مهاڳ
(اياز گل جي شاعريءَ جو اڀياس)
پاڻ کان پوءِ ايندڙ ٽهيءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڏاڍو دلچسپ آهي. اهو ائين ٿو لڳي، ڄڻ حالَ، مستقبل جو اڀياس ڪري- شاعري، ثقافت جي هر شعبي وانگر وهندڙ ڌارا آهي، سدا بدلجندڙ، نت نوان رنگ روپ آڻيندڙ- هر ايندڙ دؤر، اڳئين دؤر جون ڪجهه روايتون ڇنڊي ڇاڻي ڇڏيندو آهي، ۽ ڪجهه نين روايتن ۽ لاڙن جو بنياد وجهندو آهي، جيڪي وقت جي وهڪري سان گڏ هلي سگهن.
جيئن ته اياز گل، اسان کان پوءِ واريءَ ٽهيءَ جي نمائنده شاعرن مان آهي، ان ڪري سندس شاعريءَ جو اڀياس تهائين دلچسپ آهي.
اياز گل 1973ع کان لاڳيتو لکندو ٿو اچي. سندس پهريون مجموعو ”سوچون سُرها گل“، تاج جويي جي مجموعي سان گڏ، ٻٽي ڪتاب جي صورت ۾ 1978ع ۾ پڌرو ٿيو. ان کان پوءِ هُن جا ٻيا مجموعا ”گل ۽ تارا“ 1979ع، ”پيلا گل پلاندَ ۾“ 1980ع، ”ڏينهن ڏِٺي جا سپنا“ 1983ع ۽ ”تو بِن ڪهڙا ڇانورا“ 1992ع ۾ ڇپيا. انهيءَ 15 سالن جي عرصي ۾، اياز گل جي سرواڻيءَ ۾، سنڌي شاعري ڪافي اڳتي وڌي آئي آهي.
هونءَ ته سنڌي شاعري اآساسي ۽ ڪلاسيڪي دؤر کان وٺي ريڙهيون پائيندي رهي آهي. صدين کان پوءِ ان ۾ معمولي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن، پر گذريل صديءَ ۾، سنڌي شاعريءَ ٻه ننڍا ۽ هِن صديءَ ۾ ٻه وڏا ڇالَ ڏنا آهن. ننڍا ڇالَ آهن، سچل سرمست ۽ خليفي گل محمد جي شاعري، جنهن سنڌي شاعريءَ جي، غزل ۽ فارسي وزن سان سڃاڻپ ڪرائي ۽ ٻه وڏا حالَ آهن، مرزا قليچ بيگ جي شاعري، جنهن نظم، ۽ مغربي لاڙن کي سنڌيءَ ۾ آندو، ۽ ٻيو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جي شاعري، جنهن سنڌي ڪلاسيڪي ورثي ۾ جديد مغربي ادبي ڌارائن کي ملائي سنڌي شاعريءَکي بين الاقوامي سٿَ ۾ آڻي بيهاريو. (ان جو بنياد برابر بيوس وڌو،پر سندس شاعريءَ رڳو رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو)- اياز گل، پنهنجي شاعريءَ جي شروعاتي دؤر ۾، هر نوجوان شاعرَ وانگر، پنهنجي چوڌاري قائم ٿيل ادبي ماحول کان متاثر ٿيو، اڳتي هلي، هُن سنڌي آساسي، ڪَلاسيڪي، توڙي وچين دؤر واريءَ شاعريءَ جو اونهو اڀياس ڪيو ۽ نيٺ هُو پنهنجي انوکي ۽ ذاتي اسلوب قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو، جيڪو هر لائق شاعر لاءِ ضروري هوندو آهي؛ پر تڏهن به هُو سدائين سنڌي شاعريءَ جو گنڀير شاگرد رهيو آهي.
اياز گل، هونءَ ته هر رائج صنف، غزل، وائي، نظم، آزاد نظم، نثري نظم، هائيڪو وغيره ۾ لکيو آهي، پر هُن نارايڻ شيام وانگر غزل سان لنوَ لاتي آهي. غزل سان لنوَ لائڻ سان گڏ، نارايڻ شيام وانگر هن ٻين صنفن ۾ به ڪاميابيءَ سان لکيو آهي- ائين چئجي، ته اياز گل، نارايڻ شيام جو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل روپ آهي، ته غلط نه ٿيندو.
اياز گل انهن شاعرن ۾ سڀن کان اڳرو آهي، جنهن ’پنهنجي دؤر‘ جي شاعري ڪئي آهي. هونءَ ته هر دؤر جا شاعرَ پنهنجي دؤر جا شاعر هوندا آهن، پر جيئن مون مٿي لکيو آهي، ته سنڌي شاعريءَ ۾ تبديليءَ جي رفتار اڳي سُست هئي، ۽ هاڻي ڪجهه تيز ٿي آهي. اياز گل وٽ اچي، سنڌي شاعري اڳتي قدم وڌائيندي ٿي اچي. اسان واريءَ ٽهيءَ کان اڳتي هُن وٽ اهڙا خيالَ، اهڙا منظر ۽ اهڙا جذبا ملن ٿا. جيڪي اڳ ۾ شاعريءَ، خاص ڪري غزل ۾ نه هئا. هيٺيان شعر ان جي ثابتي آهن:
چنڊُ نه آهي، ڇاهي؟ تارا جاڳن ٿا
بلب گهٽين جا، رستا سارا جاڳن ٿا
*
هڪڙو سپنو رهجي ويئڙو
نيڻن ۾ سرطانَ جيان آ
*
سانئڻ! تُنهنجو هرڪو وعدو
سرڪاري اعلانَ جيان آ
*
مُنهنجي نظرَ هلي وئي آهي تُنهنجي گاڏي سان
پليٽ فارم تي بيٺو آهيان انڌن وانگي مان
*
هِن ڳليءَ کان هُن ڳليءَ ڏي ذَري ذَري ڀٽڪان ٿو
وقت جي تيز هوائُن ۾ اخبار جي ٽُڪري جيان
*
پڙهي ڪري اُڇلايو ويو هان
ڪالهوڪين اخبارن وانگي
دنيا ڀي بيزار ڪيو آ
ٽي ويءَ جي اشتهارن وانگي
ڌيان طلبَ سان ڀريو پيو هان
سنڌيءَ جي اخبارن وانگي
*
ٽائرن جا گهرا لِيڪا، تيز رڙ!!
روڊ تي چِٿجي وئي آ زندگي
*
اوهان جي دَرَ تي ائين بيٺا رهياسي
گهِٽيءَ جي نانوَ جو ڄڻ بورڊ هاسي
*
ڊِسڪو جي دؤر ۾ اسان جو ڄڻ
عارفاڻو ڪلام آ جيون
*
هُو شخص، ڪيڏي نه بدبو هيس خيالن ۾
سڄو وَڳو ئي هيو جنهن جو سينٽ سان مهڪيل
*
ماڻهو ماڻهو آهي ڄڻ هيڊَ جي دريا ۾ ٻُڏل
دردُ، ٽي بيءَ جيان جسمن سان وِچڙيو ٿو وڃي
*
مُنهنجي اندر ۾ بغاوت آهي
ٽينءَ دنيا جو مان نقشو آهيان
*
ماڻهو موت جي ننڊ سُتل ۽
تاريخُن جا صفحا جاڳن
*
نقشي ۾ تبديليون اينديون
ذهنن ۾ ٿا ويڇا جاڳن
*
خطُ لکيئه پوءِ فون ڪيئه اڄ پاڻ هلي آئينءَ
وسريل ماڻهو ڪيئن الائجي توکي ياد پيو
*
جيون جي آکاڻيءَ ۾ دُکَ
فُل اسٽاپ ۽ ڪاما آهن
*
اُڀ ۽ ڌرتي مليا افق وٽ
ماريو- ڪارو ڪاري آهي
*
گُڏ ڪڍيل تصوير وئي آ،
منهنجي سامهون ڦاڙي وو!
بم نه توکان اَنُ گُهريو آ
ٻالڪَ انگ اگهاڙي وو!
*
اڄڪلهه پنهنجو جيون ائين، جيئن
ٻين وڳي کان پوءِ ڪئمپس
*
ڪيڏا نه اداڪار وڃون پاڻ پيا ٿيندا
دل ۾ ته رُناسي پئي، ٻاهر ٿي کِلياسي
*
مالڪ بدران ڳالهائي ٿو
آخر سچو نوڪر آهي
*
هُو جو هيکل ڳيرو آهي
تنهن جي پويان لشڪر آهي
*
ايئرڪنڊيشن ۾ هيٺين طبقي جون
جي ڪجن، ڳالهيون اجايون هن
*
ويجها هوندي به ڄڻ دُور ئي آهيون
ريل جي بند جيان، ٻن ڪنارن جيان
*
آدم جو اولاد ته آهيان
سيد ڪوءِ ضروري آهي؟
*
ڦوڪَ سان ڳهيلا ڪي
بلب کي وسائن ٿا
مٿي ڏنل شعرن ۾ اياز گل پنهنجي دؤر جا، ۽ پنهنجا ئي ڏٺَل وائٺلَ عڪسَ، توڙي ٽاڻا ڏنا آهن. اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ واريءَ شاعريءَ ۾ اهي نه ملندا- نه وري اڄ کان ويهه پنجويهه سال اڳ وارن شاعرن لاءِ اهو ممڪن هئو، ته هو اُنهن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ آڻين، يا انهن جو تصور ئي ڪن. اياز جي شاعريءَ جو اڀياس ان لحاظ کان به دلچسپ آهي، جو اهو وقت سان گڏ سوچ جي لاڙن، ۽ ان جي اظهار جي تبديليءَ جو چٽو ثبوت پيش ڪري ٿو، ۽ شاعريءَ جي اوسر جي باري ۾ ڄاڻ ڏئي ٿو.
”سرطان“، ”وعدو- سرڪاري اعلان“، ”پليٽ فارم ۽ گاڏي“، ”وقت جي هوائن ۾ اخبار جو ٽڪرو“، ”ڪالهوڪي اخبار“، ”ٽائرن جا گهرا ليڪا“، ”گهٽيءَ جي نانوَ جو بورڊ“، ”ٽي بيءَ جيان وچڙندڙ“، ”ٽينءَ دنيا جو نقشو،، ”خط لکي فون ڪرڻ“، ”فل اسٽاپ ۽ ڪاما“، ”ڪارو ڪاري“، ”اداڪار ٿيڻ“، ”سچو نوڪر“، ”ائيرڪنڊيشن ۾ هيٺين طبقي جون ڳالهيون“، ”ريل جي بند جيان“، ”ڦوڪ سان بلب کي وسائڻ“- اهي سڀ موضوعَ، اسان جي سماج ۾ ڪافي وقت کان آيل آهن، پر انهن کي عڪس، محاوري، يا تشبيهه طور شاعريءَ ۾ استعمال ڪرڻ، يا انهن جي باري ۾ خبردار (Concious) ٿيڻ اياز جو ئي ڪم آهي. ’رائنر ميريا رلڪي‘، جرمنيءَ جي اهم شاعَر هڪ نوجوان شاعر کي خط ۾ لکيو هيو: ”تون تيستائين شعر نه لکُ، جيستائين توکي چوڻ لاءِ ”پنهنجو ڪُجهه“ نه هجي.“ اسان جي اياز گل کي چوڻ لاءِ نه رڳو ”پنهنجو ڪُجهه“ آهي، پر ”پنهنجو گهڻو ڪُجهه“ آهي. اهو گهڻو ڪجهه، جيڪو هن کان اڳ سنڌي شاعريءَ ۾ نه ملندو. اهو ”گهڻو ڪُجهه“ رڳو اياز گل وٽ ئي آهي، ۽ اياز وٽ ئي آهي.
رومان، هر ٻوليءَ جي شاعريءَ جو مرغوب موضوع آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ ته اهو تهائين وڌيڪ مرغوب آهي، پر رومان جي عام هجڻ ڪري، اُن ۾ جذبن، ٽاڻن، ماڳن، توڙي تشبيهن ۽ استعارن جو ايڏو ته ورجاءُ آهي، جو شاعريءَ جي شائقن کي نون تجربن لاءِ شاعريءَ جي دفترن کي ڦولهڻو پوندو آهي.
