ڇرڪُ ڀري ائين اندرَ جاڳي پوندا هِن
هوءَ جي مُرڪي منظرَ جاڳي پوندا هِن
ياد ائين، جيئن هوريان هوريان گهِنڊَ وڄن
ذهنَ ۾ ڄڻ ڪي مندَر جاڳي پوندا هِن
جڏهن ٿَڪجڻ لڳندي آهي تنهائي
لفظ، قلمُ ۽ ڪاڳَر جاڳي پوندا هِن
سولائيءَ سان وِڇڙي سگهبو آهي، پر
نيڻن ۾ ڪي ساگَر جاڳي پوندا هِن
جذبا سَرد ٿيڻ لڳندا آهن جڏهين
رِشتن ۾ ڪي خنجرَ جاڳي پوندا هِن
جڏهن به گڏبو آهين، توکي ڏِسندي ئي
اندرَ ۾ ڪي اوڳرَ جاڳي پوندا هِن
هونئن ته پنهنجو پاڻَ ۾ پُورا هوندا هِن
ديسُ ڏکيو ٿي، شاعرَ جاڳي پوندا هِن