2.6: ميڪ اي ڊريم
گلشن حيات جا اهي معصوم گل جن جي عمر باقي ڪي ڏينهن آهي. ڊاڪٽر چون ٿا ته اهي ٻارڙا جن بيمارين جو شڪار آهن، انهن جو علاج نه لڀيو آهي. بلڊ ڪئنسر، ٿيليسيميا، لمفوما. انهن جا مائٽ کين هر گهڙي بي وسيءَ مان موت جي انهي ڌُٻڻ ۾ ڪرندا ڏسندا رهندا آهن، پر هنن جي وس ۾ سواءِ ڪجهه لڙڪن، آهن، بي وسي ۽ سڏڪن جي ٻيو ڪجهه به نه هوندو آهي. آمريڪا ۾ ”ميڪ اي وش“ نالي هڪ ادارو موذي مرضن ۾ مبتلا اهڙن ٻارڙن جون خواهشون پوريون ڪندو آهي. جيڪي هو موت جي وات جو گرهه بنجڻ کان اڳ ڪندا آهن. اخوت به هڪ اهڙو ذيلي ادارو بنايو، جنهن جو نالو ”ميڪ اي ڊريم“ رکيو، جن ٻارن جي زندگي رڳو ڪجهه مهينا يا ڪجهه هفتا هجي، هي ادارو انهن جي اهڙي خواهش پوري ڪندو آهي، جنهن کانپوءِ انهن جا باقي ڏينهن خوشي جي ڪيفيت ۾ گذري وڃن. هڪ ٻارڙو جنهن جي باري ۾ ڊاڪٽرن جو خيال هو ته هن جي زندگي جو ڏيئو گُل ٿيڻ وارو آهي، پڇيو ويو ته هن جو ڪو اهڙو خواب جيڪو پورو ٿي نه سگهيو ته هن چيو، مون اڄ سوڌي جهاز جو سفر نه ڪيو آهي. آئون ڏسڻ ٿو چاهيان ته اهو اندران ڪيئن ٿو لڳي.
اخوت جي ٽيم هڪ پائلٽ ڳوليو، جنهن چيو ته هو اُن کي لاهور کان اسلام آباد پاڻ سان گڏ ڪاڪ پٽ ۾ گڏ وٺي ويندو. ائين کيس لڳندو ڄڻ جهاز ئي هو پيو هلائي. سڀئي بندوبست مڪمل ڪيا ويا. ٽڪيٽ خريد ڪئي ويئي، نوان ڪپڙا، نوان بوٽ ۽ نئين بيگ خريدي ويئي. پر جنهن ڏينهن اهو يادگار سفر ٿيڻون هو، ان کان عين هڪ رات اڳ اهو ٻارڙو ڪنهن ٻي سفر تي روانو ٿي ويو، موت کيس مهلت نه ڏني ته اسين کيس ايئرپورٽ وٺي وڃون، الوداع چئون ۽ هو جهاز جو سير ڪري ها. ٻارڙن جون اهڙيون سوين معصوم خواهشون، ڪجهه پوريون ٿيون ۽ ڪجهه اڌوريون رهجي ويون. هڪ ٻارڙي چيو، ”آئون پاڪستاني فوج جي سپهه سالار سان ملڻ ٿو چاهيان.“ ڊاڪٽر عصمت لغاريءَ ڪيترائي در کڙڪايا، پر ڪنهن به هامَ نه هنئي ته هن سپهه سالار کي خط لکيو ته هي ٻارڙو ڪجهه ئي ڏينهن جو مهمان آهي ۽ اوهان سان ملڻ ٿو چاهي. ان خط جو جواب ڇو نه اچي ها. ڪور ڪمانڊر ملتان جي ڊيوٽي لڳي ته هو هڪ ڏينهن ان ٻارڙي سان گڏ گذاري، ٻارڙي کي احترام سان هيڊ ڪوارٽر نيو ويو، سلامي ڏني ويئي. جنرل پاڻ گاڏي هلائي، ٻارڙو اڳين سيٽ تي ويٺو ۽ فوج جي هڪ تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شريڪ ٿيو.
هڪ ٻارڙي چيو، ”مون ڪڏهن به پنهنجي سالگرا نه ملهائي آهي. ڇا اوهين منهنجي سالگرا ملهائيندا؟ اخوت جي رضاڪارن سڄي اسپتال سان گڏجي اُن جي سالگرا ملهائي. ڦوڪڻا، جهنڊا، ڪيڪ، ميڻ بتيون، چانهه، ۽ پوءِ هيپي برٿ ڊي جا نعرا. ايندڙ ڪجهه ڏينهن اهو ٻارڙو ان مَنڊ ۾ مَنڊيل رهيو، کلندو، ڪڏندو، ڊوڙندو هن دنيا مان موڪلائي ويو، اهي سوکڙيون جيڪي ان ڏينهن کيس مليون هيون، سي بستري تي وکريل رهيون، ريموٽ ڪنٽرول ڪار، موبائيل فون ۽ ننڍي ڪئميرا، سندس امڙ جو چوڻ هو ته، ”جڏهن هو هن جهان مان موڪلايو ته سندس منهن تي لازوال مُرڪ هئي، اهڙي مُرڪ هِنَ اڳ ڪڏهن به نه ڏٺي هئي.“ ميڪ اي ڊريم، موت کي ته ٽاري نه سگهيو، پر موت جو سفر سولو ٿي پيو. غريبن جون سَڌون به غريب ئي هونديون آهن.
هڪ ٻارڙيءَ چيو، ”مون زندگي ۾ ڪڏهن به گُڏي خريد نه ڪئي آهي.“
هڪ چيو: ”مون ڪڏهن به آئسڪريم نه کاڌي آهي.“
هڪ چيو: ”آئون مينار پاڪستان گهمڻ ٿو گهران.“
هڪ چيو: ”مونکي ڪئميرا وٺڻي آهي.“
اها گُڏي اهو آئسڪريم، مينار پاڪستان گهمڻ ۽ اها ڪئميرا، جڏهن اهي سڀ خواهشون پوريون ٿيون ته کين ڄڻ دنيا جهان جا خزانا ملي ويا. هيستائين ڪيترن ئي سوَن ٻارن جون آخري خواهشون پوريون ٿي چڪيون، آهن انهن مان اڌ کان به وڌيڪ ٻارڙا هاڻ هن دنيا ۾ نه آهن، پر انهن جون تصويرون اسان وٽ آهن. انهن تصويرن ۾ هو پنهنجن تحفن سان مُرڪي رهيا آهن. گلشن حيات جا اهي معصوم ٻارڙا فقط ڪجهه ڏينهن جي لاءِ دنيا ۾ آيا هئا.
جهاز اُڏامندو رهيو. ڪتاب جا ورق ڦڙڦڙائيندا رهيا.