6.8: راولپنڊي
راولپنڊي شهر ۾ اسين ميجر (ر) امان الله وسيلي پهتاسين. ميجر امان الله راولپنڊي جي مشهور سماجي شخصيت، چيمبرس آف ڪامرس جو اڳوڻو صدر ۽ ڪيتر ئي سماجي ڀلائي جي ادارن سان لاڳاپيل آهي. سندس بي لوث خدمتن جو ڪجهه لفظن ۾ احاطو ممڪن نه آهي. کيس اخوت جي خبر سليم رانجها ڏني. امان الله صاحب هڪ ڏينهن خاص طور تي سيڙجي لاهور پهتو ۽ اسان جي پهرين ئي ملاقات ۾ اخوت راولپنڊي جي قيام جو فيصلو ٿي ويو. اها اپريل 2006ع جي ڳالهه آهي. وسيلن جي ڪمي، نئون شهر، پر ميجر امان جي لهجي ۾ يقين جي سگهه هئي. انتظامن جي ذميداري اخوت جي هڪ ذهين ۽ ڀروسي جوڳي ساٿي آفتاب جي حوالي ڪئي ويئي، جيڪو پنهنجي زندگي اخوت کي ارپي چڪو آهي. هن سڀ کان پهرين خواجه زاهد کي ڳولهيو، جيڪو پنڊي جو پهريون لون آفيسر ۽ پهريون برانچ مئنيجر ٿيو. زاهد اها ذميداري وڏي جذبي سان قبولي ۽ آفتاب سان گڏ ان ڪم ۾ جنبي ويو. لياقت باغ جي ڀرسان، آريانا پاڙيَ جي هڪ ننڍي مسجد ۾ قرضن جي پهرين ورهاست ٿي. ان علائقي ۾ اسان جو پهريون رضاڪار خالد هو، جنهن جو ان پاڙي ۾ هڪ ننڍو اسٽور آهي. اٺ قرض يعني اسي هزار روپيا. افتتاح جي موقعي تي ميجر امان الله ۽ سندس ساٿي موجود هئا. اهو ئي نياپو، اها ئي اخوت جي پذيرائي. اسان کي پڪ هئي ته ڪاميابي قدم چمندي. يقين به ته سوڀ کان گهٽ نه آهي. ڪجهه وقت کانپوءِ پنڊي جون ذميداريون زاهد جي جاءِ تي مهتاب سنڀالي ورتيون. آفتاب بهترين صلاحيتن جو مالڪ، باهمت ۽ بلند حوصلي وارو هو. ڏينهن هجي يا رات، صبح هجي يا شام ڪڏهن به ائين نه ٿيو ته سندس محنت ۾ ڪمي آئي هجي. هر وقت ڦڙت! راولپنڊي ۾ اخوت جي ڪاميابي ميجر امان الله جي سرپرستي ۽ پوءِ آفتاب، زاهد ۽ مهتاب جي ڏينهن رات محنت جو ڦل آهي. پنجاهه کان به وڌيڪ ملازم، پنجويهن ڪروڙ روپين جا قرض، ويهه هزار فائدو وٺندڙ ڪٽنب ۽ قرضن جي واپسي جي شرح سؤ سيڪڙو، هتان جي اسٽاف جي جيتري واکاڻ ڪجي اها گهٽ آهي. هو امانت، ديانت ۽ محنت جي اصول تي پورو ٿا لهن. اڄ به اڻ ڳڻيا ماڻهو سندس محبت جا دعويدار آهن. پنڊيءَ ۾ اخوت جي هڪ ٻي ڪاميابي ”الاصلاح فائونڊيشن“ آهي. الاصلاح فائونديشن جن ماڻهن ٺاهي، اهي الله جا پيارا ٻانها آهن، يعني نديم خالد ملڪ، برگيڊيئر محمد سرفراز، ۽ فرخ ڪمال، دردمند دل رکندڙ انهن اخوت جي ماڊل کي اختيار ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ پوءِ قربانيءَ جا نوان معيار قائم ڪيا. هو شوق، جذبي ۽ قرباني ۾ ڪنهن کان به پُٺ تي نه آهن. مقامي چيمبر آف ڪامرس، اخوت جي ڪنهن گهاٽي وڻ جيان وڏي سرپرستي ڪئي. اهو سڀ ميجر امان الله جي ڪوششن جو نتيجو هو. چيمبر جو هر چونڊيل صدر اخوت کي پنهنجن مقصدن جي هڪ ڪڙي شمار ڪندو آهي. اخوت جي ماهوار گڏجاڻي به چيمبر جي هال ۾ ٿيندي آهي. راولپنڊي چيمبر جنهن