سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

2.5: خواجه سرا

خواجه سرا؟
اهي ماڻهو ڪير آهن؟ ڇا انهن جو زندگيءَ تي ڪو به حق نه آهي.
ڪو تارو جيڪو انهن جي لاءِ چمڪڻ لڳي.
ڪو ڏيئو، جيڪو انهن جي نالي سان ٻرڻ لڳي.
ڪو اهڙو سپنو، جنهن جي ساڀيان انهن جي اڱڻ ۾ لهي ۽ کين سدائين جي لاءِ پُرسڪون ڪري ڇڏي، پر اهي ٽوڪ ۽ نفرت جو شڪار آهن، ڪنگلا ۽ بي روزگار بي گهر ۽ بي نشان انسان. ماڻهو کين کدڙا چوندا آهن، پر جي ڪو کڻي مٿن مهربان ٿئي ته کين ”خواجه سرا“ جو لقب ملي ٿو. غربت ڇا آهي؟ دولت جو نه هئڻ، علم جو نه هئڻ، روزگار جو نه هئڻ، گهر يا دوستن يارن جو نه هجڻ. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه غربت آهي ته پوءِ وٽن ته انهن مان ڪابه شيءِ نه آهي. هنن کان وڌيڪ ٻيو ڪير غريب هوندو، نه ڪنهن جي هٿ جو ڇهاءُ، نه ڪنهن جي اک جو نور، نه ڪنهن جي دل جي ڌڙڪڻ، گُل جيان نازڪ ۽ خوشبوءِ جيان پريشان. هڪ خواجه سرا مونکي چيو: اسان ڪڏهن به چوري نه ڪئي آهي، ڦر نه ڪئي آهي، قتل نه ڪيو آهي، ڪنهن کي اغوا نه ڪيو آهي ڪنهن مسجد کي نه ساڙيو آهي، ڪنهن ديول کي باهه نه لڳائي آهي. پوءِ به اسان جي پلئه تي نفرت جا ڪنڊا اُڇليا وڃن ٿا. قانون اسان کي انسان نٿو سمجهي. ظلم ۽ حادثن جا اهي ٿڦڙ، بي وسيءَ جا اهي ڪُن، اسين ڪٿي پناهه وٺون. مون هڪ خواجه سرا کان پُڇيو، تو وٽ بوٽن جا ڪيترا جوڙا آهن؟ هن ڏکاري مُرڪ مرڪندي چيو، ”هڪ وقت رڳو هڪ ۽ اها به ڪئنچي چپل. جڏهن اها گسي گسي کجور جي ڦڙن جهڙي ٿي وڃي ٿي ته ڪٿان ٻي پني وٺندو آهيان... مون اڄ ڏينهن سوڌي گنجي خريد نه ڪئي آهي بدن تي فقط ٻه ڪپڙا اٿم. اڄ تائين جوراب نه پاتا اٿم. مونکي شوگر ۽ هيپاٽائٽس آهي. مونکي بلڊپريشر آهي. منهنجي لاءِ ڪا به دوا نه آهي، ڪو ڊاڪٽر ڪونهي. ڪا اسپتال ڪونهي. اسين هر وقت زماني جون ٺوڪرون ۽ ڌڪا سهندا آهيون. اسان کي کدڙا، فقير، زنانا، خواجه سرا جي نالن سان سڏيو ويندو آهي، پر ڪهاڻي هڪ ئي آهي.“ اسين اخوت جي ذريعي سوين خواجه سرائن جي مدد ڪري چڪا آهيون. مون جڏهن هڪ ڀيرو هڪ خواجه سرا جا مٽي هاڻا پير پنهنجي هنج ۾ رکي اُن جو زخم ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي ته مونکي لڳو ته مون سڀني کان وڏي نيڪي ڪئي آهي. اخوت خواجه سرا بحالي پروگرام. انهن خواجه سرائن جي لاءِ آهي، جن جون عمريون پنجاهه سالن کان وڌيڪ آهن ۽ جن جي ڀاڳ ۾ بُک، بيماري، ۽ ڌڪن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. اسين هر مهيني کين گهرائيندا آهيون، انهن جو علاج ڪندا آهيون، کين ماني کارائيندا آهيون ۽ وڃڻ مهل کين ٿوري خرچي پيش ڪندا آهيون. اها تقريب هر مهيني جي پهرين هفتي ۾ ٿيندي آهي. هيستائين سوين خواجه سرا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. انهن سڀني جو چوڻ آهي ته اسين سڄو مهينو ان اوسيئڙي ۾ گهاريندا آهيون ته ”ڪڏهن ٿو ايندڙ مهيني جو پهريون هفتو اچي ۽ اسين اخوت وارن سان ملون. ان ڏينهن اسان کي ايئن لڳندو آهي ته اسين پنهنجي گهر پيا وڃون، ڀيڻن، ڀائرن، يا ماءُ ۽ پيءُ وٽ پيا وڃون. اسان کي زندگي ۾ ايتري سِڪَ سان ڪنهن به ڪنهن دعوت نه ڏني آهي. بلال، صائمه، عائشه، روبي، عاصم، جمرود، سليم، زرين، روبينه ۽ فاطمه رشيد، اهي سڀ جڏهن اسان جي راهه ۾ پنهنجي دل وڇائيندا آهن ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ اسين اڪيلا نه آهيون. بلال ۽ صائمه واقعي انهن جي راهن ۾ دليون وڇائي ڇڏيون ۽ انهن جي خدمت ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هڪ نئون باب لکيو.