عشق جو جذبو ته ساڳيو آهي، ۽ ساڳيو ئي رهندو، ازل کان ابد تائين. هر دور ۾ عشق ڪيو ويندو آهي. اُن ۾ ڪڏهن ناڪامي ٿيندي آهي، ته ڪڏهن ڪاميابي، پر انهن رومانوي پلڪن (لمحن) کي لفطن ۾ پيٽڻ، هر دؤر جي شاعر جو اهم ڪم رهيو آهي. اهو عاشقاڻو جذبو، اها محبت جي دؤر جي سرگذشت، هر شاعر پنهنجي پنهنجي نموني ۾ بيان ڪئي آهي. هر ٻوليءَ، هر ملڪ ۽ هر دؤر جي شاعر، عشق جي واردات جو بيان پنهنجي پنهنجي ڏات ۽ ڏانوَ آهر ڪيو آهي. اياز گل وٽ رومان جو پنهنجو نمونو Style آهي. هِن موضوعَ تي به هُن وٽ ”گهڻو ڪجهه پنهنجو“ آهي. اهو نه هُن کان اڳ آيل ٽهين جي شاعريءَ ۾ آهي، ۽ نه شايد هن کان پوءِ ايندڙ ٽهين جي شاعريءَ ۾ هوندو (جي انهن کي اڳتي وڌي وڃڻ جو ساهس هوندو).
شاعريءَ جو موضوع ڇا به هجي. ان جو ماحول ڪهڙو به هجي، پر سٺي شاعر لاءِ ضروري آهي، ته جڏهن هو ڪوبه شعر لکي، ته اهو سندس ”ذاتي شعر“ هجي، ۽ مجموعي طور تي سندس شاعري ”ذاتي شاعري“ هجي.
تُنهنجا نيڻ چُمڻ ٿو چاهيان
ٽِيهن ئي سِيپارن وانگي
مان هُن کي ٿوريءَ جهٽ ۾ بيزار ڪري وجهندو آهيان
هيءَ حياتي توسان ئي، پر بور نه ٿيندي آهي
*
تُنهنجي مُک تي مُرڪ جا پوپٽ ڏسي
مِنٽ ۾ پرچي وئي آ زندگي
*
اهو ساري اکيون ڀرجي اچن ٿيون
اسان ڏاڍو ڪڏهن کِلندا هياسي
*
ملين، نه ترسين، ڳالهائين نه!
توڏي کوڙ ميارون آهن
*
ڪنهن سان ڪنهن سان ملبو هاڻي
در تي دردَ قطارون آهن
*
گُل! هُن جو گڏجڻ آهي ٿيو
گونگي لئه لفظن جي ڳولا
*
مِٺي!، ملي جي نه آهين، تون ٻن مهينن کان
نه ڪو ڪتاب ٿو پڙهيو ٿئي، نه لکجي غزل
*
وڻي وڃن ٿا چهرا ڪي دڳَ ويندي ڀي
هر جذبي کي سگهبو ناهي نانءُ ڏئي
*
ڪڏهن ڪڏهن ڪو دک رئاريندو ناهي
ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن ڀوڳَ تي پئبو آ روئي
*
ڇا روئڻ جو سبب ٻڌايانءِ دوست!
اک ۾ ڪکُ ڪو پيو هوندو
*
هر فساني جو ٿئي دؤر ٿو پر
پيارَ هر دؤر ۾ نيارو هوندو
*
واتَ سان ’ننهن‘ ۽ اکين سان ’هائو‘
ڪيڏو وڻندڙ هي نظارو هوندو
*
تُنهنجو پيار به ٿيو اسان لئه
ڏينهن ڏٺي جي خوابن وانگي
*
مون کي درياههَ جيان پائي وئي آ
هڪ نظرَ اهڙو ته گهائي وئي آ
*
منهنجي جيونَ ۾ پيار پنهنجو هُو
کيرَ ۾ کنڊُ جان ملائن ٿا
*
رات اوهان جي يادِ اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي
ڪُونڀٽ کي جيئن بيٺو ٿوهر ڀاڪر منجهه ڀري
ڀيڄَ ڀنيءَ جو، ساهه جي وائي، مُوهن جو آواز
ايئن لڳو پئي ڳايو ويٺي، ٿرَ جي ذري ذري
*
گوري رنگ رنگيلي آهي
ڄڻ چڻگائي تيلي آهي
*
مُلهه جذبن جي عبادتَ جو نه ڪو
هرڪو رسمن جي خُدائن ۾ گُم
*
لُڙڪ ته گهر جا ڀاتي آهن
ٽهڪ ته ٻاهر جا ماڻهو
*
تون بادل ۽ يارَ اسان
جهڙوڪر ٿر جا ماڻهو
*
ڪو جي مقصد نه ٿي ته پوءِ جيونَ!
ڄڻ ڇڳل ڪنهن جُتيءَ جيان آهين
*
شاعرَ هٿن ۾ ڪورو
ڪاڳرَ اداس هوندو
*
البم کولي تنهنجو چهرو
ساري رات نهاريو آهي
مٿي ڏنل شعرَ، اياز گل جا ’ذاتي شعر‘ آهن. ان ڪري، جو انهن ۾ اهڙن جذبن، اهڙن احساسن، اهڙن ٽاڻن ۽ اهڙن ماڳن جي اُپٽار آهي، جيڪي سنڌي شاعريءَ ۾ ڳولڻ سان به نه لڀندا، ائين لڳي ٿو، ته مٿي ڏنل شعرن مان هڪ هڪ شعر، اياز گل محسوس ڪيو آهي. ’ٽيهن سيپارن وانگر نيڻ چمڻ‘، ’مُکَ تي مُرڪ جا پوپٽ ڏسي مِنٽ ۾ پرچڻ‘، ’وڇوڙي جي حالت ۾ نه ڪتاب پڙهيو وڃڻ، نه غزل لکيو وڃڻ‘، يا اياز گل جي مشاهدي ۾ آيلُ ’ٿَرَ جي ڪُونڀٽ جي تشبيهَه ۽ موهن ڀڳت جي ٿَرَ ۾ ڳائڻ جو منظر‘- گوريءَ جي چڻنگائي تيليءَ سان تشبيهه، -’آلبم کولي سڄي رات تصوير ڏي نهارڻ‘ – اهي سڀ وارداتون آهن، جن مان اياز گل گذريو آهي، ۽ اسان کي اهڙا انوکا ۽ بي مثال شعر ڏنا آهن.
مٿي مون اياز گل جو هڪ شعر ڏنو آهي:
هر فساني جو ٿئي دؤر ٿو پر
پيار هر دؤر ۾ نيارو هوندو
پيارُ، برابر هڪ آفاقي جذبو آهي، جيڪو زمان ۽ مڪان سان نه ٿو بدلجي. اهو قديم کان قدم، ۽ جديد کان جديد زماني، توڙي اوڀر کان اولهه، ۽ اُتر کان ڏکڻ تائين ساڳيو آهي. جيستائين پيار جي بنيادي جذبي جو تعلق آهي، ته اها ڳالهه صحيح آهي، پر جي ويچار ڪبو، ته پيار جي انهيءَ آفاقي جذبي جي اظهارَ جا طريقا زمان ۽ مڪان آهر بدلبا ٿا رهن. سنڌ ۾ ان جو اظهار، اڄُ کان هڪ صدي اڳ جيئن ٿيندو هئو، تيئن اڄ نه ٿو ٿئي. ساڳيءَ ريت اڄوڪي دؤر ۾ اهوئي پيارُ، جيئن اسان وٽ آهي، تيئن يورپ ۽ آمريڪا ۾ ناهي. آفريقا ۽ عرب ملڪن ۾ ته تهائين وڌيڪ بدليل آهي، ڇو ته پيار تي هر دؤر ۾، سماجي حالتن جا اولڙا پوندا رهندا آهن.
لوڪ گيتن جي رومانوي شاعريءَ، ڪاسيڪي (شاهه، سچل، ساميءَ) جي رومانوي شاعريءَ، ۽ اڄ جي رومانوي شاعريءَ ۾، پيار جي جذبي جي اظهار ۾ فرق آهي. اهو فرق نه رڳو سنڌي شاعريءَ ۾ آهي، پرهر اڳتي وڌندڙ قومَ جي رومانوي شاعريءَ ۾ نظر ايندو. اهڙيءَ طرح، اسان شاعريءَ ۾ رومانوي اظهار جي اڀياس ذريعي اهو ڄاڻي سگهون ٿا، ته ان قوم ۾ ڪيترو جلدي سماجي تبديليون آيون، ۽ اها ڪيترو اڳي وڌي.
اياز گل، بنيادي طرح رومانوي شاعر آهي. هن جو رومان، نجو رومان نه، پر انقلابي رومان آهي. (انقلابي معنيَ تبديل ٿيندڙ)- اياز گل جي غزلن ۾ جيڪو رومانوي اظهار آهي، اهو بيوس، هري دلگير، نارايڻ شيام ۽ شيخ اياز وارو نه آهي، پر اُهو کانئن مختلف، ۽ اڳتي وڌيل آهي. اڳتي وڌيل انڪري، جو جنهن دؤر ۾ اياز گل موجود آهي، جنهن ماحول ۾ هو ساههُ کڻي ٿو، اهو نه فقط بيوس، دلگير، شيام ۽ شيخ اياز جي ماحول کان مختلف آهي، پر ان کان ڪافي اڳتي نڪري آيو آهي، ۽ اياز گل، ان ماحول جي اُپٽار ان کي محسوس ڪري ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ اياز گل جا هيٺيان شعر پڙهو:
مون کي آئي ته کِلائڻ لئه هئي
پنهنجي پوتِي به پسائي وئي آ
*
هڪ بُرو بس اسان جو گهر آهي
تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي!
*
تنهنجي يادُن سواءِ ذهن پرين!
ڪرفيوءَ ۾ بزار وانگي آ
*
ٿوري ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت ٿَس
ڇوڪري هونءَ ته ڏاڍي پياري آ
*
ميرا ڪپڙا رهن ٿا شيو وڌيل
ساري دنيا کان ٿا رهون ڪٽيل
*
مُنهنجي جيون جيان آهن اڄڪلهه
منهنجي ڪمري جون هُڙ شيون وکريل
*
ڪيڏيون چئن چَپن جي وچ ۾
دوريءَ جون ديوارون پيارا!
*
خطُ لکيئه، پوءِ فون ڪيئه، اڄ پاڻَ هلي آئينءَ
وسريل ماڻهو ڪيئن الائجي توکي ياد پيو
*
تُنهنجو پيارُ، ڪتابَ، هي ڪمرو
پنهنجي دنيا ڄاڻون پيارا!
*
ڪيڏيون مصنوعيتون زندگيءَ ۾ هيون
هَڙَ مُرڪون ڦِڪيون، ٽهڪ ڀي کوکلا
*
جڳُ ٻُندو ته ڏيندو ڪين ملڻ
ايترو زور سان ته، نانءُ نه کڻ!
*
ڪيترو پُر خلوص آهين تون!
شهر ۾ ياد ٿو اچي واهڻُ
*
او پرين! زندگيءَ جو هر هڪ پل
تُنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ آهي ڄڻ
*
گڏ ڪڍيل تصوير وئي آ
منهنجي سامهون ڦاڙي وو!
*
تَڪو ساٿُ مون سان ڏئي ٿي سگهين
نه ئي ساڻُ ٻئي سان سهي ٿي سگهين
*
صفحي صفحي تي تُنهنجو نانءُ ڏِسان
جي کڻان پڙهڻ لئه ڪتابُ ڪوئي
*
هُو به اُن جو ئي ٿي ويندو
جنهن وٽ بنگلا، ڪاريون آهن
*
روزُ ئي ٻُڌڻيون پونديون آهن
تُنهنجي گهر وارن جون ڳالهيون
مٿين شعرن پڙهڻ سان ايئن لڳندو، ته ڄڻ شاعر، سنڌ ۾ ۽ ويهينءَ صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ موجود آهي. هُن جي شاعريءَ جو اڀياس ڪرڻ سان ئي خبر پئجي ويندي، ته ان وقت سنڌ ۾، سماجي حالتون ڇا هونديون.
