تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

اي آر ڊي ٽٽل اميدن کي ڪهڙا ٽاڪا لڳائيندو؟

اي آر ڊي ٽٽل اميدن کي ڪهڙا ٽاڪا لڳائيندو؟

1977ع جي شروع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو خلاف پاڪستان نيشنل الائنس ( پي اين اي) ٺهيو، مولانا مفتي محمود جي سربراهي ۾، ان اتحاد جي جدوجهد سبب 5 جولاءِ 1977ع تي مارشل لا لڳو، پي اين اي ۾ ساڄي ۽ کاٻي ڌر جون اڪثر جماعتون شامل هيون. ڇو ته اهو اتحاد بقول پ پ وارن جي ته ايجنسين ٺهرايو هو. ان اتحاد ۾ نعپ تي پابندي سبب نئين ٺاهيل پارٽي نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي (اين ڊي پي)، جنهن جو سربراهه شيرباز مزاري هو، تنهن ۾ ولي خان، مير غوث بخش بزنجو وارا به شامل هئا. ان کان علاوه پروفيسر غفور سميت اڪثر ساڄي ڌر جا ليڊر به هئا. جيئن ته ان اتحاد تڪڙ ۾ مقصد ماڻي ورتو، ان ڪري هي اتحاد ڀٽو جي وڃڻ بعد خودبخود ٽٽي ويو. پي اين اي، جا ڪافي ماڻهو ضياءَ الحق جي مارشل لا ۾ شامل ٿيا پر پروفيسر غفور سميت ڪجهه وزير به ٿي ويا. ضياءَ الحق جي مارشل لا جڏهن 90 ڏينهن کان وڌي وئي ته به سياسي اتحاد جوڙڻ لاءِ ڪنهن پيش رفت نه ڪئي. چار سال انتظار ڪرڻ بعد وري نوابزادو نصر الله ميدان ۾ آيو ۽ هن 1981ع جي شروع ۾ ”ايم آر ڊي“ نالي وڏو اتحاد قائم ڪيو. اهو اتحاد به جمهوريت جي بحالي لاءِ هو. پي اين اي واريون ڪجهه جماعتون جن ڀٽو کي اقتدار مان ڪڍڻ لاءِ اتحاد ٺاهيو هو، سي به ايم آر ڊي ۾ شامل ٿيون. انهن ۾ اصغر خان، غوث بخش بزنجو، ولي خان، جي يو آءِ، محمود خان اچڪزئي وغيره شامل هئا. پي اين اي ۾ ته اين ڊي پي جي پليٽ فارم تي بزنجو ۽ ولي خان هڪ پارٽي ۾ هئا پر 81ع تائين اين ڊي پي ٽن حصن ۾ ورهائجي چڪي هئي. بزنجو بعد ۾ پي اين پي ٺاهي، ولي خان، اي اين پي ٺاهي ۽ اين ڊي پي کي شيرباز مزاري برقرار رکيو پر ٽئي ڌريون ايم آر ڊي ۾ شامل رهيون. ان اتحاد ٺهڻ کان هڪدم پوءِ جهاز اغوا ڪيس ٿيو جنهن لاءِ ايم آر ڊي وارن چيو ته هي آءِ ايس آءِ وارن اسان جي اتحاد کي ناڪام ڪرائڻ لاءِ ڊرامو ڪيو آهي. خير 81ع ۾ ٺهيل اينٽي اسٽيبلشمينٽ اتحاد ”ايم آر ڊي“ 83ع ۾ ٻن سالن جي ڪوششن بعد تحريڪ هلائڻ لاءِ سڏ ڏنو ۽ تحريڪ هلي.
