سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

4.26: لا وارث لاشن جو محافظ

پهريون واقعو اوڪاڙا جي محمد حسن جو آهي.
ويهه ورهه اڳ محمد حسن جي شهر اوڪاڙا جي ڀرسان ٽريفڪ جو هڪ حادثو پيش آيو. حادثي جي خبر سُڻي شهر جا ڪجهه ماڻهو حادثي واري هنڌ تي پهتا. انهن ۾ محمد حسن به هو. هو شام تائين زخمين جي ملم پٽي ڪندو رهيو. ان حادثي سندس ذهن تي وڏو اثر ڇڏيو. ڪجهه ئي ڏينهن کانپوءِ محمد حسن اوڪاڙا جي هڪ پاڙي ۾ هڪ ننڍو ڪمرو مسواڙ تي وٺي هڪ ڊسپينسري قائم ڪئي. ڊسپينسري ۾ ڪجهه دوائون به هيون ۽ هڪ ڊاڪٽر به. ان دوران ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻيو ٽريفڪ حادثو ٿيو. مريضن کي ان ڊسپينسري ۾ آندو ويو، پر پوءِ به سڀني جو علاج ٿي نه سگهيو. محمد حسن فيصلو ڪيو ته هاڻ ان ڊسپينسري کي اسپتال ۾ بدلائڻو آهي. اڄ ان ڳالهه کي ويهه ورهه گذري ويا آهن. اوڪاڙا ۾ ’اوڪاڙا ويلفيئر ٽرسٽ‘ جي نالي سان هڪ خوبصورت اسپتال ٺهي چڪي آهي. هن وقت ان اسپتال جي ماليت ڏهن ڪروڙ روپين جي لڳ ڀڳ هوندي. ان جو باني محمد حسن اڪثر سوچيندو رهندو آهي ته اها ڪهڙي نيڪي هئي، جنهن جي بدلي ۾ الله تعاليٰ کيس هن عظيم ڪم جي لاءِ چونڊيو.
هڪ ڪمري جي ڊسپينسري کان وٺي هيڏي وڏي اسپتال تائين محمد حسن جو اهو سفر محنت ۽ ديانت جو سفر هو. اسپتال جي اڏاوت ۾ ڪيترن ئي ماڻهن سندس مدد ڪئي. هزارين ماڻهن، جن ويهه، پنجاهه، ۽ سؤ سؤ روپين جا عطيا ڏنا. محمد حسن کي طبي معاملن جي ڪا گهڻي سُڌ ٻُڌ ڪونهي. سندس چوڻ آهي ته ميو اسپتال جو ڊاڪٽر سيد محمد اويس جيڪڏهن سندس رهبري نه ڪري ها ته شايد ان سپني جي ساڀيان نه ٿئي ها. محمد حسن جو ٻيو ڪارنامو ان کان به وڏو آهي. اُن ڪارنامي جو واسطو لاوارث لاشن جي ڪفن دفن سان آهي. هو هيستائين پنهنجن هٿن سان ٽن سون کان به وڌيڪ چچريل ۽ بدبودار انساني لاشن کي غسل ۽ ڪفن ڏيئي دفنائي چڪو آهي. هن اوڪاڙا ۾ هڪ ننڍو قبرستان به ٺاهيو آهي. ان قبرستان ۾ دفنايل ماڻهن جو مڪمل رڪارڊ وٽس موجود آهي. مرڻ مهل انهن جي ڪهري حالت هئي. کين ڪهڙا ڪپڙا پاتل هئا. سندن کيسن ۾ ڇا هو، هو انهي جي اوسيئڙ ي ۾ رهي ٿو ته شايد ڪو وارث ڳوليندي ڳوليندي وٽس پهچي وڃي. محمد حسن انهن لاشن جي ذميداري ڇو کنئي. سندس چوڻ هو ته، ”مون هڪ ڀيري ڏٺو ته هڪ لاوارث لاش کي غسل ڏيڻ کانسواءِ ئي دفنايو ويو، ايتريقدر جو جنازي جي نماز به نه پڙهائي ويئي. مون سوچيو ته قيامت جي ڏينهن جيڪڏهن منهنجي رسول ڪريم صلي الله عليه و آله وسلم مون کان پُڇيو ته اي محمد حسن! تنهنجي شهر ۾ منهنجو هڪ اُمتي بنا ڪفن جي پيو هو ۽ ڪنهن هن جي جنازي نماز به نه پڙهائي ته آئون ڪهڙي ورندي ڏيندس. بس! ان خيال مونکي ڏڪائي ڇڏيو. مون فيصلو ڪيو ته آئون اوڪاڙا جي ڀرسان وهندڙ واهه مان نڪرندڙ ۽ رستن تي پيل لاوارث لاشن کي اهو احترام ڏيندس، جنهن جو حڪم منهنجي دين مونکي ڏنو آهي... غسل به ۽ ڪفن به ۽ دفن جي لاءِ ڪجهه فوٽ زمين جا به. مون قيامت جي ڏينهن پنهنجي پيغمبر جي سامهون سرخرو ٿيڻ ٿي چاهيو.“