’يادُن کان سواءِ ذهن ڪرفيوءَ جي بزار‘، ۽ ’تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي‘. اهي لفط اڄوڪو عاشق ئي چئي سگهي ٿو. روايتي عاشق کي معشوق آڏو ايتري همت ڪٿي؟ يا ”ڪاوڙ ڪرڻ جي عادت واري پياري ڇوڪري“ به اڄوڪي محبوبا آهي. روايتي محبوبا ڪاوڙ ڪرڻ ته ڇا، ڳالهائڻ کان به ونئَن ويندي هئي. اڄوڪو عاشق ئي آهي جو”ميرا ڪپڙا ۽ شيوَ وڌيل“ اٿس. روايتي عاشق ”رنگ زردو، آه سردو، چشم تر“ تي اڪتفا ڪندو هئو. ساڳيءَ طرح ”محبوبا جي شاديءَ جو ڪارڊ“ به هن دؤر جو ئي ڪارنامو آهي، جيڪو عاشق کي هر هڪ پل ۾ اذيت ڏيڻ جو سامان آهي. اڄ جي ئي بيباڪ محبوبه آهي، جيڪا عاشق سان گڏ ڪڍيل تصوير ڦاڙي ٽُڪرا ٽُڪرا ڪري ٿي ڇڏي. اها اهڙي ساڙيلي به آهي، ڇو ته جي عاشق جو ساٿُ ڏئي نه ٿي سگهي، ته وري ان سان گڏ، ٻِيءَ محبوبا کي به برداشت نه ٿي ڪري.
مٿي ڏنل مثالن مان ايئن ٿولڳي، ته اياز نه رُڳو رومانوي شاعر آهي، پر اياز اڄوڪي دؤر جو رومانوي شاعر آهي، ۽ هُن جي رومانوي شاعري، اڳتي وڌندڙ رومانوي شاعري آهي. اها سندس دؤر جي رومانوي شاعري آهي. اها مطالعي جي آڌار تي ڪيل شاعري نه آهي، پر ڏٺل وائٺل منظرن، ڄاتل سڃاتل ڪردارن ۽ ٽاڻن، ۽ ذاتي طور محسوس ڪيل احساسن جي شاعري آهي. اهڙي شاعريءَ ئي اعليٰ شاعري هوندي آهي، جيڪا دل مان ائين ڦُٽي نڪرندي آهي، جيئن اوڀر جي اُفق مان صبح جي سج جا پهريان ڪِرڻا ڦٽي نڪرندا آهن.
هر سُٺي شاعر لاءِ، پنهنجي ڪلاسيڪي ۽ روايتي قدرن جو نه فقط اڀياس ضروري آهي، پر انهن ۾ اونهي ٽٻي هڻي، ان تي مڪمل عبور حاصل ڪرڻ به لازمي آهي. انهيءَ اونهي اڀياس کان سواءِ هُو پنهنجي ٻوليءَ جي شاعريءَ جي مٿاڇري تي ئي رهندو ۽ ان ۾ ڪو رچاءُ پيدا نه ڪري سگهندو. پر ڳالهه اتي پوري نه ٿي ٿئي- ڪلاسيڪي روايتن تي ئي شاعري ختم نه ٿيڻ گُهرجي، پر انهن کان اڳتي به وڌڻ گهرجي – ڇو ته جي شاعري ڪلاسيڪي روايتن تائين ئي محدود رهجي ويئي، ته اڳتي وڌي نه سگهندي. ان ڪري سُٺي شاعرَ لاءِ لازمي آهي، ته هُن کي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن جو اونهو اڀياس هجي، پر ان اڀياس جي سهاري هو پنهنجي شاعريءَ کي اڳتي وٺي وڃي پنهنجي دؤر تائين آڻي.
جديد شاعري، جي ڪلاسيڪي روايتن کان وانجهي آهي، ته اُها بي پاڙي آهي. هوا ۾ لٽڪيل – ان ڪري ڪلاسيڪ جي پاڙن مان جِدت جا پَن، گل ۽ ميوا ڦٽندا رهندا، ته انهن کي سٺو بنياد ۽ سٺي خورش ملندي.
اياز گل به، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي روايتن جي نه فقط ڄاڻ رکي ٿو، پر هن انهن روايتن جو اونهو اڀياس پڻ ڪيو آهي، هن ان تي اڪتفا نه ڪئي آهي. هُن انهن ڪلاسيڪي روايتن کي اڳتي آڻي، پنهنجي دؤر تائين پهچايو آهي:
مُنهنجي نِوڙت سان پيار ٿي ويو ٿَس
آءٌ نوري ۽ ڄام آ جيونُ
*
پوءِ به پڪ آ، گناهَه ئي لڻندس
توڙي هيڏا ثوابَ پوکيا هِن
*
رتُ انسانَ جو ته پي ٿا وڃون
مُکِ پيل چانهه ٿا هاريون جاني!
*
ڪنهن آگمَ جي آسري آهيون
پاڻ ڏتڙيل لڳون پيا ٿَرَ جا
*
مُنهنجي خاموش زندگيءَ ۾ اچُ
ڇڄَ ڳالهين جا ڪي ڀري سائين!
*
تُنهنجي ذڪر بنا هن پيارا!
ساريون ئي ڳالهيون بوگس
*
مُرڪبو ڀي ڪڏهن
واندڪائيءَ مهلَ
*
تُنهنجي پيرن ۾ هئي لڳل ميندي
منهنجي گهر جا ته ها کُليل رستا
*
تُنهنجي نيڻن کان معتبر ناهن
ڪنهن مقدس ڪتابَ جا صفحا
*
دل ۾ روئيندو هوندو
هُو جو مُرڪي ٿو وڇڙي
*
مُنهن ڦيري گذري ويندو
هاڻي ڪاٿي گڏبو جي
*
هٿَ ملائڻ کان ڀي ڇرڪن
مُنهنجو هٿ ڄڻ ٿوهر آهي
*
اداس توکي ڪرڻ ڪين ٿو گهران بس مان
ائين ته مسئلا آهن، نه ڪي لڪائڻ جا
*
جذبا ماريا ويا سجدي ۾
يارو! ڪو ڪيڏارو ڳايو
*
ڪُجهه مهينا ۽ سالَ وچ ۾ هِڻ
ڪنهن جي هٿڙن کان ڳل ڇُهڻ تائين
*
سِبجي سگهجڻ ناممڪن آ
دل آ، ڦاٽل چولو ناهي
*
ويجها هوندي به ڄڻ دُور ئي آهيون
ريلَ جي بند جيان، ٻن ڪنارن جيان
*
تُنهنجو ئي نانءُ سدا ياد رهي
شل نوان نانوَ اُچاريا نه ٿين
*
آءٌ مجبور، مسئلا توکي
قولَ ڪنهن کان به ته پاريا نه ٿين
*
ڏاڍا ڀاڳن وارا دوست!
تُنهنجا پاڙي وارا دوست!
*
ڏُک ڏيئي ويندا رهندا هِن
ڪيرُ ڪندو وڻجارا دوستَ
*
ڪيئن سُک سمهجي پاڻَ تي تاڻي
يادِ ڦاٽل رِلهيءَ جيان آ هاڻي
*
ڇا جي ڪپڙا سادا آهن
دل جو شهر کٿوري آهي
*
ڊپُ ٿو ٿئي هاڻي
هٿُ جي ملائن ٿا
*
چئبس ته: آ مجبوري
چوندي ته: بهانو آ
*
ڪَپَ تي بيٺلَ ماڳ نه پهتا
لُڙهندي سهڻيءَ منزلَ ماڻي
مٿي ڏنل شعرن کي پڙهڻ سان محسوس ٿو ٿئي ته، اياز گل کي ڪلاسيڪِي شاعريءَ، توڙي سنڌي ثقافتي قدرن جي ڀلي ڀَت ڄاڻ آهي، پر انهن ڪلاسيڪي اهڃاڻن کي هُو جديد انداز ۾ پيش ٿو ڪري. ’نِوڙت سان پيارُ ٿيڻ سان نوريءَ جو تعلق’، ’مَکِ پيل چانهِه هارڻ ۽ انسان جو رتُ پي وڃڻ‘، ’ٿَر جي ڏتڙيل جو آگم جي آسري هئڻ‘، ’ڇَڃ ڳالهين جا ڀرڻ’، ’پيرن ۾ ميندي لڳل هوندي گهر جا رستا کليل هئڻ‘، ’هٿ جو ٿوهر هجڻ‘، ’سجدي ۾ جذبن جي مارجي وڃڻ تي ڪيڏارو ڳائڻ‘، ’ڦاٽل رِلهيءَ جي ياد سان تشبيهَه‘، ’دل جي شهرَ جو کٿوري هجڻ’، ’ڪپ تي بيٺلن جو ماڳ نه پُهچڻ’، ۽ ’سهڻيءَ جو لڙهندي منزل ماڻڻ’ – اهي سڀ محاورا، اصطلاح، تسبيهون، تلميحون، ماڳَ، ٽاڻا ۽ عڪس، آهن ته ڪلاسيڪي شاعريءَ مان، ۽ سنڌ جي ثقافتي قدرن مان آندل، پر انهن کي هڪ نئين انداز ۾، هلندڙ دؤر سان هم آهنگ ڪيو ويو آهي. اياز گل، اهڙيءَ طرح سنڌ جي شاندار ماضيءَ مان چمڪندڙ مستقبل جوڙيو آهي. ايئن ٿو لڳي، ته سنڌي شاعري هڪ هنڌ بيٺل نه آهي، پر اها هر دم هلندڙ، اڳتي وڌندڙ آهي. اها ساڪت ۽ جامد نه آهي، پر همه وقت متحرڪ ۽ روان دوان آهي. اها بيٺل پاڻي نه آهي، پر وهندڙ ڌارا آهي. پر انهيءَ وهندڙ ڌارا کي به اياز گل صحيح ڏسيءَ (Direction) ڏي وهايو آهي. اهو بحث اڳتي ڪبو.
شاعر جي آڏو ٻولي هڪ ڪچي مال (Raw Material) وانگر هوندي آهي. ڪن نقادن ٻوليءَ کي ڪنئرو مال (Plastic Material) چيو آهي، جنهن کي شاعرُ پنهنجي فن ۽ ڪاريگريءَ سان پنهنجي مرضيءَ موجب موڙي ٿو سگهي. ايليٽ چيو آهي ”ته ڪنهن به لفظ شعر ۾ ممنوع نه آهي“، جي شاعر کي اُن جي ڪتب آڻڻ جو فن آهي – عام شاعر، پنهنجي شعرن ۾، پنهنجي دؤر جي شاعريءَ ۾ ڪتب ايندڙ لفظ ئي ٿا آڻين، ڪي ٿورا شاعر آهن، جن ۾ اهڙن نون لفظن ڪتب آڻڻ جو ساهس آهي، جيڪي کانئن اڳ ۾، شاعريءَ ۾ رائج نه هئا. اهو نواڻ جي طرف هڪ همت وارو قدم آهي، جيڪو هر شاعر کڻي نه ٿو سگهي، ڇو ته اهو جوکو آهي. اياز گل، اهڙا ڪئي جوکا کنيا آهن:
سنجها کان ئي ڌُوڙ ڌُُڌڙ کان آجا ٿي
چانڊوڪيءَ جي چاهَه ۾ چارا جاڳن ٿا
’ڌُوڙ‘ لفظ ته اڳ ۾ ئي رائج آهي، پر ’ڌُوڙ ڌُڌڙ‘ گڏ آڻڻ سان نئون ماحول ۽ لفظي رِدم ٿو پيدا ٿئي.
