين کي جوت ڏي. منهنجي نظرن کي صبح جي سهائي عطا ڪر... مون تي زيادتي ڪندڙ جي مقابلي ۾ منهنجي مدد ڪر... منهنجي دشمن کي منهنجو دوست ڪر ۽ منهنجي دوستن کي اڻ ميون خوشيون ڏي. اي منهنجا الله! منهنجي پردي داري ڪج. منهنجون خطائون معاف ڪر... اي الله! آئون جنهن شيءِ کان ڊڄان ٿو، تنهن کان مونکي امن ۾ رک! آئون جنهن کان بچڻ چاهيان ٿو، تنهن کان مونکي پناهه ۾ رک. منهنجي ضمير ۽ منهنجي دين جي رکوالي ڪر. منهنجي سفر کي محفوظ بنائي... منهنجي اهل عيال جي حفاظت ڪر... منهنجي مال جي نگهباني ڪر... تو جيڪي ڪجهه مونکي ڏنو آهي، تنهن ۾ برڪت وجهه. مون کي پنهنجي حضور نماڻو ۽ ماڻهن جي نظرن ۾ عزت ڏي... مونکي عمل ۾ آزمائش ۾ نه وجهج. تو مونکي جيڪي نعمتون ڏنيون آهن، اهي واپس نه وٺج. يا الاهي مونکي غير جي حوالي نه ڪج. مون کي غضب جي نظرن سان نه ڏسج. مون کان ناراص نه ٿج. تون ان مهل منهنجي پناهه بنج، جڏهن رستا مونکي لنگهڻ نه ڏين ۽ زمين پنهنجي وشالتاجي باوجود به مون تي تنگ نه ٿئي. تون ان مهل منهنجي لاءِ ڇانوَرو بنج، جڏهن تکي اُس هجي ۽ پکي پنهنجن آکيرن ۾ لڪل هجن...
يا الله! مونکان ڪو اهڙو ڪم وٺج، جيڪو مون کي تنهنجي ويجهو ڪري ڇڏي، اي منهنجا پالڻهار... مونکي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم جي ٻانهپ عطا ڪر... منهنجي نگاهه کي بيناز ڪر... مونکي حريم قرب سان آشنا ڪر... مونکي سچائي سان بندگي ڪرڻ جي سگهه ڏي مونکي حقيقتن جو شناور بنائي. مون سان محبت جو منهنجو عرض اگهائج... منهنجو عرض اگهائج... منهنجو عرض اگهائج...“
ليلائي لهين، تان پڻ ليلائج،
آسرو مَ لاهج، سڄڻ ٻاجهائيندڙ گهڻو.
(شاهه)
سيد الشهداء جي دعا اُميد جا ڪيترائي ڏيئا روشن ڪري ڇڏيا. زندگيءَ جي ڪربلا ۾ ان کان وڌيڪ سٺي دعا ٻي ڪهڙي هوندي. مونکي ائين لڳو ته سڄي ڪائنات مون سان همنوا آهي. اسان جي التجا قبول ڪر... اسان جي التجا قبول ڪر... اي رب ذوالجلال اسان جي دعا قبول فرمائي.
لاهور جون روشنيون نظر اچڻ لڳيون... جهاز جا قدم زمين کي ڇهي رهيا هئا. اخوت جي سفر جو پهريون حصو پُڄاڻي تي پهتو... ايندڙ سفر الائجي ڪڏهن ٿيندو...؟
*