تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

بينظير کي نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ويندو؟ احتساب بينچ جو فيصلو ۽ اپوزيشن جا آپشنز

بينظير کي نااهل قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪنهن جي حق ۾ ويندو؟ احتساب بينچ جو فيصلو ۽ اپوزيشن جا آپشنز

نيٺ لاهور هاءِ ڪورٽ جي راولپنڊي واري احتساب بينچ محترمه بينظير ڀٽو ۽ سينيٽر آصف زرداري کي 5 سال سخت پورهئي سان ٽيپ ۽ 5 سالن لاءِ اليڪشن ۾ حصو وٺڻ کان نااهل قرار ڏيارڻ ۽ 86 لک ڊالر جو ڏنڊ ڀرڻ جي سزا ڏيارڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڪنهن اڳوڻي وزيراعظم کي نااهل قرار ڏيڻ ۽ سزا ڏيڻ جو ڪنهن عدالت فيصلو ڪيو آهي. محترمه پاڻ ته ملڪ کان ٻاهر آهي ۽ لنڊن مان بي بي سي کي انٽرويو ڏيندي هن چيو آهي ته ايندڙ هفتي هوءَ وطن پهچي رهي آهي پر آصف زرداري سزا وارو فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت ۾ موجود هو. زرداري صاحب مسڪرائيندي اهڙو تاثر ڏيڻ پيو چاهي ته سزا سان مٿس ڪو فرق نه پيو آهي هونئن به هو جيل ۾ ته اڳ ۾ ئي آهي وڌيڪ ڇا ٿيندس.
فيصلي بابت گادي واري شهر ۾ حڪومتي ۽ ليگي حلقن ۾ ڪافي خوشي محسوس ڪئي پئي وڃي. هنن جو چوڻ آهي ته محترمه ۽ آصف جي ڪرپشن جي الزامن هيٺ داخل ڪيل ڪيس عوام آڏو سچو ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهن. هاڻي هو ماڻهن کي مطمئن ڪري سگهندا ته حڪومت رڳو محترمه وارن خلاف ڪرپشن بابت هوائي ڳالهيون نه ڪيون هيون ۽ سالن تائين ميڊيا ٽرائل ۽ پروپيگنڊا نه پر حقيقت هئي. ان عدالتي فيصلي سان حڪومت کي منهن لڪائڻ جو سٺو موقعو ۽ جواز ملي ويو آهي. مبصرن جو خيال آهي ته حڪومت کي جواز ته ملي ويو آهي پر اها به کين خبر آهي ته سپريم ڪورٽ محترمه جي وطن موٽڻ کان اڳ ئي ٿي سگهي ٿو اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏي ۽ محترمه کي هٿڪڙي هڻي جيل موڪلڻ وارو حڪومت جو خواب شايد پورو نه ٿي سگهي.
پ پ وارن جو چوڻ آهي ته هنن جي حڪمت عملي اها ئي هوندي ته محترمه جي اچڻ کان اڳ سپريم ڪورٽ مان فيصلو وٺي اسٽي آرڊر حاصل ڪجي جيئن محترمه لاهور يا ڪراچي ۾ پهچڻ سان ئي اهو اعلان ڪري ته سپريم ڪورٽ معطل ڪري مون کي رليف ڏنو آهي. ان فيصلي خلاف جيتوڻيڪ ڪالهه ئي شام جو راولپنڊي ۾ پ پ وارن مظاهرو ڪيو آهي ۽ حڪومت خلاف سخت نعرا به هنيا آهن پر هاڻي اپوزيشن جنهن کي مئل گهوڙو چيو ويندو هو ان ۾ شايد وڌيڪ جان پئجي وڃي.
وزيراعظم جي لاهور رهڻ ۽ حڪومت توڙي اپوزيشن جي سرگرمين جي بلڪل ٿڌي هئڻ، اسيمبلي ۽ سينيٽ جا معاملا نه ٿيڻ ڪري گادي واري شهر ۾ سڃ لڳي پئي هئي پر غوري ٽو ۽ شاهين ميزائيل جي ٽيسٽ فائر ٿيڻ وارين خبرن سان گڏ محترمه ۽ آصف جي نااهلي وارو فيصلو اچڻ سان خبرن جي دنيا ۾ ڄڻ ته ايٽم بم ڦاٽي پيا آهن ۽ اوچتو ايتري ته سرگرمي تيز ٿي وئي آهي جو هن سنسان شهر متعلق لڳي ٿو ته ڄڻ اوچتو آباد ٿي پيو آهي.
