تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

۽ جڏهن ڪوهالا پل تان گذرياسين!

۽ جڏهن ڪوهالا پل تان گذرياسين!

ڪشميري سونهن، حسن، روپ ۽ رنگ بابت پنکج اداس جي ڳايل غزلن ٻڌڻ ۽ دوستن جي ٻڌايل ڳالهين کان پوءِ اها آس هئي ته ڪشمير ڏسون. 23 آگسٽ تي سردار قيوم جي پارٽي مسلم ڪانفرنس پاران نيلابٽ ۾ هڪ جلوس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ميان نوازشريف کي به خطاب ڪرڻو هو. موسم ٺيڪ هئڻ سبب مسلم ليگ جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري سيد مشاهد حسين اسلام آباد مان ميڊيا ٽيم وٺي وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ مون کي به چيائون.
23 آگسٽ تي صبح جو پوڻي نائين وڳي روانا ٿياسين. اسلام آباد جي حد ٽپي مري روڊ تي جڏهن ”ڀڙوها“ ڳوٺ وٽ پهتاسين، شيخ رشيد گڏيو. هوٽل تي ويهاري زوري ناشتو ڪرڻ لاءِ چيائين. ڳالهيون ٻولهيون شروع ٿيون ته هن چيو ”مون ته نواز شريف کي چيو آهي ته آڪٽوبر يا نومبر ۾ استعيفا ڏيو ۽ انشاءَ الله استعيفا ڏئي عوام وٽ وينداسين ۽ موجوده حڪومت ڊسمبر کان اڳ ختم ٿي ويندي. اسان خوشي نيو ايئر نائيٽ تي ملهائينداسين.“ سگار جا ڊگها ڪش هڻڻ بعد هن چيو ته قاضي حسين احمد به عجيب ماڻهو آهي، سينيٽ تان پاڻ ته استعيفا ڏئي ڇڏيائين، پر قومي اسيمبلي جي پنهنجي ٽن ميمبرن کي استعيفا ڏيڻ لاءِ نه پيو چوي. شيخ چيو ته قاضي پنهنجي ٽنهي ميمبرن کان استعيفا ڏياري ته مان به ساڻن گڏ استعيفا ڏيندس. هن وڌيڪ چيو ته قاضي حسين به هيرو ٿيڻ چاهي ٿو، پر قسمت خراب اٿس. ڳالهين دوران اسان ناشتو ڪيو جنهن بعد گاڏين ۾ ويٺاسين. اسان جو گائيڊ محمد طارق هو جنهن سڄي واٽ بور ٿيڻ نه ڏنو. ”جنگ“ جو حافظ طاهر خليل ۽ ”پاڪستان“ اخبار جو نويد انور، شيخ رشيد جي گاڏي ۾ ويٺا. ”نواءِ وقت“ جو سهيل عبدالناصر، مان ۽ طارق هڪ گاڏيءَ ۾ ويٺاسين. پي پي آءِ جو طاهر خان، ورلڊ ٽيلي ويزن نيٽ ورڪ جو ڪئمرامين ۽ ذوالفقار بلتي ٻي گاڏيءَ ۾ ويٺا. طاهر خان پيارو پٺاڻ آهي. کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو شوقين ۽ نمازي ماڻهو آهي. رستي ۾ الٽيون ڪندو هليو پر پوءِ به کائڻ کان انڪار نه پيو ڪري. ذوالفقار بلتي جيڪو اڄڪلهه نواز شريف جو پرنسپل فوٽوگرافر آهي. اهو جڏهن پيپلزپارٽي ۾ هوندو هو ته ڀڄ ڊڪ ڏاڍي ڪندو هو. ڪم گهڻو، مال گهٽ-سدائين پريشان رهندو هو. جڏهن کان مسلم ليگ ۾ آيو آهي ته مال کائي متارو ٿي پيو آهي. چيني شڪل وارو بلتي به طاهر خان وانگر کائڻ کان انڪار نه ڪندو آهي.
