تاريخ، فلسفو ۽ سياست

اقتداري سازشون

هي ڪتاب ”اقتداري سازشون“ سنڌ ۽ سنڌين خلاف سازشن بابت اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ باخبر سنڌي صحافيءَ اعجاز مهر جا مشاهدن ۽ لکڻين تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5027
  • 1610
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اعجاز مهر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book اقتداري سازشون

نيٺ مسلم ليگ ورهائجي وئي!

نيٺ مسلم ليگ ورهائجي وئي!

نيٺ مسلم ليگ ورهائجي وئي. هيستائين نواز حامي لڏي جو پاسو ڳرو آهي ڇو ته شجاعت ليگ وارا اڃا منجهيل آهن ۽ اهو فيصلو نه ڪري سگهيا آهن ته هنن کي ڪرڻو ڇا آهي. ڪالهه مسلم ليگ هائوس تي جڏهن شجاعت ۽ ٻيا موجود هئا ته سڄو ڏينهن صلاح مشورا ڪرڻ بعد به هو ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهچي سگهيا هئا. هنن اهو ته چيو ته نواز شريف کي صدر نٿا مڃين پر صدر ڪير آهي ان سوال جو هو ڪو جواب نه ڏئي سگهيا.
گادي واري شهر ۾ ٻنهي ڌرين بابت سياسي پنڊتن جا عجيب غريب رايا آهن، ڪلثوم/ نواز ليگ جنهن کي نفسياتي طور هيستائين سرسي حاصل آهي. ان بابت هڪ تاثر اهو آهي ته گهڻو عرصو اها ليگ جٽاءَ نه ڪري سگهندي ۽ چند ڏينهن ۾ امڪان آهي ته جي ڊي اي ۾ شموليت جو فيصلو ڪندڙ، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڌ کان وڌيڪ اڳواڻ شجاعت ليگ ۾ اچي ويندا ۽ چوندا ته هنن جي ڊي اي/ پ پ سان اتحاد جي مخالفت ڪئي هئي. باقي نواز ليگ ۾ وڃي سرانجام خان، صابر شاهه، سليم ضياءَ ۽ شاهه محمد شاهه بچندا، شجاعت ليگ ۾ ”برڪت وجهڻ“ لاءِ ڪم شروع ٿي ويو آهي. لفظ ”برڪت“ ته تبليغي جماعت جو اصطلاح آهي، جڏهن هنن جو ٻوڙ کٽندو آهي ته چوندا آهن، ”برڪت ڊالو!“ مون پاڻ اها برڪت ڏٺي ته هڪ دفعي پورو ديڳڙو کڻي وضو واري جاءِ تي نل هيٺان رکيائون ۽ پاڻي ڀري اچي ديڳڙو باهه تي رکيائون. جنهن بعد سڀني لاءِ ٻوڙ پورو ٿيو. برڪت ذريعي تبليغ وارا ته ويلو ٽاري ويا پر ان اصطلاح جو بنيادي مقصد ۽ پس منظر ثابت ٿو ڪري ته برڪت سان اوهين عارضي طور ڪم ته ٽپائي سگهو ٿا پر اهو ڪو مستقل حل ناهي. شجاعت ليگ، مستقبل جي وڏي پارٽي بڻجڻ واري راءِ رکندڙ جو خيال آهي ته مسلم ليگ کي اسٽيبلشمينٽ جي حامي جماعت طور قائم ڪرڻ کان وٺي مضبوط ڪرڻ تائين گذريل 10 سالن کان جيڪا سيڙپ ڪئي وئي آهي. ان ۾ جان، مال ۽ وقت لڳو آهي تنهن ڪري هر قيمت تي اسٽيبلشمينٽ مخالف پ پ ٽائيپ قوتن جي توڙ لاءِ هو مسلم ليگ کي بچائيندا ۽ هر قيمت تي بچائيندا. نواز ليگ بابت مشاهد حسين ڪاوش سان پينل انٽرويو ۾ پهريون دفعو جڏهن 2 سال اڳ چيو هو ته هاڻي مسلم ليگ ”اينٽي اسٽيبلشمينٽ پارٽي“ بڻجي وئي آهي ته ان وقت ڪنهن کي يقين نه پئي آيو ۽ اڄ اهو ثابت ٿي ويو ته واقعي مشاهد صحيح چيو هو. نواز ليگ مان نواز شريف کان سواءِ ٻين کي متحد رکڻ ٻن سالن کان وٺي اسٽيبشلمينٽ جي ضرورت آهي جنهن جي تڪميل لاءِ ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ وڏا ڪرشما ٿيندا.
