2.21: پٿرن ۽ ڪَنڊن مان جهان پيدا نٿو ٿئي
تيز هوائون، وڏيون اوچيون عمارتون، سهڻيون ڍنڍون، شڪاگو صرف اهو ڪونهي، بلڪه ڪاروبار ۽ واپار جو به وڏو مرڪز به آهي. 1833ع ۾ جڏهن هي شهر آباد ٿيو ته ان جي آبادي ٻن سؤ ماڻهن تي مشتمل هئي. هوريان هوريان ان جي آبادي وڌندي ويئي. انهن ڏينهن ريل اچ وڃ جو اڪيلو ذريعو هئي. شڪاگو ريلوي جو مرڪز قرار ڏنو ويو ۽ هن شهر ۾ صنعتي سرگرمين ۾ تيزي آئي. نيريون ڍنڍون، برفيلو پاڻي، رنگا رنگي پکي، ڪير هوندو، جيڪو اهڙي رومانوي ماحول ۾ رهڻ پسند نه ڪري ها، پکين کي سٺو دوست ملي ويو، شهر اڃا آباد ٿي رهيو هو، جو 1871ع ۾ هڪ ڏينهن باهه ڀڙڪي پئي. تيز هوائون اُن باهه کي تيز ڪرڻ لڳيون، ڪيترن ئي ڏينهن تائين باهه جا اُلا آسمان سان ڳالهيون ڪندا رهيا. جڏهن باهه ٿڌي ٿي ته اڌ شهر سڙي رک ٿي چڪو هو. ڪاٺ جي ٺهيل خوبصورت عمارتن جو باقي نالو ۽ نشان ئي نه هو. ڦلهيار جي ان ڍڳ ۾ تعمير نو جو هڪ شعلو جيئرو هو. ان شعلي ان شهر کي هڪ نئون روپ ڏنو. اِهي ئي عمارتون، جيڪي سڙي رک ٿي ويون هيون، ٻيهر اڏجڻ لڳيون. پر هن ڀيري رازن ان ۾ ڪاٺ جي بدران اسٽيل ڀري ڇڏيو. اهو اڏاوت جو نئون انداز هو، جنهن جي ڪري سڄي دنيا ۾ وڏيون ۽ اوچيون عمارتون Sky Scrapers جو دور شروع ٿيو. اڏاوت ۽ ترقي، صنعت ۽ حرفت، ڪارخانا، اِهي ئي اُهي ڏينهن هئا، جڏهن ننڍو کنڊ هيٺانهين ۾ ٻُڏي رهيو هو. هوريان هوريان هي شهر مزدورن جي آماجگاهه بنجڻ لڳو. سڄي دنيا ۾ ملهايو ويندڙ ڏينهن پهرين مئي جي روايت به هتان ئي شروع ٿي. انهن ڏينهن هتي ڪنهن کي به انساني حقن جي ايتري پرواهه نه هئي. مزدورن کي ٿورڙو اجورو ڏنو ويندو هو ۽ کانئن گهڻو ڪم ورتو ويندو هو. نتيجي ۾ هڪ ڏينهن احتجاج ٿيو ۽ احتجاج جي دوران ڪجهه ماڻهو بغاوت بلند ڪرڻ لڳا. بغاوت جو پهريون انعام تشدد ۽ ٻيو موت آهي. گولي هلي ۽ ڪجهه بي گناهه مارجي ويا. شڪاگو جي انهن شهيدن جو رت علامت بنجي ويو، اها علامت هڪ سؤ سالن تائين انهن جو رت گرمائيندي رهي. هاڻ نه اها علامت آهي ۽ نه ان علامت جا علمبردار آهن. موڙي جي انڌي طوفان اُن احتجاج جو ڏيئو به گُل ڪري ڇڏيو. شڪاگو پنهنجن مزدورن کي وساري ڇڏيو ۽ مزدورن شڪاگو کي. هائو، ڪٿي ڪٿي پهرين مئي تي موڪل ضرور ٿئي ٿي، پر موڪل سان حق ته نه ملندا آهن. 1871ع ۾ شڪاگو ۾ لڳندڙ باهه ته وسامي ويئي، پر اُن باهه معاشي ترقي جي ڀنڀٽ کي ڀڙڪائي ڇڏيو. يورپ جي ڏورانهن ملڪن مان ماڻهو شڪاگو جو رخ ڪرڻ لڳا. شهر ۾ موجود سهڻين ڍنڍن جي چوڌاري گهر، آفيسون ۽ ڪاروباري مرڪز بنجي ويا. اڄ لڳ ڀڳ شهر جو وڏو حصو ڍنڍن جي آسپاس آباد آهي. شڪاگو ڊائون ٽائون کي لوپ (Loop) چيو ويندو آهي. ڪاروباري مرڪز، هوٽلون، شاپنگ مالز، عجائب گهر، آرٽ گيلريون، وڏيون وڏيون عاليشان عمارتون ۽انهن سڀني جي وچ ۾ گهيريل انسان. سئيزر ٽاور شڪاگو جي سڀ کان وڏي عمارت آهي، ان جي آخري منزل کان هيٺ ڏسبو ته انسان تمام پتڪڙو نظر ايندو. وڏن وڏن ترقي يافته شهرن جو اهو ئي الميو آهي.