اک- پُڇڙ ۾ ڦاٿل ڳوڙهو
درَ تي ڄڻ دربان جيان آ
”اک پُڇڙ“ جو لفظ نئون آهي، تشبيهه به نئين آهي، پر ان جي جاءِ تي جي اياز ’اک تُنري ۾‘ لکي ها، ته وڌيڪ سهڻو لڳي ها.
اونهاري جي موسم جي باري ۾، اياز گل جا هيءُ ٻه شعر پڙهو:
شخص هُو نرالو آ
جونِ ۾ جهڙالو آ
۽
دل جي ٽاڪَ منجهند ۾ تُنهنجا
ڪڪرن وانگر ڇايا نيڻ
جُهڙالي جي مُند جو ذڪر ته، سنڌي شاعريءَ ۾ عام آهي، پر ”جون جُڙالو“ ۽ ”دل جي ٽاڪ منجهند“ شاعريءَ لاءِ نئين ٻولي آهي.
هيٺين ٻن شعرن ۾ ٻوليءَ جو لطف ماڻيو:
لُڙڪ ته کوڙ وهيا، وهندا رهيا
صرف مُرڪي نه سگهياسي تون مان
*
ڪيئن هڪ ٻئي کي سهارو ڏيون ها
هڪ ئي وقت ڪِرياسي تون مان
”لُڙڪن جو وهڻ ۽ وهندو رهڻ“ ۽ ”هڪ ئي وقت ٻنهي جي ڪِرڻ“ انوکي اظهار جو نرالو نمونو آهي، ته نئون عڪس پڻ.
هر هر کيٽو، هر هر کيٽو
ڪيڏي ڏاتِ هٺيلي آهي
”ڏاتِ جو هٺيلي ٻار جان کيٽو ڪرڻ“، ٻوليءَ ۾ نون لفظن جي نئين استعمال جو سهڻو مثال آهي:
دل سان پنهنجي ڀيڻي ناهي
توبهن توبهن زاري آهي
’ڀيڻي نه هجڻ‘ ۽’توبهن توبهن زاري‘ اهي ٻئي محاورا سنڌي ٻوليءَ ۾ ته پراڻا آهن، پر شاعريءَ لاءِ نوان – ساڳيءَ طرح:
دل جون ڳالهيون به ڪين ٿو سمجهين
ڪهڙي آخر ڪا فارسي آهي؟
’فارسي هجڻ‘ جو محاورو به پُراڻو آهي، پر شاعريءَ ۾ اُن جو استعمال نت نئون پيو لڳي:
هڪڙي پينگهي ۾ جهُوليا هُون
غمُ به منهنجو ئي سَنُ آهي
مٿئين شعر ۾ ’سن هجڻ‘ جو محاورو به ساڳيءَ ريت شاعريءَ لاءِ نئون آهي، پر اياز گل ان جو فنڪاراڻو استعمال ڪيو آهي.
تُنهنجي هڪ وينگس واهڻَ!
دل کي وجهي ويئي ڏانوڻ
’ڏانوڻَ وجهڻ‘ جو محاورو به پُراڻو آهي، پر شاعريءَ ۾ ’واهڻ جي وينگس‘ جو دل کي ڏانوڻ وجهڻ ڪيڏو نه سهڻو ٿو لڳي.
ٻيا ڪجهه شعر پڙهو:
هُن ڏي ڇا هُن جي گهر ڏي ئي ڪڏهن
حُڪم ناهي نهارجي سائين!
*
مُرڪون، ٽهڪَ، ڪچهريون، سنگت
ڪُوڙا سڀ سهارا دوست!
اياز گلَ جي غزلن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي محاورن جو سهڻو، سبيتو ۽ وقتائتو استعمال، سندس شاعريءَ کي نه فقط نواڻ ٿو ڏئي، پر ان کي وڌيڪ اثرائتي ٿو بڻائي.
لفظي ترنم، شاعريءَ جي موسيقي، رِدم- اهي سڀئي ٻوليءَ جي سبيتي استعمال لاءِ ڪم ايندا آهن. انهن ۾، شاعريءَ ۾ سُرن جي گونجَ، ۽ نرت جو تال هوندا آهن. موسيقيت ايڏي وڌيل نه هجي، جو شاعريءَ جي فڪر کي ڍڪي ڇڏي، يا ان جي مٿان طاري ٿي وڃي ۽ نه ايتري هلڪي جو اُها محسوس ئي نه ٿئي. سُٺا ۽ ڪامياب شاعر، شاعريءَ جي موسيقيت ۽ فڪر ۾ توازن قائم رکندا آهن، جيئن شعر نه بي چَسو رهي، ۽ نه ئي اڻڀو – اياز گل پنهنجي شاعريءَ ۾ اهڙو توازن برقرار رکيو آهي. هونءَ ته سندس سڄي شاعريءَ جي پس منظرَ ۾ موسيقيءَ جي مڌر لهرَ روان دوان آهي، پر سندس هيٺيان شعر ان ڳالهه کي وڌيڪ چِٽو ڪن ٿا، ته هُن کي رِدم جو ڪيڏو نه اونهو احساس آهي.
هلبو هاڻي لَڏي لَڏي
بي قُربن کي ڇڏي ڇڏي
پيارَ جو جتڙي پاڇو ملندو
جُهوپو ڇڏبو اڏي اڏي
*
تُنهنجون يادون، نه تون
جاني ڙي! ڪيئن جيئون
جي نه مُرڪي سگهون
آءُ! روئي پئون
پاڻ لئه آهي بس
تُنهنجو مُرڪڻ خوشيون
گُهنڊ پائي ملون
تنهن کان وڇڙي وڃون
سوچَ، لڙڪَ، وحشتون
عشقَ جون علامتون
تو جِها ته ٿيون اول
پوءِ ڪنداسي حُجتون
*
گِهنڊ ٿا دل جا گِرجا جا وڄندا رهن
يادِ پيارا اچن، گيت رچندا رهن
قُرب قائم ته قائم رهن دوستيون
قرب جيئن جيئن ٽُٽي، هانوَ ڇِڄندا رهن
ڳوٺ جي رات جي گُهگهه پوئين پهر
ڪيترا ماڻهو لڪندا ٿا ملندا رهن
”هلبو هاڻي لڏي لڏي“ ان سڄي غزل ۾ ٻٽو قافيو موسيقيءَ جي مڌر لهر ٿو پيدا ڪري. ’تنهنجون يادون نه تون‘ جو بحر برابر مترنم آهي، ”فاعلن فاعلن“ پر ان مترنم بحر ۾ اهڙا مڌر موسيقيءَ سان ڀريل شعرَ تخليق ڪرڻ هر شاعر جو ڪم ناهي ۽ موسيقي به اهڙي، جيڪا شعر ۾ آيل خيالَ سان هم آهنگ هجي.
سوچَ، لڙڪ، وحشتون
عشق جون علامتون
اهو غزل به مترنم آهي، پر گِهنڊ ٿا دل جا گِرجا جا وڄندا رهن- وارو غزل، لفظي رِدم جو بهترين مثال آهي. هتي شاعر لفظن جو بازيگر نه، پر لفطن جو ڪاريگر ٿو لڳي. ايئن ٿو لڳي ته هُن هڪ هڪ لفظ، ڪنهن ماهر سنگتراش جيان محنت ڪري، گهڙي، ڇلي ۽ پالش ڪري ڪتب آندو آهي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾، طنز به آهي، پر اها طنز، اجائي ٽوڪ بازي نه آهي، پر اُن جي پٺيان ڪونه ڪو مقصد ضرور آهي. طنز، شاعريءَ جو تمام نازڪ شعبو آهي، ڇو ته ان ۾ شاعر کي نه فقط اخلاق جي دائري ۾ رهڻو ٿو پوي، پر ٻولي به اهڙي ڪم آڻڻي ٿي پوي، جيڪا اڻ وڻندڙ نه هجي ۽ تنهن هوندي به پنهنجو مقصد حل ڪري وڃي.
اياز گل جي شاعريءَ ۾، خاص ڪري غزلن ۾، طنزيه شعر ڪٿي ڪٿي موجود آهن، پر انهن شعرن ۾ فني لحاط کان ڀرپور تغزل سمايل آهي، ۽ اهي شعر طنزيه هوندي به، غزل جون سڀ فني ۽ فڪري ضرورتون پوريون ڪن ٿا. اچو ته اياز گل جا ڪي طنزيه شعر پڙهون:
سانئڻ! تنهنجو هر هڪ وعدو
سرڪاري اعلانَ جيان آ
*
پيٽَ پُکئي لئه هڪڙي ماني
سرڳ جيان، ڀڳوان جيان آ
*
ڪيترو پئي لڳين منفرد، مختلف
تون به واکاڻَ ۾ يارَ ڦاسي وئين!
*
پنهنجيءَ قسمت ۾ تون ڀي ڇو
ناهين يار!، ثوابن وانگي
*
هڪ بُرو بس اسان جو گهر آهي
تُنهنجو ويڙهو ئي معتبر آهي
*
تنهنجي هر ڳالهِه لارَ ماکيءَ جي
منهنجو هر لفط ڄڻ زهر آهي
*
مون ته جڳَ جي سِتم جو ذڪر ڪيو
تُنهنجي ڇو نِرڙ تي پگهر آهي؟
*
ڪُوڙ بازارين ۾ ماڻهن جو
اگُهه ڪيڏو ڪِري پيو آهي
*
ديسُ به وڪڻي ايندا آهن
اهڙا ڀي واپاري ماڻهو
*
ڪهڙو سچُ چئي سگهنداسي
پاڻَ ته هُون سرڪاري ماڻهو!
*
ٻاهران ڪيڏو ته ڍڪيل آ ماڻهو
اندران ڪيڏو نه اگهاڙو آهي
*
ڪُوڙ ڪيان مان توسان ۽
تون ڀي، مون کي دوکو ڏي
*
فُٽ پاٿِ تي تخليقون هِن
سامهون خالق جي گهر آهي
*
مالڪَ بدران ڳالهائي ٿو
آخر سچو نوڪر آهي
*
هاڻي ڏاڍي وحشت ٿئي ٿي
ايئن نه تڪڙا رنگَ مٽايو
*
عجب اسان جي وستي آهي
چورُ، ساڌ جو ڳولي پيرو
*
انڌن آڏو روئڻ جاني! آهي اکين جو زيانُ
چَپَ اسان جا سِبي چون ٿا، ڪوئي گيت ٻڌاءِ!
*
ايئرڪنڊيشن ۾ هيٺئين طبقي جون
جي ڪجن، ڳالهيون اجايون هِن
*
ڪَل بُکن جي ڪهڙي اُن کي
جنهن جو پنهنجو پيٽ ڀريل
*
آدمَ جو اولاد ته آهيان
سيد ڪوءِ ضرور آهي؟
*
ڏوڪڙَ بدلي ڏات وِڪيائون
هئه اڻڄاڻن ڇا ئي ڇاڻي
مٿين شعرن ۾ ’واعدي جو سرڪاري اعلان هجڻ‘، ’سرڪاري ماڻهو‘، ’ڪوڙَ بزارن ۾ اگهه ڪرڻ‘، ’ٻاهران ڍڪيل ۽ اندران اگهاڙو هجڻ’، ’فٽ پاٿ تي تخليقون ۽ سامهون خالق جو گهر.‘، ’چور، ساڌَ جو ڳولي پيرو‘، ۽ ’ايئرڪنڊيشن ۾ هيٺيئن طبقي جون ڳالهيون’، اهي اياز جي چوڌاري موجود سماج جا عڪس آهن، جيڪي سنڌي غزل لاءِ نوان ۽ انوکا موضوع به آهن، ته هلڪيءَ، پر مِٺيءَ طنز سان ڀريل پڻ- مٿين شعرن ۾، اياز گل طنز جي نشتر ته هلائي آهي، پر اهڙي سڀاويڪ طريقي سان جو ڪوبه لفظ بُرو نه ٿو لڳي- ڪوبه جملو ناشائستو ڪونهي. طنزيه شاعريءَ جو اهوئي فن آهي.