عام خيال اهو آهي ته نواز ليگ جي جي ڊي اي ۾ شموليت بعد چٺا ليگ عليحده ٿيندي ۽ پاڳارو، چٺا ۽ شجاعت گروپ گڏجي سرڪاري ليگ ٺاهيندا. پاڳارو سرپرست يا رهبر هوندو ۽ چٺا صدر ٿيندو. جيتوڻيڪ اهڙي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي پر هي جيڪا به سياسي ڀڃ ڊاهه ٿئي پئي ان بعد مستقبل ۾ ان بعد ڪا به وڏي اڪثريتي جماعت نه رهندي. نواز ليگ جڏهن اينٽي اسٽيبلشمينٽ ٿي چڪي آهي ته سڀاڻي اها پ پ کي ڌڪ هڻي سگهي ٿي ڇو ته ٻنهي جو فليور ساڳيو هوندو. نتيجي ۾ مستقبل قريب ۾ Hung parliament وارو 5 سال پراڻو خواب پورو ٿي سگهي ٿو.
نواز ليگ وارن جو خيال آهي ته هنن کي ڪو لهر لوڏو ناهي، سرحد ۽ پنجاب جي مسلم ليگ (ن) مستقبل ۾ به وڏي پارٽي رهندي. اهڙي راءِ وارن جو اهو به خيال آهي ته شجاعت ليگ جلد تباهه ٿيندي، اعجاز الحق ۽ همايون اختر جماعت اسلامي ۾ هليا ويندا. خورشيد قصوري ۽ فخر امام وارا پ پ ۾ هليا ويندا ۽ شجاعت اڪيلو رهجي ويندو. جيتوڻيڪ ستار لاليڪا اڄ چوڌري شجاعت کي دنيا جو عظيم انقلابي رهنما سڏڻ ۾ دير ئي نه پيو ڪري ۽ ايڏيون ته کيس ٽيڪرون ٿو ڏئي جو ڪالهه پريس ڪانفرنس ۾ شجاعت شرمندو ٿيندي کيس چيو ته بس وڌيڪ نه چئو. ستار لاليڪا ڪالهه تائين نواز شريف جي گاڏي جي پٽن واري مٽي کڻي اها شيشي ۾ وجهي رکندو هو ۽ چوندو هو ته هي نوادرات برابر آهي، ساڳيو لاليڪا نواز شريف جي جيل وڃڻ بعد سزا ملڻ کان پوءِ 6 ڏينهن به نه ترسيو ۽ نواز شريف خلاف ايترو ڪڙو ڳالهائيندو هو ڄڻ هن کيس الائي ڇا ڪيو هجي.
هيستائين صورتحال ايتري ته منجهائيندڙ آهي جو ڪا به حتمي راءِ قائم ڪرڻ ڏکي آهي. ٿلهي ليکي اهو سمجهه ۾ اچي پيو ته سرڪاري ليگ جيڪا به هجي، جيتري به هجي اها سدا حيات زنده رهندي. نواز ليگ کي تمام گهڻا جهٽڪا لڳندا، جنهن بعد به اها فنا نه ٿيندي بلڪه سرحد ۽ پنجاب جا Base camp برقرار رهندا. ڪالهه راجا ظفر الحق سرانجام خان ۽ ظفر علي شاهه، نوابزادي نصر الله سان ملاقات ڪئي ۽ جي ڊي اي ۾ شموليت بابت ابتدائي ڳالهيون ڪيون. هنن طريقيڪار طئي ڪرڻ بابت ڳالهايو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته نئين اتحاد جو نالو ”ايم آر ڊي“ رکيو وڃي. ليگ وارن جي خواهش آهي ته جڏهن هو ايم آر ڊي ٽائيپ ڪنهن اتحاد جو اعلان ڪندا ته ان بعد 2001ع جي شروع ۾ هو تحريڪ هلائڻ لاءِ ان پليٽ فارم کي استعمال ڪندا. جي ڊي اي، جي حامي ليگ واري لڏي جي ڪجهه ماڻهن کي اهو خدشو آهي ته هاڻي بينظير ڀٽو جي بارگيننگ پوزيشن بهتر ٿي ويندي ۽ هوءَ حڪومت سان ڊيل ۾ اپرهينڊ تي رهندي ڪجهه به ڪري سگهي ٿي. جنهن سان مسلم ليگ (ن) کي في الحال ته جهٽڪو لڳندو ۽ گهر گهاٽ جي نه رهندي پر پ پ جي اهڙي امڪاني فيصلي يا چال جي نتيجي ۾ پ پ کي شديد سياسي نقصان ٿيندو ۽ مسلم ليگ جو ان صورت ۾ لانگ ٽرم مستقبل روشن ٿيندو.
(22 نومبر 2000ع)