پنجاب جي بي رُخي ۽ پ پ جو مستقبل
عين وقت تي پ پ وارن 20 اپريل تي پوري ملڪ ۾ هڙتال ڪرائڻ وارو سڏ واپس ورتو جنهن سبب سندن باري ۾ جيڪا راءِ هنن جي مخالف يعني حڪومتي حلقن ۽ صحافتي حلقن ۾ جڙي آهي اها تبديل ڪرڻ لاءِ پ پ پنجاب وارن کي هاڻي ڪيتريون ئي قربانيون شهر لاهور ۾ ڏيڻيون پونديون. محترمه بينظير ڀٽو ۽ آصف زرداري جي نااهلي واري فيصلي کي 5 ڏينهن گذري ويا آهن پر پنجاب خاموش آهي. سرحد وارا ستا پيا آهن. بلوچن ڄڻ ته لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي. آزاد ڪسمير جتي پ پ جي حڪومت آهي اتي عوام توڙي ڪشميري حڪومت جي ڪن تي جونءَ به ڪو نه چري آهي.
اڄڪلهه صورتحال اهڙي آهي جو 1970ع 83ع ۽ 86ع جي ياد پئي اچي. 70ع ۾ مجيب اڪثريت سان کٽيو ته پنجاب هن جو مينڊيٽ تسليم نه ڪيو ۽ 70ع ۾ بنگلاديش ٺهي ويو. 83ع ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي ته پنجاب حصو نه ورتو، سنڌ کي اڳ ۾ ڪيائون. 86ع ۾ به ساڳئي صورتحال ٿي انهن ڏينهن ۾ پنجاب جا جيالا جمعي نماز کانپوءِ گهرن تائين نعرا هڻندي واپس هليا ويندا هئا. پنجاب جا هٽا ڪٽا ماڻهو اسپتال ۾ داخل هئا جڏهن ته قاضي سلطان محمود جهڙا جيالا مارون کائيندا رهيا. باقي ست خير هئا. هاڻي محترمه جي نااهلي کي 5 ڏينهن گذري ويا پر شهيد ڀٽو جي ڦاهي تي پاڻ ساڙيندڙ جيالن واري شهر راولپنڊي ۾ 150 کان وڌيڪ ماڻهو گڏ نه ٿي سگهيا آهن. بازار ته ٺهيو هڪ دڪان به بند نه ٿيو آهي. گادي واري شهر ۾ 2 ڏينهن اڳ ٿيل احتجاجي مظاهري ۾ 13 ڄڻا هئا. ڪالهه اڱاري تي 24 ماڻهن مظاهرو ڪيو. آبپاره تي ٿيل مظاهري ۾ 97ع جي اليڪشن ۾ ايم اين اي جي ٽڪيٽ هولڊر نيئر بخاري جي سربراهي ۾ 24 ڪارڪنن نعرا هنيا، هڪ آذان ڏني. 90 کان 100 کن سپاهي ڏنڊا جهلي بيٺا هئا. 40 کان 45 تائين صحافي ۽ فوٽو گرافر آيل هئا. گادي واري شهر جي جيالن جو ته پاڻي ان ڏينهن ئي ڪڇجي ويو هو جنهن ڏينهن پارليامينٽ سامهون محترمه کي ٽرڪ تي چاڙهي پوليس وارن جي پٿرن جي منهن ۾ ڏئي پاڻ پيرن تي زور ڏنو هئائون. پنجاب جنهن نموني هن دفعي لاتعقلي ظاهر ڪري رهيو آهي. تنهن مان ايئن پيو لڳي ڄڻ پنجاب بينظير کان منهن موڙي کيس سنڌ جو ليڊر رهڻ تائين محدود ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هيستائين جهانگير بدر، احمد مختار، خالد کرل، فيصل صالح حيات، شاهه محمود قريشي، خالد گهرڪي ۽ ٻيا گم آهن هنن جو ته ڪٿي اخبارن ۾ بيان به نظر نٿو اچي. هڪ پراڻي جيالي سان حال احوال دوران پنجاب ۾ احتجاج نه ٿيڻ جو سبب پڇيو ته هن ڏاڍي ڀلي ڳالهه ڪئي ته ”عوام احتجاج ڪندو آهي ٻن مقصدن لاءِ هڪ ته نظريو ايترو سگهارو هجي جنهن لاءِ ماڻهو جذبي سان جان جو نذرانو ڏيڻ لاءِ مجبور هجي ٻيو ته ڪا وڏي لالچ هجي.