جيڪڏهن اسين ماضي قريب کان اڄ تائين پيش آيل سياسي واقعن تي غور ڪريون ته 77ع کان 83ع واري زمين جهڙيون ئي حالتون نظر اچن ٿيون ۽ سياسي اتحاد ۽ واقعا به بلڪل اهڙا ئي لڳن ٿا، صرف ڪجهه نالن جو فرق آهي. اڄ به اسان کي ”جي ڊي اي“ ۽ ”اي آر ڊي“ پراڻي پي اين اي ۽ ايم آر ڊي جهڙا لڳن ٿا. فرق اهو آهي ته ڀٽو کي هٽائڻ لاءِ پي اين اي ٺهيو ۽ نواز شريف کي هٽائڻ لاءِ جي ڊي اي ٺهيو. پي اين اي جي تحريڪ سبب ضياءَ الحق فوجي راڄ قائم ڪيو ۽ جي ڊي اي جي تحريڪ ۽ نواز جي غلطين سبب جنرل مشرف فوجي راڄ قائم ڪيو. جهڙي طرح پي اين اي ڀٽو هٽايو مقصد ماڻيو ته ڪجهه ڌرين وڃي ضياءَ فوجي حڪومت جوائن ڪئي. تهڙي ريت نواز هٽايو مهم ڪامياب ٿيڻ بعد جي ڊي اي، جي ڪجهه ڌرين غير اعلانيه طور مشرف حڪومت کي سهارو ڏنو. پي اين اي ختم ٿيڻ بعد 4 سالن کان پوءِ ايم آر ڊي ٺهي پر جي ڊي اي جي مقصد جي حصول جي هڪ سال بعد اي آر ڊي ٺهي آهي. ايم آر ڊي کي تحريڪ هلائڻ لاءِ 2 سال گرائونڊ ورڪ ڪرڻو پيو ۽ 83ع ۾ تحريڪ هلائي وئي. جڏهن ته اي آر ڊي ان عرصي جي ڀيٽ ۾ ٿورو اڳ تحريڪ هلائڻ تي غور پئي ڪري پر اهو امڪان موجود آهي ته شايد هو سپريم ڪورٽ پاران مشرف کي ڏنل مدت پوري ڪرڻ جو انتظار ڪن. جيڪڏهن ايترو انتظار نه به ڪن ته اي آر ڊي وارن کي هوم ورڪ ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 مهينا گهرجن. ايم آر ڊي جي تحريڪ جي ڪاميابي جا ان زماني ۾ امڪان وڌيڪ هئا پر موجوده حالتن ۾ اي آر ڊي جي تحريڪ جي ڪاميابي جا امڪان ايترا گهڻا ڪو نه آهن. اهو ته خير جلد ئي پتو پئجي ويندو ته اي آر ڊي وارا ڪڏهن ٿا عوامي تحريڪ شروع ڪن پر ان جي ناڪامي وارن خدشن جا خوف هنن کي به ذهن ۾ آهن.
مٿي ذڪر ڪيل تشبيهي واقعن ۽ سياستدانن جي ڪار گذارين بعد جيڪڏهن نتيجو ڏسجي ٿو ته اهو ساڳيو آهي ته هر اتحاد چاهي اهو پرو اسٽيبلشمينٽ هجي يا ان جي خلاف پر سڀني اتحادن جي وڏين ڌرين انهن اتحادن کي اقتدار جي حصول لاءِ استعمال ڪيو ۽ ڏاڪڻ بڻائي، سياسي ڪلچر تبديل ڪرڻ، جمهوري ادارا مضبوط ڪرڻ جا واعدا ۽ پڌرناما ايم آر ڊي وقت به ڏنا ويا، پر عمل جيڪو ٿيو سو اسان سڀني جي سامهون آهي. صوبائي خودمختياري جا سهانا خواب اڳ ۾ به ڏيکاريا ويا ۽ هاڻي اي آر ڊي وارا به عوام جي اکين کي ساڳين ئي خوابن جون بشارتون ڏئي رهيا آهن. ايم آر ڊي جنهن جو سربراهه نصر الله هو، ان جا اهي واعدا ڪالهه به هئا ته اڄ اي آر ڊي جي سربراهه طور به سامهون آهن. ٻيا ته ٺهيو پر نصر الله جهڙا ماڻهو به ڪشمير ڪاميٽي جي چيئرميني تي چپ ڪري ويا هئا. بينظير هجي يا نواز شريف ٻنهي جو رڪارڊ گواهه آهي ته هنن جمهوريت هوندي به صوبن کان مارشل لا ۾ کسيل خودمختياري واپس ته جيڪا ڏني، الٽو اسلام آباد مان صوبن کي ڪنٽرول ڪرڻ جا نوان طريقا متعارف ڪرايا، صوبائي خودمختياري صوبن کي نه ڏيڻ جو سبب پ پ وارا اهو ٿا ٻڌائين ته هنن وٽ اقتدار ۾ ايتري اڪثريت ڪو نه هئي جو هو آئين ۾ ترميم ڪن. کڻي اهو ڪمزور دليل مڃجي به صحيح پر ان جو ڪير جواب ڏيندو ته سيلز ٽيڪس ۽ سي وي ٽي جيڪي پوري دنيا ۾ صوبائي ٽيڪس آهن، اهي مرڪز کي ڪنهن ڏنا؟ ساڳيو حال نواز ليگ جو آهي ته آرٽلري ميدان ٿاڻي جي پنجابي ايس ايڇ او معرفت هن سنڌ جي 3 ڪروڙ عوام جي چونڊيل 109 سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي اسيمبلي عمارت ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ۽ روڊ تي ريڙهيون پارايون، اهڙا لاتعداد مثال آهن ته پ پ هجي يا مسلم ليگ ٻنهي مرڪز کي مضبوط ڪيو آهي. هنن جو ماضي ان حوالي سان مشڪوڪ رهيو آهي. هاڻي ڪهڙي گارنٽي آهي ته سڀاڻي هو صوبن کي وڌيڪ اختيار ڏيندا؟ وڌيڪ جيڪڏهن نه ئي ڏين پر رڳو اهو لکي ڏين ته باقي بچيل نه کسيندا.
