ريفرنڊم: ڏسون ته عدالت ڪهڙو ٿي فيصلو ڪري؟
صدارتي ريفرنڊم جيڪو 30 اپريل تي رٿيل آهي، تنهن جي آئيني حيثيت کي چئلينج ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ ۾ سماعت جاري آهي ۽ امڪان آهي ته سڀاڻي جمعي تائين سماعت مڪمل ٿي ويندي. ڪالهه سماعت دوران جڏهن 11 وڳي اڌ ڪلاڪ جو وقفو ٿيو ته سينيئر وڪيل عبدالحفيظ پيرزادو، جيڪو آئين جو خالق به سمجهيو ويندو آهي، اهو صحافين وٽ هلي آيو ۽ چيائين ته ”اوهان خبرون شايع ڪيون آهن ته مون 10 لک رپيا حڪومت کان في ورتي آهي. اها غلط خبر آهي.“ صحافين کيس چيو ته ”اسان کي شريف الدين پيرزادو ٻڌايو آهي ته هر هڪ سرڪاري وڪيل کي ڏهه ڏهه لک رپيا ملندا.“ حفيظ چيو ته ” بلڪل غلط آهي، مون کي قانون واري وزارت وارن چيو هو ته 7 لک رپيا اوهان جي ٽيم لاءِ منظور ڪيا آهن ۽ مان في نه وٺندس، اها في منهنجي جونيئر وڪيلن جي آهي.“ ان تي هڪ صحافيءَ کيس چيو ته ”اوهين سينيئر ترين وڪيل آهيو، اوهان جو ماضي غيرآئيني حاڪمن خلاف ڪيس لڙندي گذريو. هاڻي ڪهڙي مجبوري هئي ته اوهين في وٺڻ جي بنا فوجي سرڪار جو ڪيس ٿا وڙهو؟“ حفيظ چيو ته مان 73ع جو آئين بچائڻ چاهيان ٿو ۽ جمهوري قوتن ڏانهن اقتدار جي آسانيءَ سان منتقليءَ لاءِ هيءَ قرباني ڏئي رهيو آهيان.“ ان تي مون چيومانس ته ”جن وڪيلن ضياءُ الحق جو دفاع ڪيو هو. انهن به اوهان جهڙو عذر پيش ڪيو هو، اوهان ۽ انهن ۾ ڪهڙو فرق ٿيو؟“ ته حفيظ چيو ”اوهين سمجهو نٿا، مان بحث ڪرڻ نٿو چاهيان.“ اهو چئي هو هليو ويو.
حفيظ پيرزادو، جنهن جي قانوني ڄاڻ مهارت ۽ تجربي کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي، پر سوال اهو آهي ته آخر اصل سبب ڪهڙو آهي، جو هيءُ فوجي حڪومت جو بنا فيس جي دفاع پيو ڪري؟ مون کي هڪ صحافي دوست ٻڌايو ته 12 آڪٽوبر 99ع تي نواز شريف جي گرفتاري ۽ جنرل مشرف جي اقتدار سنڀالڻ جي ٻئي ڏينهن هڪ فائيو اسٽار هوٽل جي مالڪ ڊنر ڏنو، جنهن ۾ حفيظ به شامل هو. بقول ان سينيئر صحافي دوست جي ته کيس ڪنهن فون ڪيو ته عبوري آئيني حڪم جاري ٿيڻ وارو آهي، اها خبر جڏهن حفيظ کي پئي ته هو ڪاوڙيو ۽ چيائين ته ”منهنجي صلاح کانسواءِ اهو ممڪن ناهي!!“ حفيظ پيرزادو، افتخار گيلاني ۽ شريف الدين پيرزادو ٽئي قانون جا سابق وزير آهن ۽ هن ڪيس ۾ سرڪار جا وڪيل آهن، سرڪار سياڻپ ڪندي جماعت اسلاميءَ جي جواب لاءِ ساڄي ڌر جي شريف الدين کي ڪيس ڏنو آهي. اي آر ڊي وارن جي درخواست خلاف سرڪاري دفاع لاءِ حفيظ پيرزادو آهي. اي آر ڊي ۾ پ پ وارا به شامل آهن ۽ هنن جي سامهون پ پ جي باني ٽيم جي اڳواڻ حفيظ پيرزادو کي آندو ويو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ بار وارن سامهون افتخار گيلاني کي منهن ڏيڻ لاءِ چيو ويو آهي. هڪ صحافيءَ تبصرو ڪيو ته اهڙن جمهوريت پسند وڪيلن جو Advocates of authoritarianism جي حق ۾ شامل ٿيڻ سٺو اضافو آهي ۽ انهن ڌرين کي مستقبل ۾ به ڪو مسئلو نه ٿيندو. هڪ وڪيل چيو ته اسان کي حيرت آهي ته حفيظ ۽ گيلاني اڄ فوجي حڪومت جي دفاع ڪندڙن جي بئنچن تي ويٺا آهن!