23 آگسٽ تي هر سال نيلا بٽ ۾ جلوس ڪڍي ڪشميري جهاد جي عهد جو ڏينهن ملهايو ويندو آهي. 23 آگسٽ 1947ع ۾ جڏهن سردار قيوم 22 سالن جو ڳٽول ۽ ڳڀرو نوجوان هو، تڏهن هن نيلا بٽ ۾ ڪشمير جي حاڪم هري سنگهه ۽ ڊوگره فوج خلاف جهاد جو اعلان ڪيو هو. ان وقت کان وٺي ڪڏهن به سردار قيوم مخالف ڌر جي ليڊر طور نيلا بٽ ۾ جلسو نه ڪيو هو. 96ع ۾ پهريون دفعو هو مخالف ڌر جي ليڊر طور جلسي ۾ آيو. نيلا بٽ اسان 2 وڳي منجهند جو پهتاسين. اسلام آباد کان هونئن ته نيلا بٽ 130 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي پر پهاڙي پنڌ سبب رستو ڏاڍو ڏکيو آهي. جڏهن مري پهتاسين ته ٿڌ ۽ اونچائي سبب بلڊپريشر گهٽ ٿيڻ شروع ٿيو. شيخ رشيد جي ناشتي کان وٺي نيلا بٽ تائين ڪجهه نه کائڻ سبب منهنجو مڙئي بچاءُ ٿي ويو. باقي طاهر خان جا مزا هئا، الٽيون پيو ڪري، پر پوءِ به کائڻ کان نه پيو مڙي. حافظ طاهر خليل ۽ نويد انور شيخ رشيد سان گڏ مري ۾ نواز شريف سان ملڻ ويا. ڇو ته ٻئي خاص خليفا هئڻ سان گڏ نه صرف سٺا رپورٽر آهن، پر مسلم ليگ وارن جا اعتماد جوڳا ماڻهو به آهن. اڪثر معاملن ۾ ميان کانئن مشورا به وٺندو آهي.
جڏهن مري کان اڳتي روانا ٿياسين ته ڪاريهر نانگ جي ور وڪڙن واري پيٽي جهڙي روڊ تي هلڻو هو. ڀر مان هيٺ پيا ڏسون ته هينئون پيو ڦاٽي. پهاڙن جي چوٽيءَ کان هيٺ ايڏي ته کڏ هئي جو ڊپ کان ڏسون ئي نه پيا. چيڙ جا ڊگها وڻ ايئن سڌا بيٺا هئا ڄڻ ته قدرت فٽ اسڪيل رکي پوکيا هئا. هنن وڻن جي خاصيت اها آهي ته اهي ڪڪرن کي ڇڪي ايندا آهن ۽ ٿڌ پيدا ڪندا آهن. مري کان پوءِ وچ ۾ صرف جهلم درياءُ آهي. درياءَ جي ساڄي پاسي ڪشمير، کاٻي پاسي مري ۽ پنجاب جي حد آهي. ٿوري فاصلي بعد سرحد صوبي جي به کاٻي پاسي حد آهي. مري جا ماڻهو به ايئن آهن جيئن ڪشمير جا. رنگ، نسل ۽ گهرن جي اڏاوت ساڳئي اٿن. روڊ تي هلندي گهرن ڏانهن ڏسبو ته گهرن ۾ ويٺل ماڻهو به پري کان ڏسڻ ۾ پيا ايندا. اڪثر مردن کي ڏاڙهيون آهن. هر گهر جا 2 ڀاڱي 3 حصو مرد ڪمائو اٿن. هتان جا مرد باڊي مينٽين ۽ ڪپڙي لٽي جو خاص خيال ڪو نه رکندا آهن. 80 سيڪڙو مردن کي ڏاڙهيون آهن ۽ ڪٽر مذهبي ماڻهو آهن. هن علائقي ۾ ٿلها مرد يا عورتون تمام گهٽ ملنديون. جسماني لحاظ کان سريلا پيا لڳندا. ڪاٺياواڙي ميمڻن وانگر عورتون مردن کان وڌيڪ خوبصورت آهن. عورتن جو رنگ اڪثر ڪري ڪچي صوف جهڙو هوندو آهي يعني اڌ پيلو اڌ گلابي. مختلف پاسن کان سوچيندي علائقي بابت جائزو وٺي رهيو هئس ته اوچتو ڪنيرڪس درياءَ جي پل تي پهچي وياسين. پل تي پهچڻ سان ئي ٽهڪ نڪري ويو. ساٿين پڇيو ڇا ٿيو؟ کين ٻڌايم ته جون 96ع مان، سهيل سانگي ۽ زاهد مهر هتي آيا هئاسين گهمڻ. ان وقت ڪنير ڪس نالي جو پاڻي شفاف ۽ ٿڌو هو. درياءُ جهلم جيڪو پڻ هن پل سان گڏوگڏ آهي، اهو به مستي ۾ وهي رهيو هو. ان وقت جهلم درياءَ جو پاڻي برف جي ڪين کان وڌيڪ ٿڌو هو. ڏينهن به گرم هو. 45 ڊگري سينٽي گريڊ گرمي هئي. ڪانوَ جي به اک پئي نڪري. نيڪر پائي مان ۽ سهيل سانگي وهتا هئاسين ۽ جهلم درياءَ جي 110 اسپيڊ تي هلندڙ گاڏي کان وڌيڪ تيز رفتار پاڻيءَ جي وهڪري هوندي به ڪپر تي پاڻي ۾ پير ڀڄائڻ لاءِ بيٺا هئاسين. جڏهن سهيل سانگي هڪ پير پاڻي ۾ وڌو ته رڙ ڪري چند سيڪنڊن بعد ٻاهر اچي بيٺو. مون کان ڇرڪ نڪري ويو، مون چيو ڇا ٿيو سائين؟ چيائين: پاڻي تمام ٿڌو آهي. گهڻي دير ته خير مان به ٿڌي پاڻيءَ ۾ بيهي ڪو نه سگهيو هئس. جون جولاءِ جي موت مار گرمين ۾ به جنهن ڏينهن مينهن پوندو هو ته اسلام آباد ۾ به سهيل سانگي گرم پاڻيءَ سان وهنجندو هو.
