سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

2.13: صبح جو ٿڌڙي هير اهو پيغام ڏيئي ويئي

ڪيلي فورنيا جو هر صبح سُهڻو هوندو آهي
آئون ٻي ڏينهن ڪمري مان ٻاهر نڪتس ته نيرو وشال آسمان سامهون هو. پرهه ڦٽيءَ جا پهريان ڪرڻا، فرحت ۽ تازگي. اعزاز جي گهر جو سهڻو باغيچو، ائين پي لڳو ڄڻ ڪائنات اجهو هينئر ئي خلقي ويئي هجي. پکين جون لاتيون، هلڪي خنڪي. پتن تي پکڙيل ماڪ ڦڙا. سج جا ڪرڻا انهن ڦڙن سان ٽڪرائجي آرسي بڻجي ٿي ويا. گاهه جو سائو سمونڊ ۽ گُل. اها به ڪا گهڙي هوندي، جڏهن خدا چيو. هوندو ته ”ٿي پئو“ ۽ ڪائنات بنجي ويئي. ”ٽڙي پئو“ ۽ گل ٽڙي پيا. ”هلو پئو“ ۽ هوا هلڻ لڳي. ”وسي پئو“ ۽ ڪڪر وسڻ لڳا. درياهه ، جبل، ماٿريون، سمنڊ ۽ پوءِ انسان، جنگهلن مان نڪري جهوپڙين ۾، جهوپڙين مان نڪري وستيءَ ۾، وستين مان شهرن ۾، انسان ان سڄي سفر ۾ خدا کي نه وساريو، هن اهو نه وساريو ته کيس ٻيهر واپس وري اچي ڪنهن سان گڏجڻون آهي، اها ملاقات ته طئي آهي، اهو ئي احساس کيس گناهه کان بچائي ٿو، سٺي واٽ جو تعين ڪري ٿو. انسان ڪائنات کي جنهن نموني جيتيو ۽ اُن ۾ پنهنجي محنت جا رنگ وکيريا، ان تي خدا کي خوش ٿيڻ گهرجي. نيرو آسمان، باک ڦٽيءَ جا ڪرڻا، سائي گاهه جو سمنڊ، ماڪ جا ڦڙا ۽ آرسين جي جڳمڳاهٽ، هر ايندڙ صبح ان ڳالهه جو اعلان ٿو ڪري ته خدا اڃا انسان مان مايوس نه ٿيو آهي. جيڪڏهن خدا اسان جي مستقبل مان مايوس ڪونهي ته پوءِ اسين انسان جي آئيندي مان مايوس ڇو آهيون. اچو ته ڪنهن خواب جي اُڻت ڪريون. زندگي خوابن جي اُڻت ڪرڻ ۽ خواب ڏسڻ جو نانءُ آهي.