تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5028
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

ليکڪ پاران

ليکڪ پاران


هي ڪتاب اقتداري سازشون جيڪو اوهان جي هٿن ۾ آهي اهو بنيادي طور منهنجي ڪاوش اخبار ۾ لکيل ڪالمن تي مشتمل آهي. هونئن ته 1994ع کان وٺي 12 مارچ 2004ع تائين مون ڪاوش ۾ سوين ڪالم لکيا پر هتي صرف چونڊ ڪالم پيش ڪيا ويا آهن. اصولي طور تي هي ڪتاب 5 سال اڳ شايع ٿيڻ گهربو هو پر منهنجي پنهنجي ۽ ڪجهه دوستن جي سستي سبب ان ۾ ايتري دير ٿي آهي.
نور احمد ميمڻ ڪافي عرصو اڳ صلاح ڏني ته ڪالمن جو ڪتاب شايع ڪرايو. ڳالهه وڻي ۽ مون ڪالمن جي چونڊ شروع ڪئي. ڪجهه دوستن صلاح ڏني ته توهان پاڻ چونڊ نه ڪريو، ڪنهن ٻئي دوست کي چئو. ڪاوش جي دوست ايم بي سومرو هام هنئين ته هو چونڊ ڪندو، مون ڪالمن جو مجموعو هن جي حوالي ڪيو ۽ تقريبن سال کن کانپوءِ هن کان مون موٽائي ورتو، ڇو ته هو مون کان وڌيڪ سست ثابت ٿيو. ايم بي سومرو سٺو دوست آهي ۽ خيرخواهه به آهي پر الائي ڇو سستي ڪيائين. ساڳيو حشر وري هڪ ٻئي پياري دوست ياسين جوڻيجو به ڪيو.
بهرحال ان دوران پراڻو ساٿي ثناءُالله سومرو ڪنهن ڪم سان اسلام آباد آيو. هن چيو ته هو ڪالم چونڊ ڪندو. مون هن جي حوالي ڪيو مجموعو ۽ هن همراهه هيٺ مٿي ڪري نيٺ ڇانٽي ڪئي. ڪتاب سنڌيڪا وارن ڪمپوز ڪيو ۽ پروف پڙهڻ لاءِ موڪليائون ان ۾ به سستي ڪيم نيٺ پروف پڙهي ورتم. سوچيم ته ڪتاب تي ٻه اکر علي قاضي کان لکرايان پر قاضي صاحب انهن ڏينهن ۾ سنڌ ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ مصروف عمل هو. هن واعدو ڪيو ته ڀٽ شاهه وارو جلسو ٿئي ته بعد ۾ لکي ڏيندو. بعد ۾ ساڻس ملاقات ٿي ته مسودي جي گهر ڪيائين مون نور احمد کي چيو بهرحال وري معاملو سستي جي نظر ٿي ويو.
علي قاضي صاحب سان زندگيءَ جا 11 سال گڏجي ڪم ڪيو. 1994ع جي شروع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪاوش کي بطور رپورٽر جوائن ڪيم. هن مونکي پهرين اسائنمينٽ ڏني ته سيد پرويز شاهه جي خلاف سندس گهرواريءَ ڪنهن ڪراچي جي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيوآهي ان جو فائيل هٿ ڪريو. سندس گهرواري جي نالي جي خبر هئي ۽ نه وري عدالت جو پتو. تن ڏينهن ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هئي پرويز شاه سنڌ ۾ اطلاعات جو وزير هو. مون چيو لڳي ٿو ته علي صاحب ڏکئي اسائنمينٽ ڏئي جان پيو ڇڏائي. ڀلا هيڏي وڏي شهر ۾ لکين ڪيس نه عدالت جي خبر نه درخواست گذار جي. اچي پريشان ٿيس، سوچي سوچي پنهنجي ميٽرڪ جي ڪلاس فيلو دوست اشرف خشڪ سان مليس هو تن ڏينهن ۾ سٽي ڪورٽ ۾ ڪلارڪ هو. اشرف خشڪ سان حال احوال ٿيو چيائين ته مسئلو ئي ناهي، چپ ڪر چاءِ پي ته مسئلو حل ٿا ڪريون.