ڳالهه پوري اڃا مس ٿي ته گاڏي جهلم درياءُ جي ڪناري سان هلندي ڪوهالا پل تي پهتي. هي اها پل آهي جنهن جي ساڄي پاسي ڪشمير ۽ کاٻي پاسي سرحد صوبو آهي. اها هيءَ ئي پل آهي، جنهن جو طعنو شيخ رشيد نوابزادي نصر الله کي ڏيندو آهي ۽ چوندو آهي ته ”نوابزادي ڪڏهن ڪوهالا پل ئي پار نه ڪئي آهي (يعني ڪشمير ڏٺو ئي ناهي) پر هن کي ڪشمير ڪميٽيءَ جو چيئرمين ٺاهيو ويو آهي.“ ڪاٺ جي ٺهيل ڪوهالا پل پار ڪري جنهن مهل اسان جي ڪار ڪشمير ۾ داخل ٿي رهي هئي ته پل جا تختا ڌڙ ڌڙ ڪرڻ لڳا. سڀني الله الله شروع ڪئي، ڇو ته هيٺان جهلم درياءَ جون بي رحم موجون سجهن پيون. پل پار ڪرڻ بعد گهڻي وقت کان پوءِ ڪلمو پڙهيوسين ۽ وري درياءُ جهلم جو ساڄو ڪنارو وٺي نيلا بٽ ڏانهن وڌياسين. برسات سبب گپ چڪ به ڏاڍي هئي ٻيو وري ڊرائيور گاڏي کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ درياءَ جي ڪناري جي بلڪل مٿان پيو هلي. مون دانهن ڪئي ”بابا گاڏيءَ جي سروس جا پئسا مون کان وٺجانءِ پر گاڏي وچ تي هلاءِ.“ مس وڃي جهلم درياءَ جو خوف ان وقت لٿو، جڏهن کاٻي پاسي پهاڙ جي چوٽي تي ٺهيل روڊ ڏانهن موڙ مڙيو. هاڻي اسان آزاد ڪشمير جي حدن ۾ هئاسين. ڪڪر پهاڙن ۾ ايئن ڦاٿل هئا، جيئن نوجوان نينگريءَ جي وارن ۾ ڦڻي ڦاٿل هوندي آهي. ايڏا ته اونچا پهاڙ هئا جو حضرت موسيٰ جي طورسينا جبل بابت شڪ پيو ٿئي ته ڪٿي اهي ئي ته پهاڙ نه هئا. جتان هو ڪلٽي ٿيو هو. روڊ تي هلندي ڪافي هنڌن تي مٽي به نظر آئي، جيڪا لينڊ سلائيڊنگ سبب تيز برسات جي ڪري پهاڙن تان روڊ تي اچي پئي هئي. هتي موسم نارمل هئي، ان ڪري اسان به نارمل ٿياسين.
