سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

4.10: جيفرسن: ڏاهو صدر

سمٿ سونين مال آمريڪي تاريخ جو لنگهه آهي.
ان جي هڪ ڪنڌيءَ تي جيفرسن ميموريل نالي خوبصورت يادگار اڏي ويئي آهي. يادگار هڪ اڳوڻي آمريڪي صدر ٿامس جيفرسن کي خراج عقيدت پيش ٿي ڪري. ان يادگار جي چئي ڏسائن ٽڙيل چيري بلاسم جا دل کي وڻندڙ وڻ جاپان 1912ع ۾ آمريڪا کي سوکڙي ڪري موڪليا هئا. پر جاپانين کي ڪهڙي خبر ته انهن گلن جي موٽ 1945ع ۾ کين هيروشيما ۽ ناگاساڪي جي تباهيءَ جي صورت ۾ ملندي. اعلان آزادي جو ليکڪ، ٽيون آمريڪي صدر، يونيورسٽي آف ورجينيا جي باني ٿامس جيفرسن جو شمار آمريڪا جي فائونڊنگ فادرس ۾ ٿئي ٿو. پنجن هزارن ايڪڙن تي پکڙيل جاگير جو مالڪ ٿامس جيفرسن ڪيترن ئي گُڻن جو مالڪ هو. کيس پنجن ٻولين تي مڪمل عبور هو. هو ڪيترن ئي ڪتابن جو ليکڪ، تعميرات جو ماهر سائنس، مذهب ۽ فلسفي جو شيدائي هو. هو مذهبي آزادين جو حامي، پر نسلي متڀيد رکندڙ هو. سندس جاگير ۾ ڪيترائي شيدي غلام هن جي اک جي اشاري جي اوسيئڙي ۾ رهندا هئا. انهن ۾ هڪ شيدي مائي ’سيلي هيمنگ‘ به هئي، جيفرسن جو جيترو آمريڪا تي حڪم هلندو هو، اوترو وري سيلي هيمنگ جو جيفرسن تي. ٻن سؤ سالن کان پوءِ 1998ع ۾ ڊي اين اي ٽيسٽ ثابت ڪيو ته ان عورت جي پيٽان جنم وٺندڙ سڀني ٻارڙن جو پيءُ ٿامس جيفرسن هو. هڪ پاسي نفرت ته ٻي طرف عيش عشرت. جنسي ڇڙواڳي آمريڪي قيادت جي لاءِ ڪا نئين ڳالهه نه آهي. جيفرسن کان وٺي بُل ڪلنٽن تائين ۽ سيمي هيمنگ کان وٺي مونيڪاليونسڪي تائين وائٽ هائوس ڪيترائي ڀيرا اهڙين ناڪام محبتن جو مرڪز بنيو آهي. جان لاڪ، فرانس بيڪن ۽ آئزڪ نيوٽن، جيفرسن جون پسنديده شخصيتون هيون. هن جي لئبرري ۾ هزارين ڪتاب سندس مطالعي جي ذوق جي تسڪين ڪن ٿا. هن جي لئبرريءَ ۾ قرآن پاڪ جو به هڪ نسخو موجود هو، جيڪو 1764ع ۾ ڇپيو هو. جيفرسن جو چوڻ هو ته ’ڪتابن کانسواءِ سندس جيئرو رهڻ ممڪن ڪونهي.‘ اهي هن جي لاءِ روشني به آهن ته خوشبوءِ پڻ. هن پنهنجي رهڻ جي لاءِ هڪ خوبصورت مينشن اڏارايو. مونٽي چيلو (Monte cello) جي نالي سان مشهور اهو مينشن اڏاوتي فن جو هڪ شاهڪار هو. ان ۾ يوناني، رومن ۽ فرينچ عمارتن جو عڪس نظر ٿي آيو.
جيفرسن آمريڪا جو پهريون پرڏيهي وزير، ٻيو نائب صدر ۽ ٽيو صدر هو. صدر جي حيثيت سان (1801ع-1809ع) هن جو سڀ کان وڏو ڪارنامو Lusiana purchase هو. ان معاهدي مان خبر پوي ٿي ته ناڻون هجي ته ڪڏهن ڪڏهن ملڪ به خريد ڪري سگهجن ٿا. ان معاهدي کان اڳ آمريڪا تيرهن رياستن تي ٻڌل هڪ ننڍو ملڪ هو، جنهن جو عالمي سياست ۾ ڪو ذڪر جوڳو ڪردار ئي نه هو. ان وقت جا سامراج برطانيا ۽ فرانس هئا. اتفاق جي ڳالهه اها هئي ته ٻئي ملڪ ان وقت جنگ جي حالت ۾ هئا. جيفرسن اُهو موقعو غنيمت ڄاتو، هن آمريڪي بئنڪن سان رابطو ڪري پئسا گڏ ڪيا ۽ نيپولين بوناپارٽ کي، جيڪو ان وقت جنگ ۾ رڌل هو ۽ کيس پئسن جي سخت گهرج هئي، فرانس جي قبضي هيٺ آيل ڪجهه علائقا خريدڻ جي آڇ ڪئي. اهي علائقا آمريڪا جي شروعاتي تيرهن رياستن سان لڳ هئا. جيفرسن هڪ ماهر سفارتڪار هو. هن ڪيترن ئي لک هم چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل اهو علائقو خريد ڪري سڄي دنيا جي تاريخ ئي بدلائي ڇڏي. مورخ شايد نيپولين کي ان فيصلي تي معاف نه ڪن ته هن فقط پندرهن ملين ڊالرن جي عيوضي ۾ ڌرتي جي سڀ کان زرخيز زمين جيفرسن