اشرف خشڪ پراڻودوست آهي ۽ مونکي حادثاتي طور صحافت ۾ به هوئي وٺي آيو هو. اهو 1989ع جو وقت هو جڏهن هو نئون سج اخبار ۾ ڪمپيوٽر آپريٽر هو. هڪ ڏينهن چيائين يار بيروزگار آهين نئون سج اخبار نڪتي آهي ان ۾ نوڪري ڪر. مون چيو ته ڪهڙي پوسٽ آهي چيائين نيوز ايڊيٽر، سب ايڊيٽر، پروف ريڊر جيڪا ملي في الحال وٺ.
انهن ڏينهن ۾ شاگرد سياست ۾ سرگرم هئس ڏورڻي جيڏا شهپر هوندا هئا، پستول ور ۾ ڪنهن تي تڪ ئي نه هوندي هئي. مون اشرف کي چيو ته ڳالهه ٻڌ وڏو عهدو ڪهڙو آهي، چيائين اهو ته ايڊيٽر جو آهي ۽ اخبار جو مالڪ علي حسين جمالي پاڻ وٽ رکيو آهي، باقي ڏسون ٿا توهان انٽرويو ڏيو.
مون انٽرويو ڏنو ڊان اخبار جي چيلهه جيڏي خبر جمالي صاحب ترجمو ڪرڻ لاءِ ڏني انگريزي چڱي هوندي هئي، مون 20 منٽن ۾ ترجمو ڪري خبر سندس سامهون رکي ته جمالي صاحب جا تاڪ لڳي ويا. عينڪ ڪنهن مهل لاهي ڪنهن مهل پائي، انگريزي خبر ڏسي وري مون وارو ترجمو چيڪ ڪري چيائين بلي!
همراهه پڇيو پگهار گهڻي وٺندي. مون دل ۾ سوچيو ته علي هوٽل لياري کان U-1 ويگن ۾ ايندس تبت سينٽر تائين اڍائي رپيا اوٽ موٽ جو ڪرايو 10 رپيا روز مانجهاندو ۽ چاءِ سگريٽ ملائي سوچيم ته 600 رپيا ماهوار مان گذارو ٿي ويندو. جمالي صاحب کي چيم ته اوهان ٻڌايو ته اوهان گهڻو ڏيندا. هن چيو ته ڏسو نئون اداروآهي اوهين سمجهو ته وظيفو آهي. مون دل ۾ سوچيو ته مان خيرات لاءِ ته نه آيوآهيان خبر ناهي هي همراهه 200 يا 300 چوندو. بهرحال مون سوچيو ته 500 ڏنائين ته به ڪم ڪندس. خير مون کائنس پڇو سائين گهڻو ڏيندا. چيائين يار مونکي ٻڌائيندي شرم ٿو اچي. جمالي صاحب الله جنت نصيب ڪريس شريف ماڻهو هو ۽ حضور شرمي ۾ پگهار نه پيو ٻڌائي. مون چيو ڀلا هي 100 يا 150 چوندو. مون به پڪائي ڪئي چيائين ادا باغي مهر انڪار نه ڪجانءِ في الحال 1500 رپيا ماهوار پگهار آهي مهيني ٻن کان پوءِ وڌائينداسين. مون دل ۾ سوچيو بلي.....1500- اڙي ايڏي رقم ڪيئن خرچ ڪندس دل ۾ سوچيم ٺٺ ٿي ويا، پر جمالي صاحب کي چيم سائين شابس اٿوَ اهو اوهان ملهه ڪيو آهي.
