ڇا عدليا ۽ حڪومت وچ ۾ تڪرار جا شعلا وسامي ويا آهن؟
نيٺ حڪومت پنهنجو هٺ ٽوڙيندي سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سفارش موجب 5 جج مقرر ڪرڻ جو فيصلو مڃي ورتو آهي. چيف جسٽس ۽ ججن تي الزام هڻندڙ وزيراعظم نواز شريف جيڪو جمع ڏينهن منجهند تائين به بضد هو ته هو آئيني ترميم آڻڻ بعد نظرثاني واري پٽيشن داخل ڪري ججن جي مقرري ۽ 14 هين ترميم کي معطل ڪرڻ وارن فيصلن خلاف پٽيشن داخل ڪندو پر اوچتو مليل هڪ سگنل بعد هن جا سمورا خواب ۽ خواهشون تبديل ٿي ويون ۽ نه چاهيندي به هن 5 جج مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۾ ڪا به هٻڪ محسوس نه ڪئي. سندس رويي ۾ آيل اوچتي تبديلي جو ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ گادي واري شهر جا صحافي، بکايل شينهن جيئن شڪار کي ڳوليندو آهي اهڙي نموني ڪوشش ڪندا رهيا. سبب ڄاڻڻ جي ڪوشش دوران ٻڌايل نظرين ۽ قصن بعد سڀني ڳالهين جي ڏوريءَ جو ڇيڙو راولپنڊي تي پئي کٽو- گادي واري شهر جي باخبر صحافتي حلقن ۾ اهو اتفاق هو ته مارشل لا جا جيڪي افواهه ۽ خدشا گذريل 36 ڪلاڪن کان جاري هئا ان بعد واسطيدار حلقن ۾ ان ڳالهه تي غور لاءِ غير رسمي ملاقاتون به ٿيون پر بعد ۾ ڪنهن سبب مارشل لا لڳڻ جو انديشو ختم ٿي ويو ۽ انهن عدليا ۽ آئين موجب حڪومت کي عمل ڪرڻ لاءِ پيلي بتي ڏيکارڻ کان اڳي ئي ڳاڙهي بتي جو درشن ڪرايو ۽ حڪومت وارن کي سوچڻ جي مهلت به نه ملي. جيتوڻيڪ رات جو (خميس ۽ جمع واري رات) وسيم سجاد، الاهي بخش سومرو ۽ معراج خالد چيف جسٽس سان مليا هئا پر هنن ساڳيو فارمولو رکيو ته 1 جج اڳ ۾ 3 پوءِ- چيف جسٽس انڪار ڪيو، ڳالهيون نه نبريون، جمع ڏينهن صبح جو وري ڳالهه ٻولهه جو سلسلو شروع ٿيو. چيف جسٽس عدالت ۾ آيو پر ڪنهن به ڪيس جي سماعت اهو چئي نه ڪئي ته طبيعت ٺيڪ ناهي- شايد صبح سان هن کي به فيصلا ڪن مرحلي جو سگنل ملي چڪو هو.
وسيم سجاد ۽ ملڪ معراج خالد جي معرفت وري چيف جسٽس سان ڳالهيون شروع ٿيون ۽ نيٺ مسئلو حل ڪرڻ جي خوشخبري تي اتفاق ڪيو ويو.
گادي واري شهر ۾ اهو به افواهه آهي ته سپريم ڪورٽ جا 9 جج جيڪي شروع ۾ چيف جسٽس سجاد علي شاهه جي موقف جي خلاف متحد ٿيا هئا ۽ اڳتي هلي اهي 9 مان گهٽجي 7 ٿي ويا ۽ وري 8 ٿي ويا هئا. اهي خميس ڏينهن وري 6 ٿي ويا هئا. ان سڄي قصي ۾ 12 ڪروڙ رپين ۽ هڪ همراهه جي پٽ کي پي آءِ اي مان ڪڍي پنجاب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪرڻ وارا ڦاٽ به ڦاٽي رهيا آهن ۽ مستقبل ۾ ڪنهن مناسب وقت تي سامهون ايندا. جيئن ته شيخ رشيد چوندو آهي ته شيخ ڪڏهن گهاٽي جو سودو نه ڪندو آهي تيئن عدليا ۽ حڪومت جي جنگ ۾ به شيخ فائدي جو سودو ڪيو. ڪجهه حلقن جو چوڻ آهي ته 12 ڪروڙ جنهن بئنڪ مان نڪتا هئا ان بئنڪ جي رڪارڊ جون تصديق ٿيل ڪاپيون به واسطيدار اداري جي سربراهن وٽ پهچي چڪيون آهن. جيڪڏهن اهي ڪاغذ سامهون آيا ته ڪراچي وارن جو ڪٻاڙو ٿي ويندو. چوڻ وارا چون ٿا ته جسٽس سعيد الزمان صديقي خميس ڏينهن چيف جسٽس سان رابطو ڪيو هو، اهو سندس 15 ڏينهن جي بحران کان پوءِ پهريون رابطو هو.