هڪ نوجوان جيڪو پنجين ڪلاس کانپوءِ اسڪول وڃي نه سگهيو هو. جنهن جي گهرواري جي اُپت ٻن چئن هزارن کان وڌيڪ نه هجي، اهو ڪروڙين روپين جي اسپتال ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي. مون محمد حسن کان اهو سوال پڇيو ته سندس چوڻ هو ”ڪاميابيءَ جو رستو دولت ۾ نه پر خدمت ۾ لڪل آهي. خدمت جي ڪري ئي انسان کي گهڻو ڪجهه يعني عزت ۽ آسودگي پلئه پوي ٿي. اها اسپتال ته ننڍي شيءِ آهي، جيڪڏهن خلوص هجي ته ههڙيون ڪيتريون ئي اسپتالون جڙي سگهن ٿيون.“ صفدر صاحب منهنجي ڳالهه ڌيان سان ٻُڌي، سندس دل تي ڪجهه اثر به ٿيو، پر سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن اسين محمد حسن وانگيان نيڪي ڪرڻ چاهيون ته به اسين محمد حسن بنجي نٿا سگهون، اسان جون ترجيحون اسان جي ذات تائين محدود ٿي ويون آهن. مون کي لڳو ته ڪجهه ڪسر اڃا به رهجي ويئي آهي.
گهڙي کن ترسي مون وري ٻيو واقعو ٻُڌائڻ جي مهلت گهري. ”صفدر صاحب! ان واقعي جو تعلق راولپنڊيءَ سان آهي.“ مون پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ”ڪيترا سال اڳ گارڊن ڪاليج راولپنڊي جا ڪجهه شاگرد پاڻ ۾ گڏيا ۽ هنن فيصلو ڪيو ته هو اکين جي اسپتال جوڙيندا. هنن پنهنجن کيسن ۾ هٿ هنيو ۽ جيڪو ڪجهه هئن سو ڪڍي کڻي ميز تي رکيائون. هڪ شخص اها رقم ڳڻي ته اها ڪُل پنجٽيهه روپيا هئي. هي ته تمام گهٽ پئسا آهن. ڪنهن چيو، پر ان هوندي به انهن ”راولپنڊي آئي ڊونرز آرگنائيزيشن،“ جي نالي سان هڪ اداري جو بنياد رکيو. اهو 14 آگسٽ 1977ع جو ڏينهن هو. ڪجهه وقت کانپوءِ ان اداري کي هولي فئملي اسپتال ۾ هڪ ڪمرو ملي ويو. هو هر مهيني ڪيترائي ڊاڪٽر گڏ ڪندا هئا ۽ پوءِ آءِ ڪئمپ لڳائڻ جي لاءِ نڪري پوندا هئا. پنجاب، سنڌ، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ آزاد ڪشمير. واهڻ واهڻ وستي وستي. 1981ع ۾ هڪ معزز شخص اُن اداري جو سرپرست بنجڻ قبوليو، اهو شخص اتفاق سان پاڪستان جو صدر هو. اهڙا ماڻهو سرپرستي ڪرڻ لڳن ته نيڪي تيزيءَ سان پکڙجي ٿي. جنرل ضياءُالحق اُن ننڍي ڪمري جو دورو ڪيو ۽ ڪجهه مالي مدد به ڏني. اها مدد ملندي ئي انهن نوجوانن فيصلو ڪيو ته هو رڳو آءِ ڪئمپ تي ماٺ ڪري نه ويهندا، پر اکين جي هڪ مڪمل اسپتال ٺاهيندا. 1989ع ۾ راولپنڊي شهر جي وچو وچ کين چئن ايڪڙن تي زمين جو ٽڪرو هٿ چڙهي ويو ۽ جلد ئي ان اسپتال جا بنياد رکيا ويا.