هڪ جاءِ تي اڌ فرلانگ جيترو روڊ نه هو. ڊرائيور ٻڌايو ته طوفاني بارش سبب لينڊ سلائيڊ روڊ جي چڪي پٽي پري اڇلائي ڇڏي آهي. ڊرائيور جي ڳالهه ٻڌي وري الله کي ياد ڪيوسين ته موليٰ تيسين مينهن نه وسائجانءِ جيسين واپس وڃون. ڇو ته برسات سبب جيڪڏهن ڪا لينڊ سلائيڊ آئي ته پوءِ اسان گاڏي سميت 10 هزار فوٽ بلند پهاڙ تان هيٺ هونداسين. خدا خير ڪري، ضياءُ الحق مرحوم جي ڄاڙي ته ملي وئي هئي اسان جو نشان به نه ملندو. پهاڙي پنڌ هئڻ سبب هتي به ٿر جي ڪيڪڙن وانگر فورويل، ٽرڪ، بس نما گاڏيون ۽ جيپون هلنديون آهن.
اسان هڪ هوٽل تي چانهه پئي پيتي ته پويان سائرن جو آواز آيو، جيڪو نواز شريف جي پائلٽ طور هلندڙ پوليس موبائيل جو هو. پروٽوڪول سبب روڊ خالي ٿيندو ويو. اسان به پنهنجي گاڏي قافلي ۾ لڳائي ۽ نوازشريف سان گڏ نيلابٽ 2 وڳي منجهند جو پهتاسين. جلسو تيار هو، خطاب به جاري هئا. اسٽيج تي نواز شريف جي ڀر ۾ ويٺاسين ته سردار قيوم جو پٽ سردار عتيق مليو.
عتيق لاءِ مشهور آهي ته هو جيتوڻيڪ گهوڙا ڪو نه پاليندو آهي باقي ڪرپشن ۾ ڪمال ڪيو اٿائين. ڪشمير جي اڌ بجيٽ سردار عتيق جي حوالي هوندي هئي. سردار قيوم جي حڪومت وڃڻ جو وڏو سبب به اهو ئي ٻڌايو وڃي ٿو ته سندس پٽ ڪرپشن ۾ پنهنجي وڏن جا به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا هئا. جلسي ۾ اڌ کان وڌيڪ همراهه ڏاڙهي ۽ شڪل شبيهه جي لحاظ کان سردار قيوم جي ڪاپي لڳي رهيا هئا. جلسي ۾ عورتون به وڏي تعداد ۾ هيون، جن کي سڀني کان آخر ۾ ويهاريو ويو هو. اسٽيج تي ويٺل ماڻهن ۾ مقررن جي نظر سج جي تيز ڪرڻن سبب انهن تائين ڪو نه پئي پهتي. جلسو ڦٽو ته نماز تي سڏ ٿيو. گهڻن ماڻهن نماز پئي پڙهي. شيخ رشيد ٻاهر نڪري سگار دکائي ويهي رهيو. جلسو ڦٽو، ڪشميري نينگريون به وڃڻ لڳيون، سندن چهرا خوشيءَ وچان ٻهڪي رهيا هئا ڄڻ ته ڪنهن جلسي ۾ نه پر شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ نوان وڳا پهري آيون هيون. هڪ ڪشميري همراهه ٻڌايو ته اسان جو هي پهاڙي علائقو به انهن علائقن وانگر آهي جتي اڄ به ڪو اوپرو ماڻهو ايندو آهي يا ڪو جلسو ٿيندو آهي ته کين گهوري گهوري ڏسندا آهيون.
سردار قيوم جي ڄاڻي واڻي ماني کائڻ کانسواءِ موٽياسين. رستي ۾ مڪئي ۽ جوئر جي فصلن ۾ ڪشميري ناريون پاڻ ۾ کل ڀوڳ ۽ کيڏ ڪري رهيون هيون. ڪنهن مهل کلن پيون، ڪنهن مهل مسڪرائين پيون. جيڪڏهن ڪا اوپري نگاهه سندن نشيلن نيڻن سان ٽڪراءَ ۾ پئي اچي، ته هو مرڪي ڪنڌ پري پيون ڪن. پهاڙن تي ٻڪريون ۽ ڪنهن ڪنهن هنڌ مينهون به نظر آيون. جانورن جون اکيون مرجهايل گل ۽ سردار قيوم وانگر نماڻيون هيون.
