سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

5.14: هڪ ٻيو ڊيوڊ

نديم ڊيوڊ جي ان ڪهاڻيءَ سان مونکي هڪ ٻيو ڊيوڊ ياد ٿو اچي. ان جو نالو مائيڪل ڊيوڊ هو. مائيڪل ڊيوڊ مون کي واشنگٽن جي مشهور ديول نيشنل ڪيٿيڊرل جي ڏاڪڻين تي گڏيو. هو ماڻهن ۾ چاڪليٽ ورهائي رهيو هو. هن مون کي به ڪجهه چاڪليٽ ڏنا. مون کيس ٻڌايو ته آئون ويجهو ئي آمريڪن يونيورسٽي ۾ پڙهان ٿو. هن چاڪليٽ جو هڪ ٻيو لفافو ڪڍيو ۽ مون سان ملڻ جو وچن ڪيائين. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ هو واقعي به يونيورسٽي هليو آيو ۽ اسان جي دوستي ٿيڻ لڳي. هو جڏهن به ڪيٿيڊرل ايندو هو ته مون سان گڏجڻ جي لاءِ يونيورسٽي هليو ايندو هو. هن مون کي واشنگٽن شهر جون اندروني ڪهاڻيون به ٻڌايون، قتل ڏوهن ۽ نشي جون ڪهاڻيون. هن جي پنهنجي به هڪ ڪهاڻي هئي، پر هن جي جيون ۾ هڪ گهڙي اهڙي به آئي جڏهن هن جو سڀ ڪجهه بدلجي ويو. سندس چوڻ هو ته اها گهڙي هر شخص جي زندگي ۾ ايندي آهي، پر ماڻهو اها سڃاڻي نه سگهندا آهن ۽ پوءِ سڄي زندگي اجائي هلي ٿي وڃي. مائيڪل چوڻ لڳو. هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن آئون لوفر، بدمعاش ۽ رولو هوس. بي ڪار ۽ بي مقصد، سڄو ڏينهن نشي ۾ ٻُڏل رهڻ ۽ ڏوهه ڪرڻ منهنجو روز مره جو معمول هو. اها ڊسمبر جي هڪ ٿڌي رات هئي. منهنجي پيٽ ۾ بُک جا چڪ پئجي رهيا هئا ۽ هِتان هُتان ڌڪا ٿاٻا کائيندو شهر جي وڏي ديول ۾ پهتس ته شايد کائڻ لاءِ ڪو ٽڪر ڀور ملي وڃي. منهنجي وات مان شراب جي ڌپ جا ڀڀڪا اچي رهيا هئا ۽ آئون پنهنجن پيرن تي بيهڻ جي به لائق نه هئس. ان حالت ۾ فادر مونکي قبولڻ کان نابري واري، مجبوريءَ جي حالت ۾ اها رات مون ديول جي ڏاڪڻين تي گذاري. ان انڪار مون کي ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، ڇا مون کي هتي پناهه ملي نٿي سگهي. صبح ٿيو ته مون فيصلو ڪيو ته هاڻ ڏوهه نه ڪندس، ڪو به گناهه نه ڪندس. مون خيرات گهرڻ کان به توبهه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، مونکي لڳو ته اهو به گناهه آهي. بس اها هڪ گهڙي جڏهن فادر مون کي ويڳاڻپ ۽ لاتعلقي مان ڏٺو ۽ منهنجي اندر ۾ تبديلي جي خواهش پيدا ٿي. آئون اتان اٿيس ۽ سڌو ڪلينڪ هليو آيس. منهنجي ارادي جي مضبوطي ڪم آئي ۽ مون نشي جي عادت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ورتو. آئون پنهنجو مسيحا پاڻ هئس. نئين زندگي شروع ڪرڻ جي لاءِ مون ڪيترن ئي هنڌن تي نوڪري جي درخواست ڏني، هڪ ڏينهن هڪ هوٽل ۾ مونکي ڪم ملي ويو. باقاعده پگهار، ماني ٽڪي، مونکي ٻيو ڇا گهربو هو. ان دوران هڪ ڏينهن عجيب واقعو ٿيو. ان ڏينهن هوٽل ۾ ڪا تقريب هئي پر مزمان صفا گهٽ آيا، ڪيترو ئي کاڌو بچي پيو. منهنجي مئنيجر لاءِ اهو مسئلو ٿي پيو ته هو اهو بچيل کاڌو ڪيڏانهن ڪري. هن مون کان ان جو حل پڇيو. مون کي پنهنجا نشائي ۽بي گهر سنگتي ياد اچڻ لڳا. مون چيس ته آئون اهو کاڌو هڪ ڪلاڪ ۾ ختم ڪري سگهان ٿو. مئنيجر کلڻ لڳو. مون جڏهن کيس پنهنجي خيال کان واقف ڪيو ته هو راضي ٿي ويو. هن مونکي هوٽل جي ٽرڪ ڏني ۽ مون بچيل سمورو کاڌو ٽرڪ ۾ رکرايو. ٻن ٽن سؤ ماڻهن جي ماني هئي. پوءِ آئون ٽرڪ شهر جي گهٽين، ڪنڊن ۽ پاسن ۾ ڊوڙائيندو رهيس. مون کي خبر هئي ته ماني جا ضرورتمند ڪٿي ڪٿي رهن ٿا. ٽن ٽن ڄڻن ماڻهن جي ماني هڪ هڪ شخص جي حوالي ڪيم. منهنجن پراڻن سنگتين جي چهرن تي ايندڙ مُرڪ مونکي عجيب خوشي ڏيئي رهي هئي. مون انهن جا ڦوٽو به ڪڍيا. واپس