سفرناما

اخوت جو سفر

هن ڪتاب جي شروعات هارورڊ يونيورسٽيءَ جي هڪ سفر سان ٿئي ٿي. آمريڪا جو هي سفرنامو اصل ۾ اخوت جو ئي سفر آهي. يارهن سالن تي ٻڌل، اخوت جي شروعات، اُن جو فلسفو، اصول، طريقي ڪار، ان جا گُڻ ۽ اوڳُڻ، امڪانن جا نوان اُفق، ائين کڻي چئجي ته اهو سفر در سفر آهي. هڪ اهم سفر، جيڪو هلندي گهمندي ٿيو ۽ ٻيو اهو سفر جيڪو خيالن ۾ ٿيو.
Title Cover of book اخوت جو سفر

1.6 ڇا زندگي ڪنهن مفلسيءَ جو چولو آهي؟

ساروڻين جي ڳڙکي کلي ٿي ته پوءِ بند نٿي ٿئي. مون کي ياد آيو ته اخوت جي پهرين آفيس ۾ جيڪو فرنيچر رکيو ويو هو، اهو گهٽ ۾ گهٽ ويهه سال پراڻو هو. جڏهن آئون گهران هڪ پراڻي ڪرسي، صوفو ۽ ميز کڻي رهيو هوس ته منهنجي امڙ جي اکين ۾ هڪ عجيب سوال هو ته ”نوڪري ته ڇڏي ڏنئي، هاڻ ڇا هن ڪرسيءَ تي ويهندين؟“ هوريان هوريان محسوس ٿيو ته هيءَ ڪرسي به گهڻي جڳهه والاري ٿي. ماڻهن کي ويهڻ ۾ ڏکيائي ٿئي ٿي ۽ ڪرسيءَ ۾ شان به آهي، جڏهن اخوت ته سادگي جي تقاضا ٿي ڪري. ڪنهن چيو ته ڪرسيءَ کانسواءِ به ته ڪم ٿي سگهي ٿو ته پوءِ فرشي نشست جو اصول اختيار ڪيو ويو. چٽائي، دري، گاديلا ۽ وهاڻا. ڀت مان چُن ڇڻي ڪرندو هو، تنهن ڪري اُت سر هنئي ويئي. ان ٽٽل ڦٽل آفيس ۾ ڪيترائي نالي وارا ماڻهو آيا. مشهور سماجي ڪارڪن حاجي انعام الاهي، جسٽس نسيم حسن شاهه، ڪالم نگار توفيق بٽ ۽ جاويد چوڌري، شاعر منير نيازي، دانشور مجيب الرحمان شامي. اهائي هيڊ آفيس هئي ته اهائي برانچ آفيس پڻ. پشاور مان ايندڙ محمد سعيد ڊگهي عرصي تائين مالي معاملا ڏسندو رهيو. شروع ۾ سمورو ڪم عورتن کي جٿن جي صورت ۾ منظم ڪري ٿيندو هو. هر جٿي ۾ ڏهه عورتون هونديون هيون ۽انهن مان هر مهيني ٻن عورتن کي قرض پيش ڪيو ويندو هو. انهن ئي جٿن ۾ اها عورت به هئي، جنهن کي پهريون يا ٻيو قرض مليو ۽اها هڪ استعارو بنجي ويئي. عورتن جي انهن جٿن جا نالا به ڏاڍا سهڻا هئا. اهي نالا عام طور تي عورتن جي جذبن ۽ شوق جي عڪاسي ڪندا هئا. ڪيترائي نالا مونکي اڃا تائين ياد آهن. همت، نفيس، عوامي، سدره، گلشن، انمول، خوشبوءِ، اقراء، باغ، توحيد، ستاره، بسم الله، مريم ۽ مقدس. هر نالو عورتن جي پنهنجن پنهنجن جذبن جو لقاء هو. تمام جلد پندرهن جٿا بنجي ويا ۽ هر مهيني ٽيهه قرض جاري ٿيڻ لڳا. ڏهن ڏهن هزارن جا ٽيهه قرض- مهيني جي آخري ڏينهن ۾ اهو خدشو ورائي ويندو هو ته ايڏي وڏي رقم جو ڪيئن بندوبست ٿيندو، پر ائين ڪڏهن به نه ٿيو ته انهن قرضن جو بندوبست نه ٿيو هجي. هر شيءِ بلڪل پنهنجي وقت تي ٿيندي هئي. اسان کي جلد ئي خبر پوڻ لڳي ته اسين ته رڳو ورهائڻ جو هڪ وسيلو آهيون، ڏيڻ وارو ته ڪو ٻيو هو.
