هائيڪا
ٻُڍڙيءَ کان سُئيءَ ۾
ڌاڳو نٿي پيو
*
نلڪي تي ميڙا
واري تي وِهنجن پيا
ٻارَ ڏئي گيڙا
*
ماءُ، پيءُ سُتل ها
ٽاڪَ منجهندِ جو ٻارڙا
لُوڊو ٿي کيڏيا
*
آفيس مان ايندو:
”ٿَڪجي پئي هوندينءَ تون؟“
چُمي ڏئي چوندو
*
آيو نتيجو
نانءُ ڏسي اخبارَ ۾
کِلي، روئي پيو
*
آءٌ ۽ سڄڻُ
هڪڙو ماڻهو، نالا ٻه
پيوَند ڪيل وڻُ
*
مِليو تُنهنجو خط
پڙهي هانءُ ٺَري پيو
لِکيل: ”تُنهنجي فقط“
*
”وارو ڙي وارو!“
ڪُوڪون ڪَچي وارن جون
بندَ ۾ پيو گهارو
*
ٽرئفڪ جو درياهُه
وڏي شهرَ ۾ ڳوٺاڻي جو
مُٺِ ۾ آهي ساهُه
*
ماني اَڄُ مکيلَ
پَسِي پورهيتَ جي پُٽَ جا
چِمڪيا هيڊا ڳلَ
*
سانتِ اونداهي راتِ
ريڊيي تان آواز ”لتا“ جو
ٽوڙي چُپ چپاتِ
*
پنجون مهينو پيٽُ
لِڪي لِڪي لوڪَ کان
ڇوري کائي ميٽُ
*
پردي پويان تون
لِڪي لِيئڙا پائين ٿي
پڪڙي ورتو مون
*
پُراڻو مندرُ
”ڪرشنَ“ جي مورتيءَ تي
ويٺل ڪبوتُر
*
اُجرو جيئن ڪنول
ٽِڙيل گندي پاڻيءَ ۾
تيئن ماڻهو جي دِل
*
مُنهنجو تصورُ
تون ۽ مان، ٻاهر شهرَ کان
هڪڙو ننڍڙو گهرُ
*
مون کان دردَ وِسار
موٽان جي آفيس کان
مُرڪي بس نِهار
*
لِڪي ملڻَ جي هيرَ
ٻه پاڇا، ٻنيءَ ۾
ٻنهي اُگهاڙا پيرَ
*
کِيسو ڪتريلُ
ڳانا ٻه ڳِچيءَ ۾
ميلي مان موٽيلُ
*
پيارُ ۾ اهڙو ساءُ
ڪيئن نه وڌي ٿو وڃي
ٻانهُن جو ڦَلاءُ
*
سانتِ ٻُڏل ڪمرو
گونجيو تنهن ۾ اوچتو
شاعرَ جو سُڏڪو
*
ماءُ ڏنسِ دَڙڪا
چِٻَ ڪڍيا ٿي ٻارڙي
ڀريندي سُڏڪا
*
ڇَتِ جيڏي ڇوري
رَڙِ ڪيائين زورَ سان
ڏِسندي ئي ڪِرڙي
*
اونداهي اڌِ راتِ
آءُ اَچي ڪر سوجهرو
ڏِيئن جهڙي ڏاتِ!
*
لِڪي لِيڪا پائي چنڊُ
آڌيءَ ويلي ڪيئن پينهي ٿي
انگَ اُگهاڙي غُربتَ، جنڊُ
*
اُٿليو آ، درياهُه
ڪَچي ۾ ماڻهُن جو
آهي مُٺِ ۾ ساهُه
*
کُليل دَرُ
اڃا ڪين ونيءَ جو
وَريو ورُ
*
اوندهِه جا آثارَ
سجُ ڪَڪرنِ جي ڪڇَ ۾
وينگسِ، ڇوڙيا وارَ
*
مٿان سُڪل وَڻُ
هيٺان آءٌ اَڪيلو، سامهون
رِڍُن جو هڪ ڌَڻُ
*
ڳالهيون مصري کنڊُ
چهرو ائين پرينءَ جو
ڄڻ چوڏهينءَ جو چنڊُ
*
جوئارِ جي اوٽَ
سِيسڙاٽيون ۽ سڙٻاٽَ
ڪانَن ۾ ڦَڙِ ڦوٽَ
*
سِرنهن ڦُلاريا گُلَ
ٿيا سڄي باغَ ۾
هُٻڪارن جا هُلَ
*
شامَ، لبِ مهراڻ
ساٿُ سُريلي دوستَ جو
هر ساعتَ سُرهاڻ
*
ڏهن رُپين جي موٽَ
پيٽ بُکئيءَ پينو ڇوريءَ جا
چارِ گهڙيءَ لاءِ گهوٽَ
*
پائيندي لِيڪا
ڪوري ڪاڳرَ تي لِکجي ويا
ٻه ٽي هائيڪا
*
ڊِڄي جوساهُه کڻي
تو لئه تارَن ٽوڙڻَ جي ٿو
ڪيئن سو هامَ هڻي