نموني اخوت جي فلسفي کي اختيار ڪيو، اهو ٻين شهرن جي لاءِ به هڪ مثال آهي. اخوت پنڊي جي ساٿين ۽ رضاڪارن ۾ فضل الرحمان ۽ بدر هارون جهڙا بي بدل ماڻهو شامل آهن. محترمه زاهده امين ۽ ان جي ڌيءَ آمنه جي اخوت سان وابستگي مثالي حيثيت ٿي رکي. عطين ۾ سڀ کان وڏو عطيو وقت جو آهي، اخوت جي هر تقريب ۾ هن جي شموليت سندس محنت جو اکين ڏٺو ثبوت آهي. اخوت پنڊي جي هڪ ٻي خوبي سالياني تقريب آهي. اها تقريب هر سال محنت ۽ اهتمام سان ڪوٺائي ويندي آهي، جنهن ۾ اخوت سان لاڳاپيل سوين ڪٽنب ۽ پنڊي جون معتبر شخصيتون شرڪت ڪنديون آهن. لياقت هال ۾ ٿيندڙ ٻن تقريبن ۾ اٽلي جو سفير خاص مهمان هو. جڏهن هو تقريب ۾ پهتو ته ماڻهن پنهنجي ڪرسين تان اُٿي بيهي جنهن نموني سندس آجيان ڪئي، ان جو نقش منهنجي خيال ۾ سدائين سندس دل تي چٽيل رهندو. اڳوڻي ڪمشنر زاهد سعيد ۽ سابق ڊپٽي ڪمشنر امداد الله جو سهڪار به سدائين قائم رهيو. اهو سهڪار انتظامي به هو ته ذاتي به هو. 2011ع ۾ جڏهن اها تقريب ٿي رهي هئي ته آئون چيلهه جي سور سبب هلڻ کان هلاک هئس، پر ڊاڪٽر ڪامران شمس ۽ اظهار الحق هاشمي مونکي گاڏي ۾ ويهاريو ۽ اسين لاهور کان پنڊي پهچي وياسين، سفر جي ڪري منهنجي حالت ڏاڍي خراب هئي. مون کي گاڏي مان کڻي لياقت هال ۾ پهچاويو ويو. اهو منظر ڏسي ميجر امان الله گهڻو ڏکارو ٿيو، پر هن جي ڏک ۾ به هڪ خوشي هئي. هن جنهن نموني مون کي ڀليڪار ڪئي، اهو منظر اڃا به منهنجي اکين ۾ محفوظ آهي. پنڊي جي هڪ سالياني تقريب ۾ حنيف عباسي ۽ راجه انور به شريڪ ٿيا. اخوت جو سياست سان ڪو به واسطو ڪونهي، پر انهن ٻنهي صاحبن جو سياست سان ڳوڙهو واسطو آهي. حنيف عباسي ته پنهنجي ڀرپور سياسي ڪردار جي ڪري ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي، پر اڳوڻي شاگرد اڳواڻ راجا انور جو شمار به سياست جي پراڻن کيڏارين ۾ ٿئي ٿو. ڪنهن وقت هن جي هٿن ۾ انقلاب جو جهنڊو جهليل هو ۽ بغاوت جون ڳالهيون ڪندو هو، پر هاڻ بغاوت تي تدبر جو رنگ حاوي ٿي چڪو آهي. ذوالفقار علي ڀٽي کان وٺي مرتضيٰ ڀٽي تائين، هن قرباني جون ڪيتريون ئي منزلون طئي ڪيون. ستن سالن جي جلاوطني به ان قرباني جو حصو آهي. ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ جهڙي نازڪ لکت جو ليکڪ راجا انور اخوت جي فلسفي ۾ ٻُڏي ويو. ”جهوٽي روپ ڪي درشن“، اهو ڪتاب هن پنجاب يونيورسٽي جي نهر تي ويهي لکيو. اها هڪ ناڪام محبت جي ڪهاڻي آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته محبت ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندي آهي. محبت ته بس محبت ئي آهي. جيئن سُهائي آهي. سرهاڻ آهي. محبت جي شروعات ئي ناڪامي جهڙي لفظ تي منديئڙو وجهي ڇڏيندي آهي. هارورڊ جي وزٽ کانپوءِ راجا انور به هڪ اخبار ۾ ڏاڍو سٺو ڪالم لکيو.