شايد قدت کي فقط ايتري امتحان جي گهرج هئي. پهرين سر رکڻ جي دير هئي، جو سڀ تڪليفون ختم ٿي ويون. هاڻ ان اسپتال ۾ هر سال چاليهن هزارن کان به وڌيڪ انگ ۾ مريض اچن ٿا. اڍائي هزارن کان به وڌيڪ آپريشن ٿين ٿا، گويا سراسري حساب سان روزانو ستن ماڻهن کي اکين جو نور ملي ٿو. ٻه سال اڳ ان اسپتال ۾ هڪ ٻي شعبي جو به واڌارو ڪيو ويو. اهو شعبو گُردن جي بيماري بابت آهي ۽ هتي ڊائيليسز جون سهولتون به ميسر آهن. جيڪي ماڻهو گردن جي بيمارين کان واقف آهن، تن کي پتو هوندو ته اُن جو علاج ڪيترو نه مهنگو آهي. هر سال ٻارهن سؤ کان به وڌيڪ مريضن جو ان اسپتال ۾ مفت ۾ ڊائيليسز ٿئي ٿو.
صفدر صاحب! ڇا پنجٽيهن روپين مان اکين جي هيڏي وڏي اسپتال ٺهي سگهي ٿي؟ ڇا پنجٽيهن روپين مان هزارين مريضن جي اکين جو سوجهرو موٽي سگهي ٿو؟ ڇا ايتري ٿوري رقم مان ڊائيليسز جون مهنگيون مشينون خريدي سگهجن ٿيون. منهنجي خيال ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن آهي، ڇو ته مون پنهنجي اکين سان اهو سڀ ڪجهه ٿيندي ڏٺو آهي. جيڪڏهن اوهان کي يقين نه اچي ته اوهين راولپنڊيءَ ۾ مري روڊ تي موجود ناز سئنيما جي پويان ’ريڊوميڊيڪل ڪامپليڪس‘ ۾ وڃي ڏسي سگهو ٿا. جيڪڏهن اتي وڃڻ ڏکيو لڳي ته پنهنجي کيسي مان 35 روپيا ڪڍو ۽ اهو خواب ڏسو، جيڪو هارون الرشيد ۽ ڪيپٽن مقبول احمد ڏٺو هو. قدرت ان سپني کي ساڀيان ضرور ڏيندي. کيس ته خلوص ۽ محنت جي ڳولا آهي، وسيلن جو بندوبست ته هو پاڻ ئي ڪندو آهي. مون کيس محمد حسن جي ڳالهه ياد ڏياري ۽ پوءِ پُڇيو ته اخوت ۽ ان جي هزارين ڊونرس کي پاڻ ڪهڙي فهرست ۾ رکنداسين. گهٽ وڌائي ته ٿيندي رهندي آهي، پر هتي دنيا نيڪي کان سراسر خالي ٿي نٿي سگهي. صفدر صاحب ڪجهه سوچڻ لڳو. ماني ۽ چانهه جو دور ختم ٿي چڪو هو. اسان اجازت گهري، جو اسان کي ٻن ڪلاڪن جي مسافري تي هڪ ٻي ننڍي شهر ”هيگرز ٽائون“ وڃڻون هو. عبيد ۽ سندس مائٽن وڏي حب ۽ اُڪير مان موڪلايو. موڪلائڻ کان اڳ صفدر صاحب منهنجي هٿ ۾ هڪ لفافو ڏنو، جنهن ۾ اخوت جي لاءِ عطيو هو. ’اوڪاڙا جي محمد حسن ۽ راولپنڊي جي ڪيپٽن مقبول ۽ هارون کي منهنجا سلام ڏجو.‘ مونکي لڳو ته صفدر صاحب جي راءِ بدلجڻ لڳي هئي.