اُداس پل جو هڪ وعدو
اهڙو ڪيان ٿو وعدو اَڄُ
ته تُنهنجي نينهنَ جي ناتي نه
آئيندي جيئبو
نه مُرڪبو ئي وري، هاڻي تُنهنجو نانءُ وٺي
نه تنهنجي راهَه گُذارن تان گُذريو هاڻي
جي گُذريو به ته، ڪنڌُ هيٺ ۽
جُهڪيلَ اکيون.
نه تنهنجو خيال، نه جذبن جي ڪائي ڪِتڪائي
نه جاڳَ ۽ نه وري ڪا اکيُن ۾ لالائي
جي ذڪر آيو ڪٿي، تُنهنجو
ڪنهن به محفلِ ۾
ته اهڙو ڏيکُ ڏِبو، ڄڻ نه ڪا شناسائي،
اڪيلو ڪمري ۾ ويهي ۽ توکي يادِ ڪري
ڪو غزلُ لِکبو ۽ نه ڪو شعرُ
تُنهنجي نانءِ ڪبو.
جي دِل گُهري ڪنهن پُڇيو دوستَ
تُنهنجي باري ۾
ته ٽهڪُ ڏيئي وڏو چئبو:
”ڪُوڙ هو سڀ ڪجهه
مڙيئي دل پئي وِندرائي سي
ٻه ٽي ڏينهنڙا
اسان ۽ پيارُ!!، ڪو کوڙو
لڳي ٿو دوستَ ڀلا؟!!“
نه تُنهنجو ساٿُ، نه آٿتُ، نه هانوَ تي ڇَنڊو
ته پوءِ روزُ دُکن جا صليبَ ڇو کڻجن؟
ڇو روزُ مَرجي ۽ ڇو روز رولجَن موتي،
جي جيتَ ناهي اسانجي ته ماتِ ڇا جي لاءِ؟
ڊگهو سفر ۽ اُداسيءَ جي راتِ ڇا جي لاءِ؟
سدا اَڪيلو رهان
سو چڱو آهي اڳنا
مان پنهنجو پاڻَ سان اهڙو ڪيان ٿو
وعدو اَڄُ
ته هاڻي ڪنهن سان به ڀُلجي ڪڏهن
نه پيار ڪبو!