”امجد ثاقب پنهنجي ڪئريئر جي شروعات ڊي.ايم.جي آفيسر جي حيثيت سان ڪئي. ڊي ايم جي ۾ شامل ماڻهن کي آفيسرن جو آفيسر سمجهيو ويندو آهي. چيف منسٽر ۽ پرائم منسٽر سيڪريٽريٽ جون هڙئي اهم پوسٽون انهن جي نالي ئي هونديون آهن، سياستدانن جو ته رڳو نالو هلندو آهي، انهن جي پويان اصل حڪمراني ته انهن ڊي ايم جي آفيسرن جي ئي هوندي آهي. اڄ کان چوڏهن پندرهن سال اڳ ڊاڪٽر امجد ثاقب چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ۾ هڪ اهم جاءِ تي مقرر هو، جيڪڏهن هو ان رستي تي هلندو رهي ها ته اڄ پڪ سان ڪنهن کاتي جو سيڪريٽري هجي ها،پر هن جاڳندي هڪ اهڙو خواب ڏٺو، جنهن وري کيس ننڊ ڪرڻ نه ڏني. ان قسم جو سپنو ڪنهن به معاشري يا ڪنهن به مذهب جي پوئلڳ شايد ڏٺو ته هجي پر هنن مان شايد ئي ڪنهن عمل جي ميدان ۾ لهڻ جو حوصلو ڪيو هجي، انهن جا خواب فقط قصن ڪهاڻين تائين محدود رهيا. خواب اهو هو ته ڇا اڄوڪي دنيا ۾ بنا وياڄ جي قرض ڏيڻ جو رواج ممڪن ٿي سگهي ٿو؟ ڇا هڪ اهڙي سماج ۾ انهن قرضن جي واپسي ممڪن آهي، جتي ماڻهو سَڄيون سَڄيون بئنڪون کايو وڃن،پر اوڳرائي به نٿا ڏين؟ پوءِ اهڙا قرض ڏيڻ جي لاءِ بنيادي فنڊ ڪٿان ايندا؟ قرض جي ڏيتي ليتي جو طريقو ڪهڙو هوندو؟ ضمانت ڪهڙي هوندي؟ سڀئي سُبحان جي ڪر حوالي ڪم، تي آسرورکندڙ هي همراهه اندران ڪو وڏو ولي آهي. جڏهن سندس دل جي هر ڪنڊ مان ”هائو، هائو“ جا آواز اُڀرڻ لڳا ته هن پاڻ جهڙا ڪجهه سنگتي ساٿي گڏ ڪيا ۽ اخوت نالي تنظيم جو بنياد رکيو ۽ ڏهن هزارن مان هڪ پاڙي مان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي. هوريان هوريان ڪافي اڳڀرائپ ٿي. قرضن جو دائرو وڌندو ويو. ڪيترائي ماڻهن جن غريبن جي مدد ڪرڻ ٿي چاهي. پنهنجا صدقا ۽ عطيا کڻي ڏانهنس اچڻ لڳا. جيڪو به هڪ ڀيرو اُن دائري ۾ داخل ٿيو ۽ پوءِ چقمق جي ڇڪ سان ڄڻ چهٽي ويو، جيڪو قرض وٺندڙن جي قطار ۾ بيٺو، اهو پنهنجو قرض لاهڻ کانپوءِ پنهنجي پُڄت آهر قرض ڏيندڙن ۾ شامل ٿي ويو. هر شخص پنهنجي پنهنجي طور تي ماڻهن کي متحرڪ ڪري پنهنجي شهرن ۽ پاڙن ۾ ان پروگرام کي پکيڙڻ شروع ڪيو. نتيجو اهو نڪتو جو 11-2010ع ۾ اخوت نالي ان تنظيم هڪ ارب روپين جا بنا وياڄ جي قرض ورهايا. 