هر شاعر جي شاعريءَ جي اڀياس کان پوءِ، ان جو مجموعي تاثر ڪهڙو ٿو ملي، اهو ئي هڪ اصول آهي، جنهن ذريعي شاعر جي مُلهه جو ڪاٿو ڪري سگهجي ٿو. دنيا جا سڀئي وڏا شاعر، ان ’مجموعي تاثر‘ جي ئي ڪري وڏائي ٿا ماڻن، اهو مجموعي تاثر هاڪاري آهي يا ناڪاري – انسانيت جي لاءِ قبول ڪرڻ جهڙو، ان جي اڳواڻي ڪرڻ جهڙو آهي يا نه؟ اهو هڪ نُڪتي تي مرڪوز (Focus) ٿئي ٿو، يا ٽِڙيل پکڙيل، اوڦٽو، خود متضادي (Self Contradictory) خيالن يا نظرين سان ڀريل آهي. اهو اجائي لفاظي، بي مقصد لفاظي ردم، قافيه پيمائي، اڳينءَ شاعريءَ جي ورجاءَ، يا پاڻ ڏيکارڻ، پاڻ وڌائڻ جي جذبن سان ڀريل آهي؛ يا هڪ اعليٰ مقصد، انسان دوستي، اظهار جي ايمانداري، جذبن جي معصوميت، اصليت ۽ شدت، نِت نَون رنگن ۽ رُوپن سان سنواريل آهي. وڏا شاعر نه فقط لفظن جا وينجهار هوندا آهن، پر فڪر جا اڳواڻ پڻ- اياز گل جي شاعريءَ جي اڀياس مان لڳي ٿو، ته هن جو فڪر، چاهي اهو ڪهڙيءَ به صنف ۾ هجي، انهن اعليٰ قدرن ڏي مرڪوز ٿي رهيو آهي، ۽ ان ۾ مرڪزيت ۽ فڪر جي ايڪائيءَ جا جهلڪا ملن ٿا.
هيٺين شعرن ۾، سندن وطن ۽ دوستيءَ جي جذبن جو سُهڻو اظهار آهي:
مُنهنجي ڌرتيءَ وارا اڄ ڀي
سانجهيءَ ويلَ سويرا ڳولن
*
سنڌڙي سروج آهي جنهن کي
سوَ سوَ گهور انڌيرا ڳولن
*
آءٌ چاهيان ٿو سي چُمڻ جيڪي
سنڌُ جي سڪ جا حوالا نيڻَ
*
ڪالهه هڪڙو ئي هٿ کڄيل هو اڄُ
هڪ، ٻه، سؤ، هزارَ ٿيندا وڃن
*
سنڌ جو ڪرين ٿو سَودو!
تنهن کان ته خودڪشي ڪر
ٿورو تون جاڳُ ۽ پوءِ
جيئڻ جي خاطري ڪرِ
۽ ٻيا اهڙا ڪيترائي شعر اياز گل جي غزلن ۾ ملندا، جن ۾ هن لاکيڻي شاعر جي، پنهنجي ديس جي ڌرتيءَ ۽ اُن جي مسڪين ماڻهن سان اٿاهه پيارَ جو اظهار آهي، نه فقط پيار جو اظهار آهي، پر هن دؤر جي حالتن جي عڪاسيءَ سان گڏ موجوده مسئلن جي حل لاءِ پڻ واٽون ڏسيل آهن:
ماڻهو موتَ جي ننڊَ سُتل
تاريخن جا صفحا جاڳن
*
هٿن پيرن هوندي ماڻهو
ڀاڳن تي ڇو ڀاڙي- وو!
*
ڪا نئين ريت نه وجهجو هاڻي
ڏاڍا ريتن مان اڙيل آهيون دوستَ!
پنهنجي وطن پرست فڪر کي، ۽ شاعر جي وطن ڏانهن ذميواريءَ کي اياز گل ڪيڏيءَ نه سبيتائيءَ سان هيٺين ٻن سٽن ۾ سمايو آهي:
اهڙي اوندهِه جو ديسَ- رستو گُم
سجُ ٿي پئه ڪَوي! انهيءَ ٽاڻي
ته انهي ٽاڻي، جڏهن مايوسيءَ ۾ مونجهارن جي ٻاٽ اوندهه، رستو گم ڪري ڇڏيو آهي، ته اياز گل پنهنجي فرض کي محسوس ڪري، سجَ جيان روشني ڪئي آهي.
انگريزيءَ جي چوڻي آهي ته، "Charity begins from home" (خيرات گهر کان شروع ٿيندي آهي) برابر هيءَ چڱائي گهر کان ئي شروع ڪرڻ گُهرجي، پر چڱائي اتي ختم نه ٿيڻ گهرجي. اُها اڳتي وڌڻ گهرجي. پنهنجي ديس جي مٽيءَ ۽ اُن جي ماڻهن سان محبت، ”ايءُ پڻ چڱو ڪم“، پر شاهه لطيف وارو ”او ڪو ٻيو فهم“ به کپي، ”جنهن سان پسجي پرينءَ کي.“ انهيءَ ٻئي فهم لاءِ به شاهه لطيف پاڻ ئي چيو آهي ته:
سائينمِ! سدائين ڪرين، مٿي سنڌ سُڪار
دوستَ مٺا دلدار!، عالم سڀ آباد ڪرين.
وڏي شاعر جو ڪم، وطن پرستيءَ تائين محدود نه ٿو رهي، پر اهو اڳتي وڌي، پکڙي، سڄي عالم جي آباديءَ لاءِ جاکوڙ ٿو ڪري، ڇو ته وطن پرستي ۽ قوم پرستي، جي محدود آهي، ته شاؤنزم (Chauvenism) آهي، جيستائين اُها ’عالم جي آباديءَ‘ جي ڳالهه نه ٿي ڪري.
اسان جو اياز گل به ان ’وطن‘ جي ’وحدت‘ ۾ ’عالم‘ جي ’ڪثرت‘ کي سمايو ڇڏي. هُن لاءِ انسان دوستي ۽ انسان پرستي به ايڏي ئي اهم آهي، جيڏي وطن دوستي ۽ وطن پرستي. سندس شاعري مقامي هوندي به عالمي آهي. هِن لاکيڻي شاعرَ نه فقط ’سنڌ جي سُڪار‘ لاءِ پنهنجو قلم وقف ڪيو آهي، پر ’عالم جي آباديءَ‘ جو به اوترو ئي اونو اٿس. اچو ته سندس هيٺيان شعر پڙهون:
جن جي چهري تي جنگ جي ڪارنهن
تن جي هَٿ ۾ امن جا جهنڊا هِن!
*
رات ڪاري اڃا کُٽي ناهي
تو ڇو ڏياٽيون اڳي اُجهايون هِن؟
*
دانهن بڻائيندين ڪڏهن تون گَهر گَهر جي
مولا سائين! ماٺِ اسان جي اندر جي
*
جيئڻ ٿي سيکاري سائين!
راهَه ۾ کاڌل هر ٺوڪَر
هر شيءِ هيڻي ماڻهوءَ آڏو
موتُ اڃا ڀي ڏاڍو پر
*
گولين جا آواز فضا ۾
اُجڙيا ڪي آکيرا هوندا
*
بَم نه توکان، اَنُ گهريو آ
ٻالڪَ انگ اگهاڙي وو!
*
جنهن کي لڳندي سو انسانُ
ديسُ، نه مذهب گوليءَ جو
*
مُلهه جذبن جي عبادت جو نه ڪو
هر ڪو رسمن جي خُدائن ۾ گُم
*
ڪُوڙ، جنهن کي سڃاڻون تون ۽ مان
شالَ تنهن کي وڃي شهر ڄاڻي
مٿيان شعر رڳو مثال طور آندا ويا آهن، پر اياز گل وٽ اهڙا ڪي ئي شعر آهن، جيڪي عالم جي آبادي، ۽ عالمي امن جي لاءِ لکيل آهن، انگ اگهاڙو ٻالڪ، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اڃا به موجود آهي، جيڪو ’اَنُ‘ ٿو گهري، ته ان کي ’گولي‘ ٿي لڳي ۽ اها گولي جنهن کي لڳي ٿي، سو انسان آهي. انهيءَ گوليءَ جو نه ڪو ديس آهي، نه مذهب- ماڻهو ’رسمن جي خدائن ۾ گُم‘ آهن. هو ’جذبن جي عبادت‘ کي نٿا ليکن. اهو ’ڪُوڙ‘ جنهن کي ’تون ۽ مان‘ سڃاڻون ٿا، ’شالَ تنهن کي شهر ڄاڻي وڃي‘ ته حالتون بدلجي وڃن.
اياز گلَ وٽ جيترو فني رچاءُ غزل ۾ آهي، اوترو ئي هن جي واين ۾ به آهي. اها ٻي ڳالهه آهي، ته اياز جي واين جو تعداد، سندس غزلن جيترو نه آهي، پر فني معيار ڪٿي ڪٿي ته، غزلن جي معيار کان به اڳتي وڌيو وڃي.
وائي نجُ سنڌي صنف آهي، جيڪا ڪلاسيڪي دؤر کان هليو اچي. اسان جي جديد دؤر جي شاعرن ان ۾ نئين جان وڌي ۽ نوان رنگ ڀريا آهن. ان کي دقيانوسي صنف مان تبديل ڪري اڳتي وڌائي، جديد دؤر جي اُڌمن جي اظهار لائق بنايو. اياز گل جي غزل وانگر وائيءَ ۾ پڻ، جڳهه جڳهه تي اهڙا جهلڪا آهن، جن مان اسان جي پنهنجي دؤر جي زندگي- ليئا پائي رهي آهي:
شهرن ۾ گُم ڇوڪرا!
ڪَسيون، ٻَنيون هَرَ
توکي ڳولن ٿا!
*
چمڪن پيا هٿيار ۽
قلمَ، ڪتابن تي،
دَز چڙهي وئي آهي!
*
هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي
پنهنجو گُم ٿيل نانءُ،
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!
*
اونداهي ڪمري جو مان،
آهيان روشن دانُ!
ماري موتَ نه سگهندين!
گُلَ مُرجهايا پوءِ ڀي،
چمڪي ٿو گلدانُ،
ماري موتَ نه سگهندين!
مٿي ڏنل واين جي سٽن جي اڀياس مان لڳندو، ته ايازگل هن پراڻيءَ صنف کي نئين دؤر تائين آندو آهي. ڪابه صنف دقيانوسي يا جديد ناهي- ڪابه صنف پراڻي يا نئين ناهي. ڪابه صنف ڏيهي يا پرڏيهي ناهي، رڳو شاعر جي ڏانوَ ۽ سبيتائيءَ جي ڇهاوَ سان هر دقيانوسي صنف جديد، هر پرڏيهي صنف ڏيهي ٿي سگهي ٿي.
وائيءَ جو پنهنجو فن آهي. اها دادو ديال کان ٿيندي، اڄوڪي دؤر تائين آئي آهي. اها غنائي صنف آهي. ان ۾ نه رڳو لفظي غنائيت آهي، پر معنوي غنائيت پڻ- لفظن جي لاهه چاڙهه (زيرو بم) ۽ اُچارن جي ترنم سان گڏ ان جي وراڻي اهم آهي. اها هر سٽ کان پوءِ ورهائجي ٿي، ۽ انهي ورجاءَ ذريعي هوءَ هر سٽ ۾ آيل خيال کي هَٿي ٿي ڏئي، Re- inforce ڪري ٿي. ان ڪري، وائيءَ جي سٺي شاعر لاءِ ضروري آهي ته هُو وراڻيءَ کي رڳو رسمي طور نه آڻي. ايئن نه آڻي ڄڻ مجبوري هجي. قافيي کي پُوري ڪرڻ لاءِ، يا گهاڙيٽي جي مجبوريءَ سببان، سُٺو ۽ سمجهُو شاعر وائيءَ جي وراڻيءَ کي هڪ ضرورت ٿو بڻائي ڇڏي. اهڙيءَ طرح جو اها وراڻي جي نه اچي، ته اُن کان اڳ ايندڙ سٽ اڻپوري ۽ اڌوري لڳي. شاعريءَ ۾ اهڙي فنائتي پختگي فقط اهو ئي شاعر آڻي سگهندو، جنهن ان صنف جي استادن، (ڪلاسيڪي توڙي جديد) جو محنت ۽ محبت سان اڀياس ڪيو هوندو. اياز گل اهڙن تمام ٿورن شاعرن مان آهي، جن وائيءَ جي گهاڙيٽي کي پنهنجي عروج تي پهچايو آهي؛ سندس هيٺيون وايون پڙهو:
اندرَ ۾ هي آدمي
مندر ۾ ڀڳوانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!
