دل جي ديس مان جلا وطن يادون
روزُ روزُ ملبو هو
۽ ڳالهِه ڇا به هجي
ٽهڪَ ڏيئي کِلبو هو
چَپنِ تي پنهنجون پرايون، هزار آکاڻيون
ادبَ تي، آرٽِ تي، فلمن تي ۽ ڪتابن تي
طويل بحثَ رُساما، عَجب عَجب ڳالهيون!
۽ وِچ ۾ وري اکڙينِ جون پنهنجون شيطانيون
عجب نَشي ۾ ٿي گُذريا، هي ڏينهنَ ۽ راتيون
نه پنهنجو هوشُ، نه دُنيا جي ڪا خبرَ پرواهَه!
۽ هي به ڏينهن ٿيا:
ٿا ڪڏهن ڪڏهن گڏجئون
مِلون ته ائين جو ستَ ڪوٽَ اوپرائپَ جا
ڪنهن [1]JOKE تي به رُڳي مُرڪَ، سا به زوريءَ جي
نه مان ئي ساڳيو اُهو ۽ نه تون اُها ساڳي
اکيون اُهي ئي مگر، هاڻي تِن ۾ ويرانيون!
پرائي ديسَ ۾ ڪنهن اجنبيءَ جون حيرانيون!
ٻه چار جُملا، لڳن ٽيپِ ٿيلَ زبانن تي:
”اوهان جي ڪيئن آ طبيعت،
ڪٿي ۽ ڪيئن آهيو؟
لکو ٿا؟
لکڻ به شايد ڇڏي ڏنوَ هاڻي!
گهڻن ڏينهنِ کان اوهان جو نه ڪُجهه پڙهيو آهي
ڏسو ته ڪيڏي نه آهي خراب موسمَ اَڄ
هَوا ۾ ڪيڏي مٽي!
بس زڪام، کنگهِه، بُخار!!“
۽ وِچَ ۾ وري خاموش چانهه جو وقفو:
جي ڪوپ ڏيندي ٿئي آڱريُن جو ٿورو ڇهاءُ
تَڪڙ ۾ هَٿُ ڇِڪڻ، [2]SORRY ٿورڙو پڇتاءُ!
نگاهون هيٺ، رُڳو ماٺِ، ماٺِ ڀي هڪ گهاءُ!
عذابُ ماٺِ جو جنهن پل وڌي وڃي حد کان
”چڱو، هلان ٿو!“ چوڻ:
دَرَ ڏانهن وڌڻ، وڌي رُڪجڻ
اَجائي آسَ، اِجهو موٽَ ۾ ڪوئي چوندو:
”اڃا ته ويهُه اَڃا وقت ئي ٿيو ڇاهي؟
جڏهن به ايندين، ائين تَڪڙِ ئي ڪيون ايندين!“
مگر جوابَ ۾:
”پوءِ چڱو، وري اچجو!“
ٻُڌي، نِڙيءَ ۾ ڪائي شيءِ اَٽڪندي ڀاسي
۽ تيز تيز قدمَ، ڌُوڙ ڌُوڙ راهُن تي.
اِهي به ڏينهن ٿيا!
ها، اِهي به ڏينهن ٿيا!!
___________
[1] . مذاق : Joke
[2] . افسوس: Sorry