هتان جي سياسي توڙي سفارتي حلقن کي توقع هئي ته جمعي تي يعني اڄ اهو فيصلو ايندو پر عدالت پاڻ اعلان جي باوجود به هڪ ڏينهن اڳ فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. ان فيصلي جي حوالي سان اهو خيال ظاهر ڪيو پيو وڃي ته اپوزيشن کي ڄڻ ته جان ملي ويندي ۽ پ پ جي صفن ۾ مضبوطي کانسواءِ جوائنٽ اپوزيشن ۾ به ڪو گرينڊ الائنس نه ٺهي وڃي. محترمه بينظير ڀٽو جيڪا آمريڪا کان ئي هاڻي لنڊن پهتي آهي، تنهن آمريڪا جي نائب پرڏيهي وزير ڪارل انڊر فرٿ سان تفصيلي ملاقات کان پوءِ نااهلي واري فيصلي جي باوجود فون تي احمد مختيار کي چيو آهي ته ”فڪر نه ڪريو مسئلو حل ٿي ويندو.“ 11 اپريل تي ڀارتي ميزائيل جي تجربي کان پوءِ محترمه جي اجازت سان سندس ميڊيا سيل بيان جاري ڪيو ته ڀارت کي جواب ڏيڻ لاءِ پاڪستان سرڪار اپاءَ وٺي پر ساڳئي ڏينهن محترمه ۽ انڊر فرٿ جي رابطي کان پوءِ محٽرمه وري اهو بيان جاري ڪيو ته پاڪستان کي جواب نه ڏيڻ گهرجي.
موجوده صورتحال ۾ پ پ قيادت تي مدار آهي ته هو ڪهڙي حڪمت عملي ٿي اختيار ڪري. جيڪڏهن کيس ڪا وڏي خاطري نه هوندي ته ان کان پوءِ محترمه وري هڪ دفعو ٻيهر لاهور ۽ لاڙڪاڻي جي فرق وارو نعرو هڻي پونم وارن ليڊرن سان ٻه ٽي چانهه پارٽيون ڪيون ته به حڪومت ۽ ٻين سڀني لاءِ حد کان وڌيڪ پريشاني ٿيندي. هيستائين پونم سان گڏجڻ وارو ڪارڊ محترمه بچائي رکيو آهي جيڪڏهن هاڻي به هن اهو استعمال نه ڪيو ته پوءِ شايد اها پڪ سمجهي وڃي ته محترمه کي ڪا نه ڪا گارنٽي ضرور آهي. هڪ پاسي ڪرپشن ۾ نااهلي واري فيصلي سبب محترمه جي بدنامي ته ٿيندي پر سپريم ڪورٽ جيڪڏهن اپيل جو فيصلو احتساب ڪورٽ جي حڪم خلاف ڏنو ته محترمه جو گراف وري مٿي چڙهي ويندو.
پ پ وارن کي سپريم ڪورٽ مان وڏي اميد آهي ته فيصلو معطل ٿي ويندو پر جيڪڏهن اهو نه ٿيو ته هڪ ذميوار پ پ اڳواڻ ته اهو به چئي ڇڏيو آهي ته سمورا پ پ اڳواڻ اسيمبلي ۽ سينيٽ مان استعيفا ڏيڻ ۾ به دير نه ڪندا. شايد اڃا اهڙو فيصلو ڪرڻ جي نوبت نه اچي، پر جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ في الحال حڪومت لاءِ فلڊ گيٽ اوپن ٿي ويندو ۽ هو باءِ اليڪشن ذريعي مارچ 2000ع کان اڳ ئي سينيٽ ۾ به اڪثريت حاصل ڪري سگهندا.
