مخالف ڌر جي ملتوي ٿي ويل تحريڪ
۽ ميجر امتياز جي آزادي
حڪومت هٽايو تحريڪ شروع ڪرڻ بابت فيصلو ڪرڻ لاءِ 6 آگسٽ تي لاهور ۾ مخالف ڌر جي 14 سياسي پارٽين جو اجلاس ٿي رهيو آهي. جنهن ۾ گذريل اجلاس دوران جوڙيل ڪميٽي پاران ٽن صفحن تي مشتمل 14 نڪاتي سفارشن تي غور ڪرڻ بعد تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويندو. اپوزيشن جي سمورين جماعتن جي پهرئين سربراهي اجلاس ۾، جيڪو چوڌري شجاعت جي گهر ۾ ٿيو هو، تنهن۾ جيڪا ڪميٽي جوڙي وئي هئي، تنهن اها سفارش ڪئي هئي ته صدر ڏانهن واجهائڻ بدران حڪومت هٽائڻ لاءِ اڳ ۾ اسيمبلي وارو رستو اختيار ڪيو، ان سان گڏوگڏ حڪومت تي پريشر وڌائڻ لاءِ پارليامينٽ اندر ۽ ٻاهر ضروري اپاءَ ورتا وڃن. هن ڪميٽي پنهنجي سفارشن ۾ اهو به چيو هو ته اٺين ترميم هيٺ صدر کان اسيمبلي ٽوڙڻ وارو مطالبو ورجائڻ کان پاسو ڪيو وڃي، ڇو ته موجوده حالتن ۾ صدر ڪڏهن به اسيمبلي نه ٽوڙيندو. ۽ ٻيو ته ان مطالبي سان حڪومت کي اهو موقعو ملندو ته هوءَ اپوزيشن کي غير جمهوري سڏيندي پروپيگنڊه ڪندي ته ”اپوزيشن وارا اقتدار جا بکيا آهن، هو اقتدار خاطر ادارا به تباهه ڪرڻ چاهين ٿا.“
ان مطالبي سان اپوزيشن کي اخلاقي طور تي ڪافي نقصان ٿيندو ۽ ان معاملي تي خود مسلم ليگ ۾ پڻ اختلاف راءِ پيدا ٿي پيو آهي، نه صرف اهو پر آزاد گروپ جيڪو پارليامينٽ جي بالادستي ۽ مدت پوري ڪرڻ جو مشن کڻي حڪومت کان ڌار ٿيو هو، تنهن لاءِ پڻ ان مطالبي بعد مخالف ڌر سان حڪومت هٽايو مهم يا تحريڪ ۾ ساٿ ڏيڻ مشڪل ٿي پوندو. پيپلزپارٽي جي مهربانين سان چونڊجي آيل آزاد گروپ وارا ”بابا“ چاهيندي به مسلم ليگ جي حمايت نه ڪري سگهندا. هن وقت محمود خان اچڪزئي، افتخار گيلاني، اسپيڪر يوسف رضا گيلاني ۽ نوابزادو نصرالله اسيمبلي ٽوڙڻ واري مخالف ڌر جي ليڊر نواز شريف جي سخت مخالفت ڪري رهيا آهن. جڏهن 24 جولاءِ تي چوڌري شجاعت حسين جي گهر شام جو ساڍي ٽين وڳي نواز شريف اهو مطالبو ڪيو هو ته صدر اٺين ترميم استعمال ڪري موجوده حڪومت کي گهر موڪلي، ته مون کانئس سوال ڪيو ته ”ميان صاحب! اوهان جي منشور ۾ اٺين ترميم کي ڪارو قانون قرار ڏنو ويو هو. جڏهن اوهان جي حڪومت ان قانون هيٺ هٽائي وئي ته اوهان ان کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو ۽ اٺين ترميم کي غير جمهوري ۽ مارشل لا جو ڪارو قانون سڏيو، اڄ اوهان خود هڪ چونڊيل حڪومت کي هٽائڻ لاءِ ان قانون جو سهارو پيا وٺو، ڇا اهو جمهوريت پسند سياستدان کي زيب ڏئي ٿو؟ ان سوال جي ڊگهي جواب ۾ هن چيو هو ته اهو نقطو آئين جو حصو آهي، اسان آئين موجب مطالبو ڪيو آهي. ان ۾ ڪا به غلط ڳالهه ناهي.
