5.19: خزان مون کي رئاڙي ٿي، بهار جي ياد ۾
الگيزينڊر هملٽن آمريڪا جو پهريون وزير خزانه ۽ جارج واشگنٽن جو ويجهو ساٿي هو. هن هڪ سپاهي، معيشيت جي ماهر، سياسي مدبر ۽ قانوندان جي حيثيت سان پاڻ مڃايو. آمريڪا جي مشهور بئنڪ ”بئنڪ آف نيويارڪ“ جو بنياد به هن ئي رکيو. کيس معاشي مامرن جو گهرو ادراڪ هو. هن غربت ۾ اک پٽي، پر پنهنجي بي پناهه صلاحيتن جي ٻل تي آمريڪا جي بانين ۾ ڳڻجڻ لڳو. عزت، دولت، شهرت ۽ مرتبي جي باوجود به سندس زندگي جي پُڄاڻي هڪ الميي تي ٿي. اليگزينڊر هملٽن ۽ آمريڪي نائب صد ”بر“ جي وچ ۾ مختلف سببن جي ڪري پهرين مخالفت ۽ پوءِ دشمني شروع ٿي ويئي. ان نفرت جا ڪيترائي ڪارڻ هئا. بر کي شڪايت هئي ته هملٽن جي مخالفت سبب کيس آمريڪا جون صدارتي چونڊون هاراڻيون پيون. اها دشمني جڏهن حد کان وڌي ويئي ته Duel کانسواءِ ٻي ڪا به واٽ نه بچي. ان زماني ۾ جيڪڏهن ٻن همراهن جي وچ ۾ اختلاف جو نبيرو ٿي نه سگهندو هو ته ڊوئيل يا موت جو رستو اختيار ڪيو ويندو هو. اهو انتهائي قدم هو. هملٽن ۽ بر جي گڏيل دوستن کين اهڙي قدم کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ڪاوڙ سندن اکيون پوري ڇڏيون هيون. ذاتي وير ۽ انا، انسان هٺ ۽ وڏائيءَ جي وهڪري ۾ وهي الائجي ڪٿان جو ڪٿان وڃيو نڪري. ڊوئيل جي لاءِ يارهين جولاءِ 1804ع جو ڏينهن مقرر ٿيو. ان لاءِ نيوجرسي ۾ هڊسن درياهه جي اولهائين ڪنڌي، جڳهه طور، مقرر ٿي، هملٽن ۽ بر جيڪي ٻئي آمريڪا جا ناليرا سياستدان ڳڻيا ويندا هئا، الل وهاڻي اُن بدقسمت هنڌ تي پهتا. هڪڙو آمريڪا جو اڳوڻو خزاني وارو وزير ۽ آزادي جي جنگ جو هيرو ۽ ٻيو آمريڪا جو نائب صدر. نه رڳو اهو پر انهن ٻنهي جي حيثيت ان کان به وڌيڪ هئي. ٻئي آزادي جا اڏيندڙ، دورانديش ۽ باهمت انسان هئا. ان وقت هملٽن جي عمر 49 سال ۽ بر جي ان کان ٿوري وڏي هئي. گهڙيال جي گهنٽي وڳي ۽ ٻيئي حريف مُهان منهن ٿيا. ٻنهي نشانو تاڻيو. ٺاهه جون سڀئي ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون هيون... انا جو وڻ آسمان تائين پهچي چڪو هو. انا سڀ کان وڏي شيءِ هئي زندگي کان به. ٻنهي هڪ ٻئي سان پٺيون ملايون ۽ هڪٻئي جي مخالف طرف ڏهه وکون اڳتي وڌيا. رومال ڦڙڪندي ئي هو ڦڙتي سان مڙيا. گوليون هليون. هملٽن جي جي گولي بر جي مٿي تي ٽنگيل وڻ جي هڪ شاخ کي چيريندي گذري ويئي، پر بر جي گولي نشاني تي هئي. جيڪا هملٽن جي پيٽ جي هيٺين حصي تي لڳڻ کانپوءِ گولي گهمندي پاسراٽين تائين وڃي پهتي. رت جو ڦوهارو وهيو ۽ هملٽن پنهنجي ئي پيرن تي ڪري پيو. زخم گهرو هو.
هملٽن ان زخم جا سور سهي نه سگهيو ۽ هو ٻي ڏينهن ٻارهين جولاءِ تي گذاري ويو. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هملٽن ڄاڻي واڻي غلط نشانو ورتو، ڇو ته هن بر جي رت سان پنهنجا هٿ رڱڻ نٿي گهريا. ان سلسلي ۾ هملٽن جو هڪ خط به پيش ڪيو ويو، جنهن ۾ هن لکيو هو ته هو بر کي ان جي لائق ئي نٿو سمجهي ته کيس پنهنجي پستول جي گوليءَ سان ماري، تنهنڪري هن گولي هڻڻ مهل ڄاڻي واڻي پستول جو رخ بر طرف نه ڪيو، پر ڪي وري ان کي هڪ افسانو چون ٿا. اهو درد ۽ رت سان ڀريل هڪ اُداس ڏينهن هو. گولين جي آواز سان هڊسن درياهه جي سانت ٽٽي پئي. معصوم پکي ۽ پکڻ پنهنجن آکيرن مان اُڏري انسانن جي وهايل رت کي ڏسڻ لڳا. هملٽن ۽ بر اڄ دنيا ۾ نه آهن. اهي پکي به نه هوندا،پر پزوي هاڪن نالي اهو هنڌ اڃا به موجود آهي. درياهه جي ڪنڌي به آهي. شاهه بلوط جا وڏا وڻ به آهن، شايد انهن پکين نسل درنسل اها ڪهاڻي ٻڌائي هوندي. ڪو ڪراڙو پکي افسوس ڪندي اهو چوندو هجي ته افسوس جو انسان ڪيترو نه ضدي آهي، جيڪو پنهنجي انا جي صليب تي لڙڪي ٿو وڃي. آزادي جي جنگ جا ٻه هيرو ڪيترا نه ڪوتاهه نظر نڪتا. وال اسٽريٽ اليگزينڊر هملٽن جو خواب هو. کيس ابدي آرام جي لاءِ جاءِ به اُت ئي ملي. آئون ٿوري دير اليگزينڊر هملٽن جي قبر تي بيٺو رهيس. سرءُ جي منڌ جا ساڙيل، هي وڻ ۽ قبر تي وکريل پتا. قبرستانن ۾ بهار نه هوندي آهي. گل ناهن ٽڙندا. البت ان قبرستان سان لڳ وال اسٽريٽ جي ڳالهه ٻي آهي. هتي سدائين بهار ٿي رهي. خزان نٿي اچي. هتي جا رهاڪو دولت سان کيڏن ٿا. وال اسٽريٽ انهن جي لاءِ پناهه گاهه آهي. هڪ سگهارو قلعو، سڄي دنيا ۾ پکڙيل مزدور ۽ پورهيت ان ڏينهن جي اوسيئڙي ۾ آهن، جڏهن اهو قلعو اليگزينڊر هملٽن جيان پنهنجي پيرن تي پاڻ ئي ڪري اچي پٽ پوندو. غربت سدائين انهن جو ڀاڳ ته ڪونهي.
کب ڈوبے گا سرمایہ پرستی کا سفینہ،
دنیا ہے تِری منتظرِ روز مکافات۔