کي وڪڻي ڏني. 20 ڊسمبر 1803ع تي فرانس جي ڪالوني ’نيوآرلين‘ تي آمريڪي جهنڊو ڦڙڪيو ۽ فرانس جو جهنڊو هڪ سهڻي صندوق ۾ ويڙهي پيرس موڪليو ويو. جڏهن اقتدار جي سَڌ نظرن کي انڌو ۽ دلين کي ماري ڇڏيندي آهي ته سرحدون ائين سُسي پونديون آهن. اک ڇنڀ ۾ آمريڪا جي پکيڙ ٻيڻي ٿي ويئي Lusiana purchase رڳو اتفاق هو يا جيفرسن جي عياري ۽ دورانديشي. تاريخ اڃا تائين حيرت ۾ آهي. جيڪڏهن نيپولين کي اهي پندرهن ملين ڊالر ڪنهن ٻي هنڌان ملي وڃن ها ته شايد اڄ آمريڪا يورپ جي ڪنهن ملڪن جيان رڳو هڪ ننڍو ملڪ هجي ها. آمريڪا جي تاريخ ۾ گهڻو ڪجهه سبق آهي، همت، جرئت، ذهانت، عياري، بي رحمي، رتوڇاڻ، سودي بازي، آهون، سڏڪا، لڙڪ، قربانيون، حب الوطني سازشون. جيفرسن ميموريل جي ٻاهر چيري بلاسم جي ڳاڙهن، اڇن، پيلن ۽ قرمزي رنگن جي گلن ۾ گهيريو بيٺو اهو سوچي رهيو هوس ته ڇا هر وڏو ملڪ ائين بنجندو آهي، ڇا هر وڏي سڀيتا جو بنياد ائين رکيو ويندو آهي.
جيفرسن کي قدرت ڪيترن ئي انعامن سان نوازيو هو. ڪو اهڙو عهدو نه هو، جيڪو کيس نه مليو هجي. گورنر، پرڏيهي وزير، نائب صدر، صدر، پر کيس پنهنجي جنهن ڪارنامي تي ججهو فخر هو، اهو ’يونيورسٽي آف ورجينيا‘ جو قيام هو. سندس خواهش هئي ته سندس ديس واسي اهو نه وسارين ته هن هڪ يونيورسٽيءَ جو بنياد رکيو هو. ان يونيورسٽي جي عمارت به پاڻ ئي ڊزائين ڪيائين. چرج جي تسلط کان آجي ان يونيورسٽيءَ ۾ داخلا جو معيار مذهب ۽ دولت جي جاءِ تي فقط ۽ فقط تعليمي قابليت هئي. جيفرسن جو صدارتي عهدو 1808ع ۾ ختم ٿيو. ان کانپوءِ به هو سترهن سال جيئرو رهيو. اهو سمورو وقت هن يونيورسٽي جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. ڪتابن جي سنگت، گهوڙيسواري ۽ ڪاريون عورتون، آخري وقت تائين سندس من پسند مشغوليون رهيون. خوبين ۽ خامين جي مجموعي جيفرسن جو لکيل هي جملو آمريڪا جي اعلان آزادي ۾ شامل آهي ۽ هاڻ هڪ حوالو بنجي چڪو آهي.
We hold these truths to be self-evident, that all men are created equal, that they are endowed by their creator with certain inalienable rights, that among these are life, liberty and pursuit of Happiness.
جيفرسن جي هڪ چوڻي سمٿ سونين مال ۾ موجود عجائب گهر تي لکيل آهي، اها چوڻي زندگي جي تمام وڏي حقيقت جي ترجمان آهي. علم جي اهميت جو اُن کان ڀلو ڀلا ڪو ٻيو خوبصورت اظهار ٿي سگهي ٿو.
If a nation expects to be ignorant and free، in a state of civilization. It expects what never was and never will be.
جيفرسن جو اهو چوڻ ته انسانن کي برابر تخليق ڪيو ويو آهي، فقط هن جي لاءِ مخصوص ڪونهي... پاڻ به چئون ٿا ته ڪنهن ڳوري کي ڪاري تي ۽ ڪنهن عربي کي عجميءَ تي فوقيت نه آهي. جيڪڏهن فوقيت آهي ته رڳو ڪردار ۽ تقويٰ کي. هڪ عام انسان جي نصيحت ملڪي آئين جو حصو بنجي ويئي آهي، پر مُحسن انسانيت جو حڪم سندس پيروڪارن وساري ڇڏيو آهي. زوال جو سبب ڳولهڻ ڏکيو ڪونهي. چيري بلاسم جي گلن مرڪندي اهو چيو ۽ آئون آلين اکين سان اتان موڪلائڻ لڳس. سمٿ سونين مال تي ٺهيل اهي عجائب گهر ۽ يادگار ماضي جا لنگهه ئي نه پر آئيندي جو رستو به آهن ۽ اهو سبق رڳو آمريڪا جي لاءِ ئي نه پر سڀني دنياوارن جي لاءِ آهي. حقيقت ته اها آهي ته نظرون انڌيون نه هونديون آهن، اهي ته دليون انڌيون ٿي وينديون آهن، جيڪي سيني جي اندر آهن.