موجوده حالتن ۾ صدر لغاري پيپلزپارٽيءَ جو پاسو جهليو بيٺو آهي ۽ هن عدليه واري معاملي سميت جيڪي معاملا بڻيا، انهن ۾ حڪومت کي پار ڪيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته نواز شريف جي مطالبي تي صدر اٺين ترميم جو اختيار استعمال ڪندو. ان مان ته لڳي ٿو ته جهڙي ريت ڪشمير جي شهر نيلابٽ ۾ نواز شريف کان پاڪستان وٽ ايٽم بم هجڻ جو اقرار ڪرايو ويو، اهڙيءَ طرح کانئس اٺين ترميم جو مطالبو ڪرايو ويو. ان مطالبي مان ته ايئن به لڳي پيو ته تحريڪ ذريعي حڪومت هٽائڻ واري هنن جي دعويٰ پوري نه ٿي سگهي، جنهن ڪري هاڻي مطالبن ڏانهن ميان صاحب موٽ کاڌي آهي. جيتوڻيڪ جمهوريت جا دعويدار پ پ وارا جڏهن مخالف ڌر ۾ هئا ته هنن به اقتدار خاطر غلام اسحاق کان اسيمبلي ٽوڙائڻ لاءِ اٺين ترميم استعمال ڪرائي هئي.
هن وقت اقتدار جي ايوانن ۽ مخالف ڌر جي جهروڪن ۾ آسانيءَ سان جهاتيون پائي سگهندڙ حلقه حيرت انگيز ڳالهيون ڪري رهيا آهن. اهي حلقه وثوق سان چئي رهيا آهن ته هن وقت وزيراعظم بينظير ڀٽو ۽ سندس پارٽي ليڊرن کي اها رپورٽ ملي پئي ته ڪرپشن جي داستان ۽ مهانگائي جي راڪاس سبب عوام ۾ بي چيني آهي، تنهن ڪري پ پ ليڊر شپ جي هن وقت اها سوچ آهي ته هو اهڙو ڪم يا ڪارنامو سرانجام ڏين، جنهن جي بنياد تي کين زبردستي اقتدار مان هٽايو وڃي ۽ زبردستي اقتدار کان ڌار ڪرڻ واري عمل ۽ فيصلي خلاف هو عوام وٽ مظلوم جي صورت ۾ وڃي ڪري، ٻيهر پنهنجي پارٽي کي زندهه رکي سگهن. اهو ئي سبب آهي ته حڪومت ڄاڻي واڻي رياست جي مضبوط ٿنڀن ۽ اقتداري ايوانن ۾ انتهائي اهميت جوڳن ادارن سان ڇيڙڇاڙ شروع ڪئي آهي. جيئن انهن کي ڪاوڙائي جوش ۾ آڻي اهڙو قدم کڻائي سگهن، جنهن سان هنن جي موڪل ٿي سگهي. ان ڏس ۾ نواز شريف جو بيان پڻ آيو آهي ته بينظير ڀٽو مارشل لا لڳرائڻ گهري ٿي. اهو ئي سبب آهي ته مخالف ڌر اهڙو ڪو به انتهائي قدم کڻڻ کان پاسو ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي سان پ پ وارن جي خواهش پوري ٿئي. جيتوڻيڪ اهي ڳالهيون عجيب ۽ حيرت واريون آهن، پر پوءِ به مسلم ليگ جي ڳالهه ۾ وزن ٿي سگهي ٿو.
