قلمُ ڀڄي ڀل ڀورا ٿِي پئي، اوندهِه ساري واٽَ
تڏهن به جاني! جهَڪِي نه ٿيندي، ڏاتِ ڏيئي جي لاٽَ
مانگرَ مُنهنَ ۾ ماسُ اچي ڀل، ڪَچي گهڙي تي گهڙبو
واٽَ عشقَ جي جهلي نه سگهندا، ڪُن جا ڪڙڪاٽَ
جيءَ ۾ جذبا جَرڪن جَرڪن، قيدِ ڪَلا ڪيئن ٿيندي؟
گيتَ پِريت جا لِکبا رهبا، ڪري ته اُوچا ڳاٽَ
عشق، مُشڪَ کي ڪيسين ڍڪبو، نيٺ ته ظاهر ٿيندا
جيڪي چئبو واڪَ وڏي سان، ڪين ڪبا سرٻاٽَ
نئون صبوح آ، سَچَ جو سُورجُ، ڄاڻ ٿيو نِروار
هن ڌرتيءَ تي هاڻ نه رهندي، ڪاري ڪاري ٻاٽَ
ديسَ سان دِلڙي لائي سائين! منزل ماڻڻ وڃبو
اَنڌيارن ۾ پنهنجا رهبرَ، چاهتَ جا چَمڪاٽَ