سوچي سوچي پاڻَ تي
پاڻَ ئي ٿئي حيرانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!
ڪوڙُ پُڄي ويو ماڳ تي
رستي ۾ ايمانُ
ڪيڏو تنها ٿي ويو!
هن سڄيءَ وائيءَ مان، هر بند کان پوءِ جي وراڻي ”ڪيڏو تنها ٿي ويو“ ڪڍي ڇڏيو ۽ ان کي پڙهو، ته هرڪو بند اڻپورو لڳندو. اهو آهي ’وراڻيءَ کي کَپائڻ‘. جيڪو وائيءَ جي صنف ۾ ضروري آهي.
اهڙي ئي هڪ ٻي وائي هن طرح آهي:
تو تائين پُهتا
منهنجي نيڻن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!
تُنهنجو نانءُ لِکي ڏٺم
منهنجي هٿن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!
ساڀيائُن جي ديسَ ۾
ساڻن سپنن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!
تون جو آئين شهر ۾
سڀني رستن جا
سارا ٿَڪَ لهي ويا!
مٿينءَ وائيءَ مان، هر بند کان پوءِ جي وراڻي ”سارا ٿَڪَ لهي ويا“ ڪڍي ڇڏيو، ته پوءِ ايئن لڳندو، ته ڄڻ خيال اڻپورو رهجي ويو. اهو ئي آهي وائيءَ جو فن، انهيءَ کان سواءِ هٿن جا ٿَڪَ لهڻ، سپنن جا ٿَڪَ لهڻ، ۽ رستن جا ٿَڪَ لهڻ، اهو اهڙو اظهار آهي، جيڪو اياز گل کان اڳ شاعريءَ ۾ اڻ ڇُهيل آهي. ڪنوارو آهي.
هڪ وائيءَ جون هيٺيون سٽون پڙهو:
ننڊون ئي ويندا کَسي
سپنن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!
پِٿون پيرَ ويا ٿي
رستن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!
توڙي تيز ترارَ جئن
لفظن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!
چنڊُ گُهرن ٿا راند لئه
ٻارن کي ڇاهي؟
ڀوڳيون يارَ اسان ٿا!
مٿين سٽن ۾ ماحول ڪلاسيڪي شاعريءَ جهڙو آهي، پر ان کي پيش نئين انداز ۾ ڪيو ويو آهي. ’پِٿون پير ٿيڻ‘ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو محاورو آهي، پر ’رستن کي ڇاهي؟، ڀوڳيون يار اسان ٿا“ سسئيءَ کان اڳتي جي ڳالهه آهي. ساڳيءَ ريت ’تيز ترارَ جيان لفظَ‘ ۽ ’ٻارن جو راند لاءِ چنڊُ گهرڻ‘ به پُراڻا خيال آهن، پر انهن کي نئين نموني پيش ڪيو ويو آهي:
چمڪن پيا هٿيارَ ۽
قلم ڪتابن تي
دَزَ چڙهي وئي آهي!
*
هر گوليءَ ۾ ڳولي ٿي
پنهنجو گمُ ٿيل نانءُ
ڌرتيءَ تي هيءَ زندگي!
*
هيڏيءَ تِکيءَ اُس ۾
ڪَچن رنگن سان
ڇا لئه تون نِڪتين پرين؟!
*
عشقُ اسان جو آرسي
پٿر لوڪ سڄو!
جڏهن ڀي مان سچ سان
آهي لِڇَ ڳنڍي
پٿر لوڪ سڄو!
*
ڇوريءَ ڇڳل ڇَڄُ
ڪڻا ڪونهن ڪڻڪ جا.
مٿي ڏنل سٽون، اياز گل جي فنڪاراڻي جينيس هئڻ جا سُٺا مثال آهن. هن دور جي الميي، علم تي ظلم جي قبضي کي، وائيءَ جي هڪ بند ۾ ڏنل فنائتي عڪس سان ظاهر ڪري، هڪ پُختي شاعر هئڻ جو ثبوت ڏنو آهي. جتي ڪتابن تي دَزَ چڙهي وئي هجي، ۽ هٿيارَ چمڪندا هجن. اهو منظر ۽ پس منظر جو تضاد (Contrast) هِن عڪس کي تَهائين وڌيڪ چِٽو ٿو ڪري. ساڳيءَ طرح اڄوڪيءَ دهشتگرديءَ جو منظر، جتي ’گوليءَ ۾ پنهنجو گم ٿيل نانءُ ڳولڻ‘ به هڪ جذبي سان ڀريل عڪس آهي. ’تکيءَ اُس ۾ ڪچَن رنگن سان نڪرڻ‘، ’ڇوريءَ جو ڇڳل ڇَڄُ‘ ۽ ’ڪَڻڪَ جا ڪڻا نه هجن‘ به عڪس آهن، انهن عڪسن ذريعي اياز گل، وائيءَ جهڙي ڪلاسيڪي ۽ دقيانوسي صنف کي، جديد هائيڪو رنگ ڏنو آهي. ايئن ٿو لڳي، ته اهي عڪس ڪي هائيڪو آهن، جيڪي هُن ماترائن ۽ قافيي جي بيهڪ جي روايتي گهاڙيٽي کان هٽي، وائيءَ ۾ آندا آهن. اهي تجربا ثابت ڪن ٿا، ته ڪوبه گهاڙيٽو دقيانوسي ناهي. رُڳو شاعر کي ان کي ڪتب آڻڻ جو فن هجي ۽ ايئن ٿو لڳي، ته اياز وٽ اهڙو فن آهي.
ڪتاب جي ترتيب ۾ هائيڪا پوئتي آيل آهن، پر مان انهن جو بيان اڳ ۾ آڻيندس، ڇو ته اها صنف وائيءَ سان گهڻي مشابهت ٿي رکي، ۽ اياز گل جي واين تي ڪيل تبصري ۾ ان جو ذڪر اچي چڪو آهي. هائيڪو جپاني صنف آهي، پر اها سنڌيءَ ۾ ايترو ته کُپي وئي آهي جو، اڄڪلهه ڌاري ئي نه ٿي لڳي. ان صنف کي سولو سمجهي جيترو ان کي لويو ويو آهي، شايد اهڙو ڪنهن ٻيءَ صنف کي نه- اياز گل انهن ڳاڻ ڳڻين سنڌي شاعرن مان آهي، جن هِن صنف جون نه فقط فني ضرورتون پوريون ڪيون آهن، پر ان کي سنڌ جي ماحول، روايتن ۽ ثقافت جو ويسُ پڻ ڍڪايو آهي.
هيٺيان هائيڪا پڙهو ۽ ڏِسو ته انهن ۾ ڪيڏو نه سنڌُ رنگ سمايل آهي:
جوڀَن ياد پيو
ٻُڍڙيءَ کان سُئيءَ ۾
ڌاڳو نه ٿي پيو
نلڪي تي ميڙا
واري تي وِهنجن پيا
ٻارَ ڏئي گيڙا
پنهنجون مهينو پِيٽُ
لِڪي لِڪي لوڪَ کان
ڇوري کائي ميٽُ
لِڪي ملڻ جي هيرَ
ٻه پاڇا ٻنيءَ ۾
ٻنهي اُگهاڙا پيرَ
کيسي ڪتريل
ٻه ڳانا ڳچيءَ ۾
ميلي مان موٽيل
سومهڻيءَ جو گُهٽَ
جَهٽ پلڪ لئه واءُ جو جهوٽو
۽ پوءِ ساڳي ٻُٽَ
مٿين هائيڪن ۾ فني ضرورت مطابق عڪس آهن. عڪس آهن سنڌ جي روزانيءَ زندگيءَ جا، ساڳيءَ طرح ’وٿن‘ کي زمان ۽ ’مڪان‘ ۾ متعين ڪيل آهي. ’ڇا؟‘، ’ڪڏهن؟‘ ۽ ’ڪٿي‘ جا سوال پُڇي، هر هائيڪو مان اهي عنصر ڄاڻي سگهجن ٿا. ڪن هائيڪن ۾(نلڪي وارو، سومهڻيءَ جي گهٽ وارو) موسم جو ذڪر به آهي. ڪن هائيڪن ۾ ’ٿي رهيو هجڻ‘، جيڪا هائيڪو جي فني ضرورت آهي، اهو به موجود آهي. جيئن ’ڌاڳو نه ٿو پيو‘، ’ڇوري کائي ميٽُ‘، ’ميلي مان موٽيل‘ ۽ ’سومهڻيءَ جو گهٽ ۽ واءُ جو جُهوٽو‘ مجموعي طور مٿيان هائيڪا سنڌي هائيڪا آهن، جيڪي سنڌي ماحول جي اُپٽار ڪن ٿا.
اياز گل جا هائيڪا، سندس شاعريءَ جي سڀني صنفن وانگر، ڪنهن نه ڪنهن فڪر ۽ مقصد وارا پڻ آهن. هيٺيان هائيڪو پڙهو:
وارو ڙي وارو!
ڪُوڪون ڪَچي وارن جون
بَند ۾ پيو گهارو
ماني اڄ مکيلَ
پَسي پورهيت جي پُٽ جا
چمڪيا هيڊا ڳلَ
بَمن ڌماڪا
ڌڻي ڏِج پناهَه تون!
ماڻهن جا واڪا
ڏَهن رُپين جي موٽَ
پيٽ بُکيءَ پينو ڇوريءَ جا
چار گهڙيءَ لئه گهوٽَ
مٿيان هائيڪا، سنڌُ جي اڄوڪي ماحول جي دردناڪ تصوير پيش ڪن ٿا، ڪٿي بَند جو ڀڄڻ ۽ ماڻهن جي پريشاني، ڪٿي پورهيت جي پُٽ جا هيڊا ڳل مکڻ جي ماني ڏسي چمڪن ٿا، جيڪو چِٽو عڪس آهي. ڪٿي بَمن جي ڌماڪن تي ماڻهن جا واڪا آهن. ڪٿي پينو ڇوڪريءَ جي پرماريت آهي. هنن هائيڪن کي پڙهي ايئن ٿو لڳي، ته اياز گل نه فقط دردناڪ تصويرون ٿو ڪڍي، پر انهن ڪردارن سان اَٿاهه همدردي به اٿس. اياز هڪ سٺو فوٽو گرافر به آهي ۽ اُن انهيءَ فوٽوگرافيءَ جي فن جو پنهنجي شاعريءَ، خاص ڪري هائيڪن ۾ پورو استعمال ڪيو آهي.
اياز گل جا ڪجهه ٻيا هائيڪو، جيڪي نجُ هائيڪو آهن، ۽ ڪنهن به جپاني استاد هائيڪو چوندڙ جي هائيڪن سان ڪُلهو هڻي سگهن ٿا.
ماءُ پيءُ سُتل ها
ٽاڪَ منجهند جو ٻارڙا
ليوڊو پئي کيڏيا
آفيس مان ايندو
ٿَڪجي پئي هوندينءَ تون!“
چُمي ڏئي چوندو
پُراڻو مندر
ڪرشن جي مورتيءَ تي
ويٺل ڪبوتر
ماءُ ڏِنس دڙڪا
چِٻَ ڪڍيا ٿي ٻارڙي
ڀريندي سُڏڪا
ڇَتِ جيڏي ڇوري
رَڙ ڪيائين زور سان
ڏِسندي ئي ڪرڙي
مٿان سُڪل وڻُ
هيٺان آءٌ اڪيلو، سامهون
رڍُن جو هڪ ڌڻُ
جوئار جي اوٽَ
سيسراٽيون سرٻاٽ!