گوگي، نيلم، سپنا، بنديا، راڻي، مٺو، چاندني، بوبي، مالا، شمع، انهن سڀني مونکي هڪ ڀيرو پنهنجي ملڪ گير ڪنوينشن ۾ گهرايو، مون انهن جي اکين ۾ جيڪا محبت ڏٺي، تنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. گوگي چيو، ”اسين ڄمندي ئي نفرت جو نشانو بنجڻ لڳندا آهيون. ماءُ، پيءُ، ڀيڻ ۽ ڀاءُ، اسان کي دنيا جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏيندا آهن... اسان جا ڳيچ ٻڌي ماڻهو سمجهندا آهن ته اسين، ڪو دُهل يا ڇير آهيون. دل جو اهو شيشو روز ٽٽي ٿو. اڄ ڏينهن تائين اسان کي ڪنهن به اسڪول نه موڪليو آهي، اسان کي وراثت ۾ حصو نٿو ملي. ان بي وسيءَ واري حالت ۾ جيڪڏهن اسان سان ڪو کلي ڳالهائي ٿو ته ان لاءِ دل مان دعائون نڪرن ٿيون.“ مٺو چوڻ لڳو. ”اوهان اسان کي دوست بنائي ڇڏيو“. ان کانپوءِ هو مون کي ڳراٽڙي پائي ايترو ته رُنو، جو ڄڻ مينهن وسي پيو. رڳو لاهور ۾ پنجاهه سالن جي عمر کان وڌيڪ ڪيترا هزار خواجه سرا بُک، بيماري ۽ ڪراڙپ جو شڪار آهن. هو ان ڳالهه جي اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪير هنن ڏانهن محبت جو هٿ ڊگهيري ۽ چوي ته: اڄ کان تنهنجا ڏک منهنجا آهن.
”اخوت خواجه سرا بحالي پروگرام اوهان جي لاءِ ئي ته آهي. اهو هڪ ڏينهن اوهان جي ڀلائي جو وڏو پروگرام بنجندو.“ جڏهن مون کين اهاڳالهه چئي ته هنن جا هٿ دعا لاءِ کڄڻ لڳا. مون کي لڳو ته اها ئي دعا آهي جيڪا آسمان کي چيري عرش عظيم تي وڃي پهچي ٿي.
اهي ماڻهو ڪير آهن؟
ڇا انهن جو زندگيءَ تي ڪو به حق نه آهي؟
آسمان جي اڱڻ تي ڪو تارو هجي، جيڪو انهن جي لاءِ به ٽمڪي.
پيار جو ڪو آواز هجي جيڪو انهن جي ڪنن ۾ به ٻُري.
مونکي لڳو ته زندگي جو به انهن تي ايترو ئي حق آهي،
گوگي، نيلم، سپنا، بنديا، راڻي.
اخوت جي اصل منزل هڪ اهڙي سماج جي قيام ۾ مدد ڏيڻ آهي، جتي هر شخص کي بنا ڪنهن متڀيد جي اڳتي وڌڻ جو موقعو ملي سگهي. ان جو مقصد قرض ڏيڻ نه پر سهارو بنجڻ آهي، ڪاروبار ڪرڻ نه پر قرباني ڪرڻ آهي.
مون هڪ نظر جهاز ۾ ويٺل انهن خواجه سرائن تي وڌي، اهي اُن نفرت جو نشانو نٿا بنجن، جن جو مظاهرو اسان وٽ ٿئي ٿو.