“ پ پ ۾ عوام جي جيڪا لالچ هئي اها 2 دفعا اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود به پوري نه ٿي. نظريي بابت لکڻ شايد اجايو ٿئي. ڇو ته اهو ڪهڙو نظريو آهي جنهن جي پوئواري خود پارٽي جا مرڪزي اڳواڻ ئي نه ڪن. جنهن پارٽي جي قيادت اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ مزدورن کي موچڙا هڻي، صحافين کي دو ٽڪي جا نوڪر چوي، ڪارڪنن کي سڃاڻڻ کان انڪار ڪري تنهن پارٽي ۽ اهڙن ليڊرن لاءِ آخر ڪير کلا ڇو کائي؟ سڄو ڏينهن پيپلز سيڪريٽريٽ تي ويهي اوٻاسيون ڏيندڙ هڪ جيالي کان جڏهن پڇيم ته چيائين ”جيڪي وزير ۽ مشير هئا اهي احتجاج ڇو نه ٿا ڪن؟ اسان کي درخواست تي نوٽ هڻي نه ڏيندا هئا. ڪنڌ سيٽائي هلندڙ مال کائو ماڻهو اڄ موچڙا کائن ته خبر پوي.“ روئڻهارڪي انداز ۾ هن چيو ته مال کائن هڪڙا موچڙا کائون اسين، آخر ڇو؟
پنجابي جيالن پاران احتجاج نه ڪرڻ جو سبب ڄاڻن جي چڪر ۾ مختلف ماڻهن سان سوال ڪرڻ دوران جيڪي جواب آيا آهن انهن جي آڌار تي جيڪو مون نتيجو اخذ ڪيو آهي اهو هي آهي ته ”ماڻهو هاڻي ايترو سجاڳ ضرور ٿيو آهي جو وڏيري جي ونگار جيان سياسي پارٽين ۾ هلڻ لاءِ تيار ناهي. ڀلي اڻ پڙهيل گڏهه گاڏي وارو ئي ڇو نه هجي پر اهو به هاڻي سبب پڇي ٿو ۽ اکيون ٻوٽي هلڻ لاءِ تيار ناهي.“ ٿي سگهي ٿو ته ڪو ماڻهو ان سان اتفاق نه به ڪري ۽ ڪا ٻي معنيٰ ۽ مطلب ڪڍي ان کي حق آهي. جيڪو نتيجو مون ڪڍيو آهي اهو منهنجو ئي آهي ۽ اهو صرف پ پ جي حد تائين نه پر سڀني پارٽين تي لاڳو ٿئي ٿو. اڄ مسلم ليگ اقتدار ۾ آهي پر سڀاڻي هنن جون خبرون پونديون.
اڄڪلهه جيڪو ڪجهه محترمه جي نااهلي خلاف احتجاج ٿي رهيو آهي ۽ جهڙي قسم جو ٿي رهيو آهي ان تي پرڏيهي ميڊيا ڏاڍي پريشان آهي. هڪ ڀارتي صحافي ڪالهه چيو ته ”يار هي پ پ جا مظاهرا آهن يا ڪبير واسطي جا“ اها حقيقت آهي ته انهن کان ته زاهد مهر ۽ ظفر جهنڊير وڌيڪ ماڻهو گڏ ڪندا هئا. پ پ قيادت کي گهرجي ته هو پنجاب ۾ مظاهرا ڪرائڻ جو ٺيڪو زاهد مهر ۽ ظفر جهنڊير کي ڏين ۽ پوءِ ڏسن ته هنن جا 25 سالن جا پراڻا جيالا وزير ۽ مشير ڪيتري پاڻي ۾ آهن ۽ ٺيڪي تي مظاهرا ڪرائڻ وارا ڪهڙي پاڻي ۾ آهن.