هن وقت ڀارتي ميزائيل اگني جي تجربن جي جواب ۾ پاڪستان پاران ڪيل ٻن تجربن سبب وري هڪ دفعو ٻيهر عالمي امدادي ادارن پاڪستان ۽ هندستان خلاف پاليسي جوڙي آهي. آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ سميت سمورن ننڍن توڙي وڏن امدادي ادارن توڙي ملڪن جي فنڊز روڪڻ وارن فيصلن سبب پاڪستان تي ڀارت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منفي اثر پوندو. پهرين سيپٽمبر تي رٿيل پاڪستان ڊولپمنيٽ فورم جو اجلاس ميزائيل تجربن جي ڪري ملتوي ٿي ويو آهي جنهن سان اقتصاديات کي وڏو ڌڪ لڳندو ۽ وري گهيرو تنگ ٿي ويندو. اقتصادي مشڪلاتن سان گڏوگڏ جيڪڏهن سياسي چرپر زورن تي آئي ته حڪومت لاءِ وري مشڪلاتون پيدا ٿينديون ۽ هر دفعي جيان هن ڀيري به وري هر ڪو ماحول ۽ راءِ عامه جڙندي جو هرڪو اهو چوندو ته حڪومت اڄ سڀاڻي تي آهي. مرد بحران جو لقب فخر سان قبوليندي نواز شريف هن دفعي به پراميد آهي ته هن بحران مان به ٽپي ويندو پر مارچ 2000ع ويجهو اچڻ ڪري هاڻي شايد معاملا اڃان ڳنڀير ٿين. سينيٽ جي مارچ 2000ع ۾ اليڪشن ٿيندي. پ پ جي 10 سينيٽرن سميت 3 درجن کان وڌيڪ سينيٽر رٽائر ٿيندا. سينيٽ جي اليڪشن تائين نواز حڪومت کي سينيٽ ۾ اڪثريت حاصل ٿي ويندي. نواز کي اهڙو اختيار ملڻ سان گهڻن لاءِ ڏکيائي پيدا ٿيندي. اها ڳالهه هر ڪو محسوس ڪري ٿو ۽ ان ڏس ۾ انتظام به ڪري ٿو. جيڪڏهن انهن ڌرين کي مارچ 2000ع واري ڊيڊ لائين تي پورو لهڻو آهي ته ايندڙ 4.3 مهينن واري دور ۾ گهڻو ڪجهه ٿيندي ڏسي سگهجي ٿو. 28 مئي 1998ع ۾ جڏهن ايٽم بم جا ڌماڪا ٿيا ته وزيراعظم نواز شريف ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو به گڏوگڏ اعلان ڪيو ۽ شايد اهو سمجهي ته اهو اعلان به ٿي ويندو پر سڀني ڏٺو ته حڪومتي تجزيه نگارن جي راءِ غلط ثابت ٿي الٽو اپوزيشن ايتري مضبوط ٿي رهي هئي جو حڪومت خطرو ڀائيندي ڪالاباغ ڊيم تان هٿ کنيو. هاڻي ميزائيل فائر ڪرڻ بعد وري محترمه ۽ آصف کي نااهل قرار ڏيڻ جو عدالت مان فيصلو اچڻ کان پوءِ به اهو ئي سمجهيو وڃي ٿو ته اهو ڦٻي ويندو. جيڪڏهن ميزائيلن جي ڪري اقتصادي گهوٽالو حڪومت کي جڪڙي ويو ته هن دفعي اپوزيشن وارا به ايٽم بم وقت جيڪو چانس ضايع ڪري چڪا آهن شايد ايئن نه ڪن ۽ سياسي هلچل ايتري پئدا ڪري وڃن جيئن حڪومت لاءِ سياسي فرنٽ تي به مشڪلات پيدا ٿئي. هيستائين اڍائي سالن ۾ حڪومت ۾ ويٺلن جا مسئلا ته حل ڪو نه ٿيا ۽ سدائين آسرن ۾ رهيا پر تازو ٻن مهينن ۾ جيڪي ترقياتي رٿائن جا اعلان ٿيا آهن هاڻي انهن جي رقم به رلي ويندي ڇو ته مستقبل ۾ وري اقتصادي گهوٽالي سبب حڪومت سوچي سمجهي خرچ ڪندي. جنهن سبب اقتصادي ڌرين ۾ به بدمزگي ۽ ڏار پئجي سگهن ٿا. بجلي چوري جي الزامن کان ته اڳ ۾ ئي گهڻا تنگ آهن پر هاڻي جيڪڏهن اپوزيشن موزون پليٽ فارم ۽ حڪمت عملي هيٺ اپاءَ نه ورتا ته هن دفعي سياسي سيٽ اپ ۾ وڏي پئماني تي اٿل پٿل جا امڪان چٽا ٿي ويندا.
(16 اپريل 1999ع)