ڪانن ۾ ڦڙڦوٽَ
مٿيان هائيڪو، عڪسن جي لحاظ کان تمام مٿاهان آهن، سنڌيءَ ۾ تمام ٿورن شاعرن اهڙا عڪس پيش ڪيا آهن. اياز گل بهترين هائيڪو لکندڙ شاعرن مان هڪ آهي.
هائيڪن کان پوءِ ٽيڙو آهن، جن ۾ آهن ته ٽي سٽون، پر ماترائن جي ترتيب هائيڪو واري نه آهي. ٽيڙوءَ ۾ ٽنهي سٽن ۾ هڪجيتريون ماترائون يا عروضي رُڪن آهن، البت قافيي جي ترتيب هائيڪو واري آهي. هن صنف ۾ به اياز گل ڪاميابيءَ سان لکيو آهي:
نفرت جنهن جي ٻولي آهي
مُنهنجي هَٿَ ۾ گل سندس لئه
هُن جي گَنِ ۾ گولي آهي
موتَ جي ڪيڏي ڀرتي آهي
پنهجي پاڇي کان ڇِرڪان ٿو
ڇا هي منهنجي ڌرتي آهي؟
هائيڪن کان پوءِ اياز گل جا گيت اچن ٿا. جيئن مون اڳي لکيو آهي، ته اياز گل هڪ غَنائي شاعر آهي، ۽ گيتُ هڪ نجُ غَنائي صنف آهي، جيڪا شروع کان موسيقيءَ سان ڳوڙهو ڳانڍاپو رکندي آئي آهي. اياز گل نه فقط ڳائجي سگهڻ لائق گيت لکيا آهن، پر انهن ۾ آيل لفظن جي ردم، ۽ ٽي ايس ايليٽ واري، شاعريءَ جي موسيقي پڻ ڀري اٿئين، جن جو واسطو لفظن جي مترنم اُچارن ۽ وراڻين جي موزون ۽ وڻندڙ سٽن سان آهي.
سندس گيتُ ’توبِن ڪهڙا ڇانورا‘ سلاست ۽ غنائيت جو سهڻو سنگم آهي:
مُنهنجي ڇانوَ ڇپرُ تون آهين
مان درياهُه، ڪپر تون آهين
او سانورا اوبانورا!
توبِن ڪهڙا ڇانورا!
يا هي ٻيو گيت:
ڇَڏِ ڇَڏي ڇيڳُ نه ڪر او ڇوري!
ڇڏ ڇڏ ڇيڳُ نه ڪر!
ٽُٽڻي ناهي رُسي وڃڻ تي
پيارَ جي پُختي ڏوري
ڇڏ ڇڏ ڇيڳُ نه ڪر!
هن گيت جي وراڻي ”ڇ“ جي تجنيس ۽ ”ڏ“ جي Consonance سان ڪيڏي نه رِدم واري ٿي پئي آهي:
هيءُ گيت پڙهو:
واڪا واڪا
وِڄُ وراڪا
منهنجا گيت الا!
سُر سنگيت الا!
هن گيتَ ۾ به نغمگي آهي، پر اها ٻئي مزاج جي آهي، اها رومانوي نرم نازڪ ناهي، پر موضوع آهر سخت آهي. واڪا واڪا ۽ وڄُ وراڪا، سٽ کي سخت بنائي ٿا ڇڏين.
ان جي برعڪس، هڪ گيتَ جون هيٺيون سِٽون پڙهو:
جيءَ ۾ جِهيڻا سازَ ڇڙيا هِن
خوشبو خوشبو گُل ٽِڙيا هِن
مَن مَن مُند ملهائي
ياد آ تنهنجي آئي
رات ٿئي ٿي چنڊُ چڙهي ٿو
گهرا گهرا گهاوَ گهڙي ٿو
يادُن ننڊ ڦٽائي
ياد آ تنهنجي آئي
نرم لهجو، نرم ۽ مڌر موسيقي، هلڪي ۽ موضوع سان ٺهندڙ- ج، جهه، گهه ۽ گ جي هلڪن اُچارن هن گيت کي سانتيڪي مڌرتا جو رنگ ڏنو آهي.
بيت، سنڌي شاعريءَ جي مقامي ۽ ڪلاسيڪي صنف آهي، جنهن کي ڪجهه عرصو پوئتي رکيو ويو هيو، پر جديد دؤر ۾ ان جي اهميت کي ٻيهر محسوس ڪيو ويو، ۽ ان کي جديد دؤر جي فڪري اظهار جي لائق بنايو ويو. اياز گل توڙي تورا بيت لکيا آهن، پر انهن ۾ به هُن پنهنجي ذاتي شاعراڻين روايتن ۽ اسلوب کي برقرار رکيو آهي.
هيٺين بيتن ۾، جيتوڻيڪ موضوع ماريل آهي، پر تڏهن به اياز گل ان ۾ پنهنجي ذاتي اظهار سان نواڻ پيدا ڪئي آهي:
تو دَرِ ڪيئن اچڻ جي، هينئڙي وجهان هيرَ،
مُنهنجا ميرا پيرَ، اڱڻ تُنهنجو اُجرو،
ندوريءَ سان نينهنَ، لائي لڏي وئين هليو،
توريءَ ڏنگن روح کي، ڏينڀوءَ وانگي ڏينهنَ،
ملڻ سندا مينهنَ وَسئي ڪي ئي ورهيه ٿيا.
اکين ۾ سپنا ائين ٿَرَ ۾ جيئن ٿوهَر،
تن مان ڪوئي پَر، ساڀيا ماڻي نه سگهي.
هيٺئين بيت ۾ هائيڪو- رنگ عڪس آهي:
کِلي جڏهن کيچِلي، ڳلن چُگهَه پون،
چِتَ کي چريو ڪنِ، ڳلن ڳُجهيون ڳالهيون.
ميرن پيرن سان اجري اڱڻَ ۾ اچڻ، ڏينهنِ جو ڏينڀَن وانگر ڏنگڻ، ٿوهرن جهڙا سپنا، ۽کِلڻ سان ڳلن ۾چُگهه پوڻ، رومانوي شاعريءَ ۾ نئين اظهار جا مثال آهن. هنن بيتن ۾ تجنيس حرفي Consonance ۽ Assonance جو ردم پڻ ملي ٿو.
اياز گل، بيتن ۾ پنهنجي دؤر کي چِٽڻ جي پڻ ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي:
مُرڪي وڌيا موتَ ڏي، گهوٽن کاڌا گهاوَ،
ڏاڍن جا ڏهڪاوَ، لٿا ڄاڻ ته ڏيهَه مان.
اڳتي وڌو، ڪُوڙَ جا، اِجهي ڪريا ڪوٽَ،
ماڳ پُڄي پوءِ موٽَ، مهڻو کڻجو ڪينڪي.
دوهو، هندي صنف آهي، پر سنڌيءَ ۾ رچي ويل آهي. اياز گل، دوهي جي صنف ۾ پڻ ڪاميابيءَ سان لکيو آهي. هن دوهي جي صنف ۾ روايتي ٻوليءَ ۽ ماحول کي پنهنجي دؤر کي بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو آهي:
حيرتَ ۽ افسوس مان ويٺي، سوچيو پئي ڀڳوانَ
مون کي واهَه جو روليو آهي، دنيا ۾ انسانَ
موتُ لڳو پئي هرڪو منظر، رُڃَ حياتي ڀاسي
تنهنجو پيار وٺي آيو آ، ٻيهر جيون پاسي
خالي کوکي جهڙا ماڻهو، بند سڀن جي دل جا دَرَ
ميڪ اپ جي تهَه هيٺان چهرا، ڊٺل شهر جا کنڊَر
هن صنف مان به اياز گل جو ذاتي اسلوب جهلڪا پيو ڏئي:
ديپُ ته ڪوئي ناهيان مان، پر آهيان مان ٽانڊاڻو
تيز هوائُن ۾ ڀي جيڪو، ڪڏهين ڪين اجهاڻو
هن دوهي ۾ نه فقط فڪر جي نواڻ آهي، پر اياز جي ٽهيءَ جي خود اعتمادي ۽ اڳتي وڌڻ جو ساهس پڻ سمايل آهي.
جيئن مسلسل غزل ٿيندو آهي، تيئن مسلسل دوها پڻ ٿيندا آهن، جن کي ’ڇند ۾ مثنوي‘ به چئي سگهجي ٿو. ان ۾ قافيو به هر ٻن سٽن جو ساڳيو هوندو آهي، پر موضوع هڪ- يعني دوهي جي گهاڙيٽي ۾ نظم- اهڙو ئي هڪ نظم اياز گل جو آهي:
سالَ برابر لڳندي آهي، توبِن هڪ گهڙي
ڪيئن گذاري سگهبا جاني! ڏهه ڏهاڙا هي
ٽن ڏينهن کان مليو نه آهين، آهي مَن اُداس
چوڏهينءَ چنڊ امبر تي آ، ڀانيان پوءِ به اماس
ساڀيائُن کي ساري ساري، ڏرا ڏئي ويا نيڻَ
ڪلهه به سپنا سيڻَ اکين جا، اڄ به سپنا سيڻَ
شيو وڌائي ڪپڙا ڦاڙي، بَنَ ڏي نڪري وڃجي
دل چاهي ٿي اڄڪلهه پنهنجي پاڻ کان وِسري وڃجي
هي مسلسل دوها آهن، جن ۾ مرڪزي خيال شروعَ کان آخر تائين ساڳيو آهي، هيءُ ’دوهي ۾ نظم‘ آهي. هن ۾ ’ڏرا ڏيئي ويا نيڻَ‘ جو روايتي محاورو به آهي ته، ’شيو وڌائڻ‘ وارو جديد محاورو پڻ ۽ آخري سٽ ۾ ’پنهنجو پاڻ کان وسري وڃجي‘ فني، فڪري ۽ جذباتي اظهار جي چوٽ آهي.
اياز گل ڪجهه ترائيل به لکيا آهن. هن صنف ۾ هن ايترو رچاءُ پيدا نه ڪيو آهي. جيترو غزل، گيت ۽ وائيءَ ۾، پر تڏهن به هن جو هيٺيون ترائيل انوکو آهي ۽ ان ۾ هڪ اميد ڀريو جذبو آهي:
هي ڊٺل شهر ڏِسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي
جوشَ ۽ اڌ مُئي جذبي کي جياريو يارو!
هي ڊٺل شهر ڏسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ذهن جي قيد مان، سوچن کي اُڏاريو يارو!
ماٺِ روئي يا ٽهڪ ڏئي ڀي ٿي ٽوڙي سگهجي
هي ڊٺل شهر ڏسي، هانءُ نه هاريو يارو!
ڇو ته ٿو جڳُ نئون ڀي ڪوئي جوڙي سگهجي
اياز گل جي آزاد ۽ نثري نظمن ۾ ڀانت جو مزاج ملندو. ايئن لڳي ٿو، ته اياز گل ان صنف ۾ اڃا تجربا ڪري رهيو آهي، ڇو ته ان صنف ۾ هن ٻين صنفن وانگر هڪ ڪَرو اسلوب اختيار نه ڪيو آهي. هن نظم ’ناشڪري‘ مختصر آهي، پر ان ۾ مختصر ڪهاڻيءَ وارو Climax آهي:
پرين!
مُنهنجي ننڍڙي گهرَ ۾
خدا جو ڏنو سڀڪجهه آهي
سواءِ تنهنجي!
ساڳيءَ طرح هيٺئن نظم ۾ به ڪلائيمڪس آهي:
ٻالپڻ کان ٿا
اهو ٻُڌندا اچون
ڪوئي جي ياد ڪري ٿو،
ته ٿئي ٿي هڏڪي
پر اهو ڪُوڙ، صفا ڪوڙ
لڳي ٿو هاڻي
ايئن هجي ها ته پوءِ
تُنهنجي هِڏڪي
بند ئي ڪين ٿئي ها
سانئڻ!
