يا خُدا! زهر اَنڌيرن جو پکڙبو ٿو وڃي
تُنهنجي تخليقَ جو هر نقش اُجڙبو ٿو وڃي
ماڻهو ماڻهو آهي ڄڻ، هيڊَ جي درياءَ ۾ ٻُڏل
دردُ، ٽي- بيءَ جيان جِسمن سان وِچڙبو ٿو وڃي
ڏينهنَ جو کيرَ جيان اُجرو ۽ مقدس چهرو
راتِ جي تيز نَنهنِ ساڻ رهڙبو ٿو وڃي
چوڏهن سؤ سال اڳي وارو ئي منظر ساڳيو
ڦٽُ جيڪو به سِبيل هو سو اُڊڙبو ٿو وڃي
سونهن، سچائي، اَمن، هاڻي ڪتابي ڳالهيون
پيارَ جو پيرُ به ڌرتيءَ تان اُکڙبو ٿو وڃي