12-2011ع ۾ اها رقم وڌي ٻن اربن تائين پهچي ويئي. هتي امجد ثاقب ۽ اخوت جي ڪهاڻي اسان کي هڪ پاڪستان جو چهرو نظر ٿو اچي ۽ اهو چهرو ائين آهي ته اسان جي اميرن ۾ گهڻائي اهڙن جي آهي، جيڪي لکين ڪروڙين روپين جا قرض هڙپ ڪري ويا. پر ان ملڪ جو هڪ بنهه غريب ريڙهي هلائيندڙ سؤ سيڪڙو قرض موٽائي ٿو ڏي، يعني غريب عوام نه چور آهي ۽ نه ئي وري ڌاڙيل. ڊاڪٽر امجد ثاقب جو خدا ڀلو ڪري، جنهن وڃي انهن کي جاڳايو، کين قرض ڏنا، ڪم تي لڳايو. قوم تي ايڏو وڏو احسان ته ڪو به سياستدان ڪري نه سگهيو، جيڪو پنهنجي لاءِ ووٽ گهرندي گهرندي وڃي قبر ڀيڙو ٿئي ٿو ۽ نه ئي وري مُلائيت ڪري سگهي، جيڪي چندو ڏيندڙن کي جنت جون بشارتون ڏيندي ڏيندي وڃيو ڌوڙ وسائين. گذريل مهيني ڊاڪٽر امجد ثاقب کي ڪيترن ئي آمريڪي يونيورسٽين اُن ماڊل تي ليڪچر ڏيڻ جي لاءِ گهرايو. کانئس ڪيترائي سوال پُڇيا ويا ته اهو نظام سڄي پاڪستان ۾ ڪيتري عرصي ۾ پکڙجي سگهي ٿو؟ ۽ اهو ٻين ملڪن ۾ لاڳو ڪرڻ ۾ ڪهڙيون مشڪلاتون پيش اچي سگهن ٿيون؟ اولهائين معيشيت دانن کي پوري طرح مطمئن ڪرڻ ته ان وقت شايد ممڪن نه هجي، پر امجد ثاقب ڇا اهو وڏو ڪمال نه ڪيو ته هن سڄي دنيا جي معاشي فلسفي کي لوڏي ڇڏيو. ڊاڪٽر امجد ثاقب کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته ان لڙائي ۾ هو اڪيلو نه آهي.
قتل گاہوں سے چن کر ہمارے علم،
اور نکلیں گے عشاق کے قافلے۔
مون کي راجا انور جي ان اڳ ڪٿي سان مڪمل اتفاق آهي؟ مٿي ڦريلن جا قافلا ضرور نڪرن. فيض احمد فيض جو اهو شعر هڪ لازوال فتح جي نويد آهي. زندگي ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ٿي ڪري، زندگي ڪڏهن به ناڪام نٿي ٿئي. زندگي ته اسان جي گُهرجن ۽ خواهشن ۾ جيئري رهي ٿي. اها ڳالهه ول ڊيورانٽ به چئي. ”ماڻهو مري وڃن ٿا، پر زندگي انهن جي خوابن کي مرڻ نٿي ڏي ۽ هڪ ڏينهن نيٺ ساڀيان ماڻي وٺي ٿي“. اور نکلیں گے عشاق کے قافلے، اور نکلیں گے عشاق کے قافلے۔