سندس نظم ’سائينمِ سدائين ڪرين‘ به دل ڇُهندڙ آهي. ’دل جي ديس مان جلاوطن يادون‘ آزاد نظم گهٽ، مونو لاگ ۽ ادب لطيف وڌيڪ ٿو لڳي. ساڳيءَ ريت ’سپنو ۽ ساڀيا‘ هڪ ننڍڙي، ڪلائيمڪس واري ڪهاڻي ٿي لڳي. نظم ’لاڳاپو‘ ۾ پڻ ساڳيو ڪهاڻيءَ ۽ ڪلائيمڪس وارو تاثر آهي.
ڪن نظمن ۾ اياز گل ڪمال جو اظهار ڪيو آهي، ۽ انهن ۾ نه فقط نغمگي ڀري اٿائين، پر اُهي تاثر ۾ به ڀرپور آهن، جيئن ’وڇوڙي جو پهريون نظم‘ جون هيٺيون سٽون:
ٽيپ تان ڪوبه خوبصورت گيتُ
صرف هڪ شور ٿو لڳي هاڻي
دردِ کي عمر ٿي آ ساماڻي
پاڻ کي پاڻ اوپرو ٿو لڳي
ٽهڪ تي روڄَ جو گُمان ٿو ٿئي
ڄڻ ڏسڻ ۾ ڀڳل لڳان ٿو مان
آئيني کي مُئل لڳان ٿو مان
تون وئي آن ته ايئن ڀاسي ٿو
تون وئي آن ته ايئن ڀاسي ٿو
نظم ’اداس پل جو هڪ وعدو‘ جون هيٺيون سٽون نه فقط جديد رومانوي اظهار جو سهڻو نمونو آهن، پر انهن ۾ آزاد نظم جي اها نغمگي به موجود آهي، جيڪا هن صنف جو لازمي جزو آهي:
نه تُنهنجو خيال، نه جذبن جي ڪائي ڪِتڪائي
نه جاڳ ۽ نه وري ڪا اکين ۾ لالائي
جي ذڪر آيو ڪٿي تُنهنجو ڪنهن به محفل ۾
ته اهڙو ڏيکُ ِڏبو ڄڻ نه ڪا شناسائي
نظم ’آخري رستو‘ جي هيٺين سٽن ۾ ردم جي رِم جِهم ڏسو:
سارو جيوَن ته داوَ تي آهي
هر ٽهڪُ، لڙَڪ جي آ نانءِ ٿي ويو
درد- درياهه آهي اُٿلي پيو
سارا رستا وڃائي آيا سي
سارا ٻيڙا جلائي آيا سي
آڳ آهي اڳيان پٺيان پاڻي
۽ هاڻي
جيتَ ملندي ته ڀلا چئبا ڀاڳ
هنن سٽن ۾ قافيي جو استعمال ۽ خاص ڪري ٻن اڻپورين سٽن ۾ قافيو ’پاڻي‘ ۽ ’هاڻي‘ ۽ ’هاڻي‘ تي سٽ جو ختم ٿيڻ آزاد نظم جي فنائتي استعمال جو نمونو آهي- ڇو ته ’۽ هاڻي‘ تي ردم ختم ٿو ٿئي، ڄڻ اهو فل اسٽاپ آهي، ۽ ان کان پوءِ اڳتي ’جيت ملندي...‘ وارو بند شروع ٿو ٿئي.
نظم ’خوشي‘ جون هيٺيون سٽون پڙهون:
ڪنهن چيو هو ته:
”هوءَ هتان لنگهندي“
۽ انهيءَ موڙ تي مان
ڪيترا سال ائين بيٺو رهيس
جو سڄو انتظار بڻجي ويس
ٻئي اکيون ديپَ هُن جي راهن جا
۽ خيالن جون سڀ مندون هُن جون
اهي سٽون لفظي ردم ۽ معنوي ردم جو چٽو مثال آهن.
اياز گل جو بهترين آزاد نظم آهي: ’ڊهندڙ ماڻهو‘
صدين کان وڄي پيو ساڳيو سازُ
سازُ بيڪار بي سُرو آواز
زندگي آهي ڏاندَ گاڏيءَ جيان
۽ ڏکن جو مٿانس بارُ سٿيل
پاڻَ بيمار ڏُٻري ڏاند جيان-
نَڪَ ۾ بيوسيءَ جي نَٿَ پيل
زندگانيءَ جي ڏاندَ گاڏيءَ ۾
ڄائي ڄم کان ئي ڍُڪايل آهيون اسين
ڪنهن اڻ ڄاتي ماڳَ طرف
دردَ جي ڊاٻَ ۾
گِهلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا
هلندا هلون
۽ گهلجڻ سان پيو ٿو پيدا ٿئي
سازُ بيڪار، بي سُرو آواز!
مٿين نظم ۾ ڏنل ڏاندَ گاڏيءَ جي تمثيل، ۽ ان جي بي سُري آواز تي زور، ۽ آخري سٽن ۾ ”گهِلبا، ڪِرندا ۽ ڊهندا“، جو ردم ۽ چُرندڙ عڪس سان ردم جو لاڳاپو، هن آزاد نظم کي مثالي آزاد نظم بنائن ٿا.
هاڻي ٻئي پاسي اچون ٿا- اياز گل اڃا وزن بحر جون ڪجهه غلطيون ڪري ٿو:
بي قُربن جي دنيا ۾ او قُرب ورهائڻ وارا!
هرڪو تنهنجي هيرن جهڙن جذبن کي ٺُڪرائيندو
هن شعر جي پهرين سٽ، وزن توڙي ماترائن ۾ کُٽل آهي.
رات ڪاريءَ ۾ هِن
تنهنجون يادون مشعل
ٻيءَ سٽ ۾ مشعل جو ”ع“ ڪيرائي، مشلَ ڪري پڙهجي ٿو، تڏهن، وزن پورو ٿو ٿئي.
لُڙڪَ ها، گيت ها، گلاب هئا
صرف پاڳل اکين جا خواب هئا
*
مان تُنهنجي شهر جي جنت مان پوءِ به تڙجي ويس
گهڻائي کاتي ۾ توڙي سندم ثواب هئا
هن غزل جون پهريون ٻه سٽون فاعلاتن مفاعلن فعلن تي آهن، ته باقي فاعلاتن فعلاتن فعلاتن فعلن ۽ آخري ڏنل سِٽَ مفاعلن فعلاتن مفاعلن فعلن تي.
لفظَ ڳوليندا رهيا سي ٻيئي
راتِ چُپ چاپ ئي لنگهي ويئي
پهرين سٽ فاعلاتن فعلاتن فعلن تي آهي ته، ٻي سٽ فاعلاتن مفاعلن فعلن.
مٿي مون ڪجهه مثال ڏنا آهن. اهڙيون غلطيون اياز گل، جهڙي قد و قامت، شهرت ۽ هر دلعزيزيءَ واري شاعر تي ٺهن نه ٿيون. اياز گل جي اهڙا شعر دوست ڪري يا ڪڍي ڇڏي ته سندس ڪتاب بي عيب ٿي پوندو.
هن اڀياس لکجڻ دوران اياز گل جا تازا لکيل غزل مليا، جيڪي هِن اڀياس ۾ شامل ڪرڻ ضروري ٿو سمجهان، جيئن ته اياز گل جي غزلن جي خوبين تي، هن ئي مضمون جي شروع ۾ تفصيلي اُپٽار ڪيل آهي، ان ڪري، هنن نون غزلن مان فقط ڪي چونڊ شعر ڏيندس، جن مان اياز گل جي شاعريءَ جون اڳ بيان ڪيل خوبيون جَر جَر جرڪي رهيون آهن:
سياڻو ٿيءُ ڇو خون ڪرڻ ٿو چاهين تون!
مون کان پنهنجي يادِ کسڻ ٿو چاهين تون!
ساڀيائون ڀي اهم ٿين ٿيون جيونَ ۾
ڇو آخر پوءِ خواب ٿيڻ ٿو چاهين تون!
*
بدن جا عيبَ سمورا انهيءَ ۾ ڍڪجي ويا
هي پيارُ اهڙو ته پهراڻ ٿي ويو آهي
اکيون رڳو نه، هُو وڇڙيو ته پنهنجي شعرن جو
اکر اکر ئي ته آلاڻ ٿي ويو آهي
ملڻ مان، لهجي مان، ڪيڏو لڳي پرائو ٿو
ائين ته ڪونه هو، جيئن هاڻ ٿي ويو آهي؟
*
چَپڙن لفظَ چيا جي ناهن
شايد ڪي اقرارَ گُهرن ٿا
ڌرتيءَ کي دوزخ ٺاهيندا
هُو جيڪي هٿيارَ گهرن ٿا
*
ڪنهن ٻالڪ جي اندر وانگي
ماڻهو آ هُو مندر وانگي
سانئڻ!، اڄڪلهه ڇو ٿي وئي آن
جُون ۾ ٻَرندڙ سکر وانگي
آءٌ سدائين تو سان رهندس
منظر سان پس- منظر وانگي
نَڪو ملي ٿي، نه ئي نيڻ ٿي پڙهڻ ڄاڻي
هوءَ ڇوڪري به رڳو سُور ٿي ڏيڻ ڄاڻي
انهيءَ کي ڪهڙي خبرَ، لفظَ ڪيئن مارن ٿا؟
جا ڳالهِه ڳالهِه ۾ بس طنزَ ٿي ڪرڻ ڄاڻي
*
ڇرڪُ ڀري ائين اندرَ جاڳي پوندا هِن
هوءَ جي مُرڪي منظرَ جاڳي پوندا هِن
جڏهِن به ٿڪجڻ لڳندي آهي تنهائي
لفظَ، قلم ۽ ڪاڳرَ جاڳي پوندا هنِ
هونءَ ته پنهنجو پاڻَ ۾ پُورا هوندا هِن
ديسُ ڏکيو ٿي، شاعرَ جاڳي پوندا هِن
*
هُن کان پڇجانءِ: ”گڏ هلي سگهندينءَ!“
هڪڙو ننڍڙو سوالَ ڪم ايندءِ!
*
دل روئي پر مُرڪَ چَپن تي رکڻي آ
دُشمن تي دهمانُ، ضروري آ پيارا!
دردَ، دلاسا، اُلڪا، آسون سانڍڻ لئه
دل جهڙو گلدان، ضروري آ پيارا!
*
توکي رڳو جو ڪورو ڪاڳر لڳي پيو
مون کي صفا ٿو پنهنجو اندر لڳي پيو
سجَ وانگي مان انهي ۾ لهان ۽ ٻُڏي وڃان
تُنهنجو وجود مون کي ساگر لڳي پيو
*
دردَ جي ديس ڏانهن وٺي ٿا وڃن
سُور آهي هي سارَ جا رستا
مون کي جيڪي مليو، اکين تي دوستَ
توکي پرتا، بهارَ جا رستا
هُو طوفان ڪو سامونڊيءَ، مان
آهيان ڪيٽي بندر وانگي
ڪڏهن ڪڏهن جيونُ لڳندو آ
يارَ! ڳچيءَ ۾ سنگهر وانگي
*
پيارا ماڻهو!، ماٺ نه آهيون
ڳوڙهو ڳوڙهو ڳالهائي ٿو
مون ڏي ئي موٽي اچڻو ٿئي
گهرَ جو رستو ڳالهائي ٿو
*
پاڻ کي پاڻ اجنبي ٿو لڳان
تو بنا اهڙا حال ٿي ويا هِن
اسان جي شاعر اياز گلَ، جي غزلن مان مٿي ڏنل شعر ٻُڌائين ٿا ته، هُن غزل جي صنف ۾ ڪيڏي نه ڪماليت حاصل ڪئي آهي، جيڪا جديد سنڌي شاعريءَ ۾ رُڳو نارايڻ شيام کي ئي حاصل ٿي سگهي آهي.
مجموعي طور اياز گل، پنهنجي ٽهيءَ جي شاعرن ۾ مٿانهون ته آهي، پر سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ هُو، سدائين چوڏهينءَ جي چنڊ جيان چمڪندو رهندو. سندس غزل، وايون، گيتَ ۽ هائيڪا سنڌي شاعريءَ جو فخر لائق ورثو رهندا.
تنوير عباسي
سرمد جو گهر
خيرپور ميرس
3- جنوري 1996ع