29 جولاءِ کان جنيوا ۾ Comprehensive test ban treaty (سي ٽي بي ٽي) بابت ڳالهيون شروع آهن. سي ٽي بي ٽي جو معاهدو اهو آهي، جنهن تي جيڪو به ملڪ صحيح ڪندو، اهو ايٽمي تجربي ۽ ٽيسٽ نه ڪرڻ جو پابند بڻجي ويندو. چيو وڃي ٿو ته صدر ڪلنٽن پاران بينظير ڀٽو کي لکيل خط ۽ ڀارت ۾ آمريڪي سفير جيڪو ڪجهه وقت اڳ پاڪستان آيو هو، تن پاڪستان حڪومت کي هڪ طرفي طور ان معاهدي تي صحيح ڪرڻ لاءِ سيڪيورٽي جي گارنٽي ڏني هئي. چيو وڃي ٿو ته هي اهڙو معاهدو آهي، جو جيڪڏهن موجوده پاڪستان حڪومت ان تي صحيح ڪري ڇڏي ته به ان لاءِ ڏچو ٿيندو ۽ جيڪڏهن صحيح نه ڪيائين، ته به سندس مستقبل لاءِ مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇو ته جيڪڏهن حڪومت صحيح ڪئي ته پوءِ نواز شريف ۽ اهم ادارا ايڪشن کڻڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. جواز اهو آهي ته هن وقت پاڪستان وٽ ايٽمي پروگرام ملڪ جي سلامتي جو واحد طاقتور هٿيار آهي، اهو جيڪڏهن ختم ٿي ويو ته حڪومت لاءِ ڏچو ٿي پوندو. جيڪڏهن حڪومت صحيح نه ڪئي ته پوءِ عالمي ادارا ايترو دٻاءُ وڌائي حڪومت جي مخالفن جي همٿ افزائي ڪندا، جو تڏهن به حڪومت لاءِ وڏو مسئلو بڻجي ويندو. ”سي ٽي بي ٽي“ تي صحيحون سيپٽمبر 96ع ۾ ٿينديون، في الحال ڳالهيون هلي رهيون آهن.
هن وقت ڪشمير مسئلي جي حل ۽ سي ٽي بي ٽي واري معاهدي تي صحيح وارن معاملن تي موجوده حڪومت جي لبرل رويي مان ملڪ جا اهم ادارا خوش ناهن. ان کان اڳ جو حڪومت ان ڏس ۾ ڪو ٻاهرين ادارن ۽ ملڪن جي خواهش تي ڪو اهڙو قدم کڻي، تنهن کان پهرين ملڪي سلامتي ۽ تحفظ جا ذميوار ڪو قدم کڻڻ لاءِ سوچي سگهن ٿا. اپوزيشن پاران في الحال جلد بازي کان ڪم نه وٺڻ ۽ تحريڪ هلائڻ کان ڪيٻائڻ جو سبب به اهو آهي، ته هو ڏسي رهيا آهن ته 29 جولاءِ کان جنيوا ۾ شروع ٿيندڙ سي ٽي بي ٽي وارين ڳالهين دوران پاڪستان حڪومت ڪهڙو موقف اختيار ڪري ٿي ۽ سيپٽمبر ۾ صحيحن ڪرڻ واري تقريب۾ پاڪستان صحيح ڪري ٿو يا نه.