ڪشمير جا پهاڙ ساوا ۽ سرسبز آهن. دادو ۽ ڄامشوري جي ٺوڙهن جبلن وانگر هڪ پهاڙ به ڪٿي نظر نه آيو. پهاڙ تي وڏن وڻن جي ٻيلي مان ويندڙ روڊ تي جيڪڏهن رات جو به نڪربو، ته تڏهن به ڪو خوف خطرو نه هوندو آهي. اسان جي سنڌ ۾ ٻيلا ته ٺهيو پر پٽن، ميداني علائقن ۽ شهرن ۾ به ماڻهو وس ڪئي رات جو نه نڪرندا آهن. هتي بدامني جو بنهه ڊپ ناهي. پهاڙ تي شهرن کانسواءِ ڪو به ڳوٺ اهڙو نظر نه آيو، جو هڪ ئي هنڌ ڪي پنج ست گهر هجن. ٿوري ٿوري وٿيءَ سان گهر گهر ٺهيو پيو آهي پر ان جي باوجود به فون ۽ بجلي هر گهر ۾ موجود آهي. جهڙي طرح ڪراچي کي ملندڙ پاڻي واري لائين مان اڄ به سوين سال پراڻن ڳوٺن وارن ملير ۽ گڏاپ جي ماڻهن کي پاڻي حاصل ڪرڻ جي اجازت ناهي، اهڙي حالت ڪشمير ۾ ناهي. ڪشمير ۾ هرڪو ونڊي ورهائي پيو کائي. سڀني کان وڌيڪ اڪثريت ۽ وڏي آبادي وارو قبيلو عباسين جو آهي. خبر ناهي ته اهي عباسي ايڏي تعداد ۾ ڪٿان آيا. هتي جي رهاڪن کي به پنهنجي اصليت يا بڻ بڻياد جي خبر ناهي. سندن ججهي تعداد ۾ موجودگي بابت هڪ تاثر اهو به آهي ته جڏهن ڪلهوڙن کان ٽالپرن سنڌ ڦري هئي ته ڪلهوڙا جيڪي عباسي به سڏائيندا آهن. اهي وقت جي حاڪمن جي عذاب ۽ انتقامي ڪاررواين کان ڀڄي وڏي تعداد ۾ مختلف علائقن ۾ ۽ گمنام هنڌن تي آباد ٿيا هئا. ڪيترن ماڻهن ۽ ٽولن ته ذاتيون به مٽائي ڇڏيون هيون. شايد انهن ڏينهن ۾ ئي هتي عباسي اچي آباد ٿيا هئا.
نيلا بٽ، جتي جلسو هو، اتي گذريل سال خطاب مهل نواز شريف پاڪستان وٽ ايٽم بم هئڻ جو انڪشاف ڪيو هو. هن دفعي به چيو ويو هو ته ميان صاحب ڪو وڏو اعلان ڪندو. جمع جو ڏينهن هو، ڪا خبر به خاص ڪو نه هئي. سوچيوسين ته من ڪو نواز شريف ڌماڪو ڪري پر هن جون ڳاهيون ساڳيون ئي هيون. چوندا آهن ته ميلي جي موٽ خراب هوندي آهي، سو اسان به ساڻا ٿيل هئاسين. شام جو مري پهتاسين ته ٿڌڪار مڙئي سوائي هئي. هوا لڳڻ سبب نومبر جي سيءَ جيتري ٿڌ محسوس ٿي رهي هئي. گهمڻ لاءِ آيل ماڻهن مان 70 سيڪڙو کان وڌيڪ مردن توڙي عورتن کي چمڙي جا جيڪيٽ ۽ سوئيٽر پاتل هئا ۽ گرم شالون ويڙهيل هيون. خبرون اتان ئي فيڪس ڪيونسين ۽ واپس پنهنجي ماڳ ڏانهن موٽياسين.
مسلم ليگ جي ميڊيا مئنيجيمنيٽ ڏسي حيرانگي ٿي. گذريل دفعي ميڊيا سان ڦٽائڻ جو وڏو سبب نواز حڪومت جي وڃڻ جو هو. جنهن بعد جيترو ميڊيا مئنيجمينٽ تي نواز ليگ توجهه ڏني اوترو شايد ڪو نجي ادارو به نظم ضبط سان نه هلندو هوندو. اڄوڪو جيڪو مئنجيمينٽ جو دور آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن پي پي سرڪار جي حالت ڏسون ٿا ته ڪروڙين رپين جا فنڊز ۽ هزارن جي تعداد ۾ مين پاور هوندي به اها شيءِ حاصل نه ڪري سگهيا آهن. جيڪا مسلم ليگ هن وقت محدود وسيلن ۽ مين پاور نه هوندي حاصل ڪري پئي. ميڊيا مئنيجمينٽ ۾ شايد مشاهد جو ئي ڪمال آهي. جنهن ايڏي پئماني تي نظم و ضبط برقرار رکيو آهي.
(31 آگسٽ 1996ع)