سياستدانن جي اهڙن واعدن تي اعتبار ڪرڻ لاءِ نه دل ٿي چوي، نه دماغ اجازت ڏيندو پر ڇا ڪجي؟ فوجي راڄ کان ته وري به سياستدان ئي چڱا آهن. اهو دنيا جي سڀني مهذب معاشرن ۽ قومن جي باشعور ماڻهن جو اصول رهيو آهي ته هو چمڪيلي ڪلف لڳل وردي وارن حاڪمن کان وري به حقه ڇيڪو سياستدانن کي ئي حڪمراني جو حق ڏين ٿا. ان بابت ٻه رايا ٿي ئي نٿا سگهن ته عوام تي حڪمراني جو حق ڪنهن وردي واري کي هئڻ گهرجي. خدا ڪري ته اي آر ڊي وارا پنهنجي واعدن تي قائم رهن ۽ اقتدار ۾ اچڻ بعد به هنن جو عقل طاقت جي بي لغام گهوڙي تي سواري دوران سندن رهنمائي ڪري.
جهڙي طرح ماضي اسان کي ٻڌائي ٿو ته اينٽي اسٽيبلشمينٽ اتحادن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ هائيجيڪنگ جهڙا ڪيس به ٿيندا رهيا آهن ته هاڻي ڏسجي ته اي آر ڊي جي نتيجي ۾ ڇا ٿو هائيجيڪ ٿئي؟ جيڪڏهن کڻي هائيجيڪنگ جو ڪيس نه به ٿئي ۽ طريقه واردات تبديل به ٿئي ته ان تي به نظر رکڻي آهي ته ڇا ٿو ٿئي يا ڇا ٿي سگهي ٿو. آن گرائونڊ صورتحال مان ته لڳي ٿو ته هن دفعي هائيجيڪنگ جي ڪيس بدران ڪائونٽر اتحاد جڙندو.
”اي آر ڊي“ جي قيام سان نه صرف مرحوم جي ڊي اي ٽوڙ ڦوڙ جو شڪار ٿيو پر مسلم ليگ نواز گروپ به وڌيڪ ورهائجي ويو آهي. ان بابت ته اڳ ۾ لکيل ساڳيو آپشن آهي ته سرڪاري مسلم ليگ متحد ٿيندي ۽ پوءِ هو جماعت اسلامي سميت عمران خان، طاهر القادري ۽ فاروق لغاري سان گڏجي شايد ڪائونٽر اتحاد ٺاهين. سڀاڻي جڏهن به حالتون تبديل ٿيون، چاهي اهي سپريم ڪورٽ جي ڏنل مدت ختم ٿيڻ بعد ان جي حڪم تي ٿين يا اي آر ڊي جي تحريڪ جي نتيجي ۾ يا قدرتي قانونن جي قابل عمل ٿيڻ سان تبديلي اچي. جنهن به صورت ۾ تبديلي آئي ته ايندڙ چونڊن ۾ اي آر ڊي بمقابله ڪائونٽر اتحاد هوندا. جيڪڏهن کڻي مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ چونڊ اتحاد نه به ڪيو تڏهن به ۽ جيڪڏهن ڪيو به صحيح تڏهن به ايندڙ پارليامينٽ اسٽيبلشمينٽ جي پراڻي 5 سالا خواهش موجب Hung parliament ئي ٺهندي.
نئين ٺهيل اتحاد اي آر ڊي جي جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ جو دارومدار انهن جي نيت جي سچائي ۽ سڀاڻي جي سياسي سيٽ اپ جي مزاج ۽ سياسي ڪلچر تبديل ڪرڻ جي گارنٽي سان گڏ وسيع ترين صوبائي خودمختياري بابت اسٽامپ پيپر تي لکت ۾ ڪيل معاهدي جي بنياد تي هوندو. ڇو ته هن دفعي رڳو صوبن ۾ ئي حيثيت برقرار رکڻ جون خواهشمند ڌريون پوءِ اي اين پي هجي يا ايم ڪيو ايم، پونم هجي يا ڪو ٻيو اهي ماضي جي تجربن ۽ دوکن بعد پڪي گارنٽي کانسواءِ مار کائڻ لاءِ تيار نه ٿيندا.
(5 ڊسمبر 2000ع)