جمالي صاحب چيو ته ادا مون اڳ ۾ ئي معذرت ڪئي ته هي وظيفو آهي پر واعدو آهي ته ٻن مهينن ۾ پگهار وڌائيندس. مون به پڪائي ڪئي مون چيو ته سائين 2 هزار ڏيو ته ٺيڪ آهي نه ته مان ڪم نه ڪندس. نيٺ 1800 تي معاملو پڪو ڪيم. گهر آيس بابا کي ٻڌايم ڏاڍو خوش ٿيو. مذاق ۾ چيائين ڪنهن جي ڦٽي آهي جيڪو تو جهڙي بيڪار ماڻهوءَ کي ايڏي پگهار ٿو ڏئي. باباتن ڏينهن ۾ سيڪشن آفيسر هو. شايد، سوچيائين ته گهر هلائڻ ۾ مدد ملندس. خير مون باغي مهر جي نالي سان حادثاتي طور نئون سج اخبار مان 1989ع ۾ صحافت شروع ڪئي. شوق ايترو هو جو خبر ٺاهڻ، ڪمپوزنگ، پروف، بٽر پيپر تي پرنٽ، پيسٽنگ، پريس مان شايع ٿيڻ، بائنڊنگ ۽ نيوز ايجنٽ تائين موڪلڻ وارن سمورن مرحلن ۾ دلچسپي ورتم ۽ ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ڪندو هئس. جمالي صاحب ڏٺو ته ڇوڪرو محنتي آهي، هن کي هر ڪم ڪري پيو ڏيان ٿوري پگهار ۾ سو هو به ڪافي خوش هو.
بهرحال ڪجهه مهينن بعد نئون سج ڇڏي الوحيد اخبار جوائن ڪئي، ان بعد اتي ٽنڊو بهاول واقعي جي خبر فوجي ترجمان جي خواهش موجب شايع ڪرڻ کان انڪار سبب جهيڙو ڪري انتخاب اخبار ۾ ويس جتي گستافي معاف جي عنوان سان اردو ۾ ڪالم لکندو هئس. 1993ع جي آخر ۾ فوجي آپريشن هلندڙ هو ڄام ساقي بيمار ٿيو جناح اسپتال ۾ هو. مظفر شاهه سنڌ جو وڏو وزير هو، ڄام جي حق ۾ ڪالم لکيو. ان ۾ فوج خلاف لکيو ڏاڍو سخت. ٻئي ڏينهن نوڪري تيل ٿي وئي. انتخاب اخبار جي مالڪ انور ساجدي چيو هو ته فوج، سپريم ڪورٽ ۽ اڪبر بگٽيءَ خلاف ڪڏهن نه لکجانءِ باقي جيڪو وڻئي لک. ان بعد 1994ع جي شروعات ۾ ڪاوش جوائن ڪيم. بهرحال پهرين نوڪري کان اڄڪلهه بي بي سي تائين زندگي جي 23 سالن جي صحافتي تجربي دوران وڏا لاها چاڙها ڏٺا ۽ ان بابت يادگيرين تي مشتمل ڌار ڪتاب لکڻ جو ارادو آهي.
خير اشرف ۽ مان گڏجي اٿياسين. ڪورٽ مان مونکي ريڪارڊ روم ۾ وٺي آيو. چيائين ڪيس ڪڏهن داخل ٿيو، درخواست گذار جو نالو يا ڪهڙي ضلعي ۾ آهي؟ مون چيو ڪا خبر ڪانهي. هن گذريل 10 سالن جو ريڪارڊ منهنجي حوالي ڪيو. لکين ڪيس هئا مون چيو ته استاد هن ۾ عمر ڳري ويندي. خير هن 1994ع کان شروع ڪرڻ لاءِ چيو. رجسٽر کولي چيائين هي خانو درخواست گذار جو آهي ۽ هي خانو جوابدار جو. درخواست گذار به جتي ڪنهن عورت جو نالو هجي ۽ جوابدار ۾ پرويز شاه جو هجي اهو ڊائري نمبر نوٽ ڪندو وڃ. هو ڪم تي هليو ويو، مون اچي رجسٽر کوليا، هل هلان، ڪو پنج ست هزار ڪيس اسڪين ڪيم ته چار اهڙيون انٽريز مليون جنهن ۾ عورتن جا پرويز شاهه نالي همراهن خلاف ڪيس هئا. نوٽ ڪري اشرف خشڪ وٽ آيس ۽ قدرت الله جي پهريون فائيل کوليوسين ته اهو ڪم جو هو، جنهن جي مونکي تلاش هئي. فائيل فوٽو ڪاپي ڪرائي آيس آفيس، شام جو علي صاحب آيو کيس فائيل ڏنم ۽ ٻڌايم ته مون پرويز شاهه جي گهرواري جو فون نمبر ۽ ايڊريس به هٿ ڪئي آهي. ساڻس ڳالهه به ٿي آهي، انٽرويو لاءِ راضي آهي.