هاڻي جڏهن وزيراعظم 5 جج مقرر ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آهي ته جيڪي 5 جج سپريم ڪورٽ ۾ ايندا انهن مان 3 جج سنڌ، لاهور ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ وارا اهي چيف جسٽس آهن جن خصوصي عدالتن جي قيام تي شروع ٿيل عدليا ۽ حڪومت واري اختلاف راءِ واري صورتحال ۾ حڪومت جي خصوصي عدالتن جي قيام واري خواهشن جو خاص خيال رکندي عدالتون قائم ڪرڻ سان اتفاق ڪيو هو. باقي 2 جج جيڪي لاهور هاءِ ڪورٽ جا آهن جسٽس عارف چوڌري ۽ جسٽس منير اي شيخ اهي حڪومت جي نقطه نظر کان تڪراري آهن ڇو ته عدليا ۽ حڪومت ۾ 5 جج مقرر ڪرڻ واري معاملي تي عمل نه ٿيڻ جو هڪ وڏو سبب اهي ٻئي نالا آهن جيڪي پي پي دور ۾ نه صرف هاءِ ڪورٽ جا جج بڻيا هئا پر اتفاق فائونڊري خلاف قرض وصول ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل بئنڪن جي ڪيسن ۾ اتفاق فائونڊري ڊيفالٽ وارا قرض واپس ڪرائڻ لاءِ اهم فيصلا به ڏنا هئا- هاڻي به سپريم ڪورٽ ۾ صفدر عباسي جو هڪ ڪيس التويٰ ۾ پيل آهي جيڪو پڻ اتفاق فائونڊري پاران بئنڪن کان ورتل قرضن ۽ قرضن جي ري شيڊولنگ بابت آهي.
گادي واري شهر جي باخبر حلقن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق آهي ته حڪومت ۽ عدليا وچ ۾ شروع ٿيل جنگ ۾ استعمال ٿيل بارود جي باهه اڃا پوري طرح 5 جج مقرر ٿيڻ بعد به اجهامي ناهي پر ڏسڻ ۾ اچڻ جهڙيون ٻرندڙ چڻنگون اڃا دکي رهيون آهن، جن کي صرف ڦوڪ ڏيڻ جي ضرورت پوندي. انهن چڻنگن کي ڦوڪ ته خير حڪومت پاران سپريم ڪورٽ جي بينچ جوڙڻ وارا چيف جسٽس جا اختيار گهٽائڻ سميت مختلف معاملن ۾ اختيار گهٽ ڪرڻ وارو جيڪو آئيني بل منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي اهو منظور ٿيڻ سان ئي ملي ويندي. پر ان کان به وڏي ڳالهه اها آهي ته معاملو ٺيڪ ڪرائيندڙن کي به اها خلش آهي ته مسئلو ڀلي في الحال ٺيڪ ٿئي پر مستقبل ۾ ان کي وڌائڻ لاءِ ڪي Loop holes (وٿيون) ضرور هئڻ گهرجن، جن جي آڌار تي بوقت ضرورت وري معاملو مچائجي.