اچي اهي تصويرون مون مئنيجر کي ڏيکاريون ته هو حيران ٿي ويو. هو هڪ دردمند انسان هو. هن اها ڳالهه انتظاميه جي ٻين ماڻهن سان ڪئي ۽ پوءِ سڀني گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته بچيل کاڌو ڦٽو ڪرڻ جي بدران ائين استعمال ۾ آندو ويندو. واشنگٽن ۾ ان قسم جون ٻيون به ڪيتريون ئي هوٽلون هيون. هنن سڀني سان رابطو ڪيو. ڏهن هوٽلن ان ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي هائوڪار ڪئي. ائين بي گهر ۽ بي سهارا ماڻهن جي لاءِ مستقل کاڌي جو بندوبست ٿي ويو. ان سڄي پراجيڪٽ جو نالو Michal David’s dinner party رکيو ويو. ٻين لفظن ۾ اهو ڪم منهنجي ئي نالي منسوب ٿي ويو. جيڪو ماڻهو ڪلهه بکيو سمهندو هو، هاڻ ان جي نالي سان سوين ماڻهن کي ماني ملڻ لڳي. اهو سڀ خداوند جو انعام هو. هاڻ روزانو واشنگٽن جي هوٽلن مان ٽرڪون نڪرنديون هيون ۽ انهن سوين ماڻهن کي ماني پهچندي هئي، جيڪي نشي ۾ ڌت رهندا هئا. ڪڏهن آئون به انهن وانگر هئس، پر پالڻهار منهنجي رهنمائي ڪئي ۽ مون کي رستو ملي ويو. ان ديول جي ڏاڪڻين تي جتي آئون سڄي رات ڏڪندو رهيو هوس ان ئي پادري جي سامهون مون بي شمار ماڻهن کي ماني پيش ڪئي، جي هن مونکي پنهنجو ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. فادر بي شڪ مون کي پناهه نه ڏني، پر منهنجي خدا مون کي پناهه ڏني. خدا تعاليٰ ته اهو چوي ٿو ته جيڪو گناهه گار آهي، ان کي منهنجي ويجهو آڻيو، جو ان کي منهنجي وڌيڪ ضرورت آهي. اها ٿڌي رات نه هجي ها ته آئون اڃا به لوفر، رولاڪ ۽ نشي جو عادي هجان ها. چوريون ڪريان ها. ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته گناهه جي اونداهي گهٽي ۾ ڪڏهن رستو ملي وڃي. ان ڪري ته چوندا آهن.
Every saint has a past and every sinner has a future.
ڪڏهن سج اڀري اچي ۽ ڪيڏي مهل مينهن پوڻ لڳي. اها بس هڪ گهڙي هوندي آهي. ڊيوڊ، مارٽن لوٿر ڪنگ سان گهڻي محبت ڪندو هو. ڪنگ جي جڳ مشهور تقرير I have a dream کيس زباني ياد هئي. جڏهن هو ڪنگ جي لهجي ۾ ٻُڏي اها تقرير ٻڌائيندو هو ته ائين لڳندو هو ته اصل مارٽن لوٿر ڪنگ اسان جي سامهون موجود آهي. روزا پارڪس سان منهنجو تعارف به مائيڪل جي ڪري ئي ٿيو. سندس نظر ۾ روزا پارڪس مڙسيءَ جي سڀ کان وڏي علامت هئي. نديم ڊيوڊ کان وٺي مائيڪل ڊيوڊ تائين، نيڪيءَ تي ڪنهن جي به اجاري داري نه آهي. خدا ته سڀني جو آهي. ڊيوڊ جهڙن ماڻهن کي ڏسي مونکي ڪجهه ٻيا همراهه به ياد اچن ٿا. جهڙوڪ: مارٽن لوٿر ڪنگ، مليڪم ايڪس، محمد علي... غربت ۾ جنم وٺندڙ اهي سڀ شهرن جي اتاهين تي پهتا. ٽيئي شيدي... ٽيئي باغي... انهن ٽنهي کي به مذهب پناهه ڏني. محمد علي کان پڇيو ويو ته تون ٿڪجڻ کان پهرين ڪيترو ڊوڙين ٿو ته هن وراڻيو منهنجي ڳڻپ ان وقت شروع ٿئي ٿي، جڏهن آئون ٿڪاوٽ سبب چور ٿي وڃان. اها گهڙي منهنجي امتحان جي گهڙي هوندي آهي. محمد علي سچ ٿو چوي. اها گهڙي معمولي ۽ غير معمولي انسان ۾ فرق جي نشاني آهي. مارٽن لوٿر ڪنگ، ميلڪم ايڪس، محمد علي ۽ مائيڪل ڊيوڊ.
انهن سڀني جي ڪاميابي جو ڪهڙو گُر هو. محنت، عزم... شايد مونکي انهن ۾ جيڪا ڳالهه هڪجهڙي نظر اچي ٿي، اها انهن جي سچائي آهي. هنن سچ کي ڳولي لڌو ۽ پوءِ اهو سچ سندن نسن ۾ رت بنجي ڊوڙڻ لڳو. سچ کي حاصل ڪرڻ ۽ ان تائين پهچڻ به اهم آهي. اسين سچ تائين ته پهچي ٿا وڃون، پر سچ کي اختيار نه ڪندا آهيون. اسين سچ جي لاءِ موت ته قبولي وٺندا آهيون. پر ان جي لاءِ جيئرو نه رهندا آهيون.