مخالف ڌر جي سرحد مان چونڊيل پٺاڻ ايم اين اي ملاقات مهل مون کي ٻڌايو ته 12 جولاءِ تي جڏهن لاهور هاءِ ڪورٽ وٽو ڪيس جي سماعت 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪئي هئي ته ان ڏينهن ۾ جيڪڏهن عدالت جو فيصلو توقع موجب وٽو جي بحالي لاءِ اچي وڃي ها ته ساڳئي ڏينهن پنجاب ۾ عارف نڪئي خلاف ۽ مرڪز ۾ وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ پيش ڪئي وڃي ها. مخالف ڌر ان ڏس ۾ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا هئا. انهن جي خبر عدليا جي ججن ۽ وزيراعظم تائين به پهچي وئي هئي. اهو ئي سبب هو جو بينظير ڀٽو لاهور ۾ ديرو ڄمائي ويهي رهي هئي ۽ پوءِ ٿيو ايئن جو لاهور هاءِ ڪورٽ وٽو ڪيس جو فيصلو 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. ساڳئي رات شام جو ساڍي ڏهين وڳي گورنر هائوس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس خليل الرحمان وزيراعظم جي ملاقات لاءِ انتظار ڪري رهيو هو ۽ ڪافي دير کان پوءِ وزيراعظم بينظير ڀٽو پنهنجي ڪاميابي بعد جڏهن چيف جسٽس سان ملڻ لاءِ پهتي هئي ته دير سان پهچڻ تي افسوس ظاهر ڪندي معذرت ڪئي ۽ وٽو ڪيس جو فيصلو 15 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪرڻ تي کيس مبارڪ ڏيندي چيو هو ته ”مهرباني، اوهان ملڪ کي وڏي سياسي بحران کان بچائي ورتو آهي.“
ان پٺاڻ ايم اين اي وڌيڪ ٻڌايو ته جيڪڏهن وٽو ڪيس جو فيصلو سندس خلاف اچي وڃي ها ته مسلم ليگ پنجاب ۽ مرڪز ۾ هڪ ئي وقت عدم اعتماد جون تحريڪون پيش ڪري ها ۽ حڪومت کي چرڻ پرڻ جي مهلت نه ملي ها. هن اها به دعويٰ ڪئي ته نوابزادو نصرالله، ظفرالله جمالي ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کي ان ڳالهه جو علم هو، جن به اسان سان ساٿ ڏيڻ جي پڪ ڪرائي هئي. هن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن 15 سيپٽمبر تي وٽو حڪومت بحال ٿي تڏهن به اسان اهو ئي ڪنداسين، جيڪو اڳ ۾ سوچيو هئسوسين. هن چيو ته اپوزيشن جو حڪومت کي هٽائڻ وارو ٽارگيٽ نومبر تائين آهي ۽ 15 سيپٽمبر پري ناهي، جنهن ڏينهن وٽو ڪيس جو فيصلو ايندو.
1990ع ۾ مڊنائيٽ جيڪال آپريشن ذريعي پ پ حڪومت جو تختو اونڌو ڪندڙ برگيڊيئر امتياز آزاد ٿي چڪو آهي، مٿس داخل سمورن ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿي وئي، هو آزاديءَ بعد ضياءَ جي قبر تي حاضري به ڀري چڪو آهي. اسان هن ئي ڪالم ۾ 30 مئي تي لکيو هو ته جن قوتن شيخ رشيد کي آزاديءَ جي بشارت ڏني هئي ۽ ٻڌايل تاريخ موجب شيخ رشيد پنهنجي گهر موجود هو، اهڙيءَ طرح برگيڊيئر امتياز کي به آزاديءَ جي بشارت ملي چڪي آهي ۽ هو جولاءِ ۾ پنهنجي گهر هوندو، اٽڪل پوڻا ٻه مهينا اڳ جيڪا اوهان ڳالهه هن ڪالم ۾ پڙهي هئي، اها اڄ بلڪل سچ ثابت ٿي چڪي آهي.
برگيڊيئر امتياز جيڪو 2 سال کان وڌيڪ عرصو جيل ۾ رهيو، اهو پنهنجي باندي پڻي وارن ڏينهن ۾ نه صرف نانو بڻجي چڪو آهي، پر ڏاڏو به بڻجي ويو آهي. برگيڊيئر امتياز جڏهن جيل ۾ هو تڏهن سندس پٽ عمر امتياز جي شادي ٿي هئي، جنهن کي تازو پٽ ڄائو آهي.
2 سال جيل ڪاٽڻ بعد ٻاهر اچڻ کان پوءِ برگيڊيئر امتياز ڏسون ته ڪهڙي لائين ٿو وٺي، ۽ نواز شريف کي هڪ دفعو ٻيهر بينظير ڀٽو حڪومت هٽائڻ واري سندن ”جهاد“ ۾ ڪيتري مدد ٿو ڪري. حڪومت وارا پنهنجي قصيده خور قلمڪارن ذريعي اهو پيا مشهور ڪرائين ته برگيڊيئر امتياز حڪومت سان ڊيل ڪرڻ بعد آزاد ٿيو آهي.
(3 آگسٽ 1996ع)