جيتوڻيڪ سپريم ڪورٽ ۾ ريفرنڊم خلاف ڪيس هلندڙ آهي ۽ ان حوالي سان ڪجهه به چوڻ ڏکيو آهي پر بار ڪائونسل ۾ چانهن جي وقفي تي مختلف نتيجا ڪڍي وڪيل شرط لڳائڻ لاءِ به تيار هوندا آهن. ڪجهه وڪيلن جو چوڻ آهي ته پي سي او هيٺ حلف کڻندڙ جج پي سي او هيٺ جاري ٿيل حڪم خلاف فيصلو نٿا ڏئي سگهن ۽ ريفرنڊم کي جائز قرار ڏنو ويندو، ڇو ته ماضيءَ ۾ ضياءُ واري ريفرنڊم جو مثال موجود آهي. وڌ ۾ وڌ اهو ٿيندو ته 30 اپريل واري جنرل مشرف جي ريفرنڊم جي پارليامينٽ مان توثيق ڪرائڻ کي لازمي قرار ڏنو ويندو. ڪجهه وڪيلن جو خيال آهي ته 5 جج حمايت ۾ فيصلو ڏيندا ۽ چار شايد موقف مختلف رکن، فيصلو ڏيندڙ بينچ ۾ ٽي سنڌي ڳالهائيندڙ جج به شامل آهن. ڪجهه مبصرن جو خيال آهي ته جماعت اسلامي، جيڪو ڪجهه ڪري پئي، يعني ريفرنڊم خلاف روڊن تي توڙي عدالت ۾ جيڪا جنگ وڙهي پئي ان جو هڪ طرح سان فائدو سرڪار کي پهتو آهي. انهن مبصرن جو خيال آهي ته ريفرنڊم مخالف ڌرين جڏهن گڏجي احتجاجي تحريڪ جو فيصلو ڪيو ته قاضي حسين احمد هڪدم ۽ اوچتو لاهور کان راولپنڊي تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪري ريفرنڊم مخالف تحريڪ کي هائيجيڪ ڪري ورتو ۽ ان کي Defuse به ڪري ڇڏيو. مٿان سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي ۽ سپريم ڪورٽ به ريفرنڊم جي آخري ڏينهن ۾ سماعت شروع ڪئي. هر ڪنهن جو ڌيان عدالتي فيصلي ڏانهن آهي. جيڪو جلد ۾ جلد به آيو ته ريفرنڊم جي پولنگ کان 48 ڪلاڪ اڳ ايندو. عدالتي فيصلي جي انتظار سبب ريفرنڊم مخالف ڌريون پنهنجيون سرگرميون تيز نه ڪري سگهيون آهن ۽ جيڪڏهن عدالت ريفرنڊم جي حق ۾ فيصلو نه ڏنو ته پوءِ احتجاج لاءِ انهن وٽ وقت نه هوندو. حڪومت کي فائدو اهو ٿيندو ته هو چوندا ته ملڪ جي اعليٰ عدالت فيصلو ڏنو آهي. اهڙي ماحول ۾ محدود حلقي جي خوشفهميءَ ۾ مبتلا ڪجهه مبصرن جو خواهش تي ٻڌل تجزيو هي آهي ته ”عدالت ريفرنڊم خلاف فيصلو ڏيندي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ريفرنڊم جو اعلان ڪري ڦاسي پئي آهي ۽ عدالت معرفت جان ڇڏائڻ پئي چاهي!