پهرين هڪ سئو قرضن کانپوءِ ”پنج عورتون، پنج ڪهاڻيون“ جي نالي سان هڪ ڪتابڙو لکيو ويو. ان ۾ هڪ ڪهاڻي حاڪم بي.بي جي هئي. حاڪم بي بيءَ جيڪو ڪجهه ٻُڌايو، ان ڪيترن ئي ماڻهن کي رئاڙي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته منهنجي عمر ستر سالن کان به وڌيڪ آهي. آئون شگر ۽ هاءِ بلڊ پريشر جي مريض آهيان. منهنجي مڙس جي ماهوار پينشن ڇهه سو روپيا آهي، ايتري پينشن ۾ جيئرو رهڻ ڪيترو نه ڏکيو آهي، ان جو اندازو لڳائڻ ڪو ڏکيو ڪونهي. اسين ڪڏهن ڪڏهن ڳوٺان واڻ ۽ پيش گهرائي وڪڻندا هئاسين، ائين ٻه ٽي واڌو ڏوڪڙ هٿ اچي ويندا هئا. زندگي جا ڏينهن ڏاڍا ڏکيا پي گذريا، جو هڪ ڏينهن ڪنهن مونکي ٻڌايو ته ڪجهه ماڻهو عورتن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿا، اهي ماڻهو بنا وياڄ جي قرض پيا ڏين، جيڪو هڪ سال جي اندر واپسيءَ جوڳو هوندو. آئون عورتن جي هڪ گروهه ۾ شامل ٿي ويس، جنهن جو نالو ”اقرا“ هو ۽ مونکي ايندڙ مهيني ڏهه هزار روپيا ڏنا ويا. مون مٿين شين کانسواءِ ڳوٺان مرچ گهرائي پيهڻ شروع ڪيا. پيش، واڻ ۽ مرچ وڪامڻ لڳا ۽ منهنجي گهر جون حالتون سڌرڻ لڳيون. پاڙي جا دوڪاندار ۽ ضرورتمند پاڻ اچي اهي شيون وٺي ويندا هئا. ان ڪاروبار مان نه رڳو قرض جي قسط پئي ڏيان، پر گهر جي خرچ پکي ۾ پڻ مدد ڪري رهي آهيان. صحت گهڻي ڪم جي موڪل نٿي ڏي، پر آئون سمجهان ٿي ته اڳيان وڌڻ ئي زندگي آهي. ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ محنت ته ڪرڻي ئي پوندي. منهنجي عمر ستر سال آهي، منهنجو مڙس اسي سالن جو آهي، پنڻ تي دل نٿي چوي. هن اداري جا ماڻهو ڪيترا نه ڀلا آهن، جن ٻڌايو ته پنهنجو بار کڻڻ ئي زندگي جو معراج آهي. الله تعاليٰ انهن ماڻهن کي سدائين خوش رکي. اها ڪهاڻي هئي يا دعا، نيويارڪ ڏانهن ويندي هزارين فوٽن جي مٿاهينءَ تي مونکي ان عورت جو گُنجهيل منهن ياد آيو، جنهن جي چوڌاري نور جو هڪ دائرو پکڙيل هو. آئون دريءَ مان ٻاهر ڏسڻ لڳس. نيرو آسمان، جهومندڙ ڪڪر، يا خدا! تنهنجي هن دنيا ۾ ڪجهه ماڻهن تي زندگي ايتري ڏکي ڇو آهي.