سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

3.8: ڪڏهن مسافر کي ڇڏيل منزل به ياد ايندي آهي

ناليواري ڪالم نويس عرفان صديقيءَ جو چوڻ آهي ته جيڪو پاڪستاني ڪنهن ٻي ملڪ جي شهريت اختيار ڪري نئين سرزمين سان وفا جو وچن ڪري ٿو، اهو پنهنجي اندر ۾ هڪ ليڪ وجهي ٿو ڇڏي. ان ليڪ جي هڪ پاسي سندس دل هوندي آهي. سندس مٽ مائٽ، دوست يار، سندس گهر، سندس ساروڻيون، سندس وڏن جون قبرون ۽ ٻي طرف رزق جي ڳولا، آسودگي، خوشحالي، بهتر مستقبل جي اڏاوت، ٻارن جي تعليم ۽ تربيت جا موقعا ۽ جديد سهوليتن سان گذرندڙ ڏينهن ۽ راتين جو هڪ جهان هوندو آهي. وطن ڪنهن عشق لاحاصل جيان گم يا خواب جيان ڏکندو رهندو آهي. ورهايل انسان کي ڪجهه به اندازو نٿو ٿئي ته پنهنجو وطن رڳو هڪ ڇڏيل منزل ئي رهجي ويو آهي... اها منزل ياد ته ضرور اچي ٿي، پر ان شدت جو غم نٿو بنجي سگهي، جو هو سڀ ڪجهه ڇڏي پنهنجي وطن موٽي اچن... عرفان صاحب جون اهي ڳالهيون غلط ڪونهن... آمريڪا ۾ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان مليس، جيڪي پنهنجن لاءِ پريشان هئا، روئندا به هئا، پر واپس اچڻ جو ارادو نه هئن. پرڏيهه جو پنهنجو حُسن آهي، سٺي زندگي آهي يا وري پاڪستان کان مايوسي آهي. اهي سڀئي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي صحيح، پر جڏهن ڪجهه ماڻهو اُن ڇڏيل منزل کي تنقيد جو نشانو بنائين ٿا ته افسوس ٿئي ٿو. مونکي اهي سڀ ڳالهيون ان وقت ياد آيون، جڏهن ٻي ڏينهن اسين ٻن پراڻن دوستن سان ملڻ وياسين. رات جو سمهڻ کان اڳ آئون ۽ ايف ڪي ان ڳالهه جو فيصلو ڪري چڪا هئاسين ته اسين سندس بيماري جي باري ۾ ڪجهه به نه ڳالهائينداسين، هن منهنجي موجودگي جي انهن ٻن ڏينهن کي مڪمل خوش گذارڻ ٿي چاهيو. آئون ڀلا کيس ان حالت ۾ ڇا ٿي چئي سگهيس. هونئن به مون سندس هر ڳالهه جو احترام ڪيو آهي. مون وٽ ڪجهه دوستن جا فون نمبر هئا، جن کي منهنجي هت اچڻ جي خبر هئي. اسان فون گهمائي، ملاقات جو وقت ٻيهر طئي ڪيوسين ۽ انهن سان ملڻ جي لاءِ روانا ٿياسين. آئون، ايف ڪي ۽ سپنا... دولت ته آفيس وڃي چڪي هئي. اسين جڏهن شهر جي ٻاهر هاءِ وي تي پهتاسين ته مونکي ياد آيو ته اسين ٽئي هن کان اڳ به اهڙو ئي سفر گڏ ڪري چڪا آهيون.