“ ان حلقي جو چوڻ آهي ته عدالت ريفرنڊم جي خلاف فيصلو ڏيندي. حڪومت ريفرنڊم نه ڪرائيندي، سندن ڀرم به رهجي ويندو ۽ عدليه جو مان به عوام ۾ وڌندو. بهرحال اهڙا سڀ رايا ۽ تبصرا جلد ختم ٿي ويندا جڏهن عدالت فيصلو ڪيو ته سڀ پڌرو ٿي ويندو. هتي ايس ڊي اي جي وفد جي صدر سان ملاقات جو ذڪر ڪرڻ ضروري سمجهان ٿو. ڇو ته ان ۾ حفيظ پيرزادو جي ننڍي ڀاءُ مجيب پيرزادو صدر کي صلاح ڏني هئي ته هو سپريم ڪورٽ کان ريفرنڊم کي جائز قرار ڏياري ته سڀ مسئلا حل ٿي ويندا. صلاح مجيب پيرزادي جي هئي. عدالت ۾ جماعت اسلامي وئي ۽ دفاع حفيظ پيرزادو پيو ڪري. افتخار گيلاني ۽ حفيظ پيرزادو، جيڪي ٻئي پ پ جي باني ڀٽو جا ساٿي هئا. اهي هاڻي جنرل مشرف جي ريفرنڊم جا حامي آهن.
وہ دن گئے جب اہل دل انکار کرتے تھے
آج کل تو ہر جگہ فرد کی بازار لگتی ہے۔
ڪالهه سپريم ڪورٽ ۾ ڪلنٽن جي ڪلاس فيلو هئڻ، هارورڊ ۾ پڙهائڻ، برطانيا ۽ آمريڪي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ جي دعويٰ ڪندڙ جماعت اسلامي جي وڪيل بيريسٽر فاروق حسين پنهنجا دليل مڪمل ڪيا. جنهن بعد سپريم ڪورٽ بار جي حامد علي خان ايڊووڪيٽ انتهائي بهتر ۽ پروفيشنل طريقي سان 30 منٽن ۾ پنهنجا دليل مڪمل ڪيا، پر جيترا قانوني ۽ منطقي دليل هن ڏنا، ايترا واضح دليل اڍائي ڏينهن دليل ڏيندڙ هارورڊ جي پروفيسر جا به نه هئا. حامد علي خان دنيا ۾ ٿيل ريفرنڊمز جو رڪارڊ پيش ڪندي چيو ته 1944ع کان 1996ع تائين 52 سالن ۾ 21 ملڪن ۾ 100 ريفرنڊم ٿيا پر ڪنهن به ريفرنڊم ۾ ڪنهن عهدي جي چونڊ شامل نه هئي. پاڪستان ۾ هيءَ ٽيون ريفرنڊم آهي ۽ ٽئي ريفرنڊم فوجي جنرل پنهنجي اقتدار جي ڊيگهه ۽ عهدو حاصل ڪرڻ بابت ڪرائي رهيا آهن. هن عدالت کي ٻڌايو ته نيوزيلينڊ ۾ 14 ريفرنڊم رڳو شراب جي پاليسي بابت ٿيا.
هيستائين ته اڃا ريفرنڊم مخالف وڪيلن جا دليل ٻُڌا ويا آهن ۽ ڏسجي ته ريفرنڊم جي حق ۾ ڪهڙا ٿا دليل اچن. ڏسجي ته هن ڪيس جي پڄاڻي ڪيئن ٿي ٿئي. مولانا ابوالڪلام آزاد جي چواڻي موجب ته ”قانون ڪوريئڙي جو چار آهي، جنهن ۾ مک ته ڦاسي سگهي ٿي، پر ڍڳو نٿو ڦاسي سگهي.“
(25 اپريل 2002ع)