ٿورو ڀي جي ٿئي وڇوڙو، مَنَ ۾ باهِه ٻري
وَسڪاري کان پوءِ ڄڻ ماڻهو، ٿرَ کان رهي پري
رات اوهان جي يادِ، اسان جي ذهن ۾ ايئن آئي
ڪُونڀٽ* کي جيئن بيٺو ٿوهر، ڀاڪُرَ منجهه ڀري
ٻيو ته ٺهيو ڏِسُ، اَڪَ به جهڙا گُلَ ڦُٽا آهن
اهڙيءَ رُت ۾ سَري جي توبين، آخر ڪيئن سري؟
اکڙين کي اوسيئڙو جنهن جو، سا ته نه آئي پر
پيرُ، پيرَ ۾ پائي آئي، ڪَوتا راتِ ٺري
ڀيڄَ ڀنيءَ جو، شاهَه جي وائي، موهنَ[1] جو آوازُ
ايئن لڳو پئي، ڳايو ويٺي ٿرَ جي ذري ذري
ستَ- رنگ چوليون، چِلڪيل چهرا، ڳاڙهسِري واري
سنڌڙي!، تُنهنجو چاهُه پئي ٿي، اکڙين منجهه ڀري
___________
* . ڪُونڀٽ: ٿر جو هڪ وڻُ، جيڪو ٿوهَر جي جُهڳٽي وچ ۾ اُڀري ايندي آهي.
[1] . موهن: ٿَر جمو البيلو راڳي موهن ڀڳت.