علي صاحب علامه اقبال وانگر مٿي تي هٿ رکي ڪنهن مهل فائيل کي ڏسي ڪنهن مهل مونکي پيرن کان مٿي تائين ڏسي ته هي ڪهڙي بلا آهي. بقول سندس ته هن اهو ڪم ڪافي مهينا اڳ مشتاق سهيل ۽ ارشاد گلاباڻيءَ کي چيو هو ڪو نه ڪري آيا، مون هن کي پهرين ڏينهن ڪري ڏنو ۽ هن کي شڪ ٿيو ته ڪٿي مان ايجنسين جو ماڻهو ته ناهيان. مونکي دل ۾ خوشي هجي ته علي قاضي ڀڄائڻ لاءِ بهاني طور هي ڪم سونپيو ته هي ڪري ڪو نه سگهندو ۽ کيس جواب ڏيڻ ۾ آساني ٿيندي. مان دل ئي دل ۾ سوچيم ته هاڻي ڪهڙي بنياد تي هو جواب ڏيندو کيس نوڪري ڏيڻي پوندي. هتي اهو به ذڪر ضروري آهي ته مونکي اسلم لغاري علي صاحب سان ملايو هو. بهرحال لغاري صاحب مارڪيٽنگ جو بادشاهه هو. شايد جڏهن علي صاحب کيس مون بابت ٻڌايو هوندس ته هن به ڪالر تي هٿ هڻي چيو هوندس ته موتي داڻو ڳولي آهيان!
خير علي قاضي ۽ اسلم قاضي صاحب ٻه ٽي مهينا مونکي نظر ۾ رکيو ۽ آخر فيصلو ڪيائون ته اسلام آباد وڃ. وري اچي مونکي ڦڦڙي لڳي ته ڪٿي همراهه نوڪري تيل ڪرڻ جي چڪر ۾ ته ناهن. ڇو ته مون ڪڏهن اسلام آباد ڏٺي ئي ڪو نه هئي نه مٽ نه مائٽ نه دوست نه واقف. مون هنن سان پڪ ڪئي ته اسلام آباد ۾ نه هلي سگهيس ته واپس ڪراچي ۾ رکندا، ساڳئي پگهار تي. هنن واعدو ڪيو ۽ مونکي ٻئي ڀائر ڀائڻ لڳا. ڪچهريون عام جام ٿي ويون ۽ هنن مون کي نه صرف پروفيشنل پر ذاتي زندگي جي حوالي سان به ڪافي رهنمائي ڪئي. اڄڪلهه مان جيڪو ڪجهه آهيان ان ۾ ڪاوش، اسلم قاضي صاحب ۽ علي قاضي صاحب جو وڏو عمل دخل آهي. جيتوڻيڪ مان بي بي سي ۾ آهيان پر اڄ به ابتدائي شناخت ڪاوش واري آهي.
هن ڪتاب ۾ ڪالمن جي چونڊ ثناءُالله سومرو ڪئي آهي ۽ مونکي پروف پڙهڻ وقت احساس ٿيو ته ڪافي ڪالم اهڙا هئا جيڪي هجڻ گهرجن ها پر اهي هن ۾ ناهن. مون ان ڳالهه کي نظرانداز ڪري هي سٽون لکڻ شروع ڪيون ڇو ته اڳ ۾ ئي ڪافي دير ٿي چڪي آهي. سمورن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن هي ڪتاب شايع ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. هيٺ ڏنل اي ميل تي اوهين راءِ ڏيڻ لاءِ رابطو ڪري سگهو ٿا.
ساٿ سلامت- سنڌ سلامت

اعجاز مهر
بي بي سي-اسلام آباد