حڪومت پاران ڪيترن هفتن تائين سپريم ڪورٽ ۾ 5 جج مقرر نه ڪرڻ واري ضد ۽ ان ضد کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڏنل دليلن جي هاڻي 5 جج مقرر ڪرڻ بعد ڪهڙي حيثيت آهي؟ هاڻي ته هر ماڻهو اهو چوندو ۽ چوڻ ۾ حق بجانب به آهي ته حڪومت جو موقف غلط هو ۽ ذاتي انا خاطر عدليا سان شروع ڪيل جهيڙي ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪيل توهين به غير آئيني آهي ۽ جيڪڏهن ان توهين جي سڀاڻي عدليا کي ۽ چيف جسٽس کي غيرآئيني فيصلا ڏيندڙ قرار ڏيندڙن کي سزا به ملي ته عوام ان کي درست سمجهندو ڇو ته قانون سڀني لاءِ هڪ آهي. وزيراعظم خميس ڏينهن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو غير آئيني آهي چيف جسٽس لوٽا ازم جا دروازا کوليا آهن ۽ غير آئيني فيصلا ڪيا آهن. وزيراعظم ان فيصلي تي جمع ڏينهن عمل ڪندي 5 جج ڇو مقرر ڪيا- هن جو خميس وارو موقف ٺيڪ هو يا جمع وارو- جيڪڏهن خميس وارو صحيح هو ته پوءِ هن جمع تي صرف هڪ ڏينهن بعد 5 جج مقرر ڇو ڪيا؟ جيڪڏهن جمع وارو سندس فيصلو ٺيڪ آهي ته پوءِ هن خميس تي توهين ڇو ڪئي؟ اهي اهڙا سوال هئا جيڪي پارليامينٽ جي پريس گيلري ۾ ويٺل صحافين ۾ بحث جو موضوع بڻيل هئا ۽ چوڻ وارا چون ٿا ته ايوان صدر جو اهو پريشر هو جنهن جمهوري ڍانچي جي خاتمي جو خوف ڏئي ڪري عدليا جو فيصلو مڃرائي ورتو آهي.
5 جج مقرر ڪرڻ بعد هاڻي 13هين ترميم جنهن هيٺ صدر جي اسيمبلي ٽوڙڻ وارا اختيار ختم ڪيا ويا هئا ان کي معطل ڪرڻ ۽ غيرآئيني قرار ڏيڻ بابت داخل ڪيل پٽيشن جي سومر ڏينهن مقرر ڪيل سماعت دوران ان کي معطل ڪرڻ جو آسرو ته گهٽجي ويو آهي پر توهين عدالت جي بنياد تي وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ وارين آئيني پٽيشنز جي سماعت 31 ڊسمبر 97ع کان اڳ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ وزيراعظم جي نااهل ٿيڻ يا نه ٿيڻ جو فيصلو به، ٿي سگهي ٿو ڊسمبر 31 جي تاريخ هجي ۽ فيصلو ان کان اڳ ئي اچي وڃي؟
وزيراعظم نواز شريف ڪالهه قومي اسيمبلي ۾ خطاب لاءِ رات جو اٺ لڳي ٻن منٽن تي آيو سندس سيٽ آڏو مائيڪ اڳ ۾ ئي فٽ ڪيل هئا، هو ايوان ۾ آيو ته سندس ميمبرن ايتري زور سان ڊيسڪ نه وڄايا جيترو زور سان اڳ ۾ وڄائيندا هئا شايد ان ڪري ته هو ان وقت محاذ آرائي واري صورتحال ۾ پوئتي هٽيل نظر اچي رهيو هو. ٿڪل قدمن وارو ميان صاحب منهن تي مرڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو پر خيال مٽجڻ مهل سندس چهري مان موڊ آف هئڻ جا آثار چٽا نظر اچي رهيا هئا.
وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ فيصلي مڃڻ جا جيڪي بنياد ٻڌايا اهي هي آهن ته ”مان غريبن جي مستقبل، بيواهن، يتيمن ۽ بيروزگارن جي مسئلن حل ڪرڻ ۾ دلچسپي رکان ٿو ۽ الجهڻ نٿو چاهيان.“ اهي بنياد سٺي سوچ جي عڪاسي ڪن ٿا پر حيرت جهڙي ڳالهه آهي ته اهي خيال 3 آڪٽوبر کان 31 آڪٽوبر تائين جي وچ واري عرصي دوران کيس ڇو ڪو نه آيا جو ملڪ ايتري عرصي تائين بحراني صورتحال جو شڪار رهيو. وزيراعظم پنهنجي تقرير ۾ اهو چيو ته پارليامينٽ نه رهي ته جمهوريت نٿي رهي. سندس اهو جملو ڪنهن غير جمهوري قوتن جي اچڻ ڏانهن هڪ اشارو مهيا ڪري ٿو ۽ لڳي ٿو ته انهي ڊپ بعد ئي هن عدليا ۾ 5 جج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
(پهرين نومبر 1997ع)