اها 2001ع جي ڳالهه آهي، جڏهن آئون بالٽي مور مان پٽس برگ وڃي رهيو هوس، سپنا اُت يونيورسٽي ۾ پڙهندي هئي. آئون آمريڪا آيوس ته هو ٻئي مون سان ملڻ جي لاءِ بالٽي مور پهچي ويا. مونکي ڪيترائي ڪم ڪرڻا هئا. پر هنن منهنجو سامان کڻي پنهنجي گاڏي ۾ اُڇليو ۽ پاڻ سان گڏ پٽس برگ وٺي آيا. هنن ٻنهي جي محبت جا شروعاتي ڏينهن هئا. منجهن هڪ عجيب پاڻ ارپڻ ۽ محبت جو ٻنڌڻ هو. محبت جا شروعاتي ڏينهن به ته ڇا ڏينهن هوندا آهن. پر اهي سدائين گڏ نه رهندا آهن. مون ٻنهي کي هڪ نظر ٻيهر ڏٺو، يارهن سال گذرڻ جي باوجود به هنن ۾ اها ئي محبت ۽ پاڻ ارپڻ موجود هو. مونکي خوشي ٿي رهي هئي ته منهنجو دوست بيماري جي غم جي آڏو هيڻون نه ٿيو آهي. محبت جي شروعاتي خوشبوءِ ساڻس گڏ هئي. اسين سڀ کان پهرين جنهن دوست وٽ پهتاسين، اهو ٽيڪساس ۾ ئي ڊاڪٽر هو. هٿ ملائيندي ئي ائين محسوس ٿيو ته اسين غلط هنڌ تي اچي ويا آهيون. هي شخص اهو ڪونهي جيڪو آئون سڃاڻندو هوس. هن جي رويي ۾ سرد مهري هئي. اسان کي ڪجهه دير اُتي ويهڻو پيو، پر پنهنجائپ جو ماحول پيدا ٿي نه سگهيو. اسين هِتان هُتان جون ڳالهيون ڪندا رهياسين. پر هر ڀيري تان اتي اچي ٿي ٽٽي ته پاڪستان جي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آهي. هي ته اڳيان وڌي نٿا سگهن، ترقي ڪري نٿا سگهن، اسان موڪلائڻ ۾ ئي چڱائي سمجهي. ايندڙ ملاقات به هڪ اهڙي ئي مهربان سان هئي. ان جي رويي ۾ به اها ئي تنقيد ۽ اوپرائپ هئي. شايد اڄوڪو ڏينهن ئي اهڙو هو. هن جو پهريون سوال ئي اهو هو ته اوهين ڪهڙي گاڏي ۾ آيا آهيو.پوءِ هو پنهنجي گهر جون تصويرون ڏيکارڻ لڳو، جيڪو هن ڪجهه ڏيهاڙا اڳ ڏيڍ ملين ڊالرن ۾ خريد ڪيو هو. ٿئٽر، جمنازيم، سوئمنگ پول، الائجي ڇا ڇا هو، سپنا جي صبر جو پئمانو ڇلڪي پيو. ’ڊاڪٽر صاحب باقي ٻيو سڀ ته ٺيڪ آهي، پر اوهين پنهنجي گهر ۾ ڪجهه اوپرا اوپرا نٿا لڳو؟‘ هن هڪ تصوير تي هٿ رکندي چيو. ڊاڪٽر صاحب پڪ سان ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويو. البم سنڀالي هڪ پاسي ڪري رکيائين. اسان جلدي جلدي چانهه پي، کانئس موڪل وٺي ٻاهر نڪري آياسين. گاڏي ۾ ويهڻ کانپوءِ اسين ڳچ دير تائين کلندا رهياسين. ظاهر آهي انهن ٻن واقعن کانپوءِ ٽي صاحب وٽ وڃڻ جي ڪير همت ڪري ها. هونئن به سپنا جو خيال هو ته اُن ٿورڙي وقت ۾ مونکي ڊيلس جو سير ڪرڻ گهرجي. هلو ته آئون اوهان کي ان هنڌ وٺي ٿي هلان، جتي مشهور آمريڪي صدر جان ايف ڪينيڊي کي گولي لڳي هئي، اهو ئي جان ايف ڪينيڊي جنهن جو مشهور قول آهي ته:
Ask not what your country can do for you, ask what you can do for your country.
(اوهين اهو نه پُڇو ته اوهان جي وطن اوهان کي ڇا ڏنو آهي، پر اوهين اهو ضرور پُڇو ته اوهين کيس ڇا ٿا ڏيئي سگهو.)
اهو چوندي سندس ذهن ۾ پڪ سان اهي ٻئي همراهه هوندا، جن سان ملڻ کانپوءِ اسان کي پنهنجو وطن ياد آيو. ڊائون ٽائون، ان هنڌ تي پهچڻ جي لاءِ اسان کي هڪ ڪلاڪ ٻيو لڳي ويو. ان هڪ ڪلاڪ ۾ اسان جو موضوع اهو ئي هو ته اسان سڀني پنهنجي پنهنجي وطن کي ڇا ڏنو.... دنيا سوڙهي ٿي رهي آهي، پر هن دنيا مان اها رومانيت اڃا مُئي نه آهي، جيڪا وطن جي لفظ سان وابسته آهي. منهنجي ڪنن ۾ عرفان صديقي جو اهوجملو ٻُرڻ لڳو ۽ آئون انهن ماڻهن جي باري ۾ سوچڻ لڳس، جيڪي پنهنجو وطن ڇڏي پرڏيهه اچي وسيا آهن. انهن مان ڪي پنهنجو وطن وساري چڪا هئا، اُن وطن کي جتي هنن جنم ورتو، جنهن کين پاليو ۽ تاتيو ۽ جنهن جي مٽي هنن جي رڳن ۾ رت بنجي ڊوڙي ٿي.