پيپلزپارٽي پنجاب وارن کي نااهلي واري فيصلي کان پوءِ ڄڻ ته ماٺ جو دورو پئجي ويو آهي. هتان جي پ پ ميڊيا وارا ڇڙو خلاف نه لکڻ لاءِ منٿون ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه نه پيا ڪن. 5 ڏينهن کان سنڌ ۾ ماتم ڪندڙ ۽ سينا ڪوبي ڪندڙ جيالن جون خبرون ۽ تصويرون پنجاب جي اخبارن ۾ شايع ڪرائڻ جو صرف اهتمام ئي ڪن ها ته به سندن وڏو ڪارنامو ليکيو وڃي ها. هيستائين ڪنهن به اخبار ۾ 2 ڪالمن کان وڌيڪ سنڌ ۾ ٿيندڙ احتجاج جي خبر کانسواءِ ڪجهه به شايع نه ڪيو آهي. هتان جي پ پ ڪارڪنن کي ته اها به خبر ناهي ته سنڌ ۾ ڇا پيو ٿئي ۽ ڪهڙي قسم جو احتجاج ٿي رهيو آهي.
پنجاب جي اخبارن جو ڪردار جيڪو به آهي اهو خبر ناهي ته پنجابي قومپرستي وارو آهي، سرڪار جو ٺاهيل آهي، پروفيشنل آهي يا ٻيو ڪجهه ان بابت اسين ڪجهه نٿا چئون. تاريخ پاڻ ئي هنن جي ڪردار جو تعين ڪندي. ان معاملي بابت گادي واري شهر جي هڪ اردو اخبار جي ايڊيٽر کان پڇيو ته چيائين ”سنڌ اسان جي اخبارن جو حلقو ناهي. اسان جو حلقو پنجاب آهي راولپنڊي ۾ پ پ وارا ڪجهه ڪري ڏيکارين ته پوءِ ڏسو اسين ڇا ٿا ڪريون. هيستائين پ پ وارن صحافين يا اخبارن سان ڪهڙيون چڱايون ڪيون آهن؟ يا سڀاڻي ڪهڙا تمغا ڏيندا؟“
هيستائين پ پ جي قيادت ٻيو ته ٺهيو پر اي اين پي، عطاءُ الله مينگل جهڙن سياسي اڳواڻن کان به حق ۾ بيان ڏيارڻ ۾ ناڪام ويا آهن. ٻيو ته ٺهيو پر پنهنجي نواز کوکر ۽ جهانگير بدر جهڙن اڳواڻن کي ڳولڻ ۾ به ناڪام ويا آهن. هاڻي ته محترمه کي پاڻ غلام مصطفيٰ کر، آفتاب شير پائو، غلام مصطفيٰ جتوئي جهڙن وڏيرن سان لنڊن مان پاڻ کي رابطو ڪرڻو پوندو جن کي 83ع ۽ 86ع ۾ تحريڪون هلائڻ جو ٿورو گهڻو تجربو آهي، ٻيو ته ٺهيو پر هو رڳو پنهنجا هاري ۽ مريد به گڏ ڪري ويا ته به مڙئي عزت جي رهجي ويندي.
هن وقت اهڙي صورتحال بابت ”بول بالا“ وارن جو چوڻ آهي ته ڀلي مسلم ليگ وارا في الحال خوشيون ملهائين سندن وارو به اچي سگهي ٿو . پ پ کي ملڪ جي نمبر ون ۽ نمبر ٽو واري پوزيشن مان پوئتي ڌڪي ان جي جاءِ تي ڪنهن نئين پارٽي ۽ ليڊر جي اچڻ يا آڻڻ جي امڪان کي رد نه ڪندي ”بول بالا“ وارا چون ٿا ته جيڪو ڪجهه ٿيندو ملڪ جي ڀلي ۾ هوندو. بهرحال الله سڀني جو خير ڪندو. اسين ته صرف باهو جو اهو شعر ٿا چئون ته:
”دشمن مري تي خوشي نا ڪريئي، سڄڻا وي مرجاڻن هو.“
(21 اپريل 1999ع)